ڪتاب جو نالو: تاريخ جو مقتل گاهه
مصنف: همسفر گاڏهي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 710 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 407 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”تاريخ جو مقتل گاهه“ ۾ ويجهڙ جي تاريخ جي اهڙن ئي واقعن جا پيرا کنيا ويا آهن جنهن ۾ ناليوارن پرڏيهي صحافين، دانشورن ۽ لکارين سيموئر هرش، رابرٽ فسڪ، ارونڌتي راءِ، چوسڪي، خشونت سنگهه ۽ ٻين جا اهڙا پر مغز ليک شامل آهن، جيڪي توهان کي انساني تاريخ جي هڪ وڏي ڪوس گهر ۾ مختلف طريقن ۽ بهانن سان ٿيندڙ انساني قتلام بابت ٻڌائن ٿا. هو پنهنجي نقطه نظر ۾ بلڪل واضح آهن ته دنيا کي جنگاڻ ۽ قتلام وسيلي نه بر باهمي امن، ڀائيچاري ۽ سلامتي وسيلي ئي بچائي سگهجي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • مهاڳ
  • تاريخ جو مقتل گاهه: رابرٽ فسڪ
  • آمريڪا هٿان گهڙيل ۽ تباهه ڪيل آمر: رابرٽ فسڪ
  • بارود جي ڍير تي بيٺل دنيا: نوم چوسڪي
  • آمريڪا، ويڳاڻپ جو شڪار: نوم چوسڪي
  • آمريڪا جڏهن ساڳيو نه رهيو: جمي ڪارٽر
  • غريب جو جُهڳو ئي جُهڻ: ارونڌتي راءِ
  • پاڪستاني فوج جا مختلف دور: اسٽيفن فلپ ڪوهن
  • اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾جنگبندي گهڻا ڏينهن هلندي؟ : رابرٽ فسڪ
  • امن جي چاٻي شام وٽ آهي: رابرٽ فسڪ
  • مصر هڪ ٻي آمريت ۽ انارڪي جي ور چڙهي ويندو؟ : نيوز ويڪ
  • لبنان تي وسندڙ اسرائيلي ڪلسٽر بم: رابرٽ فسڪ
  • جيئن مون لبنان کي سڙندي ڏٺو! : ڪيون سائٽس
  • اسامه بن لادن سان ڪچهري: رابرٽ فسڪ
  • اسامه بن لادن کان انٽرويو ڪرڻ جو ڏوه: ٽائيم ميگزين
  • بش ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو: سيموئر هرش
  • ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ جي شاهدي سي آءِ اي ڏيڻ لڳي: سيموئر هرش
  • فلسطين ۾ ظلم جي ڪاري رات اڃا به جاري: جمي ڪارٽر
  • عراق ورهاڱي واري گس تي!: ٽائيم ميگزين
  • آمريڪا، ايران تڪرار وڌي وڻ ٿي ويو: سيما مصطفيٰ
  • آمريڪا ـ ايران تڪرار ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟ : وارن ڪرسٽوفر
  • عراقي آئل فوڊ پروگرام اسڪينڊل: پريم شنڪر جها
  • طالبان جي واپسي: ڊيوڊ لوين
  • دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ ڪينيڊي جو قتل: گيبرئل مولينا
  • امرتا پريتم: وارث شاهه جي پُڪار: خشونت سنگهه
  • وري ٻيهر ملنداسين: امروز
  • ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو درد: ڪلديپ نير
  • قصو 65 واري جنگ ۽ ڀارتي راز وڪري ٿيڻ جو!: ڪلديپ نير
  • گڏيل قومن جو نئون جنم: ڪوفي عنان
  • ياسر عرفات کي زهر ڏئي ماريو ويو؟: يوري ايونري
  • پنڊت نهرو جي زندگيءَ بابت اوڀاريون لهواريون: خشونت سنگهه
  • ڪيوبا، ڪاسترو کان پوءِ! : مارڪ فيلڪوف
  • روسي صدر پيوٽن ڳالهائي ٿو: ٽائيم ميگزين
  • مئي پڄاڻان جلاوطن: بهادر شاهه ظفر : وليم هاروڊ رسل

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب نمبر : 359
    پهريون ڇاپو: 2014ع
    ڪتاب جو نالو : تاريخ جو مقتل گاهه
    (عالمي سياست ۾ مفادن لاءِ جنگاڻ، سامراجي وحشتناڪين ۽ انسانيت دشمن واقعن جا لڱ ڪانڊاريندڙ تفصيل)

    سنڌيڪار: همسفر گاڏهي
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبيدالله ميمڻ
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : /= 200 رپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    ISBN 978-969-9866-15-9

    “TAREEKH JO MAQTAL GAH”
    By: Hamsafar Gadehi
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone: 021-32737290
    website: www.sindhica.org,
    Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاب: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03352233802
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخ جو مقتل گاھ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ صحافي ھمسفر گاڏھي جي ترجمو ڪيل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي مختلف وقتن تي پندرھ روزہ افيئر ۾ ڇپبا رھيا آھن. ھو لکي ٿو:
    جيتوڻيڪ تاريخ پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جي انساني المين کي ناهي وساري سگھي نه وري اسٽالن جي دور ۾ سندس ئي هٿان پنهنجي هڪ لک ماڻهن جا خون ريٽي سگھي آهي پر اڄ جي دور ۾ دنيا اندر جيڪو ڪوس ٿي رهيو آهي، اهو به تاريخ جو هڪ دردناڪ باب آهي. ڪلسٽر بمن کان ويندي ڊرون حملن تائين معصوم ٻار، بزرگ شهري ۽ عورتون انهن جو کاڄ آهن پوءِ به طاقتور، امن دشمن ۽ جنگي جنون ۾ ورتل قوتن جي بَلي بَلي آهي، جيڪا ڳالهه انسانيت جو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ ڪافي آهي.
    ”تاريخ جو مقتل گاهه“ ۾ ويجهڙ جي تاريخ جي اهڙن ئي واقعن جا پيرا کنيا ويا آهن جنهن ۾ ناليوارن پرڏيهي صحافين، دانشورن ۽ لکارين سيموئر هرش، رابرٽ فسڪ، ارونڌتي راءِ، چوسڪي، خشونت سنگهه ۽ ٻين جا اهڙا پر مغز ليک شامل آهن، جيڪي توهان کي انساني تاريخ جي هڪ وڏي ڪوس گهر ۾ مختلف طريقن ۽ بهانن سان ٿيندڙ انساني قتلام بابت ٻڌائن ٿا. هو پنهنجي نقطه نظر ۾ بلڪل واضح آهن ته دنيا کي جنگاڻ ۽ قتلام وسيلي نه بر باهمي امن، ڀائيچاري ۽ سلامتي وسيلي ئي بچائي سگهجي ٿو.

    ھي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    انساني تاريخ رت سان ڀري پئي آهي، هابيل، قابيل کان وٺي ڪوس ۽ قتلام جو شروع ٿيل سلسلو ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ اوس جاري ئي رهيو آهي. ماضي ۾ مذهبن جي ڦهلاءَ لاءِ جنگيون ۽ حملا هجن توڙي جديد دنيا ۾ معاشي ۽ سياسي مفادن جي نگهباني لاءِ ٿيندڙ ٽڪساٽ، سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن ٿئي پيو. ويجهڙ جي انساني تاريخ ۾ عراق، افغانستان، شام، لبنان ۽ فلسطين سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهن، جتي آمريڪا بهادر پنهنجي مفادن جي نگهباني خاطر انساني سِسين جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن، پوءِ به هو سڄي دنيا ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي رکوال هجڻ جو دعويدار آهي.
    جيتوڻيڪ تاريخ پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ جي انساني المين کي ناهي وساري سگهي نه وري اسٽالن جي دور ۾ سندس ئي هٿان پنهنجي هڪ لک ماڻهن جا خون ريٽي سگهي آهي پر اڄ جي دور ۾ دنيا اندر جيڪو ڪوس ٿي رهيو آهي، اهو به تاريخ جو هڪ دردناڪ باب آهي. ڪلسٽر بمن کان ويندي ڊرون حملن تائين معصوم ٻار، بزرگ شهري ۽ عورتون انهن جو کاڄ آهن پوءِ به طاقتور، امن دشمن ۽ جنگي جنون ۾ ورتل قوتن جي بَلي بَلي آهي، جيڪا ڳالهه انسانيت جو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ ڪافي آهي.

    ”تاريخ جو مقتل گاهه“ ۾ ويجهڙ جي تاريخ جي اهڙن ئي واقعن جا پيرا کنيا ويا آهن جنهن ۾ ناليوارن پرڏيهي صحافين، دانشورن ۽ لکارين سيموئر هرش، رابرٽ فسڪ، ارونڌتي راءِ، چوسڪي، خشونت سنگهه ۽ ٻين جا اهڙا پر مغز ليک شامل آهن، جيڪي توهان کي انساني تاريخ جي هڪ وڏي ڪوس گهر ۾ مختلف طريقن ۽ بهانن سان ٿيندڙ انساني قتلام بابت ٻڌائن ٿا. هو پنهنجي نقطه نظر ۾ بلڪل واضح آهن ته دنيا کي جنگاڻ ۽ قتلام وسيلي نه بر باهمي امن، ڀائيچاري ۽ سلامتي وسيلي ئي بچائي سگهجي ٿو.

