ڪتاب جو نالو: مينهن ڪڻيون
مصنف: سڪندر هاڙهو
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 05 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 1116 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 269 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سڪندر جي ھيءَ تخليق جيڪا سندس ئي صلاحيتن جو آئينو آهي، ان کي اڄ جي دور ۾ ڇپائي منظر تي آڻڻ ئي سندس مڙسي آهي. سنڌ جي اُتر واري پٽي سان واسطو رکڻ سبب سڪندر جي آس پاس انهن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جتي ڪتاب پڙهڻ يا ڪجهه لکڻ ڪرڪيٽ ميچ ۾ فينسي جي اهميت کان به گهٽ آهي، ان پسمنظر ۾ سڪندر جو هي شعري مجموعو هڪڙي انقلاب جي شروعات آهي. سڪندر جي شاعري فني توڙي فڪري، حوالي سان بيحد صاف سٿري ۽ مفاست جي رنگن ۾ رنگيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ قائدي ۽ قانون جي خيال رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپـنــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ: هَر مّنُ هڳاءُ
  • ٿرٿلو ٿيندو ضرور
  • سنڌ جو شاعر سڪندر هاڙهو
  • تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه
  • ڪلراٺي زمين ۾ خوبصورت گُل
  • پنهنجي پاران
  • شاعري

  • قصيدو
  • سرائڪي قصيدو
  • سنهڙيون سنهڙيون بارش بودون،
  • تات تنهنجي ته يار آ ساڳي،
  • ٿي پئي هم سفر اڪيلائي،
  • هر هنڌ آهي ڌوڪي بازي،
  • اسان ڀي ته ان جي عبادت ڪئي آ،
  • سحرا جي آب ۾ عڪس تنهنجو هيو
  • ڏکيا ڏينهن گذريا تنهنجي شهر ۾
  • شام وارا به آثار موٽي ويا،
  • محل ڪڏهن آ بر ٿي ويندو
  • بزم ۾ اسان کي وساري ويا ڇو
  • چوسٽا
  • تون چنڊ_ چڪور جيان مون چاهه ڪري ڳوليو
  • هوءَ سورن جي هڪ شام آئي کڻي
  • تو جهڙي محبوب جي آڏو ڪيئن چپن کي چوريندس
  • ”علم“
  • وري رات آئي ته خيال هئي
  • ”امڙ“
  • جيءُ اڄ جُهريو آهي،
  • جيءَ پنهنجو اجاري ڇڏيون ته بهتر آ
  • هڪ پل جو ناهي پرين پيار تو سان
  • مون لئه هن شام جي تون باد صبا هجين
  • چوسٽا
  • درد ڏئي پوءِ ڌڪاري ڇڏيو ٿي
  • وري يار هڪ ڏينهن نقابن ۾ آئي
  • ياد آئي وري زندگيءَ جي وفا
  • جيسيتائين وئي نظر آهي
  • دل جي ننڍي اڱڻ تي تصوير آ ڏٺي مون
  • لڳي دل وئي آ سزائن جي پويان
  • حسن آهي عشق جي ابتدا
  • وري رات ساري ڀلائي ڇڏيندي
  • رت ڳوڙها ڏنئي مون کي ڇو عيد جي تحفي ۾
  • هو گذر ڇا هيو هي گذر ڇا آهي
  • وارن جي ڇانءُ رخ تي رهڻ ڏي
  • وائي
  • مان رات لکان ته سحر تائين،
  • دلربا بيوفا ٿي ويا ڇا ڪيون،
  • توسان منهنجو چاهه او ساٿي
  • محبت توکان گهرجي ڪهڙي
  • اڄ ڏئي تون ته وڃ ملڻ جو آسرو
  • وائي
  • تنهنجي سپنن جي پچاڻي يار منهنجي زندگي آ
  • ڀتر ڪوئي مان ڀور ته ناهيان
  • تنهائي جو منظر ڏٺو آ
  • عشق ۾ ٿي فنا زندگي زندگي،
  • صبح کان شام ٿيندي وئي
  • تنهنجي وارن ۾ جاڳي ٿي بادِ صبا،
  • سور ٿيندي زندگي آ تون پري رهه دلڙي،
  • ڪاش جيڪر تون هجين ها
  • شان تنهنجو ڏٺم نانءُ سنڌي ٻڌم
  • وائي
  • گيت
  • گيت
  • گيت
  • گيت
  • قرب جو سلسلو پيار جو سلسلو.
  • چوسٽا
  • ماپڻ لئه ميزان کڻي ڏي،
  • سودي بازي ڪهڙي توسان،
  • چيو مانس هتڙي ساحل ڪو اڃا آ،
  • کڻي ڪهڙو کڻان صنم تنهنجو قسم،
  • هن سان منهنجو چاهه هيو ڪو،
  • جيڪي مون سان ڪيئي وير ڏسندو رهيم،
  • رات ڪاري هئي هوءَ اڃاري هئي،
  • ترس ٿورو پرين حوصلو اچڻ ڏي،
  • شمع تي بڻجي پروانو وڃان ها،
  • گيت
  • ڏي نه دلبر کڻي سوچ جو آئينو،
  • نظر هو نظر ۾ نظر ڪو نه آيو،
  • ارمانن جي دنيا چوان مان،
  • ڳل منهنجي تي ڳوڙها آهن، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر،
  • ڪجي ڇا ته هاڻي عبادت کپي ٿي،
  • اسان جو اسان کان نه مقدر کسي ها،
  • قُرب ايڏو ڏنئي دل ڪشا ٿي وئي،
  • سرائڪي
  • جي ملي ڪو پل خوشي،
  • زندگي آ اڃان قيد جي ڪوٺڙي
  • گيت
  • سوا تو عبادت مٺا ڪو نه ٿيندي،
  • کڙڪي کولي ڪنهن ته نهاريو،
  • سوا تو عبادت مٺا ڪو نه ٿيندي،
  • گيت
  • نوحو
  • اردو شاعری

  • دعا
  • نوحہ
  • نوحہ
  • نوحہ
  • قصیدہ
  • قصیدہ
  • دعا
  • غزل
  • کب سے ہیں بچڑے کچھ پتا نہیں،
  • نظر دیھرے دیھرے اٹھائو نہ سنگدل،
  • گیت
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    Book No:19
    مينهن ڪڻيون
    شاعري
    سڪندر هاڙهو
    ڪمپوزنگ : سعيد مرتضيٰ
    ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com

    ملهه: 200 رپيا

    ملـڻ جـا هـنـڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گھر حيدرآباد_ڪاٺياواڙ شاپ اردو بازار ڪراچي_ رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو_ مهراڻ ڪتاب گھر لاڙڪاڻو- وسيم ڪتاب گهر شڪارپور_ عزيز ڪتاب گهر سکر_ تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس_ پريتم قاضي نواب شاه_ اسلام الدين سومرو رتوديرو_علي بابا رتوديرو_
    ڪنول ڪتاب گھر قمبر_ اياز سومرو شهدادڪوٽ_
    مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپـنــا

    پنهنجي ماءُ
    مرحومه حسنا خاتون جي نانءِ
    جنهن پيٽ ۾ پائڻ کان وٺي
    پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن تائين
    منهنجي حقيقي پرورش ڪئي_
    ۽
    منهنجي ميچوئر زندگي جا ڏينهن به نه ڏسي سگهي.



    سڪندر هاڙهو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مينھن ڪڻيون“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاعريءَ جو ھي ڪتاب شھدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ اڀرندڙ شاعر سڪندر ھاڙھو جو آھي.
    سڪندر جي ھيءَ تخليق جيڪا سندس ئي صلاحيتن جو آئينو آهي، ان کي اڄ جي دور ۾ ڇپائي منظر تي آڻڻ ئي سندس مڙسي آهي. سنڌ جي اُتر واري پٽي سان واسطو رکڻ سبب سڪندر جي آس پاس انهن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جتي ڪتاب پڙهڻ يا ڪجهه لکڻ ڪرڪيٽ ميچ ۾ فينسي جي اهميت کان به گهٽ آهي، ان پسمنظر ۾ سڪندر جو هي شعري مجموعو هڪڙي انقلاب جي شروعات آهي. سڪندر جي شاعري فني توڙي فڪري، حوالي سان بيحد صاف سٿري ۽ مفاست جي رنگن ۾ رنگيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ قائدي ۽ قانون جي خيال رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
    هي ڪتاب 2017ع ۾ مرڪ پبليڪيش پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سڪندر هاڙهو اڀرندڙ شاعر آهي.
    منهنجي جنم ڀوڀي شهدادڪوٽ سان واسطو رکندڙ هن نوجوان دنيا جي چمڪ ڌمڪ ۽ سماجي براين کان پاسيرو ٿي شاعري سان پيچ پاتو ته سلهاڙيل ئي رهيو آهي. جنهن سماج ۾ نوجوان موبائيل فون، ڪرڪيٽ ميچ، فلمن ۽ فيس بوڪ جي رنگ ۾ رنگجي پنهنجيون سڀئي صلاحيتون گنوائي ويهن ٿا، اُتي سڪندر هاڙهو محنت مزدوري ڪندي به سماجي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو.
    هوٽل تي پورهيو ڪندڙ هي پورهيت تخليقڪار پنهنجن ٻچن سان بي حد پيار جو اظهار ڪندي حقيقي پالنا ۾ مصروفِ عمل رهي ٿو، ته دنيا جي سڀني رخن جي به چڱي ريت ڄاڻ رکي ٿو. هن هلندي ڦرندي، هاري، مزدور، ڪاموري، عملدار، آفيسر کي پنهنجي نظر سان ڏٺو ۽ پرکيو آهي، هن سماج ۾ ٿيندڙ سڀني وارتائن کي شاعري ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، بي سهارا ماڻهن جي اندر جي احساسن، زبان هوندي بي زبان ماڻهن جو آواز بڻجي سندن ڪردارن کي حقيقي روپ ڏئي پيش ڪيو آهي.
    سڪندر جيتوڻيڪ سنجيده نوجوان ۽ منهنجو پراڻو ساٿي آهي. مون ساڻس مختصر ملاقاتن ۾ به ويجهڙائي کان محسوس ڪيو ۽ سمجهيو آهي، هو هڪ سچو، کرو نظرياتي ماڻهو آهي.
    سڪندر هاڙهي جي شاعري ۾ نگمگي وڌيڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو مون کي گنائي شاعر ڀاسندو آهي، سنڌي ٻولي جي ناميارن گلوڪارن سندس شعر آلاپي کيس اڳ سڃاڻپ ڏني آهي، اهو ئي سبب آهي جو سادگي باوجود سندس آستاني تي سريلن گلوڪارن جا ميلا متل هوندا آهن. سندس دوستي جو معيار، پيار ۽ پنهنجائپ ئي کيس منفرد مقام بخشي ٿو.
    سڪندر ڏهاڪو سالن کان به اڳ جو شاعر آهي، پر سندس شاعري پهريون ڀيرو ڪتابي صورت ۾ سامهون اچي رهي آهي. سڪندر جي شاعري جو مجموعو ”مينهن ڪڻيون“ سندس حقيقي سڃاڻپ آهي. ان ڳالهه کان انڪاري نه ٿا ٿي سگهيون ته هي دنيا سکڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو پليٽ فارم آهي. تنهن ڪري يقينن سڪندر هاڙهي جي شاعري ۾ به ڪٿي نه ڪٿي ڪچايون ڦڪايون هونديون، پر پنهنجي اُها تخليق جيڪا سندس ئي صلاحيتن جو آئينو آهي، ان کي اڄ جي دور ۾ ڇپائي منظر تي آڻڻ ئي سندس مڙسي آهي. سنڌ جي اُتر واري پٽي سان واسطو رکڻ سبب سڪندر جي آس پاس انهن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جتي ڪتاب پڙهڻ يا ڪجهه لکڻ ڪرڪيٽ ميچ ۾ فينسي جي اهميت کان به گهٽ آهي، ان پسمنظر ۾ سڪندر جو هي شعري مجموعو هڪڙي انقلاب جي شروعات آهي.
    سڪندر جو هي ڪتاب گلوڪارن لاءِ ته تحفو هوندو ئي پر ڪتاب ۾ شامل شاعري کيس ادبي ميدان ۾ به سرخرو ڪندي. مرڪ پبليڪيشن سڪندر هاڙهي جي شاعري جو مجموعو شايع ڪندي نوجوان شاعرن جي اتساهه جو سبب بڻجي ٿي. اميد اٿئون ته اداري جي اهڙي ڪردار مان ڪيترائي اڀرندڙ شاعر اڳتي نڪري ادبي ڪچهرين ،محفلن، ميڙاڪن توڙي تنقيدي نشتن مان گذري پچي سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو لکرائيندا.

    مرتضى لغاري
    ڪراچي
    0300-5182494


    مهاڳ: هَر مّنُ هڳاءُ

    شاعريءَ تي لکڻ لاءِ يا ڪنهن نثري فن پاري تي مهاڳ يا ڪو تاثر لکڻ لاءِ لکڻ وارن جو هي قائدو رهيو آهي ته جو به ذهن ۾ وچور گڏ ٿئي ٿو ته فلاڻي تحقيق تي ان جي خالق جي فن، ڏات ۽ ڏانءُ تي لکجي ته ظاهر آهي، لکندڙ تمهيدي اَحاطو ضرور ڪندو آهي، آئون هيل تائين جن به دوستن جي فني پورهيي تي طبع آزمائي ڪئي آهي ته مڙوئي مون به ڪجهه ان فن جي ابتدائي رخن تي تمهيدي موڙ اڪثر پئي ٻڌا آهن.
    دوست ”سڪندر هاڙهي“ جي هن شاعراڻي جستجو ۽ حاصلات تي (جا هن شاعريءَ جي صورت ۾ ڏني آهي) الاءِ جي ڇو ڪن به تمهيدي جملن لکڻ تي دل بنه ڪو نه پئي گهري. ڇو ته هيءَ ڳالهه ايتري قدر آشڪار ٿي چڪي آهي جو اهو ذڪر ورجاءُ لڳي ٿو. شاعريءَ جو وجود هتان پيو. هن دؤر کان شاعري لکي وئي ۽ آڳاٽا لکندڙ فلاڻا فلاڻا معتبر ۽ قد آور ماڻهو هئا. سخنوريءَ جي دنيا تمام وسيع عريض بڻجي چڪي آهي. جيئن جيئن نسل وڌندو رهيو آهي، شعور ۽ سمجهه ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي. حساس هيانءُ شعوري ۽ لاءِ شعوري طور پنهنجون لکڻيون شاعري ۽ نثر جي صورت ۾ لوڪ تائين پهچائيندا رهيا آهن، خاص طور شاعريءَ جو دائرو وسيع آهي.
    سنڌ سونهاريءَ به ادبي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي، ان ڏس ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل، سامي، شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، تنوير عباسي، اياز گل ۽ ادل سومري کان ويندي سڪندر هاڙهي تائين هر ڪويءَ سنڌي ادبي کيتر جي آبياري ڪئي آهي، منهنجا همعصر نوجوان ڳڀرو شاعر نت نين ترڪيبن، تجربن، تشبيهن ۽استعارن سان جديد نج سنڌي شاعري تخليق ڪري رهيا آهن، اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ جا نوجوان قلمڪار مطالعو اڀياسي محنت به وڌيڪ ڪن ٿا، جن مان هو بهتر شاعريءَ لاءِ لاڀ حاصل ڪن ٿا ۽ لکن ٿا. اهڙي ئي حوالي سان شهدادڪوٽ شهر جو هي سهڻو ۽ سلڇڻو ڪوي سڪندر هاڙهو جنهن جو هي پهريون ڪتاب قلمي پورهيو”مينهن ڪڻيون“ جي صورت ۾ اوهان جي اکين آڏو آهي، تنهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل شاعريءَ بابت اهي سڀ ڳڻ ملن ٿا جيڪي هڪ سيبتي شاعر ۾ هجڻ کپن. سڪندر جي شاعري فني توڙي فڪري، حوالي سان بيحد صاف سٿري ۽ مفاست جي رنگن ۾ رنگيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ قائدي ۽ قانون جي خيال رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، لوڪ واسين تي واقعي حالتن جي پوندڙ اثر جي عڪاسي به خوب ٿيل آهي. ان ڏس ۾ هي شعر پڙهڻ وٽان آهن.
    سور ٿيندي زندگي آ، تون پري رهه دلڙي.
    کسجي ويندي هر خوشي آ، تون پري رهه دلڙي.

    هي زمانو آ وڪوڙيل، هن رسم ۽ رواج ۾،
    وڙهندي سڀ جي سادگي آ، تون پري رهه دلڙي.

    دانهن ڪهڙي مان ڪيان ڏس داد ڏيندو ڪير آ؟
    سور، صدما، دل لڳي آ، تون پري رهه دلڙي.
    ¬¬¬¬
    سڪندر جي شاعري مختلف انساني رويّن جي آئينادار به آهي. سندس شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور پيار آهي، پيار جي موٽ ۾ ملندڙ خوشيءَ ۽ سرور جو اظهار به ٿيل آهي ،وصل جون وارتائون به آهن، ته هجر ۽ فراق جون درد- ڪٿائون به بيان ڪيل آهن. هي شعر انهن ڪيفيتن جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا.
    شام ٿيندي اَڃا رات آهي،
    پَري ويل رَهُه ڪا گَهڙِي وَقت کي ته وڃڻ ڏي.

    نِينهُن نروار ڀِيَ يارَ پنهنجو ٿئي،
    لوڪَ کي ڀل پوي هيءُ خَبَر ته پوڻ ڏي.


    وري هي جدائيءَ جا حال ڏسو:


    جيءُ اڄ جُهريو آهي،
    دل توکي گُهريو آهي.

    ڪو ٻُڌِي قِصو منهنجو،
    ڪيڏو ڏُکَ ڀَريو آهي.

    تو سواءِ ڪِيئن مونکان،
    وقت ڏِسُ ڦِريو آهي.


    سڪندر کي شاعريءَ جي مڙني لوازمات جي سُڌ آهي. هن جي شاعريءَ جو اسلوب به اڇو تو، اندازِ بيان به منفرد آهي، مونکي سندس شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌ جيڪا سلڇڻي ڳالهه نظر آئي آهي. اُها آهي هن جي ٻوليءَ جي سادهه بياني، جيڪا شروع کان آخر تائين مستقل مزاجيءَ واري آهي ۽ لهجو به پُر اَثَر ۽ دِل ڪَشا آهي. سڪندر پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ ديس جي دردن جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي ته تهذيبي ۽ ثقافتي جَهلَڪَ به سمائي آهي. سندس هن وائي جپن سٽون ڏسو:
    دودا ڌرتيءَ جا،
    توکي سنڌ سڏي پئي.
    ويري هِتِڙي هِن گهڻا،
    جيجل تُنهنجي ءَ جا!
    توکي سنڌ سڏي پئي .
    وري ثقافتي رنگ ڏسو:

    شان تُنهنجو ڏٺم، نانءُ سِنڌِي ٻُڌُم،
    ساههُ صدقي ڪيم، هِنَ جنم هُنَ جَنٌمَ.

    ٽوپي اجرڪ ثقافت پراڻي پنهنجي،
    رقص گيتن تي جو مان ڏٺم، مان ڏٺم.

    سڪندر جي گهڻي شاعري غزلن تي مشتمل آهي. پر ساڳي وقت هن حمد، نعت پنجتن پاڪ جي شان ۾ قصيدا، نوحا گَهري فڪري رنگ ۾ رچيا آهن. هن شاعري جي هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي- هي اردو حمد جون ڪجهه سٽون ڏسو:
    التجا، التجا، التجا، التجا،
    واسطے مصطفیٰ تو مدینے بلا،


    تُو مقدر کامجھ کو سکندر بنا۔
    اپنی قدرت سے مجھ کو تو نگر بنا،
    تیرے در پے جھکا هوںسخنور بنا۔
    میری سن لے تو آہ وبکا.


    مولا حسين جو شان هيئن بيان ڪري ٿو
    شاں تیری کيا لکھوں ابنِ علی!
    تو ولی، ابنِ ولی ، ابنِ ولی
    گود میں تجھ کو بٹھاتی تھی بتول
    شانوں پہ تجھ کو بٹھاتی تھی نبی۔


    هڪ اردو غزل جا شعر ڏسو


    نظر دھیری دھیری، اٹھائو نہ سنگدل
    مجھے اس طرح سے مٹائو نہ سنگدل
    میری سانس تیری سوا کچھ نھیں ہے
    یوں اپنی نظر سے گرائو نہ سنگدل۔


    چوڻ جو مقصد اهو آهي ته مون ڪافي دوستن جي ڪتابن تي ٻه اکر لکيا آهن تن کي مون لڳاءُ ۽ جنون ۾ ڏٺو ۽ پرکيو، سڀ بهتر لڳا. سڪندر ۾ به لکڻ جو جذبو ۽ جنون نه ٿو ڍاپي ۽ اهو نه فقط آئون چوان ٿو پر پڙهندڙ فن ۽ فڪر جي وسيع تناظر ۾ وڃي فيصلو پاڻ ڪري سگهن ٿا.
    اچو ته هن غزل جا ڪجهه شعر هِينئين سان هَنڊايُون، جِن ۾ سماجي اَنيائن جي عڪاسي ٿيل آهي.

    جيستائين وئي نظر آهي،
    هر شهر ٿي ويو پَڌَر آهي.

    موج تُنهنجي سِنڌُو خوشيءَ واري،
    لوڙهي ويئي سَڄو هي تَرُ آهي.

    ڪئين اُجڙي اجها ويا مارُن جا،
    يا خدا ڪهڙو هِي قهر آهي.

    ڪِينَ کائڻ لئه ڪجهه بچيو تڏهين،
    پيٽ سان مون ٻَڌو پٿر آهي.
    ¬¬¬¬¬¬¬¬¬
    حاضر حالتن کي ڏسندي بيجا بيگناهه زندگيون جيڪي موت جي ننڊ سمهاريون وڃن ٿيون، بم ٻڌي ڪيترين ئي حياتين جا ڏيئا گل ڪيا وڃن ٿا. ان مذهبي انتها پسنديءَ جي درد کي هي شاعر به محسوس ڪري ٿو. اچو ته هن غزل جي شعرن تي نظر وجهون:

    ڪجي ڇا ته هاڻي عبادت کپي ٿي،
    ٻه ٽيِن روپين عيوض شهادت کپي ٿي.

    حقيقت نه دنيا رُڳو ڪُوڙ آهي،
    سَرِ عام هر جاءِ جهالت کپي ٿِي.
    پنهنجو دين ٺاهي، ٻُڌائي ٿو هر ڪو،
    خدا ڀي ڏسي ٿو ملامت کپي ٿي.

    وري هِي شعر ڏسو:
    ماءَ ڪِيهُون ڪيون، ٻَچو جنهنجو،
    موت جي ٿِي ويو نظر آهي.

    ڏسجي ته عام ڳالهه ڪرڻ واري انداز ۾ سادي شاعراڻي ترتيب ڪيڏي نه پياري آهي، اها ئي سڪندر جي شاعريءَ جي سونهن آهي جيڪا اوهان پاڻ پڙهي پَسِي سگهو ٿا- ڇا ته رواني آهي سٽ سٽ ۾ اچو ته لطف وٺون:
    ارمانن جي دنيا چوان مان،
    گيتُ حقيقي ڪو ته لکان مان.

    واجب توکي يارَ لڳي ٿو،
    تُنهنجي هُوندي سُورَ سَهان مان.

    جهول ڀري ڏي خوشيون مونکي،
    نچندو، ڪُڏَندو يار وڃان مان.

    هاڻي وري هي شعر ڏسو:

    دل ربا بيوفا ٿِي ويا ڇا ڪَيُون،
    اوچتو هٌو پَڪاٿي ويا ڇا ڪيون.

    سور دل ۾ ستل ڄڻ صدين کان هيا،
    سي شروع سلسلا ٿي ويا ڇا ڪيون.

    پيار پنهنجي جا دنيا ۾ چَرچا هُيا،
    ڄڻ پراڻا قِصا ٿي ويا ڇا ڪيون.


    چوڻ جو مقصداهو آهي ته سڪندر جي سموري شاعريءَ ۾ رواني، رڌم ۽ تزبياني موجود آهي، عام لهجو ۽ لفظن ۾ ڪو الجهاءُ نه آهي ان جي هر ڳالهه حقيقت تي ٻڌل آهي. هن جي سٽن ۾ هرو ڀرو جو ڪو ڀراءُ ڳجهه يا خيالي بنهه نه آهي، پر زندگيءَ جا حقيقي عڪس چٽيءَ ريت سڪندر جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. غور سان مطالعي کان پوءِ هِنَ ڪتاب ۾ ڏنل شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي فنّ ۾ جهول به نظر اچن ٿا- جيڪڏهن سڪندر وزن بحر ڏانهن خصوصي ڌيان ڏيندو ته سندِس ڪَوتائُون اَڃا به وڌيڪ ڪارئِتيون ثابت ٿينديون، جيڪڏهن هي دوست پنهنجي مطالعي کي وسيع تر ڪندو ته غير ضروري ورجاءَ جو شڪار نه ٿيندو. مونکي اميِد نه پر يقين آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جو هي سيبتو شاعر پهريان کان وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ادبي ذميواريءَ سان پنهنجو قلمي سفر جاري رکندو، پنهنجي من موهيندڙ شاعري ديس واسين کي ارپيندو رهندو. سندس پوکيل شعري گُلَنَ جو هُڳاءُ سنڌ جي ادبي حَلقي کي ضرور واسيندو.

    جواد جعفري
    جعفري پاڙو لاڙڪاڻو


    ٿرٿلو ٿيندو ضرور

    شهدادڪوٽ منهنجي پرينءَ جو شهر آهي، هن جي ڪُنڊَ ڪڙڇ ۾ مون کي سڃاڻي، ۽ مان به تيترو ئي سڃاڻان ٿو.
    جنهن دؤر ۾ مان اڃا عمر جي لحاظ کان ڪچڙو ڇوڪرو هيس ته ادبي دنيا ۾ به صفا جيتامڙو! ان دؤر ۾ به شعوري وهڪرا ته هئا ئي هئا... سچ ته آنءُ ان وقت به فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري چوندو هُيس ته مان س ا س شاخ قمبر جو شاگرد آهيان... مان ساس قمبر جي ادبي ويهڪن ۾ پاڻ ڇلايو به آ ته ڇليو به آ، ته واهه وا به ايتري ئي ڪئي آ/ڪرائي آ، جيتري شيءَ /شعر جي اهميت/ خوبي ۽ خيالي حُسَن هجي ٿو.
    ان دؤر کان هن دؤر تائين ساس شهدادڪوٽ چند نالي ماتر پروگرام ڪرائي مڙئي پاڻ جيئارڻ جي جتن ۾ هئي..... هاڻ ته اها به ناهي ڇو ته ان پروگرامن کي به ڪي کوڙ سال ٿيندا... هاڻ پيرل قمبر ادبي سنگت به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي سمهي پئي آهي. رهي ڳالهه ايشيا جي اول نمبر سنڌي اداري تنظيم/ مرڪز سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کي سنڀاليندڙن جي ته سي ڪي ته پيرن جا مريد ٿي ويا ڪي الله لوڪ فقير ته اڃا به داٻو ڪري چون پيا ته اسان هر شيءِ ڪيون ٿا، پر پاڻ تائين محدود! مان اڄ تائين سوچيندو رهندو آهيان ته شهدادڪوٽ ساس جا عهديدار/ ميمبر/ والي وارث ادب جي آبياري ڇو نه ڪري سگهيا؟؟
    جيئن مثال طور: ساس قمبر، ساس لاڙڪاڻو يا باراني مغيري، ساس رتورديرو، ساس دادو، حيدرآباد يا ٻيون کوڙ ساريون شاخون سرگرم ته آهن ئي آهن پر هو ادب جي آبياري به ڪن پيون، ساس شهدادڪوٽ کي منظم طور تي مضبوط ڪري، نوان چهرا نئين نئين ادبي سوچ رکندڙ، دوستن/لکيڪن کي اڳتي عهدن تي چونڊي ڪري انهن جي رهنمائي ڪري، ادبي ذوق کي برقرار رکن ٿا... سنڌي ادبي سنگت کي گهرجي ته ميمبر شپ وڌائي، رسالا، اخبارون، ادبي ڪتاب شاعري ۽ نثر جي ڀاڱي وارا ڪتاب فراهم ڪري دوستن سيکڙاٽن کي پڙهڻ لاءِ ڏئي، انهن سان ادبي چٽا پيٽي ڪجي، تنقيد جي اک ايتري ته کليل رکجي جو ننڍي کان ننڍو نُقس به عيب لڳندو هجي.
    اهميت ايتري ته ڏجي جيتري اوهان جي اندر ۾ سچائي آهي.... ادبي جي آبياري نه ٿيڻ سبب ئي اسان جي دوستن شاعر ”سڪندر هاڙهي“ جي شاعري ڄڻ تراشڻ لاءِ سنگتراش ڳوليندي هجي.
    هڪ اهڙي تصوير ”جيڪا پئي پراڻي نه ٿئي“ وانگر آهي پر پوءِ به هڪ مصور جي انتظار ۾ آهي. پر افسوس ڪاريگر ته ڪونهن ڪي، ”جڳ مڙيوئي سپنو “ شدادڪوٽ جي نئين ٽهي جنهن ۾ راشد دايو، اڪبر کرل (مرحوم ) رحمت راهي، سرور چشتي، سعيد کوکر، ماجد سمون، برڪت ڀٽي، نادر دايو، سڪندر هاڙهو ۽ اڃا ڪي ٻيا به کوڙ سارا دوست اچيو وڃن ٿا، جن کي ادبي ادارو نه ملي سگهيو، بس هلندي رستي جنهن سيکاريو، جنهن کان سکيو، سيکاريو سمجهايو، ان بنياد تي هي نوجوان ڏاڍا نرالا شاعر ٿي اڀريا پر خد شو اهو ئي هو ته ڇاهنن دوستن جي لکڻين/ احساسن جي صحيح وقت کي صحيح نموني اصلاح يا حوصلي افزائي نه ٿي ته متان به هي:
    هَڙڪ هلو هو ،
    ڌيمان هلو هو
    واٽ اَواٽي ڏيل ڏري هو،
    پو به پرينءَ جو پنڌ ڀلو هو. شيخ اياز واري رستي کان هٽي نه وڃن....... ايئن ئي ٿيو.
    پَن پَن ٿي وکري وياسي،
    آيو اهڙو واڇوڙو،
    سارا جُوڙَ ٽُٽُا جاني،
    ڀاسين ڇو ٿي پيِرن تي،
    تون ٿي روز مُٽَا جاني.
    (ع ص)
    انهن وکري ويل گلن مان هڪڙو گل وري به ٽاريءَ سان چنبڙيو رهيو، معاشي حالتون، سماجي حالتون ٻنهيءَ سان اڻ برابري، پوءِ به گل خوشبوءِ کنڊيڙڻ لاءِ ٽاريءَ جي دامن ۾ لڪيو پيو آهي.
    ”سڪندر هاڙهو“ اُهو گل آهي. ڏٺو سي ته جيڪي دوست راتين جون راتيون رولهڙا ڪري، هڪ شعر جي آمد لئه اوسيئڙو ڪندا هيا.... جڏهن الهام جو آورد ٿيندو هُئينِ ته اهڙو ته لکي وٺندا هُيا. جو ساهه نپوڙجي وڃي... جڏهن عهدن جا آستانا وسايائون، تڏهن پنهنجن پراڻن يارن جون انجمنون ڀلائي ڇڏيائون. يا ڪن دوستن سان ذاتي معاشرتي يا معاشي ٿورا ڪي گهڻا مسئلا جو پيدا ٿيا ته يارن ادبي اوطاقن تان ٽپڙ گول ڪيا.. يا ڪي دوست عاشقي ءَ جي اوج تان ٿِڙِي ادبي اوطاق تي آيا ۽ وري جو معاشي حالتون/عاشقاڻيون رَوَشون بهتر بڻيون ته يارڙا تمام گهڻا سياڻا ۽ سماج سَڀا جا ممبر بڻجي ويا. يعنى چهرا، ماڻهو، دوست ، اديب، ليکڪ، شاعر، ادب جي آبياري ڪندڙ فرد حضرات رڳو بس آيا ۽ ويا... ادارو/ ساس ايئن ئي بند ئي بند رهي، نه رهيو ادب نه رهي آبياري
    دوست سڪندر هاڙهي يزيدي دؤر ۾ حسينيت جي هامي ڀري ان ويساهه کي جيئاريو ته:
    ٿرٿلو ٿيندو ضرور
    تون رڳو آزاد ڪر،
    اي ماءُ پنهنجي ٿڃ مان،
    ٿرٿلو ٿيندو ضرور_ (ع ص)
    سڪندر هاڙهي پنهنجي سينيئرس کان جيڪو ڪجهه سکيو، سمجهيو، ٻڌو/ٻڌايو سو توهان سامهون، ”منهن ڪڻيون“ نالي سان پيو آهي يا اوهان جي هٿن ۾ آهي... سڪندر هاڙهي جي شاعري مختلف صنفن تي پڌاريل آهي غزل، گيت، وايون، نوحا، اردو غزل، سرائڪي نوحا، گيت، سرائڪي غزل اچيو وڃن ٿا.
    سڪندر هاڙهي جا نوحا.... فقط نوحا آهن.... انهن کي مرثيو يا مسدس يا منقبت نٿو چئي سگهجي، ڇو ته فني فارميٽ ۾ سڀن صنفن کي پنهنجي پنهنجي فني نَٿَ پيل آهي ته فڪري اسلوب اسٽائيل، موضوعاتي پوراءُ به هجڻ ضروري آهي، نوحن ۾ ڪافي سارو درد آهي، سوز آهي،
    ”آ تون به بڻ حيدر دا “
    سڪندر مومنن جو مزاج رکندڙ ڪوي آهي، شاعريءَ ۾ ڪافي هنڌن تا پاڻ وڻايو به اٿائين، اها خوبي به وٽس آهي.....
    ڪو ٻڌي قصو منهنجو،
    ڪيڏو ڏک ڀريو آهي.
    ڳالهه اڄ ٻڌي تنهنجي
    ڏک ٿي پيو آهي
    غم سڄي حياتيءَ جو،
    مون پلئه پيو آهي.