    آءٌ هي ليک پندهن وار ”افيئر“ لاءِ مختلف وقتن تي چونڊ موضوعن جي لحاظ کان ترجمو ڪندو رهيس. جيڪي گڏ ٿيندا ويا، تان جو اهو مواد هڪ ڪتاب جيترو ٿي ويو. جيتوڻيڪ هي ڪم نهايت محنت طلب هو پر سست رفتاري سان ئي سهي لڳاتار جاري رکيم. ايئن پوءِ مضمونن جي تاريخي اهميت کي نظر ۾ رکندي مون سڌيڪا جي سرواڻ محترم نوراحمد ميمڻ سان صلاح ڪئي، جنهن درياهه دلي جو مظاهرو ڪندي اهو ڪتاب ڇاپڻ جي حامي ڀري، جنهن لاءِ هو صاحب جس لهڻي.
    ”تاريخ جو مقتل گاهه“ دراصل اڄوڪي دور جي رت هاڻي تاريخ جو آئينو آهي، جيڪو پڙهندڙن کي اڄوڪي دنيا جي ترڪتال سياست، جنگاڻ ۽ امن دشمن قوتن جي ناپاڪ ارادن کان نه رڳو آگاهه ڪري ٿو بلڪ اهو ته دنيا جهان ۾ خلق خدا غربت جو شڪار ڇو آهي؟ ان جي به منطقي وضاحت ڪري ٿو. ڪتاب ۾ ڪي ڪميون ڪوتاهيون به رهجي ويون هونديون، وري به پڙهندڙن جا ڀال جو اهي هميشه مون کي اتساهيندا رهيا آهن، ان ڪارڻ ئي هي ڪم مڪمل ٿي سگهيو. هاڻ به هي پيار جو پورهيو اوهان جي هٿن ۾ آهي اميد ته ڪوشش سڦلائتي ٿيندي.


    همفسر گاڏهي
    ڪراچي


    مهاڳ

    بني اسرائيل جي لڏپلاڻ اڃا جاري آهي. رت جا درياءَ وهن پيا. تاريخ جو پنڌ ڊگهو ٿيندو وڃي. انسان کي ڪنهن منزل تي رسائڻ جي سندس آشا پوري ٿيڻ جا امڪان گهٽبا، گهٽبا وڃن. سڀيتا ۽ اوسر تڪرارن کي ماٺو نه ڪيو آهي. پالي، وڏو ڪري تهذيب جي شانائتي اوتار کي ڳاڙهو ورپ ڏيڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي. معلومات جي ڇَر تن کي اگهاڙو ضرور ڪيو آهي پر بي شرمائي جو رندو چمڪندڙ ڪات کي وڌندڙ تکائي بخشي ته حيرت ڇو وٺي؟ دنيا جو کوڙ ويڪرو ڀاڱو جنگاڻ جي اونداهن ڪڪرن هيٺ موت جي منهن ۾. جيڪي امن ۽ سڪون سان نسل وڌائڻ ۾ مصروف آهن سي خبردار اوس هوندا ته کين ميسر آشتيءَ جو ملهه باقي جڳ جا انيڪ ماڻهو گوليون کائي، ڪنڌ ڪپرائي چڪائي رهيا آهن. ڌرتي جي پکيڙ بارودي سرنگهن، آرڊي ايڪس کان وٺي هائڊروجن بم تائين- هٿيارن جي وسيع ذخيري جو مهانڊو وٺي چڪي. بني اسرائيل ڏانهن ڪوئي پيامبر الهامي هدايتون بي شڪ کنيو اچي. ڄاڻيندو برابر هوندو ته دنيا جي وهنوار مٿان ڪنهن پرميشور جو اختيار به ڪهڙو هجي سگهي ٿو. هزارين سالن کان غارت جي وهڪري ۾ لڙهندڙ آدم اميد پسندي جا پکيئڙا پيو اڏاري. اجل جو راڪاس ماڻهو- بوءِ، ماڻهو بوءِ، ڪندو حياتي جي فصل جي ڀيل ۾ رڌل ٿو پسجي. معاملو فقط فطرت جي سگهه تائين دنگ ڪو نه ٿو ڪري. انسان پاڻ انسانيت جي خلاف تنهن راڪاس جي سواري ڪري، مقتل گاهه سچائي، اتهاس جي ڊگھهي عرصي ۾ اهڙي ڪرت مان هٿ نه ڪڍي البيئر ڪاميوارن منظر کي ائبسرڊ ڪوٺي ڏاها آدم جي آئيندي لاءِ گهڻو آشاوند نه هجن- ڇا ۾ غلط چئجن؟
    بني اسرائيل ڪجهه لاچار وچان ۽ ٻيا رضا خوشي سان سر اڏيءَ تي رکندا اچن. مقتل گاهه کي ٻليدان پيش ڪندا رهن. اڻ ڏٺي سورڪ خاطر جيئدان تياڳي ڇڏين. ماري، هن جهان جي جنتن جو مزو ماڻڻ ڪاڻ، کين قربان ٿيڻ جي رضا سانڍڻ لاءِ اتساهيندو رهي. اچرج ۾ وجهندڙ لقاءُ چئجي جت انسان هڪڙي ڪنهن نعري، شعر يا آيت جي پوئيواري ۾ جان ڏيئي ۽ جان وٺي. پوءِ به، تمدن جي مٿاهين ڏاڪي تي بيٺل ڪوٺجي. غلط چئجيس ته صحيح، درست هجڻ جي ٺڳ رکي. شخصي غرض کي گورهه جو مفاد ڪري پيش ڪري. ايتري انڌ ۾ هجي جو عالم کي جنگ جي باهه ۾ ساڙي، هيروشيما ۽ ناگا ساڪي ڪري ڏيکاري، حق جي پاسي هجڻ جي مڳي هجيس ۽ ٻئي کي باطل هئڻ جو مهڻو ڏئي. ڦٽڪارون وجهي، پڇتاءُ کان خالي آدم نيڪي ۽ بدي جا جڙتو ماپا سامهون آڻي، جيئن وڻيس تيئن پنهنجي وحشي اڌمن جي انساني رت سان اُڃ اجهائڻ جي سئي ۾ هجي.
    هزارين ورهين کان ايئن ئي ڪندو رهي. تاريخ جو مقتل گاهه سدائين سائو پسجي. چڱائي ۽ برائي وچ ۾ تضاد کي آفاقي سڏجي. کل نايڪ، وليئن جڳ ۾ رهڻو آهي، ايشور فارغ ٿي ڊگهي موڪل تي هجي، ويڙهه، پوءِ، ڇو وڙهجي؟ هسٽري وٽ ان سوال جو ڪهڙو جواب هوندو؟ نراسائي، ائبسرڊٽي، ائبسرڊٽي.
    اک جو بدلو اک- بائبل ٿو چوي. قابيل ڇاڪاڻ بخشيو ويو، پوءِ غيب وارن کي سجدا کپن. اوهان ڀل وقت کي تاراج ڪري ڇڏيو، بيمار انائون ديوتائن جون آهن يا بشر جي نطفي ۾ نقص چئجي- سوال آهن. تاريخ، جواب ڏيڻ جي پابند آهي. مقتل گاهه ۾ خنزير ڊبح ٿيو آهي ته معصوم ڇيلڙي پڻ. تن نسلن جي ڪنڌ تي ڇُڙي گهمي آهي، جيڪي اڃا دنيا ۾ حاضري ڀرائڻ اچڻا آهن. اڏيءَ ڀرسان رکيل ڪات کي ڪڏهن هڪ ڌرم جو پاڻي آيو ته ڪڏهن وري ٻئي جو. ڪڏهن هڪ تصور، نظريي منجهس تکائي آندي آهي ته ڪڏهن ٻي. هسٽري کي ڇا ڪوٺجي؟ ذلت ۽ رتوڇاڻ جو بدبوءِ ڀريل جُبو. آسمان وارن ڏانهن ڪهڙو سنيهو اماڻجي؟ اهو ته پرڀو سو مهربان نه آهي جيئن سندن ڪتاب کيس ٿا سڏين. وحشت جو شڪار انسان آهي ته پرميشور کي هٿ اُڀا ڪرڻ کپن. اختيار ماڻهو وٽ آهي ته الک کي ٿڪاوٽ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي واندو ڪجي. بربادي جا ڪارڻ ڌرتي مان ٿا ڦٽن ته پوءِ مڙني ڌرمن، نظرين کان پاسائتو ٿجي. صليبي جنگين ۾ آخر به ڪهڙو ايشور، ڪهڙي پاسي هئو؟ رتو رت رڳو زمين ڇو ٿئي. هڪ هڪاڻي جو هنڌ ته اڀ کي ئي هئڻ کپي. ديوتائن جا رٿ جت آجپي سان پيا گهمن ۽ بغض پڻ سانڍين. اتهاس آهي يا مسخري جي ڀڳت، زندگي آهي يا باهه جو کورو؟ ترار، ترار آهي. جيڪو پاڻ کي مومن ٿو سڏائي، تنهن جي مياڻ ۾ هجي، يا وري ان شخص جي جنهن کي منهنجو قبيلو حقارت، وچان ڪافر ٿو چوي، مقتل گاهه، مقتل گاهه آهي. حق تي هئڻ جي هام هڻندڙ ٽولي جو سجايل ڪوس گهر هجي يا تن جو، جن کي پاڻ ناحق تي بيٺل هجڻ جي ڦٽڪار بخشيندا رهون. منش کي منش جو رت پيئڻو آهي، ڪڏهن ڪهڙي ڌرم جي نالي ۾ ته ڪڏهن وري ڪنهن اچرج ڏياريندڙ نظرئي، ٿيوري، ازم جي جهنڊي هيٺ.
    ”تاريخ جو مقتل گاهه“ ڪتاب ۾ شامل لکڻيون مٿي ڄاڻايل صورتحال جو اولڙو آهن. تمام ننڍڙو ۽ معمولي، وقت جي نراڙ تي فقط هڪڙي گهاو ڏانهن اشارو ڪندڙ، تريخ پاڻ سموري ڳاڙهي پاڻ وهنتل آهي ۽ دويتائن جي شرارت ڀل هجي، ڦيٽهاڙي جو مکيه محرڪ انسان آهي. بي حس، حيا کان خالي، انسان وحشت جو ڀنڊار، خود پنهنجي تسڪين خاطر ٻئي هم نسل کان جيئندان کسڻ لاءِ آتو، خشڪ اکين سان اُڀ تي وسندڙ ڪنهن پرميشور سان پڻ ٽڪساٽ ڪندڙ، جنهن کي پالڻهار ڪوٺيندو رهيو آهي، ان جو ئي پرپٺ سودو ڪندڙ، فنيڪي، چڱائي جا ڀاشڻ ڏئي، بدي جا آٽا پورا ڪندڙ، سچ جا مهڻا اچاريندڙ پر ڪوڙ جا ڪاروبار ڪندڙ بي شرمائي جي سڪي سان هر رشتي جا بکيا اڊيڙيندڙ، اڄوڪي زماني جي کوڙ ڏاهن ارواحن جي قلم مان نڪتل هي تحريرون مقتل گاهه جي ڍونڍ ڀريل طلسم ۾ پنڊپهڻ ٿيل تاريخ جي ٽٽل عضون ڏانهن هلڪڙو اشارو آهن. جن کي نهايت سلڇڻي، سمجهدار ليکڪ ۽ اڻٿڪ صحافي پياري همسفر گاڏهي مثالي انداز ۾ سنڌي جو ويس ڍڪايو آهي. لکڻين جي چونڊ لاءِ کيس اوس به داد ڏيڻ تي دل ٿي چوي. سچ هو ته اهو تمام گهڻو پڙهندڙ ۽ ذهني پوڙهيو ڪندڙ نوجوان آهي. مون پارن جاهلن ڪاڻ رابرٽ فسڪ کان ويندي ارون ڌتي راءِ تائين ليک ڳولهي، ترجمو ڪري ڇاپيندو رهيو آهي. انهن مان ڪجهه مضمونن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني اٿائين. ان کان اڳ به ڪيترائي بوڪس شايع ٿيل هنس، اميد ته هي ڳٽڪو سنڌي ۾ مطالعو ڪندڙ لاءِ جاري وقت جي تڪرارن ۽ تاريخ جي بي وسي کي پروڙڻ ۾ الاهي مددگار ٿيندو.
    اسان مان هر هڪ ڪڏهن سِر وٺڻ يا پنهنجو ڪنڌ اڏيءَ تي رکڻ جي ڳالهه ڪندو رهندو آهي. تاريخ جي مقتل گاهه کي ٻنهي لحاظن کان سجائڻ ڪيترو جائز عمل آهي. مختلف حصن ۾ احوالي هي ڪتاب تنهن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

    ارشاد ميمڻ
    ڪراچي


    تاريخ جو مقتل گاهه: رابرٽ فسڪ

    پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي دوران انگريز سامراج وچ اوڀر جي وارياسي ميدانن تي ڪوڙيون سچيون لڪيرون ڇڪي نوان ملڪ ۽ علائقا تخليق ڪيا. ملڪي سرحدن ۽ انسانن جي ان غير فطري ورڇ وچ اوڀر کي تاريخ جي اونداهي شمشان گهاٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
    آءٌ اڄڪلهه تاريخ کان پري ڀڄڻ يا ايئن کڻي چئو ته پنهنجن وڏڙن جي فيصلن جي اثر کان بچڻ جي سلسلي ۾ نا اهلي بابت ڪتاب لکي رهيو آهيان.
    منهنجو پيءُ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ شريڪ هڪ سپاهي هو. مون جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ عيوض کيس مليل ميڊل تي اڪريل اکرن ”تهذيب لاءِ وڙهيل عظيم جنگ“ کي پنهنجي ڪتاب جي عنوان طور چونڊيو آهي. بابا پاران وڙهيل جنگ جي پڄاڻي رڳو 17 مهينن جي مختصر عرصي ۾ فاتحن اتر آئرلينڊ، يوگو سلاويا ۽ وچ اوڀر جي وڏي حصي جي نئين سرحدبندي ڪئي ۽ مون پنهنجي سڄي پيشوراڻي ڄمار ۾ ماڻهن کي انهن سرحدن اندر پڄرندي ڏٺو.
    هڪ ڀيري آءٌ برطانيا جي اڳوڻين بيٺڪيتن بابت سيڪريٽري جهوني ميلڪم ميڪڊونلڊ سان ويٺو هئس، ساڻس ٻي مهاڀاري جنگ کان اڳ معاهدي هيٺ آيل سامونڊي بندرگاهه ڊي ويليرا کي واپس ڪرڻ بابت ڪچهري ٿي. اِهي اُهي ئي بندرگاهه هئا جن جي واپسي تي تڏهوڪي دور ۾ ميلڪم کي ونسٽن چرچل جي خونخوار نفرت کي منهن ڏيڻو پيو هو.
    اسان جي اها ڪچهري آخرڪارهن طرفان 1930ع ۾ فلسطين مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪيل ناڪام ڪوشش تي پوري ٿي. ونسٽن چرچل هائوس آف ڪامنس (ايوان نمائندگان) ۾ فلسطين ڏانهن يهودين جي لڏپلاڻ روڪڻ تي پڻ ميڪڊونلڊ تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا. ان حوالي سان ميڪڊونلڊ جيڪي ڪجهه مون کي ٻڌايو ان جا نوٽ اڄ به مون وٽ موجود آهن.
    ”اسان ايوان ۾ انتهائي ڇتو بحث ڪيو، تکن مٺن جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ وري اسان جڏهن ٻاهر لابي ۾ گڏياسين ته چرچل مون تي عربن جي حامي هجڻ جو الزام هنيو، هن چيو ته: ”عرب وحشي ۽ اٺن جي لڏ کائڻ واري قوم هئي.“ هاڻي مون تي واضح ٿي چڪو هو ته ان مهل چرچل جي راءِ مٽائڻ هڪ بيڪار ڪوشش هئي. مون اوچتو کيس ٻڌايو ته ڪاش! مون کي به هڪ پُٽ هجي ها، هن مون کان پڇيو پر ڇو؟ ۽ مون وراڻيو ته آءٌ اڄڪلهه ونسٽن چرچل جو هڪ ڪتاب ”منهنجي شروعاتي زندگي“ پڙهان پيو ۽ منهنجي خواهش هئي ته منهنجو ڪو پٽ اهڙي زندگي گهاري ها، ان پل چرچل جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ مون کي ڳراٽڙي پائيندي چيو ”ميلڪم ميلڪم“ ان جي ٻئي ڏينهن تي مون کي چرچل طرفان پنهنجي صحيح سان موڪليل سندس ڪتاب ”مارل برو جي زندگي“ وصول ٿيو، هن ٻڌايو.
    منهنجو بابا چرچل جو پوڄاري هيو، هميشه دوستن کي ايلاز منٿون ڪندو هو ته چرچل کان ڪتاب تي صحيح وٺرائي ڏيو. ان ڪارڻ ئي اڄ منهنجي لائبريري ۾ ”مارل برو: سندس زندگي ۽ دور“ جهڙو ڪتاب ان عظيم ماڻهو پنهنجي هٿ اکرن سان لکيل ونسٽن ايس چرچل 1948ع“ جي سري هيٺ موجود آهي.
    مان اڄ به وقت بوقت اهو ڪتاب ڪڍي چرچل جي لکيل هٿ اکرن کي ڏسي اهو تصور ڪندو آهيان ته هي اهو شخص هو جنهن اسان جي فوجن کي گيلي پولي اُماڻيو ۽ ايڊولف هٽلر خلاف اڪيلي سر ميدان تي بيهندڙ شخص مائيڪل ڪولنس سان هٿ ملايائين. هٽلر جنهن فلسطين ۾ صيهونيت لاءِ مهم هلائي ۽ شام جي فرانس حوالي ٿيڻ جي عيوض شاهه فيصل کي انعام طور عراق حوالي ڪيو ويو.
    ”1921ع جي شروعاتي ڏهاڙ ن ۾ شاهي حڪومت کي عراق اندر جنهن صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. اها صورتحال انتهائي غير اطمينان بخش هئي.“ چرچل پنهنجي هڪ لکڻي، ”عالمي معاملا: برطانوي راڄ خلاف بغاوت ۽ نتيجا“ ۾ لکي ٿو، چرچل جو دوست گرٽروڊيبل ۽ آءٌ هن موقعي تي ايڇ وي ايف ونسٽن جي لکيل شاندار آتم ڪٿا لاءِ عراق ۾ برطانيا جي سيڪريٽري جو ٿورائتو آهيان. ان چواڻي ساڳي سال ڪوشش اها هئي ته بغداد ۾ برطانوي صلاحڪارن تي ٻڌل عرب حڪومت جو قيام عمل ۾ آڻجي، ته جيئن قابض برطانوي فوجون عراق مان نڪري سگهن.
    مون کي خبر ناهي ته اتحادين وٽ عوامي مئنڊيٽ جو مطالبو ڇا آهي؟ هن لکيو. ”پر آءٌ مڪمل ريت ليگ آف نيشن (گڏيل قومن جو اڳوڻو ادارو) جي احتجاج سان سهمت آهيان هر منصوبو عوام آڏو آندو وڃي. ڪجهه ناراض صوبن ۾ هر ڪوئي اهو چئي رهيو هو ته عوام سني سرڪاري نمائندن کي قبول نه ڪندو پر (عارضي) ڪائونسل وڃي ٿي کين نمائندگي ڏيندي، نيٺ هڪ ڪربلا جي شيعي تعليم جي وزارت قبول ڪئي.“
    بيل، چرچل جي مشهور يا بدنام زمانه، ”قاهره ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن ۾ برطانيا وچ اوڀر جي وڏي حصي جي مستقبل جو تعين ڪيو. ٽي اِي لارنس به انهن مڙني برطانوين سان گڏ هو جيڪي علائقي بابت چڱي ڄاڻ رکندڙ هئا.
    بيل، پنهنجي هڪ دوست کي مسخريءَ واري انداز ۾ لکيو ته ”مان توکي ڪانفرنس بابت ٻڌايان ٿي“ هن لکيو ته ”ڪانفرنس انتهائي زبردست رهي. اسان هڪ سال جو ڪم پندرهن ڏينهن ۾ ڪري ورتو. مسٽر چرچل نهايت قابل تحسين ڪم ڪيو.“
    اها انتهائي عجيب ڳالهه آهي جو برطانوين اهو سمجهيو ٿي ته اهي وچ اوڀر کي چوڏهن ڏهاڙن ۾ ٺيڪ ڪري وٺندا. ان ريت اسان عراق جي سرحدن جو بنياد ۽ ان مستقبل جي پيڙهه جو پٿر رکيو جنهن کي گهڻو پوءِ چرچل ”فلسطين جي موتمار تباهي“ ڪوٺيو. مون کي ميڪڊونلڊ جو انداز بيان هميشه ياد رهندو، 26 ورهيه اڳ سيون اوڪس گهر ۾ ڪچهريءَ دوران هُن مون ڏانهن نهاريندي چيو هو ته ”آءٌ فلسطين ۾ ناڪام ٿيس، ان ناڪامي سبب ئي تون اڄ بيروت ۾ آهين.“
    هو واقعي سچو هيو، اسان جيڪڏهن وچ اوڀر جي مامرن کي درست نموني حل ڪيون ها ته آءٌ پنهنجي زندگي جا پويان 29 ورهيه هڪ جنگ کان ٻي جنگ ڏانهن سفر ڪندي نه گذاريان ها. ان جو ڪارڻ اسان جي اڳواڻن جو ڪوڙ، ٺڳي، فريب ۽ عربن تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيل غير عرب حڪمران آهن، ڪاش! اسان وچ اوڀر جي مسئلن جو درست حل ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيون ها ته گذريل هفتي عراق ۾ ڪينن بگلي جو قتل نه ٿئي ها!
    ڇا اسان فراريت اختيار ڪري سگهون ٿا؟ ڇا ڪنهن ڏينهن اسان اولهه ۽ وچ اوڀر جا ماڻهو چئي سگهنداسين ”ته هاڻي بس! اچو ته گڏجي نئين سر شروعات ڪريون“ مون کي خوف آهي ته ايئن شايد ڪڏهن به نٿي سگهي. اسان جي عربن توڙي يهودين سان بي وفاين ۽ دوکيبازين هڪ اهڙي بيمار ماحول کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو ڪو علاج ناهي نه وري ڪا معافي، شايد ايندڙ نسل به معاف نه ڪن.
    سمجهڻ خاطر اهو مثال وٺون ته 1980ع ۾ اولهه ڪيئن صدام کي ايران تي حملي لاءِ اُڪسايو ۽ ڪيئن اٺن ورهين تائين کيس هٿيارن، جنگي جهازن ۽ جراثيمي هٿيارن لاءِ مدد مهيا ڪئي وئي. ماضي ۾ جهاتي پائيندي ايئن ٿو ڀاسي ته ڪا ٻي کيڏاڙ کيڏي پئي وڃي. صدام کي جنگ ۾ مدد ڪرڻ عراقين جي سمورن نسلن کي وڙهڻ ۽ مرڻ جا گُر سيکارڻ برابر هو.
    ويجهڙ ۾ ئي مون پنهنجي پراڻي آسٽريلوي دوست ٽوني ڪلفٽن سان ڳالهايو. هن ۽ مون 88-1980ع ۾ عراق، ايران جنگ جي ٻنهي پاسن کان گڏجي رپورٽنگ ڪئي هئي. هن مون کي چيو ته ”سوچ ته سهي ته ڪيئن نه لکين عراقين کي ڪنهن وڏي فوج کي منهن ڏيڻ سيکاريو ويو. اهي ڪيئن پنهنجي ٽئنڪن کي ڦيرائي ايرانين کي نشانو بنائيندا هئا، پر هاڻي صدام وڃي چڪو آهي ۽ اهي سڀ فوجي ليفٽنينٽ ۽ ڪرنل پوڙها ٿي چڪا آهن. هاڻي اهي پنهنجون جنگي صلاحيتون بهتر انداز سان آمريڪا خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا. منهنجي خيال ۾ عراق ۾ ڪامياب مزاحمت جو اهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو.“
    مون کي ائين ٿو لڳي ته ڪلفٽن صحيح پئي چيو ۽ ايران سان اٺن سالن جي ڊگهي عراقي ويڙهه جنهن پٺيان اولهه جو هٿ هو. عراق ۾ هن وقت ٿيندڙ خودڪش حملن ۾ سخت مزاحمت جو پڻ ان ويڙهه جي نتيجي ۾ رچي ريٽو ٿيڻ سان گهرو تعلق آهي.
    ۽ آمريڪين کي ڇا آهي؟ مون 1970ع ۾ ويٽنام ۾ ٿيل وحشتناڪ قتل عام بابت سيموئر هرش جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف پڙهيا آهن. جنهن ۾ پڻ ارنيسٽ ميڊنا ۽ وليم ڪيلي جي ظلم ۽ موت جي بي رحماڻي روئي جهڙا منظر هتي به نظر اچن ٿا. جيتوڻيڪ عراق ۾ مووجود آمريڪي فوج انتهائي پروفيشنل آهي. ليڪن جنهن انداز سان معصوم ٻارن ۽ عورتن کي فلوجا ۾ مارڻ، سمارا آپريشن ۾ 120 ماڻهو مارڻ کي ڪيستائين باغين جو قتل چيو ويندو، جيڪو ڪنهن به لحاظ کان سچ نٿو لڳي. اهڙن واقعن مان لڳي ٿو ته آمريڪي فوج به هاڻي هڪ روايت ۽ غير پيشيور فوج وارو ڪردار ادا پئي ڪري. ڇا ويجهڙ ۾ هڪ شادي جي تقريب ۾ ٿيل قتل عام کي به آمريڪا جي دهشتگردي خلاف هڪ ٻي ڪاميابي چئجي؟ ڇاڪاڻ جو هاڻي عراق ۾ صحافين لاءِ سفر ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. ان ڪري هن ڀيانڪ جنگ جو ڪو به آزاد گواهه ڪونهي. رمادي هِله ۽ ٻين شهرن ۾ آمريڪي فوجين طرفان ٿيندڙ خونخوار حملا هلندڙ آهن. اتي وڌيڪ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪا خبر ناهي!
    ٽوني بليئر اڄ به اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته سندس فريبي حملو ڪا غلطي هئي. ايئن ٿو لڳي ته هو اڄ به پنهنجي ”تهذيب لاءِ عظيم جنگ“ واري موقف تي قائم آهي. بلڪل ايئن جيئن منهنجو بابا ڪنهن زماني ۾ سمجهندو هو. هاڻ مون کي اها ڳڻتي آهي ته ان تباهي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي ڪهڙا اثر پوندا ۽ انهن کي پنهنجو پاڻ کان اهو پڇڻو پوندو ته ڇا تاريخ کان فراريت ممڪن آهي.