    سڪندر هاڙهي ننڍن ننڍن وزنن ۾ غزل کي ”غزل رنگ “ ڏيڻ جي خوب ڪوشش ڪئي آهي.
    هوش پنهنجا پرين وياَ اُلجهي،
    پو به آ باخبر اڪيلائي.
    .............
    ڏيئا ٽِم ٽِم ٻَرندا وِسندا،
    اونداهو منظر ٿي ويندو.
    تنهنجي هَٿِ جو پَٿر ايندو،
    سوئي سنگِ مرمر ٿي ويندو.
    .............
    مون سان تنهائي ڪمري ۾، ۽ گڏ بسترو،
    تيل، سرما، ڦڻي، سوچ جو آئينو.

    سڪندر هاڙهي جي شاعري/غزلن ۾ ڪي ڪي ته اهڙا بند ”مصرائون “ آهن، جيڪي پنهنجي فني بيهڪ ۾ زلفِ_ ڪُمندَ آهن... شهدادڪوٽ شهر ۾ پيرل کان پوءِ ضمير کرل غزل جو ڀلوڙ شاعر رهيو آهي. پر وقت جي وياڪلتا رشتن جو اُجڙي وڃڻ ۽ ٻين ڍير سارن مامرن ضمير سائينءَ کي شاعريءَ جي دنيا کان پري ڪري ڇڏيو، راشد دايي يا اڪبر کرل جا غزل به پاڻ وڻائيندڙ هيا.
    پر سڪندر يار ڪري به ڇا!!؟ دوستن ۾ تفاوتون وڌي ويون، ٽولا ٽولا ٺهي ويا... هڪٻئي تي ذاتي نجي تنقيد جا راڪيٽ لانچر کولي ڇڏيائون پر ان ڌمچر هوندي به ٿورو ٿورو ان ڳالهه جو احساس ضرور ٿيندو هيو ته شهدادڪوٽ ساس يا ٻيون ادبي اوطاقون مڙئي سرگرم ته آهن، سبحان الله... ۽ پوءِ آهستي آهستي ٽولا به ٽٽي ويا....هاڻ بس فرد
    بس واحد فرد جي حثيت ۾ ادارو به آهي ته ممبر به
    دوستن جا رويا تبديل ٿي ويا_ ادبي سرگرميون ماٺ پئجي ويون افسوس پيرل کي ڳوٺ ۾ ادبي جي آبياري جو سلسلو ايئن ختم ٿيندو ٿو وڃي، ڄڻ اها روش جي تبديلي کارو سمنڊ هجي... ۽ ادب /ادبي دوست ٺٽي جي زمين هجن، جن کي کارو سمنڊ روز ڪوريندو ٿو رهي.
    سڪندر هاڙهي جي شاعري ڪٿي ڪٿي سچيت احساسن جو عڪس لڳندي آهي،
    هڪڙي عنوان لئه ٿا واجهايون،
    پاڻ، خالي شهر، اڪيلائي.

    جديد سنڌي ادبي ڪهڙي وارئٽيءَ واري شاعري جي ضرورت آهي يا ڪيترو تڪڙو، سٺو سهڻو ۽ جديد کان جديد خيال لکجي ان مامري ۾ هن خطي کي بد نصيبي سان پيرل پڄاڻان.... ڪو به مڪمل ليکڪ نه مليو آهي.. سڪندر بظاهر ته گهڻو تڻو ڪئسٽ جي دنيا جو شاعر آهي،
    تڏهن ان جي شاعريءَ ۾ اهي اثر به نمايا آهن.
    ان ڪئسٽ ڪلچرل ڀاڱي واري شاعريءَ کان علاؤه به سڪندر غزل ۾ ملوڪڙا موضوع چونڊيا آهن.. پر سڪندر جاغزل لفظ غزلهاٰ“ قرآن پاڪ جي صورت ”النحل“ مان ورتل لفظ غزلهاٰ”يعنى ٽڪرا ٽڪرا واري هر فتائي يا چتر ڪاري کان هٽيل، اڳوڻي گذري ويل ڪن شاعرن جي شاعري/”غزلن “ جيان مسلسل هڪ ئي موضوعاتي تسلسل ۾ گهڻو تڻو لکيل آهن... ڪيرُ هُو سونارو، جيڪو سڪندر کي سمجهائي ها. سڀ سونارا بظاهر ته سونارا هُيا پر حقيقت ۾ اوندروني طور اُهي ”ڀَڳَ“ جو ڪاروبار ڪندڙ هيا/آهن.

    توکي ته پسند ناهي ٻنهي جو اي رب ستار!
    انسان جو غرور يا شيطان جو غرور.
    (ع ص )
    ماڻهو ڄائي ڄم کان مذهبي پوئلڳ ناهي هوندو.. ان کي مذهبي پوئلڳي معاشري مان ئي سکڻي ٿي پوي يا معاشري/ سماج جو فرار ماڻهو آخري پناهه گاهه مذهبي پوئلڳي يا ذوق کي سمجهندو آهي. ڪافي سارا دوست، دوستن جي معتبراڻي/ وزيراڻي روش کي ڏسي ڪِن ادب جي آبياريءَ جي پَچر ئي ڇڏي ڏني، ڪن يارن مسجدن، مندرن امام بارگاهن جو رخ ڪيو سڪندر هاڙهي جي شاعريءَ جو رخ مُڙي وڄڻ يعنى صحيح جائزو وقت تي صحيح جائز ادبي اصطلاح نه ٿيڻ نه صحتمند تنقيد ڪرڻ.. سبب ئي هن فرقيواريت ۽ مذهبي شاعريءَ کي اوليت ڏني. (نه ته شاعريءَ جو ڪم لاحد ۾ ٽٻيون هڻڻ آ) وري ان ئي شاعريءَ کي لکي ترت کان ترت ڪنهن راڳي/نوحا خوان کان ڳارائي. پنهنجي جهريل جذبن کي هٿ ڦيريندو آهي... يا ايئن به هوندو آ ته ڪِن ڪِن آفاقي ارواحن /ليکارن جي شاعري (يا ٻي صنف جنهن جو هو لکندڙ آهي) جا رخ پاڻ مرادو مٽجيو ويندا آهن.، پر انهن جي ان مذهبي شاعريءَ ۾ پوري اسلامي تاريخ جا واقعا، لقاءَ حادثا، منظر حالتون سڀ ڪجهه پڙهڻ لاءِ ملندو آهي . پر يار سڪندر جي نوحن جي بندن ۾ اهڙو اٽريڪشن (Atrection) ناهي جو هانءُ ڇهيون ڇهيون ٿي پوي. مذهبي شاعري هجي يا ادبي، روايتي خيالن جي چونڊ ڪرڻ سان غزل، گيت يا ڪهڙي به صنف جو توارزن ٽٽي پوندو آهي. تخليق کوکلي لڳندي آهي. ڪنهن خوبصورت نوحا لکندڙ شاعر جو نوحو آهي،
    عباسی شام تون پر دیدار آئے نی،
    بڑی اداسی بڑی سوگوار آئے نی.

    هِن نوحي جا جيڪي ٻيا بند آهن اُهي غزل جي بندن وانگي ٽڪرا ٽڪرا به آهي ته انهن هر هڪ بند ۾ هر نئون، واقعو، درد ڌاڙ گهوڙا جي ڪيفيت به آهي يا هڪ ٻيو نوحو:

    مجھ پرکیو بند کرتے ہو پانی
    کیا محمّد کا پیارا نہیں ہوں !!
    کیا مین زھرھ کا جایا نہیں ہوں!!
    کیا نبی کا نواسہ نہیں ہوں


    اهڙا درد ناڪ ڪيفيت پيدا ڪرائيندڙ روئاريندڙ کوڙ سارا نوحا/ مرثيا/ منقبت ملن ٿا جن ۾ ٽڪرا ٽڪرا وارو ڌارڻپو به آهي، ته نديءَ ۽ درياهه جهڙو ميلاپ به وري اهو نوحو يا مرثيو ٻدندي دل ڄڻ ڪربلا جي پِڙ ۾ بيٺي ياحسين ياحسين چوندي هجي.
    اچو ته پڙهون سڪندر هاڙهي جا نوحا/قصيدا:

    جنهن دا مولا مولا علي هي
    تنهن دي قسمت هوندي ڀلي هي
    آ تون به بڻ حيدر دا

    تیری سوا ای بابا کسیے رہے سکینہ
    زخمون سے بھرا دل کسیے سهے سکینہ

    حشر تکُ کرتے رھین گے تیرا ماتم یاحسین
    تیرے نوحہ خواں ہیں ہم تیرے ہی ہیں ماتمی

    غم کھائی جا رہا ہے گھر سے کبھی نہ نکلی،
    پھر آگئی میں در در زینب کا تھا نوحا

    سڪندر جي نوحن م سوزوگداز جو رنگ ته چڙهيل آهي، پر ان جي ٽڪرن ٽڪرن، بندن، مصراعن ۾ ٻيا ٻيا واقعا/ منظر گهٽ آهن۔
    چوندا آهن جتي اوندهه انڌو ڪار رات جو ساءُ ڏيندڙ خدائي هجي اُتي کيتن ۾ اُڏامندڙ جيتا مڙي ٽانڊاڻي جي جهيڻي روشني به ان ڳالهه جو احساس جڳائيندي آهي ته سفر روان دوان آهي. ڪي اڻ ڳڻيا هليا ويا، ڪن پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ڳڻايو، ڪنهن ڪيترو ڳڻايو روشني ءَ جو احساس فنا ۾ بقا جو احساس آهي. پيرل جي پنڌ تي پيادي مسافر دوست سڪندر هاڙهو به پنهنجو نالو ادبي کيتر ۾ ضرور لکرائي چڪو آ ته هو روشنيءَ جو ساکي آ.

    علي صفدر
    شهداد ڪوٽ
    8 جون 2017ع


    سنڌ جو شاعر سڪندر هاڙهو

    ادبي دنيا ۾ سنڌ ڌرتي سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي آهي، جنهن جي ڪُکَ مان وقتن فوقتن ڪيترن ئي شاعرن پنهنجو نالو ادبي دنيا ۾ روشن ڪيو آهي اهڙن ڏات ڌڻين مان اسان جي شهر شهدادڪوٽ ۾ نوجوان شاعر سڪندر هاڙهو به هڪ آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ علم ادب ۽ ڏاهپ ڀريا نقطا سمايل آهن، ڇو ته علم هڪ اهڙي روشني آهي، انڌيري کي ختم ڪري ۽ جهالت کي نيست نابود ڪري ڇڏي ٿي ۽ انسان منجهه اعلى اخلاق ۽ فهم پيدا ڪري ٿي، جنهن جو اظهار سڪندر هاڙهي پنهنجي خوبصورت لفظن ۾ هن طرح ڪيو آهي.

    زندگيءَ کي سنواري ڇڏي ٿو علم
    جاءِ پنهنجي دل ۾ اڏي ٿو علم
    چاهه مون سان رکو چاهه مون سان رکو
    راهه منهنجي روشن سڏي ٿو علم


    چوندا آهن ته شاعر سماج جي عڪاسي ڪندڙ ۽ معاشري جو باشعور فرد هوندو آهي، اسان جي سماج ۾ غربت جي ڪري ڪيترائي ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿين ٿا. مفلسي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جنهنجي عڪاسي ڪندي سڪندر صاحب هيئن فرمايو آهي ته:
    سال صدين جو بکيو آهيان،
    يار سڪل ڪو نانُ کڻي ڏي .

    ڪيترائي ماڻهو خود غرض ۽ بي پرواهه ٿين ٿا، جيڪي صرف جانورن جيان پنهنجي ذات لئه جيئن ٿا ۽ انسانيت جي اعلى اخلاقي قدرن کان باخبر هوندي به بي خبر رهن ٿا. مٿن ڪنهن جي به ڏک سور جو ڪو به اثر ڪو نه ٿو ٿئي، اهڙن ئي لاغرض ۽ بي پرواهه ماڻهن لاءِ سڪندر پنهنجي خيالن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:

    منهنجو درد نه هن پئي سمجهيو،
    ماڻهو بي پرواهه هيو ڪو.


    ان کان علاوه سڪندر جي شاعريءَ ۾ سونهن، سڪ، سچ ۽ سنڌ سان محبت جو اظهار به بار بار ملي ٿو ۽ سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت خيالن جو اظهار ٿيل آهي.


    رشيد خانواهي
    شهدادڪوٽ
    16 فيبروري 2017ع


    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه

    سڪندر هاڙي جي انهي پاڙي ۾ جتي ڏينهن جا 10 ڪلاڪ هو پنهنجي پورهيي بهاني گذاري ٿوان پاڙي ۾ مون کي رهندي 20 ورهيه گذريا هوندا.
    ان هيڪاندي عرصي ۾ مان هي مورچو هڪ ڏينهن لاءِ به نه ڇڏيو آهي، اختر ايڪسري ۽ بلڊ ليبارٽري جيتوڻيڪ منهنجي اڌ زندگي جي شاهد آهي،ان سڄي عرصي گذارڻ سبب هن پاڙي ۾ منهنجا لاتعداد دوست پيدا ٿيا، ۽ ان عرصي ۾ وري ڪيترائي پراڻا دوست وڇڙي ويا، وري مليا. اهو سلسلو وقت جي رفتار سان هلندو رهيو. مختلف فيلڊن سان وابستگي سبب مختف مڪتب فڪر جا ماڻهو ملندا، جڙندا، ٽُٽندا رهيا. شاعر، ڪهاڻيڪار، اداڪار، ڪلوگار، ڊاڪٽر، پروفيسر، پورهيت، توڙي هاري مزدور طبقي جا ماڻهو منهنجي سوچن جو محور رهيا. ڇو ته مون ڪڏهن ڪنهن به وزير مشير يا ڪاموري جي پراڊو دانهن نظر کڻي نه ڏٺو هوندو پر پورهيت، مزدور، يا پيٽ بکايل مانهو جي اندر ۾ ضرور جهاتي پاتي هونديئ ڇو انهن جو درد منهنجي ذاتي وارتا جو حصو هيو.
    اهو ئي سبب آهي جو سڪندر هاڙهي سان دل لڳي ٿي وئي، سڪندر مسڪين، پورهيت ماڻهو سڄو ڏينهن سال جا سڀئي مهينا، ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ واري سٽ جيان پيو ڪاهي. اهڙي ماڻهو جي اندر مان اڀرندڙ هر سرير ڪنهن نه ڪنهن ماروئڙي جي حقيقي درد جو حصو هجي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو متاثر ڪندڙ معجزو هوندو.
    سڪندر هاڙو پڻ هر فڪر جي ماڻهو سان ملي جُلي هوندڙ، ڪچهرين جو مور، اندر جو سچو، ڳالهائڻ جو کرو ماڻهو ۽ سُٺو تخليقڪار آهي. مون سندس شاعري ۾ فني فڪري طور تي ڪا به پرک نه ڪئي آهي، ڇو ته مان نه ڄاڻا ڪي وزن يا بحر پر مان اهو ڄاڻا ٿو ته سندس شعر جو ڪو نه ڪو بند اهڙو ضرور هجي ٿو جنهن ۾ اسان سڄي سنگت جو ڪردار نمايان نظر اچي. هر شعر ۾ شاعر جو پنهنجو ڪردار پسڻ ته بنهه چريائي آهي ڇو ته شاعر سماج جو آئينو هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو سندر جي شاعري ۾ منهنجي آس پاس گذرندڙ ڪردار نظر اچن ٿا. اُها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي ۽ سڪندر جي ذاتي سڃاڻن انهن ڪردارن جي ويجهو رهي آهي.
    سڪندر پنهنجي سڄي زندگي جي شاعري گڏ ڪندي هي پهريون ڀيرو ڇپائڻ جي آس رکي ٿو. مان ڀايان ٿو ته سندس هي پورهيو کيس سُٺو مقام عطا ڪندو.