    ( 15 آڪٽوبر 2004)


    آمريڪا هٿان گهڙيل ۽ تباهه ڪيل آمر: رابرٽ فسڪ

    صدام ڦاهي جي ڦندي تي، اها هڪ آسان ڳالهه هئي، ڇو جو هو ان انجام لائق هو. هو جيڪو بغداد جو بگهڙ، عرفات درياهه جو هٽلر، هُو جنهن هزارين عراقي ڪيميائي هٿيارن رستي مارايا ۽ ها، اسان وارا آقا، بش ۽ بليئر، اسان کي ٻڌائيندا ته صدام جي ڦاهي وارو ڏينهن ڪيڏو نه معتبر ڏينهن آهي ۽ اها اميد رکندا ته دنيا ايتري انڌي آهي جو کين اهو نظر نه ايندو ته صدام جي ڦاهي واري فرمان تي اسان وارن آقائن جي چوڻ تي عراقي حڪومت صحيح ڪئي ۽ا هو ته جنهن ڏهاڙي کيس ڦاهي ڏني وئي سو عيدالاضحيٰ جو ڏهاڙو هو، جيڪو ڏينهن عرب دنيا ۾ قرباني ۽ درگذر جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي. پر تاريخ ساڳي ئي ڏهاڙي تي هڪ ٻيو سوال به اسان کان پڇي رهي هوندي جيڪو اولهه جي دنيا ۾ نٿو پڇيو يا بحث ڪيو وڃي ته: صدام ته خير ڦاهي چڙهيو، ٻين ڏوهارين جو ڇا ٿيو؟ ها سچي، ٽوني بليئر صدام ناهي. اسان پنهنجي دشمنن کي گئس چئمبرز ۾ نه ٿا مارايون. جارج بش به صدام ناهي. هن ايران يا ڪويت تي حملو نه ڪيو. هن صرف عراق تي قبضو ڪيو. عراق ۾ هزارين اولهه جا سپاهي ۽ عراقي شهري موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا، برطانيا، اٽلي، اسپين ۽ آسٽريليا 2003ع ۾ هڪ ڪوڙي عذر هيٺ عراق ۾ جنگ ڪرڻ ويا. يارهن سيپٽمبر جي ڀوائتي واقعي کان پوءِ بدلي جي باهه ۾ اسان هزارين ماڻهن کي ماري ڪٽي لولو لنگڙو ڪري چڪا آهيون. ان کان به مٿي، اسان صدام کان ٻه هٿ اڳتي وڌي ابو غريب جيل ۾ بيوس قيدين تي تشدد جا پهاڙ ڪيرايا ـ پر پوءِ به نرڄائي سان پنهنجي ئي گهڙيل آمر صدام کي ڦاهي جي ڦندي تي جهولندي ڏسي تاڙيون وڄايون پيا. ڪير هو جنهن جي هُشي تي صدام 1980ع ۾ ايران تي حملو ڪيو، جنهنجي نتيجي ۾ 15 لک انسان اجل جو شڪار بڻيا؟ ۽ ڪنهن کيس اهي ڪيميائي هٿيار ڏنا، جن سان هن ايرانين ۽ ڪردن کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو؟ اهو اسان ئي ڪيو! ڪو عجب ناهي ته صدام تي هليل ڪيس، جنهن جو اسڪرپٽ آمريڪين هٿان لکيل هو، جي ڪنهن به موقعي تي ايران ۾ ڪردن مٿان صدام جي ڪيل جنگي ڏوهن جو ذڪر نه آيو جو ان ۾ آمريڪي به برابر جا شريڪ هئا.
    ۽ اسان جيڪي ڏوهه اتي 2003ع کان پوءِ ڪيا انهن جو ذڪر ڇو نه ٿو ٿئي؟ عراق مٿان ڪيرايل بم گولا، فلوجا ۽ نجف جي شهرين جو گهيراءُ ۽ عراق جي خانه جنگي جو ديو بوتل مان ڪڍڻ، انهن سڀني گناهن جو بار ڪنهن مٿي ليکبو؟ صدام جي ڦاهي کان اڳ سندس زال ساجده ۽ ٻار سندس بچڻ جي اميد لاهي ويٺا هئا. صدام اڳي ئي پنهنجي شهادت جي اڳڪٿي ڪري چڪو هو. ”آئون اڃا به عراق جو صدر آهيان ۽ عراق مٿان جان قربان ڪندس.“ جنهن کي به موت جي سزا ملندي آهي ان وٽ آخري ٻه رستا بچندا آهن: يا ته رحم جي اپيل داخل ڪري يا باوقار نموني ڦاهي گهاٽ ڏي وکون کڻي. صدام جڏهن آخري ڀيرو ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ گهڙيو ته سندس مُک مٿان ڦهليل مُرڪ سندس ٻي چونڊ جو ڏس ڏئي رهي هئي.
    مون سالن جا سال صدام جي ڏوهن جي فهرست جوڙي آهي. مون حلبجا شهر جي قتل عام ۾ بچي ويل ڪردن سان ڳالهايو آهي ۽ 1991ع ۾ اسان جي اپيل تي صدام خلاف اٿي کڙو ٿيل شيعه عوام جا انٽرويو ڪيا آهن، جن کي اسان جي دغابازي کان پوءِ صدام ڪتر مشينن ۾ گاهه جيان ڪُتر ڪيو. مون ابو غريب جيل جي ڀوائتين ڪال ڪوٺڙين کي گهمي ڏٺو آهي، جتي منهنجي پير پائڻ کان مهينا پوءِ اسان جي فوج اهي ئي ڪڌا ڪم ڪيا، جيڪي صدام جي فوج اتي قيدين سان ڪيا. مون عراقين کي هِلا جي اجتماعي قبرن مان هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي پيارن جا لاش ڪڍندي ڏٺو، جن ۾ هڪ اهو به لاش هو، جنهن جو آپريشن تازو ئي ٿيو هو ۽ سندس ٻانهن تي اسپتال ۾ چنبڙايل سڃاڻپ جو نشان اڃا تائين لڳل هو. کيس اسپتال مان گهلي آڻي اجتماعي قبر ۾ ماري ڦٽو ڪيو ويو هو. ڊونالڊ رمسفيلڊ جيان مون به صدام جي ٿڌي، ڪٺور هٿ سان هٿ ملايو آهي.
    2003ع جي نومبر مهيني ۾ جڏهن هو گرفتار ٿيو ته آمريڪا مخالف مزاحمت وڌي وئي. هن جي موت کان پوءِ اها ٻيڻي ٿي ويندي. هاڻ عراق ۾ بعث پارٽي شايد ئي اقتدار ۾ واپس اچي ـ ۽ اها ڳالهه بش، بليئر ۽ اسامه بن لادن کي ڏاڍو وڻي هوندي.!

    (15 جنوري 2007)


    بارود جي ڍير تي بيٺل دنيا: نوم چوسڪي

    آگسٽ مهيني ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٿيل بمباري جي ياد ان اميد سان ملهائي وئي ته دنيا ۾ وري اهڙو وحشتناڪ منظر ڪڏهن به نه دهرايو ويندو. 60 ورهيه اڳ جڏهن موتمار بمباري دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو هو، 60 ورهيه گذري وڃڻ کانپوءِ به انسانيت جي تباهي آڻيندڙ هٿيارن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران واڌ اچي رهي آهي.
    اوهان کي ياد ڏياريندو هلجي ته 11 سيپٽمبر 2001ع تي ٿيل تباهي کان اڳ اهو بحث شروع ٿي چڪو هو ته ايٽمي هٿيار اڳي پوءِ دهشتگرد گروپن جي هٿ چڙهي ويندا. ويجهڙ ۾ ئي لنڊن ۾ ٿيل بم ڌماڪا ۽ ان ۾ ٿيل نقصان پڻ دهشت جي جهان جو ڏس ڏين ٿا، جن کي پڻ هيروشيما ۽ ناگاساڪي واقعي سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
    دنيا جي سپر پاور پنهنجي بچاءُ جي نالي ۾ جيڪا جنگ شروع ڪري رکي آهي ان ۾ تباهي لامحدود آهي. انگن اکرن موجب آمريڪي فوجي خرچن ۾ سال 2002ع کان 25 سيڪڙو واڌارو اچي چڪو آهي ۽ ان جا جملي فوجي خرچ سڄي دنيا جو 60 سيڪڙو ٿين ٿا.
    هٿيارن ۽ جوهري توانائي ۾ گهٽتائي آڻڻ جو معاهدو اين پي ٽي (Non Proliferation Treaty) جيڪو 1970 ۾ ٿيو هو، اهو معاهدو پنهنجي آرٽيڪل vi جي ڪري ناڪامي جو شڪار آهي. ڇاڪاڻ جو آمريڪا پاڻ ئي ان جي شق vi کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. حالانڪه ان شق ۾ ميمبر ملڪن کي ايٽمي هٿيار تلف ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو هو. عالمي ايٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA) جي سربراهه محمد البرادي جو چوڻ آهي ته ”ڪنهن هڪ ميمبر ملڪ طرفان معاهدي جي پابندي نه ڪرڻ سبب ٻين ميمبر ملڪن جو به حوصلو وڌندو.“
    اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر NPT جي اڻ اثرائتي ٿيڻ جو ڏوهه آمريڪا تي مڙهيو. اين پي ٽي معاهدي موجب دنيا جي حفاظت جي حوالي سان آمريڪي اڳواڻن لبيا، ايران، اتر ڪوريا ۽ عراق ۾ ان دعويٰ جي پت نه رکي۽ ايٽمي هٿيارن جي تياري جاري رکي ان مذڪوره معاهدي جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا. آمريڪا ايٽمي بلاسٽڪ ميزائل، بنڪر بسٽر ۽ ننڍن بمن جي وڏي پئماني تي تياري سان پنهنجاسڀ واعدا وساري ڇڏيا ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪجهه ملڪن خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي دهرائي وئي آهي، جنهن مان لڳي ايئن پيو ته هڪ ڀيرو وري هيروشيما جو ڪربناڪ منظر دهرائي سگهجي ٿو. آڪٽوبر 1962ع ۾ ڪيوبا ۾ پيدا ٿيل ميزائل جي بحران به انساني تاريخ جي خطرناڪ گهڙي هئي _ تاريخدان ۽ آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جو اڳوڻو صلاحڪار آٿرشلنگر آڪٽوبر 2002ع ۾ هوانا ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ چئي رهيو هو ته ”دنيا موتمار نيوڪليئر هٿيارن جي ڇانوَ ۾ ساهه کڻي رهي آهي_“ ڪينيڊي جي اڳوڻي سيڪريٽري دفاع رابرٽ ميڪن مارا مذڪوره ڪانفرنس ۾ ايٽمي هٿيارن جي تباهڪارين کان دنيا کي خبردار ڪندي چيو ته”آمريڪا جي ايٽمي هٿيارن جي پاليسي غير قانوني ۽ ناجائز آهي، جنهن سان هو پاڻ ۽ ٻيون قومون تباهه ٿي وينديون.“ هن اهو پڻ چيو ته آمريڪي پاليسين سبب دهشگرد ايٽمي حملو به ڪري سگهن ٿا. ميڪن مارا، اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي سيڪريٽري دفاع وليم پيري جي اها ڳالهه به دهرائي ته ”ڏهاڪو کن سالن اندر آمريڪا تي ايٽمي حملي جو خطرو موجود آهي. لڳ ڀڳ اهڙي ئي راءِ ٻيا ماهر به رکن ٿا. ”ايٽمي دهشتگردي“ نالي لکيل ڪتاب ۾ هارورڊ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رليشنز جي ماهر گراهم ايلزيسن لکي ٿو ته ”ڊرٽي بمن سان ته آمريڪا تي ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به حملو ٿي سگهي ٿو. هو وضاحت ڪندي چوي ٿو ته، ”ميزائل توڙي ايٽمي خام مال مان تيار ڪيل هٿيار ڪڏهن به تحفظ مهيا نٿا ڪري سگهن.“ ايلزيسن 1990ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ سينيٽر سام نن ۽ سينيٽر رچرڊ مگ طرفان ايٽمي هٿيارن جي روڪ لاءِ ڪيل ڪوششن جو به جائزو ورتو آهي ته بش انتظاميا طرفان ان کي سبوتاز ڪرڻ جو به ڇيد ڪيو آهي.
    حقيقت ۾ واشنگٽن جي قيادت اين پي ٽي معاهدي کي نظر انداز ڪندي پنهنجون سموريون توانايون ۽ وسيلا دهشتگردي خلاف جنگ جي سلسلي ۾ عراق ۾ لڳائي ڇڏيون آهن. جڏهن ته آمريڪي دهمان ۽ تشدد وارين پاليسين جهادي دهشتگردي کي پڻ هٿي ڏني آهي.
    ”دهشتگردي خلاف جنگ“ ۽ عراق تي حملي جي ٻن ورهين کان پوءِ سوسن بي گليسر واشنگٽن پوسٽ ۾ ان ڳالهه جو تفصيلي جائزو ورتو آهي ته عراق ۾ ورهين کان تربيت ورتل ۽ نئين تيار ٿيندڙ ويڙهاڪ نسل کي ڪيئن منهن ڏجي. هن لکيو آهي ته، ”هاڻي مک آمريڪي عملدار اهو ٿا سمجهن ته هزارن جي تعداد ۾ تربيت يافته عراقي ويڙهاڪن پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن رخ ڪيو آهي، جن ۾ وچ اوڀر ۽ يورپ به اچي وڃن ٿا.“ بش انتظاميا جي هڪ اڳوڻي سينيئر عملدار جو چوڻ هو ته: جيڪڏهن توهان کي اها خبر ناهي ته عراق ۾ ڪير پيا وڙهن، ته پوءِ توهان کين استنبول ۽ لنڊن ۾ ڪيترو ڳوليندا؟
    دهشتگردي بابت هڪ آمريڪي ماهر پيٽر برگن جو چوڻ آهي ته، ”آمريڪي صدر جو اهو چوڻ درست آهي ته عراق دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مک محاذ آهي، پر اهو محاذ به اسان پاڻ ئي ٺاهيو آهي.“
    لنڊن بم ڌماڪن کان پوءِ چيٿم هائوس برٽش فارين افيئرز انسٽيٽيوٽ هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن موجب ”عراق ۽ افغانستان ۾ آمريڪا جو اتحادي هجڻ سبب برطانيا دهشتگردي جي منهن ۾ آهي.“
    عالمي ماهرن موجب فوجي برتري ۽ موتمار ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءُ جي حوالي سان آمريڪا جو بنيادي ڪردار رهيو آهي، برطانيا به سندس اتحادي آهي. هاڻي فوري ضرورت اها آهي ته اهي ٻئي ملڪ موتمار هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ ۾ تڪڙو مثبت ڪردار ادا ڪن.

    (15 سيپٽمبر 2005)
    ليکڪ لسانيات جو ماهر آهي، سندس مضمون سڄي دنيا ۾ نهايت شوق سان پڙهيا وڃن ٿا.