    ڊاڪٽر آر ڪي ڪي
    اختر ايڪسري آصف ليبارٽي
    شهدادڪوٽ


    ڪلراٺي زمين ۾ خوبصورت گُل

    شهدادڪوٽ سرحدي پٽي تي اُهو شهر آهي جتي ڪلراٺي مٽيءَ باوجود قلم ڌڻين ادب کيتر ۾ خوبصورت گُل پوکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، شهدادڪوٽ جهڙي ريت علمي حوالي سان تمام وڏا نانءُ پيدا ڪيا. تهڙي ريت سندس ادبي سڃاڻپ به سگهاري آهي. انهن اديبن ۾ اڪثريت شاعرن جي آهي، پراڻي ٽهي ۾ زيب مگسي، حبيب الله شهدادڪوٽي کان وينديِ نذير جروار جهڙا شاعر ان پٽي سان واسطو رکندڙ آهن، پيرل قمبر جهڙو ڪُل وقتي شاعر به قمبر شهر کي ڇڏي هميشه لاءِ شهدادڪوٽ سان ناتو جوڙيو ته زندگي جي آخري گهڙين تائين شهدادڪوٽين سان نينهن نڀائي ويو.
    استاد پيرل قمبر ذاتي زندگي توڙي شاعري جي سفر ۾ سخي مرد رهيو جو شاعرن جي هيڪاندي کيپ تيار ڪيائين. احمد علي صابر، ضمير کرل، عبدالله شاهه اطهر، ناشاد رشيد سنڌي استاد پيرل قمبر جي شاعراڻي اسڪول مان تيار ٿيل اُهي سگهارا شاعر آهن، جن وري سون جي تعداد ۾ پنهنجن شاگردن جو هلڪو جوڙيو، انهن جونيئر شاعرن منجهان ”سڪندر هاڙهو“ هڪ آهي.
    سڪندر هاڙهو ڳچ عرصي کان شاعري جي رياضت ڪندو رهي ٿو، هو مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاري جي صحبت ۾ اچي اسان کي پنهنجو پهريون پورهيو سهيڙي ”مينهن ڪڻيون“ جي صورت ۾ آڇي ٿو.
    وڏيرا شاهي توڙي سرمائيداري نظام ۾ ماڻهو کان جيئڻ جو حق کسجي رهيو آهي، تعليمي ادارا تباهه ٿي رهيا آهن، سنڌ جي هر شهر ۾ بنيادي سهولتون اڻ لڀ آهن، ماڻهو بيروزگاري سبب بُکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، حڪمران پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سڄو ملڪ وڪرو ڪري به فرض شناسي کان قاصر آهن، نوجوان بيروزگار ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن، پنهنجي پيرن تي هلڻ جهڙن ماڻهن کي مختلف سماجي براين ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، اهڙي صورتِ حال ۾ شهدادڪوٽ جا قلمڪار اگهور ننڊ ۾ ۽ سڪندر هاڙهو جاڳي ٿو، هو شاعري جو پهريون مجموعو اسان کي هٿن ۾ ڏئي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريو ٿو، ادب دوست، شاعري جا نقاد سندس پورهيي کي ڪهڙي به نظر سان ڏسن، سندس محنت ساڀ پوي به يا نه پر همعصرن ۾ ڳڻجڻ جيترو ڪم ضرور ڪري رهيو آهي، اسان کي اميد آهي ته سڪندر جو قلم اڃان به وڌيڪ لکندو رهندو.

    عبدالواحد سومرو
    ڪراچي
    20 آگسٽ 2017ع


    پنهنجي پاران

    مون 3 جون1987ع جي ڏينهن تي معشوق علي ولد گل محمد هاڙهي جي گهر ۾ جنم ورتو، شعور سنڀاريم ته چوطرف اونداهه نظر آيو، چوويهن ڪلاڪن دوران ٻه ڀيرا گهر ۾ چلهه ٻرندي باهه جي روشني نظر پوندي هئي بس...!
    بابا چوندو هيو تنهنجي ڄمڻ وقت هڙ ۾ ايترو ڪجهه نه هيو جو مان ڪنهن جو وات مٺو ڪرائي سگهان، ڏاڍ جي ڏيهه ۾ ڌڪا ٿاٻامنهنجو مقدر بڻجي ويا، مون کي اڄ به پنهنجو ماضي ڏاڍو ڀيانڪ لڳندو آهي، شهدادڪوٽ جون گهٽيون منهنجي سفر جي شاهدي ڏينديون، جتي مان ٿالهه ۾ چڻا، بسڪوٽ ۽ لاهوري گجر کڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ نڪرندو هيس،
    منهنجي روزگار جو ذريعو بڻيل شيون ٻارڙن جي پسند هينو، تنهن ڪري ايندي ويندي اسڪولي ڊريس ۾ خوبصورت گلن جهڙا منهنجا هم عمر ٻار سامهون ايندا هئا، سوچيندو هيس ڪاش آئون به انهن جيئان اسڪول وڃان ها. پر ان وقت اهو ممڪن نه هيو، ايئن به نه هو ته مون هٿيار ڦٽا ڪيا هيا، پر ايئن تعليم پرائي نه سگهيس جيئن مان اسڪول ويندي شاگردن کي ڏسندو هيس. مسلسل پيٽ جي بُک اجهائڻ لاءِ پورهيو به ڪندو رهيس ته روائتي طور تي 2003ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ڏئي پورو ڪيم، ان وچ ۾ 2001ع وارو سال اهڙو ڳرو ثابت ٿيو جو منهنجو آخري سهارو منهنجي ماءُ به مون کان وڇڙي وئي، پوءِ بس... منزل جي تلاش، اڻ پوري تعليم، ننڌڻڪو وجود بڻجي ڀٽڪندو رهيس.
    ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي وجود کان پاڻ ئي سوال ڪندو رهندو هيس، اڪيلو وجود، بيروزگار، بي گهر ماڻهو _
    پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيان؟
    جواب ملندو هيو
    توکي اڃان جيئڻو آهي.
    ڪنهن لاءِ ...؟
    ڪو پتو نه هو.
    اڄ خبر پئي ته منهنجي جيئڻ جو مقصد خانداني پسمنظر کي زندهه رکڻ هو، ان لاءِ مون قلم جو سگهارو ورتو.
    پنهنجي زندگي سان وابسطه ڪردار، سماج ۽ سنڌ منهنجي سوچن جو محور رهيا. بس جيڪو محسوس ڪيم لکندو رهيس.
    منهنجي لکڻين جو گهڻو حصو شاعري هئي.
    شاعري جي فن کان وافقيت نه هجڻ سبب لکڻين کي وزن بحر واري ترازو ۾ توري نه سگهيس، ڪيترو ئي عرصو پنهنجن احساسن کي شعر جو روپ ڏئي پني تي اتاريندو رهيس، ان وچ ۾ ڪيترائي ادب دوست منهنجي زندگي ۾ آيا، جن شاعري جي فن جي سکيا ڏني، ڪجهه نسخا هيئين سان هنڍايم، انهن ڪردارن منجهان عبدالله شاهه اطهر اهم نانءُ آهي، سحر غفار، رشيد مستوئي، ضمير کرل، رشيد خانواهي ۽ ٻيا ڪيترائي نانءُ آهن جيڪي وقت به وقت اتساهه ڏيندا رهيا. مان پاڻ کي شاعري ۾ ڪجهه به نه ٿو سمجهان ڇو ته شاعري جو ڪينواس وسيع آهي.
    سينيئر استاد شاعر آهن پر نوجوان به تمام سُٺو لکي رهيا آهن.
    پنهنجي شاعري کي ڪتابي صورت آڻڻ جو مقصد اهو نه هو ته هاڻ منهنجي شاعري ڇپجي سنڌ فتح ڪندي، پر اها خواهش هئي ته ٽُٽل ڦٽل سٽون ئي صحيح پر سهيڙجي وڃن.ان ارادي سان منهنجي شاعري جو ڪتاب ”مينهن مڻيون“ جي نانءُ سان ڇپجي آيو. ڪتاب جي نالي تي به ڪيترائي ڀيرا دوستن سان مشورو ڪندو رهيس، پر مون ڪتاب جو نالو پهريان ئي چونڊي ڇڏيو هيو ته مينهن ڪڻيون ئي رکندس، تنهن ڪري ٻي ڪنهن نالي متاثر نه ڪيو، توڙي جو ان نالي سان سنڌي ٻوليءَ جي مهان ڪوي شيخ اياز جو ڪتاب به ڇپيل آهي، پر مون اُن ڪتاب کان ئي متاثر ٿي ان نالي کي ترجيح ڏني.
    شاعري جي هن ڪتاب ”مينهن ڪڻيون“ ڇپائڻ دوران ڪيترن ئي دوستن دل آزاري به ڪئي.
    ڪيترن ئي سوالن ڪر کنيون، هيڪر ڪتاب ڇپرائڻ کان دل ئي کڄي وئي، مان انهن دوستن جو ذڪر ضروري نه ٿو سمجهان، پر انهن دوستن جو ذڪر ضرور ڪندس جن دلي سهڪار ڪيو،
    جن ويساهه ڏنو،
    انهن ۾ مرڪ پبليڪيشن جو سرواڻ دوست مرتضيٰ لغاري سري فهرست آهي، جنهن ڪراچي کان شهدادڪوٽ تائين ڪمپوزنگ، پروف ريڊنگ توڙي ترتيب ڏيندي راتين جي ننڊ ڦٽائي منهنجي شاعري کي ڪتابي شڪل ڏني، سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، پنهنجي محترم سائين جواد جعفري صاحب جو به ٿورائتو آهيان جنهن مهاڳ لکي ڏنو، احمد علي صابر صاحب بيڪ ٽائيٽل لکيو سندس وڏا وڙ- پنهنجي سينيئر دوست علي صفدر جا به ٿورا جنهن ڪتاب تي مضمون به لکيو ته اصلاحي نظر سان مواد ڏسي ڏنو، پياري ساٿي آر ڪي ڪي جا به لک ٿورا، سائين رشيد خانواهي، عبدالواحد سومري ۽ ٻين دوست جا قرب جن حوصلو ڏنو. مون پنهنجو ادبي پورهيو سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، دوستن جي اصلاحي تنقيد جي آجيان ڪندس.

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    سڪندر هاڙهو
    شهدادڪوٽ
    03337500696
    Sikanderharho96@gmail.com


    شاعري

    قصيدو

    عباس جو علم بخشش جي آ ضمانت
    ان ۾ نه وسوسا ڪر زهرا جي آ امانت

    ڪيڏا به ڪر کڻي تون رب جي حضور سجدا
    جي بغض ٿي علي سان ٿيندي ئي نه ڪا عبادت

    فرمان آ نبيءَ جو کولي ڪتاب ڏس تون
    جهنم رسيد ٿيندو جنهن ڪئي علي سان ڪلفت

    عباس جو هي پرچم هوندو آ جنهن ڀي گهر تي
    ان گهر تي هوندي آهي الله جي عنايت

    ٻڌي شان مرتضى جو جنهن جو ڦري مهانڊو
    ”سڪندر“ جو آهي ايمان ان ۾ نه آ شرافت
    **


    سرائڪي قصيدو

    سرائڪي قصيدو

    جنهن دا مولا مولا علي هي،
    تنهن دي قسمت هوندي ڀلي هي.
    آ تون به بڻ حيدر دا.

    ميڏي نبي دا اي فرمانِِِ،
    علي شيرِ خدا دو جهانِِِ.
    آ تون به بڻ حيدر دا.

    ها جنت دا سو حقدار هي،
    جنهن دا مولا علي نال پيار هي.
    آ تون به بڻ حيدر دا.

    مليا فيض انهي ڪون ”سڪندر“
    جنهن دا مولا علي هي رهبر،
    آ تون به بڻ حيدر دا.
    **


    سنهڙيون سنهڙيون بارش بودون،

    سنهڙيون سنهڙيون بارش بودون،
    ننڍڙيو وڏڙيون بارش بودون.

    هوش اسان جا ڪيئن جاڳائن،
    وسندڙ ننڍڙيون بارش بودون.

    سورن جي سامان سان گڏ گڏ،
    مون سان ڳڍڙيون بارش بودون.

    ٿر واسين جون پُسنديون آخر،
    جهوپيون جڏڙيون، بارش بوندون.
    **


    تات تنهنجي ته يار آ ساڳي،

    تات تنهنجي ته يار آ ساڳي،
    درد پر بي شمار آ ساڳي.

    لڙڪ ڳڙندي ڳڙي ويا منهنجا،
    پو به دل تي ڇو بار آ ساڳي.

    ورهيه گذري ويا نهاريندي،
    هر گهڙي انتظار آ ساڳي.

    آ حڪيمن ڪيو دوا دارون،
    عشق جو پر بخار آ ساڳي.

    وقت ڀي ڪو نه مند مٽي ڪائي،
    سج لهڻ جو آثار آ ساڳي.

    حال سڪندر جو ڇا ويو آ ٿي،
    هر گهڙي جان بيمار آ ساڳي.
    **


    ٿي پئي هم سفر اڪيلائي،

    ٿي پئي هم سفر اڪيلائي،
    تو سوا هر پهر اڪيلائي.

    ياد تنهنجيءَ ۾ مون ڪٽي تڙپي،
    رات ساري سحر اڪيلائي.

    هوش پنهنجا پرين ويا الجهي،
    پوءِ به آ باخبر اڪيلائي.

    هڪڙي عنوان لئه ٿا واجهايون،
    پاڻ، خالي شهر، اڪيلائي.

    تيز ڪيڏي هوا ۽ پڻ ڇڻ ڀي،
    هر طرف آ نظر اڪيلائي.

    ساٿ پنهنجو ويا ڇڏي ساٿي،
    ڪيڏو آهي سفر اڪيلائي.

    عشق ”سڪندر“ ڪيو جڏهن کان مون
    زندگي ٿي زهر اڪيلائي.
    **


    هر هنڌ آهي ڌوڪي بازي،

    هر هنڌ آهي ڌوڪي بازي،
    ڪوئي ناهي ڪنهن سان راضي.

    ساڙ، حسد ۽ فطني وارو،
    ٿي ويو آ هر ڪنهن ماضي.

    کوٽي کڏ هو پاڻ ڪري ٿو،
    پو به مڃي نه ٿو پنهنجي آزي.

    پيار جي پرڻي واري ۾ ڏس،
    بند ڪري نه ٿو دشمن سازي.

    سڀ ڪجهه ڄاڻي پو به ”سڪندر“
    عشق کي آهين جو ايلازي.
    **


    اسان ڀي ته ان جي عبادت ڪئي آ،

    اسان ڀي ته ان جي عبادت ڪئي آ،
    ڏئي سر به پنهنجو سخاوت ڪئي آ.

    ڀلي هو به سوچي اسان لئه بي پرواهه،
    اسان ڪيڏو ان جي عطاقت ڪئي آ.

    سڄي مون حياتي پتوڙيو آ هن لئه،
    ڪري ڪياس جيڪا مون محنت ڪئي آ.

    سچو عشق ليلا ٿو مجنون بڻائي،
    اسان کي خدا هي عنايت ڪئي آ.

    خدا هي ٿو ڄاڻي اسان ڪيڏي تنهن جي،
    ڏنل هر زخم جي حفاظت ڪئي آ.

    سڄڻ بي رُخي جو ڪيو ڇو آ ”سڪندر“،
    اسان کان به پردو ڇو نفرت ڪئي آ.
    **


    سحرا جي آب ۾ عڪس تنهنجو هيو

    سحرا جي آب ۾ عڪس تنهنجو هيو
    منهنجي هر خواب ۾ عڪس تنهنجو هيو.

    توکي سامهون ڏسي چنڊ ڀي ٿو جهڪي،
    عشق جي باب ۾ عڪس تنهنجو هيو.

    هن حيا جي ردا ۾ ڪو ويڙهيل هيو،
    خواب جي ساڀ ۾ عڪس تنهنجو هيو.

    آگ جنهن ۾ ”سڪندر“ جلي آ ويو،
    باهه جي تاب ۾ عڪس تنهنجو هيو.
    **


    ڏکيا ڏينهن گذريا تنهنجي شهر ۾

    ڏکيا ڏينهن گذريا تنهنجي شهر ۾
    سوا توکان ناهي خوشي ڪنهن پهر ۾

    اچن ٿيون ديوارون هميشه ئي کائڻ
    مٺا تنها توبن مزو ناهي گهر ۾.

    سزا ايڏي ڏيندين خبر پئي نه پهريان
    اچي ويس اجايو مان تنهنجي اثر ۾

    ڏينهن رات ”هاڙها“ مان ”سڪندر“ روئان ٿو
    لڳو ڪان قهري آ منهنجي جگر ۾
    **


    شام وارا به آثار موٽي ويا،

    شام وارا به آثار موٽي ويا،
    تنهنجا سارا ڏنل وار موٽي ويا.

    تو نه سوچيو هوندو منهنجي جيون جي لئه
    تڏهن تنهنجا ڏنل وار موٽي ويا

    تو ڪرڻ پئي گهريو حال مون سان پرين،
    ڇو لبن تان سي اظهار موتي ويا.

    عشق دهليز تي مون کي ڏک ۾ ڏسي
    ڪي دلين جا ها دلدار موٽي ويا.

    تنها ”سڪندر“ ڏسي دل جي آڳر مٿان
    ڏينهن خوشين وارا يار موٽي ويا.
    **


    محل ڪڏهن آ بر ٿي ويندو

    محل ڪڏهن آ بر ٿي ويندو
    سنسان ڪنهنجو گهر ٿي ويندو

    ڏيئا ٽم ٽم ٻرندا وسندا
    اونداهو منظر ٿي ويندو.

    منصور، عاقل، راڻي وانگر
    عشق اسان جو امر ٿي ويندو.

    شوخيءَ مان جي مون ڏي ڏسندين
    دشمن سارو تر ٿي ويندو.

    تنهنجي هٿ پٿر جي ايندو،
    سو ڀي سنگِ مرمر ٿي ويندو

    سڏ ڪري ڀر ۾ ويهاريو
    پينو ڪو ”سڪندر“ ٿي ويندو
    **


    بزم ۾ اسان کي وساري ويا ڇو

    بزم ۾ اسان کي وساري ويا ڇو
    اسان جي خوشين کي ٻهاري ويا ڇو

    هليا ويا ته سڀ جام خالي ڪري ويا
    نه هڪ ڍڪ اسان کي پيئاري ويا ڇو

    محبت اسان جي تي بندش هڻي اڄ
    اسان کي هو جيئري ئي ماري ويا ڇو

    ملڻ هو اسان سان پسند ئي نٿا ڪن
    ته پوءِ راهه ۾ هو بيهاري ويا ڇو

    ”سڪندر“ اسان اڳ ئي مدهوش هئا سون
    وري خواب اهڙا ڏيکاري ويا ڇو.
    **


    چوسٽا

    کڻي فضا جو آئي هڪ شام جو پهر
    هيو ڄڻ منهنجي ماتام جو پهر
    ويون لٽجي خوشيون اسان جون سڀيئي
    لڳي ٿو محبت جي انجام جو پهر
    *
    ڪو ته راضي هيو ڪو ته راضي هيو
    زندگيءَ جو اهو نه ماضي هيو
    فيصلا ويو ڪري زندگيءَ جا سڀئي
    ڄڻ ته قاضي هيو ڄڻ ته قاضي هيو
    **


    تون چنڊ_ چڪور جيان مون چاهه ڪري ڳوليو

    تون چنڊ_ چڪور جيان مون چاهه ڪري ڳوليو
    ڪيئن پيار تنهنجي تي ڏس ويساهه ڪري ڳوليو

    هر شئي مون ڇڏي تولئه مجنون ٿي ويم سهڻا
    مون ته توکي جيئڻ جو اتساهه ڪري ڳوليو.

    ها دين ايمان منهنجو مذهب ۽ ڌرم تون آن
    توکي مان پنهنجي دل جو الله ڪري ڳوليو

    ها تاسو تتو هس مان جيئن ريت تتل ٿر جي
    سا تاس مٽائڻ لئه درياهه ڪري ڳوليو

    ڇاحال ڪيو ”هاڙهي“ آ عشق تنهنجي ۾ ڏس
    هن عشق کان مون توکي آگاهه ڪري ڳوليو
    **


    هوءَ سورن جي هڪ شام آئي کڻي

    هوءَ سورن جي هڪ شام آئي کڻي
    پاڻ سان گڏ ٻيو ماتام آئي کڻي

    وئي هئي اظهار لئه آئي روئيندي هئي
    مون پڇيو هوءَ الزام آئي کڻي

    آب وانگي هئي پاڪ ڪيڏي نه هوءَ
    پر هٿن ۾ هوءَ اڄ جام آئي کڻي

    مون ڪنڊا ڀي سنڀالي رکيا پاڻ وٽ
    ٽوڙي گلڙن سنڌي ٽام آئي کڻي

    ”هاڙها“ ناهي خبر زندگيءَ منهنجي لئه
    ڪهڙا الفت جا انجام آئي کڻي
    **


    تو جهڙي محبوب جي آڏو ڪيئن چپن کي چوريندس

    تو جهڙي محبوب جي آڏو ڪيئن چپن کي چوريندس
    جيڪي آيون ڇوليون مان تن ڇولين کي ڇاڇوليندس

    پير نيڻن تي رکي منهنجي ڀلي تون ڏس گهمي
    پنبڙين جي لوڏ سان ئي ڪو نه پنبڙيون لوڏيندس

    جي لکي تقدير آهي ان لکيل تقدير جي
    تو هجين بس راز ڪوئي راز سو نه کوليندس

    تو به ڇڏيا جيڪي ڦاڙي عشق جي ان باب مان
    ان پنن جا سي ئي ٽڪرا پنهنجي ڪفن سان ويڙهيندس

    جي ملن ڏک درد تو ڏانهن عشق جي ان راهه تان
    مان به سمجهان خوش نصيبي جيءُ پو نه جهوريندس

    مان بقا تنهنجي هجان تون هجين منهنجي فنا
    هر جنم ۾ جان توتان مان به ”سڪندر“ گهوريندس
    **


    ”علم“

    ”علم“


    زندگيءَ کي سنواري ڇڏي ٿو علم
    جاءِ تنهنجيءَ دل ۾ اڏي ٿو علم

    چاهه مون سان رکو چاهه مون سان رکو
    راهه منهنجي آ روشن سڏي ٿو علم

    ڪاميابي جڏهن آهي تنهنجي ٿيندي
    پوءِ خوشيءَ مان ڏس ڪڏي ٿو علم

    رب ڏني روشني ”سڪندر“ علم جي
    آ پرايون اسان نه ته ٻڏي ٿو علم
    **


    وري رات آئي ته خيال هئي

    وري رات آئي ته خيال هئي
    قسم آ خدا جو بي مثال هئي

    چنڊ کي تڪيندو رهيس هر هر
    ها مون لئه بڻيل ڪو سوال هئي

    ها تعريف هن جي ڪري نه سگهيس
    ڏسڻ ۾ ته هو ڇا ڪمال هئي

    رهي نظرن اڳيان شايد هڪ پل
    لڳي ٿو ته صديون ۽ سال هئي

    ڦري سوچ ۾ پئي ايئن ”سڪندر“
    وسارڻ ته ڄڻ ڪو محال هئي.
    **


    ”امڙ“

    ”امڙ“


    تنهنجي امڙ آ محبت پياري
    رشتن ۾ هئي صحبت پياري

    تنهنجا قدم جو هر هر چمندم
    تڏهن ملندي جنت پياري

    جي تون راضي مون تي ٿين ٿي
    رب جي برسي رحمت پياري

    تنهنجي پيرن ۾ مان دم ڏيان
    ”سڪندر“ جي آ حسرت پياري
    **


    جيءُ اڄ جُهريو آهي،

    جيءُ اڄ جُهريو آهي،
    دل تو کي گُهريو آهي.

    گهاريل گهڙين وارو،
    وقت ڪو وريو آهي.

    غم سڄي حياتي جو
    مون پلي پيو آهي.

    ڳالهه اڄ ٻڌي تنهنجي،
    ڏُک ٿي پيو آهي.

    حال جي ڏسين منهنجو،
    ڪهڙو ٿي ويو آهي.

    ڪو ٻڌي قصو منهنجو،
    ڪيڏو ڏُک ڀريو آهي.

    توسواءِ ڪيئن مون کان،
    وقت ڏس ڦريو آهي.

    اچ گهڙي لڙي مونڏي،
    دل منهنجي چيو آهي.

    سورن جو پويان ”سڪندر“
    پاڇو ڪو پيو آهي.
    **


    جيءَ پنهنجو اجاري ڇڏيون ته بهتر آ

    جيءَ پنهنجو اجاري ڇڏيون ته بهتر آ
    پنهنجو پاڻ وساري ڇڏيون ته بهتر آ

    ڏک جي سامهون ٿي جي نٿا سگهون
    نيهن پنهنجو پچاري ڇڏيون ته بهتر آ

    ڪهڙي ميار ڏيان مان زندگيءَ کي پيار جي
    پيار جو نانءَ اچاري ڇڏيون ته بهتر آ

    آس هئي اکڙين کي سڪن پيون پاڻي لئه
    اڄ لڙڪن سان سواري ڇڏيون ته بهتر آ

    ڪجهه لکيا سڪندر عشق جي باب ۾
    سي هوائن ۾ اڏاري ڇڏيون ته بهتر آ
    **


    هڪ پل جو ناهي پرين پيار تو سان

    هڪ پل جو ناهي پرين پيار تو سان
    ڪهڙو ڪيان ٻيو اقرار تو سان

    اچ گڏجي گهاريون ڪجهه ڏينهن پيارا
    متان ڪري نه سگهان اظهار تو سان

    پري توکان جاني اڪيلو مان آهيان
    جڙيل منهنجو آهي سنسار تو سان

    گهرين سر جي حاضر منهنجي جان آهي
    ڪيان ڪيئن پيارا انڪار تو سان

    سوا تنهنجي ”سڪندر“ رهڻ ئي ڏکيو آ
    ٺهان ڪيڏو ٿو مان دلدار تو سان
    **


    مون لئه هن شام جي تون باد صبا هجين

    مون لئه هن شام جي تون باد صبا هجين
    بهارن ۾ نئين آيل ڪا فضا هجين

    جڳ سارو ڳولي ڪيم توکي سجدو
    متان يار منهنجي دل جو خدا هجين

    عشق ۽ حسن جو هي عجب آهي تضاد،
    مان تنهنجي بقا تون منهنجي فنا هجين

    جيءُ ٿو ڀرندو وڃي مٽيءَ جي محل جيان
    هن بت جي ساهه جي تون بقا هجين

    لڳي دوا نه دارون حڪيمن کي ڇا ڪبو
    هجين بس من اڳيان ته تون هي شفا هجين

    تنهنجي وارن جي ڇانءُ شل رهي هر پل
    ”سڪندر“ کان ڪڏهن نه تون جدا هجين
    **


    چوسٽا

    چوسٽا


    رات هوءَ ياد هئي سحر تائين
    نيڻ جاڳيا صبح جي پهر تائين

    ديد مون سان ملائي وئي جيئن هوءَ
    پوئتي ڏسندو رهيس مان گهر تائين.


    ڪجهه تقدير جون سٽون اڌوريون آهن
    تڏهن پيار ۾ پرين مجبوريون آهن،
    ڇا فلڪ تي وڃي تنهنجو پيار ڏسجي
    ڪيئن چوان هي ڏکيون دوريون آهن.

    هوءَ گهوري جو مرڪي آ
    هت زندگي ڀي ڇرڪي آ
    هي ڇا اچانڪ ٿي ويو
    عشق جي ڄڻ باهه ڀڙڪي آ.

    جدائي جا ڳوڙها ڏکيا يار آهن
    تنهنجا هي وڇوڙا ڏکيا يار آهن
    ڳڻي ڪيترا ڳڻيان زندگي جا
    هي ڪلفت جا ڏينهنڙا ڏکيا يار آهن.
    **


    درد ڏئي پوءِ ڌڪاري ڇڏيو ٿي

    درد ڏئي پوءِ ڌڪاري ڇڏيو ٿي
    مون کي ايئن ڇا لئه وساري ڇڏيو ٿي

    ڪهڙي سڪ جي يار سزا ڏئي
    نيهن مون سان ته پچاري ڇڏيو ٿي

    راهون نهاري يار ڏٺيون مون
    وقت جان پو مون کي گذاري ڇڏيو ٿي

    پيار ۾ سڪندر واهه جو ڪئي ٿي
    جيئري ئي مون کي ته ماري ڇڏيو ٿي،
    **


    وري يار هڪ ڏينهن نقابن ۾ آئي

    وري يار هڪ ڏينهن نقابن ۾ آئي
    لڳي پئي حقيقت خوابن ۾ آئي

    اچانڪ فلڪ تي وئي روشني ٿي
    ڏٺم يار سامهون شهبابن ۾ آئي

    حياتي به منهنجي هئي ڊائري جان
    ڏٺم ان کي کولي ڪتابن ۾ آئي

    رڳو نانءُ هن جو رهي ٿو زبان تي
    ڳالهايان ٿو ڪنهن سان جوابن ۾ آئي

    ڏسڻ سان ئي”سڪندر“ويا هوش اڏري
    قسم سان هو اهڙي حجابن ۾ آئي.
    **


    ياد آئي وري زندگيءَ جي وفا

    ياد آئي وري زندگيءَ جي وفا
    ٿي نه حاصل سگهي تنهنجي محبت مٺا

    هن جي لهجي ۾ هئي ڪاصدين جي صدا
    مان نه سمجهي سگهيس مون کان ٿي وئي خطا

    مون کان اظهار شايد انهي لئه نه ٿيو
    هن جي نيڻن ۾ هئي درد جي انتها

    آهي ”سڪندر“ اڃا حوصلو ايترو
    ڏئي ڀلي درد هو ڏئي سگهي جيترا.
    **


    جيسيتائين وئي نظر آهي

    جيسيتائين وئي نظر آهي
    هر شهر ٿي ويو پڌر آهي

    موج تنهنجي سنڌو خوشيءَ واري
    لوڙهي ويئي سڄو هي تر آهي

    ڪيئي اجڙي اجها ويا مارن جا
    يا خدا ڪهڙو هي قهر آهي

    ڪين کائڻ لئه ڪجهه بچو تڏهين
    پيٽ سان مون ٻڌو پٿر آهي

    ماءُ ڪيهون ڪيون ٻچو جنهن جو
    موت جي ٿي ويو نظر آهي
    **


    دل جي ننڍي اڱڻ تي تصوير آ ڏٺي مون

    دل جي ننڍي اڱڻ تي تصوير آ ڏٺي مون
    مقدر لکيل هو ڪنهنجو سا لڪير آ ڏٺي مون

    هڪ فاصلو هيو بس اک اک سان جو ملي هئي
    اهڙي ڪڏهن نه ڪنهنجي تقدير آ ڏٺي مون

    هڪ پل ۾ هن سمورو احوال جو ٻڌايو
    پهريون دفعو پدمڙي دلگير آ ڏٺي مون

    هي خواب يا حقيقت ڄڻ منهنجي روبرو هئي
    هٿڙن ۾ پنهنجي اڄ هي جاگير آ ڏٺي مون

    سڪ ساهه کي ستايو ”سڪندر“ آ تو ڀلايو
    دلڙي مٿان ٿي منهنجي مهشير آ ڏٺي مون.
    **


    لڳي دل وئي آ سزائن جي پويان

    لڳي دل وئي آ سزائن جي پويان
    هئي ڄڻ ته پنهنجي خطائن جي پويان

    نه ڪي حوصلو ٿس نه ڪي سمجهه ئي ڪا
    اجايو وڃي ٿي دغائن جي پويان

    حياتي گذاري ويا ڪيترائي
    وري ڪان آيا وفائن جي پويان

    حسن عشق ۾ تون جلي خاڪ ٿيندين
    چوڻ وٺ نه وڃ تون ادائن جي پويان

    قلندر، ڀٽائي، سچل تي ”سڪندر“
    ڏٺم آهي هر ڪو دعائن جي پويان
    **


    حسن آهي عشق جي ابتدا

    حسن آهي عشق جي ابتدا
    ڇا لکي ڇا لکان توتي مٺا

    زندگي آ ڏني تو عاشقي
    مان ڪيان بندگي تنهنجي مٺا

    حوصلو ٿي خطا ويندو پرين
    جي ڏٺم يار مان تنهنجي ادا

    باهه ڀڙڪي پئي تولئه اڃان
    آءُ دل جي اندر تون دلربا

    تون پڇي ڇا ڪندين مون کان پرين
    ڪين مون هاريا هن حوصلا

    ڏينهن ڪيڏا ڏکيا هن مون ڏٺا
    دانهن ”سڪندر“ ڪڏهن ڀي ڪئي نه آ
    **


    وري رات ساري ڀلائي ڇڏيندي

    وري رات ساري ڀلائي ڇڏيندي
    اسان جي حياتي کٽائي ڇڏيندي

    نه راهون وٺان هان وساري وئي آ
    ڀلا رڻ ۾ مون کي رلائي ڇڏيندي

    وڃي هن کي چئي ڪو ستائي نه ايڏو
    اڃا حال هن کان وڃائي ڇڏيندي

    خبر ڪا نه مون کي پئي يار ڪڏهين
    ستم سور مون لئه وڌائي ڇڏيندي

    مري ويو جي ”سڪندر“ وڏي ڳالهه ناهي
    اچي پاڻ ”هاڙها“ لٽائي ڇڏيندي
    **


    رت ڳوڙها ڏنئي مون کي ڇو عيد جي تحفي ۾

    رت ڳوڙها ڏنئي مون کي ڇو عيد جي تحفي ۾
    تو روئاريو ڇا لئه آ ڏس خوشي جي موقعي ۾

    پهچانَ نه ٿي منهنجي هر ڪو ٿو پهچي مون کان
    اهڙا حال ڪيا ڇو اٿئي ڪنهن يار جي دوکي ۾

    سمجهان ٿو پرين مان ڀي چوندس نه پرين توکي
    وڏي ڏينهن ڏکايئي دل اچي يار تو رونشي ۾

    هر ڪو ٿو ملي سڀ سان هڪ مان ئي اڪيلو هان
    وئين قيد ڪري ”سڪندر“ هن درد ڀي سوگهي ۾
    **


    هو گذر ڇا هيو هي گذر ڇا آهي

    هو گذر ڇا هيو هي گذر ڇا آهي
    زندگيءَ جو اڃا ڏس سفر ڇا آهي

    تات تنهنجي اڃا ڇو ستائي پئي
    تون ته سامهون آهين هي اثر ڇا آهي

    ايڏي ڪوشش هوندي ڀي نه حاصل ٿئين
    جي ٿئين بس ملين هڪ پهر ڇا آهي

    خواب ۾ جاڳ ۾ هڪ ٻڌو شور هو
    ڏينهن هڪڙي چيئين ڏي خبر ڇا آهي

    مان ته آخر فنا ٿي فنا ئي ويندم
    دل پڇيو ڪو تنهنجو هم سفر ڇا آهي

    حوصلا سڀ خطا ٿي ويا ٿي ويا
    تو جي مون ڏي ڏٺو هي قهر ڇا آهي

    عشق ”سڪندر“ اڃا تو ڪيو ئي ناهي
    توکي ڪهڙي خبر پو قدر ڇا آهي
    **


    وارن جي ڇانءُ رخ تي رهڻ ڏي

    وارن جي ڇانءُ رخ تي رهڻ ڏي
    ڪنهن کي ته جيئڻ ڏي ڪنهن کي ته مرڻ ڏي

    هي چاهت جهڙي هي چنڊ جهڙي
    آ صورت اهڙي مون کي ڏسڻ ڏي

    ها تعريف تنهنجي آهي ڪئي مون
    بس ايترو ته ٻيو مون کي چوڻ ڏي

    هي حسرت منهنجي ڪر يار پوري
    هن پنهنجي دل ۾ هرهر اچڻ ڏي

    مان ته هوش وڃائي ڇڏيان نه پنهنجا
    جهٽ ٿوري مون کي محبت ڪرڻ ڏي

    اڄ ٺهندو مقدر ”سڪندر“ جو ڀي
    جي ڳالهه مڃي تون اکيون چمڻ ڏي
    **


    وائي

    وائي



    تنهنجو چاهه اسان،
    دل ۾ ڇڏيو آ رکي.
    مون کي تو ته وساريو،
    ياد تنهنجي کي مان.
    دل ۾ ڇڏيو آ رکي
    تنهنجو مليل گهاءُ سڄڻ،
    پيار ۽ محبت سان.
    دل ۾ ڇڏيو آ رکي.
    مون به خوشيءَ جو او پرين
    ڪو لمحو تو ڪان.
    دل ۾ ڇڏيو آ رکي.
    نڪري سگهدين ڪئين تون،
    توکي ”سڪندر“ جان.
    دل ۾ ڇڏيو آ رکي.
    **


    مان رات لکان ته سحر تائين،

    مان رات لکان ته سحر تائين،
    تون ساڻ هجين سهڻل سائين.