    آمريڪا، ويڳاڻپ جو شڪار: نوم چوسڪي

    اسان هتي ٽن مک مسئلن تي بحث ڪنداسين، جيڪي ويجهي مستقبل ۾ نهايت اهم هوندا. انهن مان ٻن جو تعلق جياپي سان آهي ۽ اهي آهن ايٽمي جنگ ۽ ماحولياتي تباهي. جيتوڻيڪ پهريون خطرو موجود آهي پر اصولي طرح ان کي ٽاري سگهجي ٿو. جنهن لاءِ ان کي سمجهڻ ضروري آهي. جڏهن ته ٻيو مسئلو ڊگهي مدي وارو آهي، جنهن بابت پڻ غير يقيني صورتحال آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي مثبت قدم کڻي سگهجن ٿا.
    ٽئين قسم جو بحران ”عالمي سپر پاور“ سان تعلق رکي ٿو، جنهن جي پاليسين سبب اهي خطرا وڌيا آهن ۽ دهشتگردي جو خطرو اڄ به وڌي پيو، چوٿون مامرو جمهوريت جو فقدان آهي جنهن ڪري عوامي خواهشن ۽ حڪومتي پاليسين وچ ۾ وٿي وڌي رهي آهي، ان جو ڪارڻ جمهوري ادارن جو ناڪام ٿي وڃڻ پڻ آهي. آخري مسئلو وڌيڪ خطرناڪ آهي ڇو ته ان جي ڪري ئي پهرين ٽن بحرانن جنم ورتو آهي. اميد جي ڳڙکي پوءِ به موجود آهي ته انهن معاملن کي ڏکيوئي سهي پر سمجهداري سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.
    ليڪن ڪٿي ڪٿي جمهوريت کي پنهنجي ”پاور“ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي. اها ساڳي صورتحال بش انتظاميا جي منصوبا سازن کي عراق تي حملي وقت پيش آئي. اهي اهو ته چاهين پيا ته عراقي ڀلي آزاد هجن، پر آمريڪي مفاد متاثر ٿيڻ کان سواءِ. اهي اهو به چاهين ٿا ته عراق خودمختيار ۽ جمهوري ملڪ هجي پر محدود دائري اندر. تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ڪيترن ئي ملڪن جي ”جمهوريت“ کي پنهنجي هٿ هيٺ رکڻ لاءِ قتل عام، تشدد ۽ ڪرپشن جو به سهارو وٺندو رهيو آهي. جرمني به جنگ دوران والاريل يورپ ۾ ايئن ڪيو، جيئن جاپان Manchlia ۾ ڪيو. فاشسٽ اٽلي، اترآفريڪا ۾ قتل عام ڪري ساڳيا نتيجا حاصل ڪيا، جنهن هٽلر کي اتساهيو. مثال طور 1929ع کان 1933ع تائين لبيا ۾ نسلي فرق جي بنياد تي وڏي پئماني تي ماڻهن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا. ليڪن عراق ۾ آمريڪا لاءِ اهڙا ڪي مقصد حاصل ڪري سگهڻ نهايت ڏکي ڳالهه آهي.
    اها صورتحال اڃا به خطرناڪ آهي جو واشنگٽن، 1979ع ۾ پنهنجي وفادار اتحادي شاهه ايران جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ لاڳيتو ايران کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. ان سلسلي ۾ ايران وٽ به ڪيترائي آپشن آهن. ايران کي اها به اميد آهي ته يورپ، آمريڪي، اثر مان نڪري ڪو دڳ وٺندو. سليگ هيريسن جو ايراني يورينيم جي افزودگي بابت چوڻ آهي ته ايران ۽ يورپي يونين وچ ۾ ايٽمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ”ڪجهه ڏيڻ وٺڻ“ جي بنياد تي ٿي.
    ايران مستقل طور يورينيم جي افزودگي بند ڪرڻ بدران عارضي طور بند ڪرڻ تي متفق ٿي ويو هو ۽ يورپي يونين طرفان ايران کي موٽ ۾ڪجهه اقصادي فائدا ڏيڻ ۽ تحفظ جي ضمانت بابت سفارشون ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي.
    ”سيڪيورٽي اشوز“ واري ڳالهه کي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان 1981ع ۾ عراق جي اورسيڪ نيوڪليئر ري ايڪٽر تي ٿيل حملي کي ماڊل ڄاڻايو پيو وڃي. اهڙي ئي قسم جي اڳڀرائي جيڪڏهن ايران جي سلسلي ۾ ڪئي وئي ته ان سان تشدد جي اڻکٽ لهر اُڀرندي، جيڪا ڳالهه واشنگٽن به محسوس ڪري ٿو. تهران جي دوري دوران شيعا اڳواڻ مقتدي الصدر چتاءُ ڏيندي چيو ته، ”جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته سندس مليشيا ان جو دفاع ڪندي“ واشنگٽن پوسٽ جي هڪ رپورٽ موجب ”اولهه جي ايران سان ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ عراق جنگ جو ميدان بڻجي ويندو. پوءِ عراقي شيعا مليشيا توڙي آمريڪا جا تربيت يافته عراقي شيعا فوجي ايران سان همدردي ڪندي آمريڪي دستن تي حملو ڪري سگهن ٿا. ڊسمبر 2005ع جي چونڊن کان پوءِ عراق ۾ ”مقتدي الصدر بلاڪ“ وڌيڪ بهترپوزيشن ۾ آهي بلڪه عراق جي اڪيلي سياسي قوت طور سامهون آيو آهي. اهو هن وقت ٻين اسلامي جهادي گروپن جهڙوڪ فلسطين جي حماس جي پاليسين جي پوئواري ڪندي هيٺين سطح تي سماجي ڪم ۽ غريبن جي مدد ڪري پاڻ کي سگهارو بڻائي رهيو آهي.
    آمريڪا طرفان، يورپ کي علائقائي معاملن ۾ ڪو ڪردار ادا نه ڪرڻ ڏيڻ واري ڳالهه نئين ناهي، نه وري ايئن رڳو ايران جي معاملي ۾ آهي. انجي عراق سان ڇڪتاڻ کي به ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ اها دشمني 1990ع کان شروع ٿي. هيريسن ان جي درست وضاحت ڪندي لکي ٿو ته ”هن وقت دنيا انڪري وڌيڪ غير محفوظ آهي جو ڪافي ملڪ NPT واري معاهدي جي پاسداري نه پيا ڪن جن ۾ خود واشنگٽن به ڀڃڪڙي ڪندڙن جي زمري ۾ اچي ٿو.“
    يورپ کي ڇڏي ڪري، باقي چين کي به اهڙن معاملن ۾ آمريڪا طرفان خبردار ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري پڻ مونجهارا وڌيا آهن. ڇاڪاڻ جو چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ اڻٽر آهي ڇو ته چين جا هن وقت اقتصادي ذخيرا لڳ ڀڳ جاپان جيترا آهن، ۽ اهو هڪ وڏي مارڪيٽ طور اڀري پيو. ايران جي تيل جو وڏو مقدار اڳواٽ ئي چين وڃي پيو، جنهن جي موٽ ۾ چين، ايران کي هٿيار مهيا پيو ڪري. آمريڪا لاءِ اها ڳالهه اڃا وڌيڪ پريشاني جو باعث بڻي آهي ته چين ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڊرامائي طور لاڳاپا وڌيا آهن. فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب ”2005ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل هڪ معاهدي موجب چين، سعودي عرب جي فوجي مدد ڪندو ۽ ان لاءِ چين کي گيس ڳولها جا حق حاصل ٿيندا. سعودي عرب اڳواٽ چين جي تيل جي ضرورتن جو 17 سيڪڙو کيس مهيا ڪري رهيو آهي. چيني ۽ سعودي تيل ڪمپنين وچ ۾ هڪ تمام وڏي ريفائنري جي تعمير ڊرلنگ (ايڪسيون موبل ڪمپني) جو معاهدو ٿيو آهي ”جنوري 2000ع ۾ سعودي شاهه عبدالله طرفان بيجنگ جي دوري کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تيل، قدرتي گيس ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌيو آهي. ”وال اسٽريٽ جرنل لکي ٿو.