    تون ويٺو هجين ڀر ۾ جيڪر،
    لمحو لمحو ڪيئن ٿو ڀائين.

    ڪير نڀائي ڪنهن سان ٿو ڏس
    هن محبت ۾ ڪيستائين

    گيت غزل ها توتي لکندو
    سال صدين کا هيسيتائين

    ”سڪندر“ جيون جيسين آهي
    پيار هلايون تيسيتائين
    **


    دلربا بيوفا ٿي ويا ڇا ڪيون،

    دلربا بيوفا ٿي ويا ڇا ڪيون،
    اوچتو هو پڪا ٿي ويا ڇا ڪيون.

    سور دل ۾ ستل ڄڻ صدين کان هيا،
    سي شروع سلسلا ٿي ويا ڇا ڪيون.

    پيار پنهنجي جا دنيا ۾ چرچا هيا،
    ڄڻ پراڻا قصا ٿي ويا ڇا ڪيون.

    واعدا هو پنهنجا جو ڀلائي ويو،
    پو وري فاصلا ٿي ويا ڇا ڪيون.

    گهر، گهٽيون تنها سارو شهر ٿو لڳي،
    ”سڪندر“حادثا ٿي ويا ڇا ڪيون
    **


    توسان منهنجو چاهه او ساٿي

    توسان منهنجو چاهه او ساٿي
    ڄاڻي ٿو هي الله اوساٿي

    تو سان گڏ جي هلڻ ٿو چاهيان
    تو ورتي ٻي راهه او ساٿي

    توسان ساهه جي تار ڳنڍيل آ،
    توکي نه ڪا پرواهه او ساٿي

    ڪڏهن تو ايندين مون ڏي جاني
    ڏي ڪو وري ويساهه او ساٿي

    جيون ڪيئن گذاريان ”سڪندر“
    ٿي نه وڃان گمراهه او ساٿي.
    **


    محبت توکان گهرجي ڪهڙي

    محبت توکان گهرجي ڪهڙي
    تون هي ڏيندين چوٽ ڪا اهڙي

    ڪائي ناهي منزل منهنجي
    پو ڀي دل آ عاشق جهڙي

    شايد پنهنجي توسان گڏجي
    يادن وانگي چاهت ميڙي

    هتڙي ناهي پنهنجو ڪوئي
    هل ته هلون ٻي پاسي دلڙي

    ”سڪندر“ منهنجو مقدر رئندو
    حالت منهنجي ڏسندو اهڙي
    **


    اڄ ڏئي تون ته وڃ ملڻ جو آسرو

    اڄ ڏئي تون ته وڃ ملڻ جو آسرو
    ٿي پوي ڪو متان بچڻ جو آسرو

    هر زخم درد ڏي تون ڀلي ڏي ڀلي
    پر ته ڪو يار ڏي سهڻ جو آسرو

    لڙڪ پنهنجا اگهي مان ڇڏيندس پرين
    ڪو ته مون کي به ڏي اگهڻ جو آسرو

    ننڊ ناهي اکين راهه تنهنجي ڏسن
    سڪ وڍي ٿي ناهي ڏسڻ جو آسرو

    ڪن صدين کان پيا سو سڪندر آهي
    يار ڏي پيار تون ڪرڻ جو آسرو
    **


    وائي

    وائي



    منهنجي ڪمري ۾،
    دلڙي آيو ڪير هو

    پنهنجون يادون ويو رکي،
    ڪنهن جي لئه هو سي.
    دلڙي آيو ڪير هو

    ايڏو ڪنهن کي چاهي ٿو،
    هوندي دردن جي.
    دلڙي آيو ڪير هو

    روئڻ مون کي ٿو اچي،
    هن جي چوڙين تي.
    دلڙي آيو ڪير هو

    تنها تنها ويو ڪري،
    ”سڪندر هاڙهي“ کي.
    دلڙي آيو ڪير هو
    **


    تنهنجي سپنن جي پچاڻي يار منهنجي زندگي آ

    تنهنجي سپنن جي پچاڻي يار منهنجي زندگي آ
    عشق ۾ آ جيت تنهنجي هار منهنجي زندگي آ

    هوش پنهنجو آ سڀاليو پوءِ به آهي بيوسي ڏس
    تو سوا اي دلربا هي بار منهنجي زندگي آ

    روز تعنا مهڻا مون کي هي زمانو آهي ڏيندو،
    ڇا ٻڌائي ڇا ڪيان هت وار منهنجي زندگي آ

    ڪير ناهي سڄڻ ڪنهنجو سورهي بس سور آهي
    تو سوا هت يار ٽڪرا چار منهنجي زندگي آ

    ڪر ختم پنهنجو جدايون ساهه نڪري وڃي نه ”سڪندر“
    سار وڃ تو ڪا لهي هڪ سار منهنجي زندگي آ.
    **


    ڀتر ڪوئي مان ڀور ته ناهيان

    ڀتر ڪوئي مان ڀور ته ناهيان
    عاشق آهيان چور ته ناهيان

    ماري مون کي ماريو ڇو ٿا
    گذريل ڪوئي دور ته ناهيان

    عاجز آهيان بيوس آهيان
    ڪنهن کان ڏاڍو زور ته ناهيان

    مهڻا ڏيندؤ سهندس آخر
    اندر خالي پور ته ناهيان

    ديوانو آ هن تي ”سڪندر“
    ڇو ٿو ڇني پو ڏور ته ناهيان.
    **


    تنهائي جو منظر ڏٺو آ

    تنهائي جو منظر ڏٺو آ
    ٽٽندي پنهنجو مقدر ڏٺو آ

    ڪوئي ناهي ڏک جو ساٿي،
    ڌار به پنهنجو همسر ڏٺو آ

    غم ڀي آهن گهاؤَ به گهرا
    پوڀي عاشق دردر ڏٺو آ

    سور سهي مان ڪيترا سهندس
    حال اڳي ئي مضطر ڏٺو آ

    وقت ڪو اهڙو ناهي جيڪو
    مرندي جيئندي ”سڪندر“ ڏٺو آ
    **


    عشق ۾ ٿي فنا زندگي زندگي،

    عشق ۾ ٿي فنا زندگي زندگي،
    ڳوليندو پو رهيس هر خوشي هر خوشي.

    هن جي معصوميت مون کي موهي وڌو،
    ڇا خبر وڙندي آ سادگي سادگي.

    ڪنهن ديواني جيان هن کي چاهيو هيو،
    گهاءُ گهرا ڏنا عاشقي عاشقي.

    ساٿ ڏيڻ جا وچن هو وساري وري،
    اوچتو ويو ڇني دوستي دوستي.

    ڇا ڪريان هاڻ سڪندر ٻڌائي ڪوئي،
    آ مهانگي پئي دل لڳي دل لڳي.
    **


    صبح کان شام ٿيندي وئي

    صبح کان شام ٿيندي وئي
    ڏکيو انجام ٿيندي وئي

    هوريا هوريا هر خوشي
    مون لئه ماتام ٿيندي وئي

    زندگي هن جي نالي ڪئي
    اڻ گهري مام ٿيندي وئي

    آرزو عشق جي ڪئي ۽ هو
    پو ته بدنام ٿيندي وئي

    ڪو نه اظهار ”هاڙهي“ ڪيو
    پو ڇو الزام ٿيندي وئي
    **


    تنهنجي وارن ۾ جاڳي ٿي بادِ صبا،

    تنهنجي وارن ۾ جاڳي ٿي بادِ صبا،
    تون اکيون ائين نه کڻ ٿا وڌن مسئلا.

    سهڻي صورت تنهنجي يار آهي چٽي،
    چنڊ شرمائي ٿو، جي ڏسي ٿو ادا.

    هر نظر ٿي کٽي يار تو تي وري،
    حسن جو ٿو لڳين بادشاهه او مٺا.

    مست آهي ڪيڏي يار موسم ڀلي
    تنهنجي خوشبو کڻي ڄڻ اچي ٿي فضا.

    هوش ٿي ويا خطا، ڪو نه پنهنجا ٿيا،
    منهنجا صدين کان ها حوصلا ڄڻ خطا.

    منهنجا سڏڙن جو تي اثر ڇا ٿيو،
    پرڪشش ٿي پئي ”هاڙهي“ جي هر صدا
    **


    سور ٿيندي زندگي آ تون پري رهه دلڙي،

    سور ٿيندي زندگي آ تون پري رهه دلڙي،
    کسجي ويندي هر خوشي آ تون پري رهه دلڙي.

    سال صديون ڪو نڀائي عشق جي سرحد ويو
    پار هن جي عاشقي آ تون پري رهه دلڙي

    ڪو سهارو ڪو نه ڏيندو هت ستم تي آ ستم
    درد جي ياري دوستي آ تون پري رهه دلڙي

    هي زمانو آ وڪوڙيل هن رسم ۽ رواج ۾
    وڙهندي سڀ جي سادگي آ تون پري رهه دلڙي

    دانهن ڪهڙي مان ڪيان ڏس داد ڏيندو ڪير آ
    سور صدما دل لڳي آ، تون پري رهه دلڙي

    ايڏي شدت ساڻ ”سڪندر“ تو ڪئي سڌ ڪا نه پئي
    پيار محبت بندگي آ تون پري رهه دلڙي
    **


    ڪاش جيڪر تون هجين ها

    ڪاش جيڪر تون هجين ها
    حال هيڻو پو ڏسين ها

    سڪ ڀي سالن کان جنجهوڙيو
    هڪ پهر ڪو تون اچين ها

    عشق جي بس باهه وڪوڙيو
    پو تڙپڻ سو ڏسين ها

    ساڻ ڪونهي ساٿ ڪنهنجو
    ياد ٿورو تون ڪرين ها

    نيٺ ”سڪندر“ ڀي مري ويو
    موت کان اڳ جي ملين ها
    **


    شان تنهنجو ڏٺم نانءُ سنڌي ٻڌم

    شان تنهنجو ڏٺم نانءُ سنڌي ٻڌم
    ساهه صدقي ڪيم هِن جنم هُن جنم.

    موج مهراڻ هئي سونهن دريا مٿان،
    مان ته ڇولين ۾ گُم ٿي ويم ٿي ويم

    ٽوپي، اجرڪ ثقافت پراڻي پنهنجي
    رقص گيتن تي جو مان ڏٺم مان ڏٺم

    شاهه، سامي، سچل آ قلندر هتي
    پهرو ولين جو آ هر قدم هر قدم

    ڇا لکي ڇا لکان سنڌ تنهنجي مٿان
    ويندا ڪاغذ قلم ٿي ختم ٿي ختم.

    شال آباد تون سنڌ منهنجي هجين
    مان سهان تنهنجي لئه هر ستم هر ستم

    گيت، وايون، غزل زور جذبا نوان،
    ٿو ”سڪندر“ لکي هر جنم هر جنم.
    **


    وائي

    وائي


    دودا ڌرتيءَ جا
    توکي سنڌ سڏي پئي.

    ويري هتڙي هن گهڻا
    جيجل تنهنجيءَ جا
    توکي سنڌ سڏي پئي

    ناهه نڌڻڪي سنڌڙي
    دشمن کي تون ٻڌا
    توکي سنڌ سڏي پئي

    موجون ناهن آ سڪل
    سنڌڙيءَ جو دريا
    توکي سنڌ سڏي پئي

    ”سڪندر“ آهيان منتظر
    هاڻي جلدي آ
    توکي سنڌ سڏي پئي
    **


    گيت

    گيت


    هي ڪهڙا ٿي ويا فيصلا زندگي
    هر قدم تي آهن فاصلا زندگي

    ساٿ تنهنجو هيو وقت گذري پيو
    هي ڪنارا ڪشي، ۽ وڇوڙو نه هو
    اهڙا ڇا لئه ڏنا سلسلا زندگي

    دل شڪستا نه هئي راهه ڏسندي رهي
    سور صدما هيا بس سهي هو پئي
    چاهتن جا مليا هي سلا زندگي

    خواب ”سڪندر“ سمورا نه پورا ٿيا
    بس اڌورا هيا سي اڌورا رهيا
    ڇو نه مون کي ڏنئي حوصلا زندگي
    **


    گيت

    گيت


    الوداع مون کي ڪيئي سورن جي تون بازار ۾،
    ڇو ڇڏي مون کي ويو آن اهڙي تون آزار ۾.

    تو سوا ڏس مون ڪڏهن نه ڏينهن سک جو گهاريو آ
    تنهنجي يادن جو سدائين هر پهر مون گذاريو آ
    ڇو اڪيلو ڇو اڪيلو وئين ڪري سنسار ۾

    سر به حاضر تو اڳيان سهڻا سدائين ڪيو اٿم
    ڌار توکان او پرين مان مرڻ جهڙو ٿي ويم
    ساهه ٿو نڪري مٺا تنهنجي ئي انتظار ۾.

    ڇو ”سڪندر هاڙهي“ جي تون زندگي برباد ڪئي،
    منهنجو سڀ ڪجهه تون وڃائي، ٻي جو گهر آباد ڪئي
    ڪير ڪنهن سان ٿو ڪري ڏس ڇا ڀلا ائين پيار ۾
    **


    گيت

    گيت

    جنهن لئه دلبر سوچين ٿو ويٺو
    اهو هرگز تنهنجو ڪو نه ٿيندو
    ڇا لئه پاڻ کي ايڏو وڃايو اٿئي
    ڪم هن جو آ هو سور ڏيندو.

    پهريان دل نه لڳائين ها ڪنهن سان
    ائين اک نه ملائين ها ڪنهن سان
    ٿورو ماڻهو ته آهي سوچيندو.

    جنهن کي محرم دل جو بڻايو تو،
    درد تنهن کان دل جو پرايو تو
    پوءِ به هن لئه ڇو آهين مرندو.

    تنهنجو ڪو نه ٿيندو هاڻي يار ”سڪندر“
    ڏک حياتي بڻجي ويندئي مقدر
    هاڻي ”هاڙهو“ توڏي ڪو نه ايندو.

    **


    گيت

    گيت


    ڏٺو يار جو مون وفا وارو منظر
    لڳي ٿو ائين ڇو سزا وارو منظر

    چري دل به هاڻي گهڙي پل صبر ڪر
    ايڏو ناز هن تي نه ايڏو فخر ڪر
    ها ڏيندو آ دوکو ادا وارو منظر.

    لڳي چوٽ ويندئي سهي ڪو نه سگهندي
    پئي روز دانهون مون کي يار ڏيندين
    اٿئي عشق ۾ پو فنا وارو منظر

    اجايون اميدون رکيون ٿئي ”سڪندر“
    رڳو توکي ملندا دنيا ۾ ستمگر
    نه ڏس ”هاڙهي“ ۾ تون جفا وارو منظر.
    **


    قرب جو سلسلو پيار جو سلسلو.

    قرب جو سلسلو پيار جو سلسلو.
    بس هلي ٿو اڃا يار جو سلسلو.

    ياد سڀ کان اول ياد هن جي هئي
    بس سمائي ويو سار جو سلسلو

    ڪا مهل ڪا گهڙي ڪانه هو ٿو ڏسي
    هر گهڙي ٿو رکي خار جو سلسلو

    ڇو نه ميلاپ پنهنجو مٺا ٿو ٿئي
    هلندو ڪيسين هي انڪار جو سلسلو.

    عشق ”سڪندر“ ڪيو ڄڻ ازل کان هيو
    سال صديون هليو هار جو سلسلو.
    **


    چوسٽا

    چوسٽا


    سور صدما نه ڏي هي وڇوڙا نه ڏي،
    مون جي ڳاڙيا ڪڏهن سي تون ڳوڙا نه ڏي
    مان ته پل پل جيئان بس مران ٿو مٺا
    قيد خاني سان گڏ يار ڪوڙا نه ڏي
    *
    زندگي هي مٺا قيد خانو لڳي
    پيار جي نانءُ تي هي بهانو لڳي
    پيار جي مُند گُهري وقت لوري ڇڏي
    هر خوشي ڄڻ ته گولي نشانو لڳي
    *
    سور صدما ڏنا زندگي هر پهر،
    نيڻ تو لئه رنا زندگي هر پهر
    ڪاش تو وٽ هجن درد مون لئه اڃا
    ڏي وڃان ٿي فنا زندگي هر پهر.
    **

    ڪنهن ڪاغذ تي لکيل سپنا هيم
    پنج ڇهه يا ڏهه ٿورا پنا هيم
    ڪڏهن ڪهاڻي هئي ڪڏهن شاعري
    بس اکرن ۾ ٿيندو فنا هيم
    ٭٭


    ماپڻ لئه ميزان کڻي ڏي،

    ماپڻ لئه ميزان کڻي ڏي،
    غم جو پو آسمان کڻي ڏي.
    ¬
    هيڏين قسمن سان نه مڃي ٿو،
    مون کي ڀل قرآن کڻي ڏي.

    سمجهه، چوان مان تو کي ڇا ٿو،
    مون ڏي تون به ڌيان کڻي ڏي.

    قيد اول کان آهيان تو وٽ،
    دل ٿي ڪڍئي زندان کڻي ڏي.

    تون خوشيون کڻ مون کي بيشڪ،
    سورن جو سامان کڻي ڏي.

    ساري حياتي تڙپان ڦٿڪان،
    اهڙو ڪو ارمان کڻي ڏي.

    ڀورا ڀورا ٿي ويندس مان،
    هڪڙو ئي ڀهتان کڻي ڏي.

    تون کڻ رنگ برنگي دنيا،
    مون کي جڳُ ويران کڻي ڏي.


    سودي بازي ڪهڙي توسان،

    سودي بازي ڪهڙي توسان،
    يار ڀلي نقصان کڻي ڏي.

    مان آهيان جوئاري ڀل تون،
    هاريل ميدان کڻي ڏي،

    توکان منهنجو پڇن جي پنهنجا،
    يار چئي مهمان کڻي ڏي.

    سڀ جي سامهون مون کي پنهنجي،
    ٻانهي جو هي مان کڻي ڏي.

    پن پن ٿي جيئن وکري وڃان مان،
    اهڙو ڪو طوفان کڻي ڏي،

    ڇا ڇا ڪيان ڏس ڪاڏي وڃان ڏس،
    پنهنجو تون فرمان کڻي ڏي،

    لوڪ رهي بس مون کي ڏسندو
    عبرت جو سامان کڻي ڏي.

    دردن جو هي دلبر سارو،
    ويڙهي تون به جهان کڻي ڏي.

    عشق جي آهي ڪيسيتائين،
    سرحد جو نيشان کڻي ڏي.

    هر ڪو پُڇي ٿو مون کان دلبر،
    مون کي ڪو عنوان کڻي ڏي.

    سال صدين جو بکيو آهيان،
    يار سڪل ڪو نان کڻي ڏي.

    يار ڏسي هي منهنجا ڳوڙها،
    رحم سندو انسان کڻي ڏي.

    مارڻ منهنجي لئه تون ڪنهن کي،
    دلبر تير ڪمان کڻي ڏي.

    منصور جيان چاڙهي ڦاهي،
    اهڙو ڪو سلطان کڻي ڏي.

    مرندي مري ويو ”سڪندر“ تنهنجو،
    ان کي قبرستان کڻي ڏي.
    **


    چيو مانس هتڙي ساحل ڪو اڃا آ،

    چيو مانس هتڙي ساحل ڪو اڃا آ،
    کٽل فاصلن تي ڦاٿل ڪو اڃا آ.

    اچڻ دير هن جو ضروري ته آهي،
    ڀلي مند مٽي هو قائل ڪو اڃا آ.

    لڳي نيهن واري اچانڪ هوا جو،
    ڏٺم يار ايندي شامل ڪو اڃا آ.

    بچي ڪير سگهندو نظر ڦيري هو جي،
    چيو جي مڃي تون قاتل ڪو اڃا آ.

    ڏسي حال هن جو ويو پنهنجو وسري،
    صدين کان لڳو پو گهايل ڪو اڃا آ.

    اکر پيار جو تو نه سمجهيو آ ”سڪندر“
    ڇا تن کان ڪو وڌڪي جاهل ڪو اڃا آ.
    **


    کڻي ڪهڙو کڻان صنم تنهنجو قسم،

    کڻي ڪهڙو کڻان صنم تنهنجو قسم،
    سهي سگهندم نه ٻيو زخم تنهنجو قسم.

    ڀلي سولي ڇڏين چاڙهي پرين مون کي،
    اهو لڳندو مٺو ستم تنهنجو قسم.

    پُڇي جيڪر اچي مون کان اگر ڪوئي،
    ٻڌائي ڪين ڪي سگهندم تنهنجو قسم.

    ڏنئي جي درد دل وارا، پرين پيارا،
    ٽُٽو رشتن سندو ڀرم تنهنجو قسم.

    مري ”سڪندر“ وڃي جيڪر ته پوءِ ٿئي،
    سڄڻ هي سلسلو ختم تنهنجو قسم.
    **


    هن سان منهنجو چاهه هيو ڪو،

    هن سان منهنجو چاهه هيو ڪو،
    صدين جو ويساهه هيو ڪو.

    ڪعبي ڏي ڪيئن پير ڪيان ها،
    مون لئه ڄڻ الله هيو ڪو.

    منهنجو درد نه هن پئي سمجهو،
    ماڻهو بي پرواهه هيو ڪو.

    دين ڌرم بس هن کي سمجهيم،
    ٻي نه ڪهين سان ٺاهه هيو ڪو.

    جيون تڙپيو هن لاءِ ڏاڍو،
    هن ۾ منهنجو ساهه هيو ڪو.

    دل جي چئي تي جهاڳي نڪتس،
    سامهون ڄڻ درياهه هيو ڪو.

    خواب ٽٽڻ کان ”سڪندر“ پوءِ،
    سوچيم گڏ همراهه هيو ڪو.
    **


    جيڪي مون سان ڪيئي وير ڏسندو رهيم،

    جيڪي مون سان ڪيئي وير ڏسندو رهيم،
    روز واري اها هير ڏسندو رهيم.

    ڪا نشاني ملي راهه تنهنجي ڏٺي،
    مون ڏي ايندي تنهنجا پير ڏسندو رهيم.

    ڪنهن بهاني ڏنئي سور ڀي ساڳيا،
    درد تنهنجا سوا سير ڏسندو رهيم.

    مون وفا هئي سکي تو سزا ڏيڻ سکي،
    تنهنجي مَنَ ۾ هُيا ميرَ ڏسندو رهيم.

    زندگي ڀر لکيا نانءُ ”سڪندر“ تنهنجي،
    سي اهي دلربا شعر ڏسندو رهيم.
    **


    رات ڪاري هئي هوءَ اڃاري هئي،

    رات ڪاري هئي هوءَ اڃاري هئي،
    هن جي محبت ڏٺم سنڌ واري هئي.

    قرب ايڏو ڏنئي مان ته ڏسندو رهيس،
    ڄڻ صدين کان لڳي درد ماري هئي.

    پيار جي ڇانوَ ۾ تنها هيڪل ڏٺم،
    سونهن سمنڊن جيان سنڌ ساري هئي.

    کيت ۾ مون وڃي مٽ ڀريندي ڏٺم،
    اکين آڏو اچي وئي انڌاري هئي.

    مرڪندي هوءَ اچي ”سڪندر“ سان ملي،
    ان ادا عشق جي باهه ٻاري هئي.
    **


    ترس ٿورو پرين حوصلو اچڻ ڏي،

    ترس ٿورو پرين حوصلو اچڻ ڏي،
    عشق جي باهه کي ٿورڙو مچڻ ڏي.

    تيز تلوار جان تند آهي تکي،
    سڪ وڍي ٿي تنهنجي ڀل اڃا ته وڍڻ ڏي.

    دير ٿيندي ڪهڙي ڳالهه توسان ڪندي،
    حال دل جو پرين پاڻ سان ته ڪرڻ ڏي.

    سوچ ڦاٿل آهي ترس ٿورو اڃا،
    مان ته سج ٿو ڏسان بس اڃا ته لهڻ ڏي.

    سونهن سينگار تي جان پنهنجي ڪيان،
    وقت اهڙو اچي بس فدا ته ٿيڻ ڏي.

    نينهن نروار ڀي يار پنهنجو ٿئي،
    لوڪ کي ڀل پوي هي خبر ته پوڻ ڏي.

    شام ٿيندي اڃا رات آهي پري،
    ويل رهه ڪا گهڙي وقت کي ته وڃڻ ڏي.

    عشق دهليز تي”سڪندر“ سان ملي،
    تو جي مرڪي ڏٺو دل چيو ته مرڻ ڏي.
    **


    شمع تي بڻجي پروانو وڃان ها،

    شمع تي بڻجي پروانو وڃان ها،
    ته شعلن جي سامهون وسامي وڃان ها.

    عشق جي باهه ۾ مان ته سڙندو رهان ها،
    محبت ۾ پوءِ ڀي وڪامي وڃان ها.

    کڻي ڪو نياپو اچي ڏئي ها مون کي،
    انهي جي ڀرڻ پو سلامي وڃان ها.

    تون هڪ ڀيرو هٿ ۾ ڏئي هٿ هلين ها،
    سڄڻ ٿي مان نامي گرامي وڃان ها.

    اڃا جي ملي ها حياتي اي ”سڪندر“
    ڪري تنهنجي در جي غلامي وڃان ها.
    **


    گيت

    گيت


    زهر زندگي آ صنم جو رُٺل آ.
    انهي ڏينهن کان ئي مقدر ٽُٽل آ.

    مڙي وڃ تون دلڙي لکي ڇا لکان مان،
    اڃا رات ڪنهن وٽ وڃي ڇا رهان مان،
    ته ڄڻ شعر ڪو ڊائري ۾ کٽل آ.

    پيان جام ٿو يا پياريو ويو آ،
    صدين کان انهي آس جياريو ويو آ،
    اڃا من ۾ هڪ درد شايد ستل آ.

    نظر سامهون هو نظر جو کڻي ويو،
    ادائن ۾ هڪ دم صفا هو وڻي ويو،
    اڃا دل ۾ مانڌاڻ ڪوئي متل آ.

    جي ماضي ڏسان ٿو ته روئڻ اچي ٿو،
    مگر هو ته ڀلجي نه ”سڪندر“ پڇي ٿو،
    اکين مينهن ڪڻيون، ڪا برسات پيل آ.
    **


    ڏي نه دلبر کڻي سوچ جو آئينو،

    ڏي نه دلبر کڻي سوچ جو آئينو،
    وڃ نه ڀت سان هڻي سوچ جو آئينو،

    مون سان تنهائي ڪمرو ۽ گڏ بسترو
    تيل سرما ڦڻي سوچ جو آئينو.

    ڇا ٻڌايان تو کي حال واقف آهين،
    ڏي نه دل جا ڌڻي سوچ جو آئينو.

    حال هيڻو پرين لُڙڪ منهنجا ڏسي،
    قيد ويندو بڻي سوچ جو آئينو.
    **


    نظر هو نظر ۾ نظر ڪو نه آيو،

    نظر هو نظر ۾ نظر ڪو نه آيو،
    خوشي جو لڙي هڪ پهر ڪو نه آيو.

    ڳوليندي ڳوليندي وئي عمر گذري،
    اسان کي الئه ڇو صبر ڪو نه آيو.

    ٻه ٽي آيا ماڻهو پڇڻ حال هيڻو،
    روئي مون ڏنو همسفر ڪو نه آيو.

    اڪيلائي مون کي اڃا راس ٿيندي،
    ٻڌائڻ سو هڪڙو پهر ڪو نه آيو.

    بيابان سحرا لڳو دل جو منظر،
    انهي رات کان پو سحر ڪو نه آيو.

    روئي آجيان پيو ڪيان عشق جي مان،
    حياتي ۾ ان جو گذر ڪو نه آيو.

    ڪشالا ڪياسي عمر يار جي لئه،
    اسان کي ڏسڻ هو شهر ڪو نه آيو.

    حياتي جا پاڇا ڪي ايندي ڏٺا مون،
    پڪو دل جو دلبر پٿر ڪو نه آيو.

    ڪيو پيار هن هو خوشي ساڻ ”سڪندر“
    جدائي جو سمجهه ۾ اکر ڪو نه آيو.
    **


    ارمانن جي دنيا چوان مان،

    ارمانن جي دنيا چوان مان،
    گيت حقيقي ڪو ته لکان مان.

    ساٿ نڀائيندين ڪيسيتائين،
    ٻيهر هڪڙو ڀيرو ڏسان مان.

    واجب توکي يار لڳي ٿو،
    تنهنجي هوندي سور سهان مان.

    جهول ڀري ڏي خوشيون مون کي،
    نچندو ڪُڏندو يار وڃان مان.

    وس ۾ ناهيان دلبر پنهنجي،
    دلڙي تو بن ڪيئن پليان مان.

    پنهنجو ناهي ڪوئي ساٿي،
    توسان ڪي پل گڏجي رهان مان.

    تنهنجي هَٿَ جو هر هر پياري!
    جام مٿان ٿو جام پيان مان.

    قرب عنايت تنهنجي ۾ ئي،
    ورهين تائين يار جيئان مان.

    تنهنجو پاڇو يار جتي پئي،
    سجدو اتڙي هر هر ڪيان مان.

    ”سڪندر“ جو ڏس مقدر اهڙو،
    پينن کان وڌ يار آهيان مان.
    **


    ڳل منهنجي تي ڳوڙها آهن، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر،

    ڳل منهنجي تي ڳوڙها آهن، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر،
    وسندي تو نيڻ ڏٺا ناهن، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر.

    جي تون وسندين مون کان اڳ ۾ دلبر منهنجو سجهي ويندو،
    تنهنجون ڪڻيون ڪجهه ڀي ناهن، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر.

    منهنجي اکين جا بادل ڀرجي ڏس ڪيئن اچن ٿا ئي هوريان،
    بس اکڙين ۾ ٿورو جاءِ ٺاهن، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر.

    تون ڪيئن وسين ٿو ڪنهن جي لئه دلبر لئه ڏس منهنجون اکيون
    سارو ڏينهن پيون سي واهين، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر.

    تون پار وڃي دلبر کي چئو نيڻ سڪندر جا روئي روئي،
    راهه تنهنجي ڀي ڏسندا آهن، ڪر ماٺ ڪڪر ڪر ماٺ ڪڪر.
    **


    ڪجي ڇا ته هاڻي عبادت کپي ٿي،

    ڪجي ڇا ته هاڻي عبادت کپي ٿي،
    ٻه ٽين رپين عيوض شهادت کپي ٿي.

    حقيقت نه دنيا رڳو ڪوڙ آهي،
    سري عام هر جاءِ جهالت کپي ٿي.

    ٻه ٽي ڏينهن ويهي چلو جنهن پچايو،
    انهي شخص جي ڀي ڪرامت کپي ٿي.

    پنهنجو دين ٺاهي ٻڌائي ٿو هرڪو،
    خدا ڀي ڏسي ٿو ملامت کپي ٿي.

    شُڪر ناهي ان جو ڏسون ٿا نه ڪنهن وٽ،
    رڳو نفص دولت ذلالت کپي ٿي.

    گهران ٿو دعا مان ملي سڀ کي هردم،
    صبر جي اي ”سڪندر“ عنايت کپي ٿي.
    **


    اسان جو اسان کان نه مقدر کسي ها،

    اسان جو اسان کان نه مقدر کسي ها،
    چوي ها مري وڃ نه دلبر رُسي ها.

    ايئن لوڪ آڏو ڇڏي ها نه مون کي،
    جدائي ڪري پيو ته ٿورو ڏسي ها.

    ڪري لُڙڪ هاڻي پيا يار جيڪي،
    اهڙو مينهن اکين مان نه ڪوئي وسي ها.

    اڃا سور صدما ٻه ٽي ٻيا به ڏئي ها،
    ايئن لوڪ مون تي نه جيڪر کلي ها.

    اجائي ”سڪندر“ ڪري عشق ويٺو،
    جي سوچي ها پهريان نه ڪو ڏُک رسي ها.
    **


    قُرب ايڏو ڏنئي دل ڪشا ٿي وئي،

    قُرب ايڏو ڏنئي دل ڪشا ٿي وئي،
    زندگي ڀر جي هيءَ ڄڻ صدا ٿي وئي.

    ڪهڪشان پيار هو اڻ گهريو پيار هو،
    هر طرف کان مٺا واهوا ٿي وئي.

    سڏ ڪري ايئن پئي ٻولي ڪوئل جيان،
    تنهنجي ٻولي ٻڌي دل فدا ٿي وئي.

    هر خوشي آ ملي قرب تنهنجي منجهان،
    جا عبادت ڪئي سا ادا ٿي وئي.

    دل گهُري دلربا دل ”سڪندر“ ملي،
    آجيان مون ڪئي بسم الله ٿي وئي.
    **


    سرائڪي

    سرائڪي

    ڌرتي خاطر ڪنڌ ڪپويسون،
    سنڌڙي خاطر ڪنڌ ڪپويسون.
    غيران ڪون اٿي کڙڻ نه ڏيسون،
    ڌاريان ڪون اٿي کڙڻ نه ڏيسون،
    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.