    ڀارتي تجزئي نگار اعجاز احمد چواڻي ايران ايندڙ ڏهاڪي ۾ هڪ قوت بڻجي اڀرندو، چين ۽ روس جي سهڪاري روئي سبب توانائي جي شعبي ۾ ڪنٽرول حاصل ڪندو. ايئن دنيا ۾ عظيم صنعتي انقلاب اچي سگهي ٿو. ”ڏکڻ ڪوريا، ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ ۽ ممڪن آهي ته جاپان به ان جو حصو بڻجي. ليڪن اتي اهم سوال اهو آهي ته ان حوالي سان ڀارت جو رد عمل ڇا هوندو؟ ڀارت، ايران سان تيل جي پائپ لائين بابت معاهدو ختم ڪرڻ بابت آمريڪي دٻاءُ ته رد ڪري ڇڏيو آهي. باقي هو پاڪستاني بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان ٻڏتر جو شڪار آهي. جڏهن ته پاڪستان، ڀارت جي فيصلي جي قطع نظر اڳ ۾ ئي پائيپ لائين وڇائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. (جيڪو آمريڪي خواهش جي ابتڙ آهي) ٻئي پاسي وري ڀارت انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA) جي فورم تي آمريڪا ۽ يورپي يونين سان گڏ بيٺو آهي، تنهن هوندي به اعجاز احمد موجب ڀارت، ايران طرفان ساڻس 20 بلين ڊالر گيس معاهدي جي منسوخي جي ڌمڪي ملڻ کانپوءِ خفيه طور پنهنجي ان موقف تان اصولي طور دستبردار ٿي چڪو آهي. ان کانپوءِ ئي واشنگٽن طرفان ڀارت کي چتاءُ ڏنو ويو ته ”جيڪڏهن ڀارت گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ايران خلاف ووٽ نه ڏنو ته خود ڀارت سان ٿيل آمريڪي ايٽمي معاهدو ختم ٿي سگهي ٿو“ ڀارت وٽ به ڪيترائي آپشن موجود آهن، اهو ممڪن آهي ته آمريڪا جو ساٿاري بڻجي، اهو به عين ممڪن آهي ته اهو وڌيڪ خودمختيار رهي ايشيائي بلاڪ ۾ شامل ٿي وڃي جيڪو ٺهڻ جي مرحلي ۾ آهي، ان سان سندس وچ اوڀر جي تيل مهيا ڪندڙ ملڪن سان به وڌيڪ بهتر لاڳاپا جڙي سگهندا. ان سلسلي ۾ انگريزي اخبار روزاني ”هندو“ جي ڊپٽي ايڊيٽر جو چوڻ آهي ته ”21 هين صدي، ايشيائي صدي آهي.“ هينئر تائين ايشيائي ملڪ توانائي توڙي ٻين شعبن ۾ خطي کان ٻاهر واجهائيندا رهيا آهن. پرهاڻي ايشيا توانائي جي حوالي سان دنيا جي وڏي مارڪيٽ بڻجڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪنجي چين ۽ ڀارت آهن. ان سلسلي ۾ اهي ڪافي سهڪار پڻ ڪري رهيا آهن. جڏهن ته آمريڪا، ڀارت کي اهڙي قسم جي جڙندڙ ايشيائي بلاڪ کان پري رکڻ لاءِ ايٽمي قوت بڻائڻ وارو سراب پيو ڏيکاري. ماسڪو جي صحافي فريڊ ويئر تازو ئي انڪشاف ڪيو آهي ته ”ترت ئي هڪ علائقائي بلاڪ جو قيام عمل ۾ اچي ويندو جنهن ۾ ڀارت، پاڪستان ۽ ايران نون ميمبرن طور شامل هوندا.“
    حقيقت اها آهي ته يورپ ۽ ايشيا جنهن تيزي سان آزاد ۽ خودمختيار گس ڏانهن وڌي رهيا آهن. ان هڻي ته آمريڪي منصوبه سازن جون متون منجهائي ڇڏيون آهن، ۽ سندن اها پريشاني ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ وڏي پريشاني ليکي پئي وڃي. ”ٽراءِ پولار دنيا“ ۾ يورپ ۽ چين سان برازيل، آفريڪا، ڀارت ۽ ٻين جو سهڪار يقيني طور هڪ وڏي تبديلي ڏانهن وک آهي. جيتوڻيڪ آمريڪي ڳجها ادارا وچ اوڀر جي تيل تي آمريڪي ڪنٽرول بابت هاڻي ته ڳالهه ئي ٻي ٿا ڪن پر حقيقت اها آهي ته وچ اوڀر جي تيل تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ هاڻي سندس وس جي ڳالهه به نه رهي آهي. ڇاڪاڻ جو بش انتظاميا جي پاليسين عالمي طور آمريڪا کي ويڳاڻپ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. انهي حد تائين جو بش انتظاميا ڪئناڊا کي به مايوسي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. واشنگٽن طرفان Nafta کي رد ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ ڪئناڊا ۽ واشنگٽن جا لاڳاپا انتهائي ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا آهن. حالانڪه ان کان اڳ ڪڏهن به ائين نه هئا. جول برنڪلي جي هڪ رپورٽ موجب ”ڪئناڊا هاڻ چين سان بهتر لاڳاپن جي ڪوششن ۾ آهي، سندن ڪجهه عملدارن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته ڪئناڊا پنهنجي تيل بابت ڪاروهنوار آمريڪا بدران چين سان ڪندو.“
    ڪئناڊا جي قدرتي وسيلن جي وزير چواڻي اهي ڪجهه سالن اندر ئي پنهنجي تيل جي پيداوار جو هڪ وڏو حصو آمريڪا کي ڏيڻ بدران چين اماڻيندا. آمريڪا جي توانائي وارين پاليسين تي وڌيڪ هڪ وار اهو به ٿيو آهي جو وينزويلا جيڪو وڏي مقدار ۾ تيل ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ آهي. ان پڻ چين سان ويجها لاڳاپا قائم ڪري ورتا آهن. اهو واحد لاطيني آمريڪي ملڪ آهي جيڪو پنهنجو تيل آمريڪا کي ڏيڻ بدران چين کي وڪرو ڪرڻ جي رٿا بندي ڪري رهيو آهي.
    ان کان سواءِ ڪيويا ۽ وينزويلا وچ ۾ پڻ تمام ويجهڙائپ پيدا ٿي وئي آهي. وينزويلا، ڪيويا کي گهٽ قيمت تي تيل مهيا ڪري ٿو، جنهن جي موٽ ۾ ڪيويا اتي وري تعليم ۽ صحت جا پروگرام شروع ڪيا آهن. ڪيويا، هيلتائين وينزويلا ۾ پنهنجا هزارين ماهر پروفيشنل، استاد ۽ ڊاڪٽر موڪليا آهن، جيڪي اتي ٽين دنيا جي ملڪن وانگر غريب ۽ نظر انداز ٿيل علائقن ۾ خدمت ۾ رڌل آهن. ڪيوبا صحت جي شعبي ۾ خود ڪفيل آهي، انهي حد تائين جو پاڪستان جي اترين علائقن ۾ آيل زلزلي دوران اتي هزار کن ڊاڪٽرن زلزلي سٽيلن جي ڀرپور مددڪئي، جن ۾ عورت عملي جي اڪثريت هئي. ياد رهي ته زلزلي سٽيل علائقن ۾ ويل عملي جا سمورا خرچ وينزويلا ڀريا هئا. ڪيويائي صحت عملي جي اهڙين خدمتن جو پاڪستان جو صدر پرويز مشرف به اعتراف ڪري چڪو آهي.
    واضح رهي ته ڪجهه تجزئي نگار ڪيوبا ۽ وينزويلا کي اهو مشورو ڏئي رهيا آهن ته اهي وڌ ۾ خودمختياري لاءِ لاطيني آمريڪا جو هڪ بلاڪ جوڙين، جڏهن ته وينزويلا اڳواٽ ئي سائوٿ آمريڪن ڪسٽمز يونين Mercosur ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ارجنٽائن ۽ برازيل به شامل آهن. ان حوالي سان وينزويلا جي صدر هيو گو شاويز جو چوڻ هو ته ”انهي تنظيم کي سياسي بڻايو ويندو ان کي رڳو اقتصادي منصوبي تائين محدود نه رکيو ويندو.“
    اهڙي طرح فلسطين ۾ ياسر عرفات جي وفات کان پوءِ ٿيل چونڊن ۾ حماس جو کٽي اچڻ آمريڪي پاليسين خلاف فيصلو آهي، جنهن تي اڃا تائين آمريڪا ۽ اسرائيل ڪاوڙيل آهن. نظر اهو پيو اچي ته آمريڪا پنهنجي پاليسين سبب ويڳاڻپ جو شڪار ٿي رهيو آهي ۽ سندس اتحادي گهٽبا پيا وڃن.