    اساڏي مٺڙي ڏاڍي ٻولي،
    سنڌي ٻولي، تي ماءُ دي لولي
    ويري سنڌ دا ڏيکو جي يارو،
    سيني انهن ڪون سڌي گولي
    ڌاريان ڪون هڻ ابتا ٽنگيسون.

    ذاتي جهيڙي يار سٽو چا،
    جيجل سنڌ دي ٿنڃ ملهائو،
    اهو نماڻان عرض هي ميڏا،
    سنڌو ديش دا نعرا لڳائو،
    آپڻي عزت آپ وڌيسون.

    حق سنڌين دا لٽيا ويندا اي،
    آکي ”سڪندر“ حق ڇن گهنسون،
    ڌرتي وارث ڏُک نه ڏيکن،
    ڌرتي ڪون گلزار بڻيسون،
    اپڻا سر قربان ڪريسون.
    **


    جي ملي ڪو پل خوشي،

    جي ملي ڪو پل خوشي،
    ڇو ڪري ڪو خودڪشي.

    هن بکايل پيٽ لئه،
    ٿو گنوائي زندگي.

    يا خدايا ڪر رحم،
    تنگ بشر آ هر گهڙي.

    پيار واري پرڻي ۾،
    پئي وڌي ٿي دشمني.

    اي زمانه تون ٻڌاءِ،
    ڪٿ سچي آدوستي.

    وحشي ويا انسان ٿي،
    مون دنيا جاچي ڏٺي.
    **


    زندگي آ اڃان قيد جي ڪوٺڙي

    زندگي آ اڃان قيد جي ڪوٺڙي
    مون جهلي عشق جي آ اڳيان جهولڙي.

    خير ۾ تون ڀلي ڏي زخم ايترا،
    هر ستم سان ڀري ڇڏ منهنجي گودڙي.

    مون گهريو سمنڊ کان پيار گهرو هيو،
    هو ڀري ٿو اچي ڪا کڻي لوٽڙي.

    مان چيو مانس اڄ اچ وڙهون سنڌ لئه،
    حق ڦريو ٿو وڃي اومنهنجي جو ڌڙي.

    ڏس فقيري منهنجي حال بي حال آ،
    عشق تنهنجي ڪيو آ مون کي جو ڳڙي.

    هي چري حادثو ڪئين ٿيو آ ٻڌاءِ،
    مان ڊٿل ٿو ڏسان پنهنجي اڄ جهوپڙي.

    ياد توکي هوندو توچيو هو مون کي،
    آڻي ڏي او ”هاڙها“ سنڌ جي سوکڙي.
    **


    گيت

    گيت


    ستم نه ڪر اي رات تون سحر منهنجو ته آ پري،
    کُٽي وڃي هي خير سان سفر منهنجو ته آپري.

    صبر ته ڪر ٻه لڙڪ هي منهنجا وڃن وهي وهي،
    ڪيان ته ڇا هن راهه ۾ اڃان ٻڌا رهي رهي،
    اکين وارو وسي پوي ڪڪر منهنجو ته آ پري.

    ڏسي هي ڪاڪ منهنجي تون رُني هوندينءَ اي رات تون
    کُٽي کُٽي صفا آخر کُٽي هونديءَ اي رات تون،
    نه ٿو کُٽي لڳي ٿو ڄڻ پهر منهنجو ته آ پري.

    وڃان ته ڏس ڪاڏي وڃان جٿي ڪٿي ستم آهي،
    ڪيو ته تو هن ڀي ڪيو هتي هُتي ستم آهي.
    ملي نه ٿو هي سوچ جو اثر منهنجو ته آ پري.

    اگر پُڇي به ڪو توکان منهنجو چئي ڏجان کڻي،
    روئي روئي مري ويو ”هاڙهو“ ڏئي به دم ڌڻي،
    اوهان جي ساٿ کان سڄڻ شهر منهنجو ته آ پري.
    **


    سوا تو عبادت مٺا ڪو نه ٿيندي،

    سوا تو عبادت مٺا ڪو نه ٿيندي،
    اچڻ تنهنجي تائين قضا ڪونه ٿيندي.

    ڪري ماڻهو سجدا گهري ويا دعائون،
    اسان جي سوا تو دعا ڪو نه ٿيندي.

    اکين آڏو اوندهه ڏسان ٿو نه ڪجهه ڀي،
    بنا تو اکن کي شفا ڪو نه ٿيندي.

    وفادار آهيان، وفائي ڪندس مان،
    سڄڻ مون کان ڪڏهين دغا ڪو نه ٿيندي.

    سڪي آحياتي منهنجي يار تو لئه
    اچي وڄ ٻي سڪندر صدا ڪونه ٿيندي
    **


    کڙڪي کولي ڪنهن ته نهاريو،

    کڙڪي کولي ڪنهن ته نهاريو،
    ڪنهن آ مون کي يار پڪاريو.

    مونهن جي منهن تي مرڪ پسي پو،
    هن ڀي کلندي ڏينهن گذاريو.

    ڪو سجهائي ساهه منهنجي کي،
    ڪهڙي موڙ تي هن آ بيهاريو.

    هڏڪي مٿان جو آئي هڏڪي،
    ساهه منهنجي کي ڪنهن آ ساريو.

    عشق اُلانبا ”هاڙها سڪندر“
    ٻارڻ دل ۾ ڪنهن آ ٻاريو.
    **


    سوا تو عبادت مٺا ڪو نه ٿيندي،

    سوا تو عبادت مٺا ڪو نه ٿيندي،
    اچڻ تنهنجي تائين قضا ڪونه ٿيندي.

    ڪري ماڻهو سجدا گهري ويا دعائون،
    اسان جي سوا تو دعا ڪو نه ٿيندي.

    اکين آڏو اوندهه ڏسان ٿو نه ڪجهه ڀي،
    بنا تو اکن کي شفا ڪو نه ٿيندي.

    وفادار آهيان، وفائي ڪندس مان،
    سڄڻ مون کان ڪڏهين دغا ڪو نه ٿيندي.

    سڪي آحياتي منهنجي يار تو لئه
    ”سڪندر“ ڏي اچ ٻي صدا ڪونه ٿيندي
    **


    گيت

    گيت


    اٿو وڙهو بهادرو ظلم اهو ختم ڪيو،
    صدين کان ٿيندو پيو اچي ستم اهو ختم ڪيو.

    اهي سڀئي ته قيد جا ٽوڙي ڇڏيو ڪڙا ڪنڊا،
    نه ٿو ڪو ڀاءُ اهڙو کپي اسان چڱا هون ننڌڻڪا،
    اسان جي سنڌ کي مليل زخم اِهو ختم ڪيو.

    سنڌي قوم جي مٿان ڀلا هجي ڇو ڌاريو،
    وطن سنڌو آ ديش هي ڏُکي گهڙي گهاريو،
    ڪري پيو صدين سندو حڪم اهو ختم ڪيو.

    اچو ملون ته هڪ ٿيون آزادي لئه وڙهون مرون،
    هاڙهو چوي هي سنڌ لئه پنهنجو ڏئي به سر وڃون،
    ڌڙا بندي جو سلسلو ختم اهو ختم ڪيو.
    **


    نوحو

    نوحو


    دشت بلا ۾ والله هٿ جو کنيا سڪينا
    ڏسندا رهيا فرشتا روئندا رهيا سڪينا

    بابو منهنجي ڪُسي ويو ڀائر منهنجا ڪُسي ويا
    ڪربو بلا جي رڻ ۾ هي ويڻ ڪيا سڪينا

    الله جو قسم آ ارمان بس اهو آ
    ننڍڙي عمر ۾ توکي صدما مليا سڪينا

    لاون جي عمر وارا ڪونڌر جوان هئه هئه
    نيزن تي ويا چڙهي ڏس نازن پليا سڪينا

    ڏک سور تنهنجا لکندي ڪاغذ قلم سان گڏ گڏ
    ”سڪندر“ جي ڀي اکين مان ڳوڙها ڪريا سڪينا

    **


    اردو شاعری

    دعا

    التجا التجا التجا التجا،
    واسطے مصطفیٰ تو مدینے بلا،
    میری تجھ سے ہے یہ ہی دعا،
    میری پوری کرو اے خدا۔
    ٭٭
    ایک جلوا دیکھا دیے میرے کبریا،
    جو دلمیں ہے میرے سمائی صدا،
    تو دیکھا دے مجھے یا بلا لے مجھے،
    میری برسوں سے ہے اک صدا۔
    ٭٭
    ہم گنہگار بندے ہیں تیرےخدا،
    تو ہمیں بخش دے واسطے مصطفیٰ،
    اے میرے کبریا پار بیڑا لگا،
    اور تجھ سے میں مانگوں میں کیا۔
    ٭٭
    تو مقدر کا مجھ کو سکندربنا،
    اپنی قدرت سے مجھ کو تونگر بنا،
    تیرے در پے جھکا ہوں سخنور بنا،
    میری سن لے تو آہ بکا۔
    ٭٭


    نوحہ

    نوحہ

    تیرے سوا اے بابا کیسے رھے سکینا
    زخمونے بھرا دل ؛کیسے سھے سکینا

    پانے نہ میں پیوں گی چھوٹا ھے مجھ سے اصغر
    کیئے دن سے ھے ؤ پیا سا کیسے کھے سکینا

    اب آنسوں پوچلی تو کوئی نھی رھاھے
    کتنے گذر گئے دن بیٹی رھے سکینا

    سکندر کی آروز ھے سکندر کھی سے تمنا
    تیری دعا سے تیری نوح لکھے سکینا
    ٭٭


    نوحہ

    نوحہ

    تیرا غم کرتے رہین گے ھر گھری ابن علی
    کم نھ ھوگا غم کبھی یہ جب تلک ھے زندگی

    حشرتک کرتے رھیں گی تیرا ماتم یاحسین
    تیری نوحہ خواں ھیں ھم تیری ھے ھیں ماتمی

    ھم تو زھرہ کی دعا ھیں مٹ نہیں سکتے کبھی
    ساری دنیا میں ھے پھلے کوچہ ھر گلی

    تیرگی نزیک اپنے آ نھیں سکتے کھیی
    چارسو پھلی سوئے ھے نور کی جو روشنی

    میں مقدر کا سکندر کیوں نھ کھلا تارھوں
    میری رھبر میرے آقا میری مولا ھیں علی
    ٭٭


    نوحہ

    نوحہ

    بازار کا ہے منظر زینب کا یہ تھا نوحہ
    سر پر نہیں ہے چادر زینب کا یہ تھا نوحہ

    تطھیر کے پلی میں بلوائے عام میں ہوں
    کوئی نہیں ہے ھمسر زینب کا یہ تھا نوحہ

    غم کھائی جا رھاہے گھر سے کبھی نہ نکلی
    پھر ائی گئی میں دردر زینب کا یہ تھا نوحہ

    بیٹے بھے مارے گئے ہیں بھائی ھے مارے گئے ہیں
    ھائے میرا یہ مقدر زینب کا یہ تھا نوحہ

    قیدی بناکے مجھ پے کیوں ظلم اٹھا رھے ھو
    میں پھلے سے ھوں مضطر زینب کا یہ تھا نوحہ

    گھر لٹا کے بھیا میں شام جا رہی ہوں
    وقت ودا سکندر زینب کا یہ تھا نوحہ
    ٭٭


    قصیدہ

    قصیدہ


    شان تیری کیا لکھوں ابن علی،
    تو ولی ابن ولی ابن ولی۔

    گود میں تجھ کو بٹھاتی تھی بتول،
    شانوں پہ تجھ کو بٹھاتی تھی نبی۔

    تو محمد مصطفیٰ کی جان بھی،
    تو علی و فاطمہ کی جان بھی۔

    تو حسن کا لاڈلا ہے اے حسین،
    زینبِ کبریٰ کی تو ہے زندگی۔

    زندہ و جاوید تیرا معجزہ،
    تا قیامت تیرا دشمن لعنتی۔

    تیرا عاشق ہوں ازل سے با خدا،
    تو "سکندر" کی ہے مولا عاشقی۔
    ٭٭


    قصیدہ

    قصیدہ

    کرو ورد علی ھردم پڑھو ناد علیؑ ہردم،
    بس تیرے لبوں پر ہو فریاد علیؑ ہردم۔

    مشکل میں پکاروگے۔ گر مولا علیؑ کو تم،
    اس پل میں ہی پاؤں گے امداد علیؑ ہردم۔

    تیرا دامن خوشیوں سے۔میرے مولا بھر دیں گے،
    تیرے دل کی مرادو ں کی ہے مراد علیؑ ہر دم۔

    تیرے آنگن میں ھردم، خوشیاں ہی خوشیاں ہوں،
    بس تجھ کو رکھے ھردم آباد علیؑ ہردم۔

    ابوذر کو دیکھو تم سلمان کو دیکھو تم،
    وِلا پہ پاتے ہیں۔ بس داد علیؑ ہردم۔

    کیا تیرے "سکندر" کو خوشیوں کا خزانا ہے،
    ہر وقت مناتا ہے، میلاد علیؑ ہردم۔
    ٭٭


    دعا

    دعا

    تیرے غم میں رہوں ہے دعا یاحسین،
    میرے لب پہ رہے یہ صدا یاحسین۔

    شام ہو یا سحر ذکر تیرا کروں،
    ذکر کیوں کر کروں میں قضا یاحسین۔

    میں خطا کار ہوں میں سیاہ کار ہوں،
    تو ہی محشر میں ہے آسرا یاحسین۔

    جب بھی مشکل پڑی تو کشا ہو گئے،
    میرے ہر درد کی ہے دوا یاحسین۔

    جس سے راضی ہے تو اس سے راضی ہوں میں،
    ہے خدا کا یہہی فیصلا یاحسین۔

    تو سنِا پہ قرآن ایسے پڑہتا رہا،
    لوگ کہتے رہے ہے زندہ یاحسین۔

    تونے راحب کو بیٹے عطا کر دیئے،
    تو نے حر کی ہے بخش دی خطا یاحسین۔

    تیرے در سے فرشتے شفا پا گئے،
    تو فرشتوں کا دارالثفا یاحسین۔

    شان و شوکت شرف مرتبہ با خدا،
    تیرے صدقے مجھے یہ ملا یاحسین۔

    شان تیری لکھوں تو لکھوں کیا بھلا،
    تو سخا ہی سخا تو عطا یاحسین۔

    ھے "سکندر" کے دل کی تمنا ہے یہ،
    اپنے روضے کا زائر بنا یاحسین۔
    ٭٭


    غزل

    غزل


    دل کی مانوں میں کیا توہے میری صدا،
    مر نہ جاؤں کہیں ہو نہ مجھ سے جدا۔

    پیار تونے دیا زندگی بھر دیا،
    بعد تیرے مجھے کون دیگا بتا۔

    کاش تیرے بنا جیناآتا مجھے،
    یوں نہ کہتا کبھی تو نہ جا دلربا۔

    بات مانوں میری درد دینا نہیں،
    دل دھڑکتا بہت ہے یہ تیرے بنا۔

    سامنے تو رے دیکھتا میں رہوں،
    یہ عبادت کرتا رہوں گا ادا۔

    جو قسم کھائی تھی اس کا رکھنا بھرم،
    یہ "سکندر'' کی ہے آخری التجا۔
    ٭٭


    کب سے ہیں بچڑے کچھ پتا نہیں،

    کب سے ہیں بچڑے کچھ پتا نہیں،
    شاید میری دنیا ہوئی فنا نہیں۔

    اگر پتا ہوتا تو مجھے کوئی،
    لے جاتا صحرا میں وہ سزا نہیں۔

    یا دوں کے دیپ جلاتا کبھی تو میں،
    اب تک تو میرا جیون جلا نہیں۔

    اشک بھی ہوتے تو تڑپ بھی ہوتی،
    ہوئا کبھی وہ مجھ سے جدا نہیں۔

    "سکندر'' کی طرح روتا مقدر،
    ایسی مجھ سے ہوئی خطا نہیں۔
    ٭٭


    نظر دیھرے دیھرے اٹھائو نہ سنگدل،

    نظر دیھرے دیھرے اٹھائو نہ سنگدل،
    مجھے اس طرح سے مٹائو نہ سنگدل۔

    میری سانس تیرے سوا کچھ نہیں ہے،
    یوں اپنی نظر سے گرائونہ سنگدل۔

    میں کاغذ کا کوئی تو ٹکڑا نہیں ہوں،
    یوں مجھ کو بھی ایسے جلائو نہ سنگدل۔

    تیرے بعد "سکندر" بھی دنیا نہیں ہے،
    کروں کیا مجھے تم بتائو نہ سنگدل۔
    ٭٭


    گیت

    گیت


    تیری اک مسکراھٹ سے صنم،
    میری کم ہوجائیں گے کتنے غم۔

    زندگی کا ہم نے کیا سودا
    تیری ہر بات پہ ہو جائوں فدا
    میری چاھت کا تو بھی رکھنا بھرم۔

    غم کا دریا ہے اور تنھائی
    مار ڈالے نہ تیری رسوائی
    میری حالت پہ کر دو کوئی رحم۔

    یار "سکندر" کی تو محبت کا
    اچھا دینا صلا تو چاھت کا
    ہو گا مجھ پر تیرا کوئی کرم۔
    ٭٭


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 1024
    ڪتابن جو مشاهدو: 3343572
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 890453
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