    (15 مئي 2006)


    آمريڪا جڏهن ساڳيو نه رهيو: جمي ڪارٽر

    جمي ڪارٽر آمريڪا جو 39 هون صدر هيو. ويجهڙ ۾ ئي سندس ڪتاب Our Endangered values: America`s crisis شايع ٿيو آهي جنهن ۾ هن آمريڪا جي حقيقي تاريخ جي اپٽار ڪئي آهي.
    گذريل ڪجهه ورهين کان مون کي سخت گير حڪومت طرفان اختيار ڪيل پاليسين بابت ڳڻتي وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو اهڙين پاليسين سبب اڳوڻين ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن حڪومتن طرفان اختيار ڪيل بنيادي اصول پڻ داءُ تي لڳي چڪا آهن. اهڙين ڳالهين ۾ آمريڪا جي امن، اقتصاديات، سماجي انصاف، شهري آزادي لاءِ بنيادي ڪمٽمينٽ اسان جي ماحوليات ۽ انساني حقن جي پاسداري شامل آهي.
    سچ ته اهڙين پاليسين اسان جي شهرين کي درست ڄاڻ مهيا ڪرڻ، پنهنجي مخالف آواز ۽ عقيدي کي عزت ڀرئي انداز سان منهن ڏيڻ، مقامي خود مختياري ۽ اقتصادي ذميواري جهڙن مامرن کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
    ساڳي وقت اسان جي سياسي اڳواڻن عالمي تنظيمن جي حد بندين کان آجي ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته گڏوگڏ عالمي معاهدي تي بيهڻ کان به انڪاري ٿيا. اهڙن معاهدن ۾ نيوڪليئر هٿيارن بابت معاهدا، ڪيميائي هٿيارن تي ڪنٽرول ۽ انصاف جو عالمي نظام قائم ڪرڻ شامل آهن.
    اسان پنهنجي روايتن جي پاسداري ڪندي امن کي قومي اوليت ڏيڻ بدران، پنهنجي سيڪيورٽي کي سڌي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ”اڳرائي واري جنگ“ جي پاليسي اختيار ڪئي. ناپسنديده حڪومتن کي هٽائڻ يا ٻين مقصدن خاطر ٻين قومن تي حملي جو حق استعمال ڪيوسين، جڏهن ٻنهي قومن ۾ شديد اختلاف سامهون آيا تڏهن اسان سندن تي عالمي دهشتگرد جو ٺپو هڻي سندن تڪرار کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ کان انڪار ڪري ٿا ڇڏيون.
    اهو به نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا جي مک سربراهن طرفان هميشه اهي ئي ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ته آمريڪا جو سڄي دنيا تي راڄ قائم ٿئي. انقلابي پاليسين کان انهن ئي منهن موڙيو جيڪي چاهين ٿا ته اسان جي قوم جي سگهه ۽ اثر عالمي طور ڦهليل نه هجي. هن وقت به اسان جا فوجي جٿا ويڙهه ۾ رڌل آهن ۽ آمريڪا کي وڌيڪ دهشتگرد حملن جو پڻ خطرو آهي. اسان جي ان اعلان ”توهان جيڪڏهن اسان سان آهيو ته ٺيڪ نه ته اسان جا دشمن آهيو.“ گڏيل دلچسپي تي مشتمل اتحادن واري ٿيوري جا تاڪ ئي ڪڍي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ به شامل آهي.
    عام طور بحرانن کان هٽي ڪري هاڻي اهو احساس به سامهون آيو آهي ته سمورو بار ٿورن ڪي هيرو نما مردن ۽ عورتن تي وجهي کين عراق ۾ ويڙهه وڙهڻ لاءِ واپس موڪليو ويو آهي. اسان جي قوم قرباني لاءِ ڪجهه به نه چيو هو، پوءِ به هر ڪوشش اتي ٿيندڙ موتن کان عوام کي گهٽ باخبر رکڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي.
    جيتوڻيڪ اسان کي انساني حقن جي چيمپئن طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو. پر ان جي ابتڙ اسان پيٽرياٽ ايڪٽ هيٺ شهري ۽ شخصي آزادين جي سنگين ڀڃڪڙين جا مرتڪب ٿي رهيا آهيون. وڌيڪ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا جتي جنيوا معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيوآهي اتي عراق، افغانستان، گوانٽانامو بي ۾ ٽارچر جو سهاور وٺي رهيو آهي. اهڙائي غير انساني عمل ڳجهي نموني آمريڪا جي آشيرواد سان هلندڙ آمر حڪومتن اندر ٿي رهيا آهن. اهو ڏسي نهايت عجب ٿو لڳي ته هن وقت آمريڪا جو صدر ۽ نائب صدر ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته، ”آمريڪا جي تحويل ۾ آيل ماڻهن تي ظالماڻو، غير انساني ظلم ڪرڻ ۽ سخت سزائون ڏيڻ ۾ سي آءِ اي کي فري هينڊ هجڻ گهرجي.“
    بجاءِ ان جي جو آمريڪا نيوڪليئر هٿيارن تي ڀاڙڻ گهٽائي ۽ ايٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ لاءِ ڪم ڪري. اسان ان جي ابتڙ اهي هٿيار پنهنجو حق (ته پوءِ ٻين کي به حق هجڻ گهرجي) سمجهي وڌائي رهيا آهيون. ايئن ڪري اسان گذريل 50 ورهين کان نيوڪليئر آرمز ڪنٽرول ايگريمينٽ جون پڻ ڌڄيون اڏايون پيا. حقيقت اها آهي ته هن وقت اسان عالمي طور ائٽمي هٿيارن جي ڦهلاءُ جي حوالي سان تمام وڏا ڏوهاري آهيون ۽ اهو آمريڪا ئي آهي جنهن ايٽمي قوت نه رکندڙ قومن خلاف ايٽمي هٿيار پهرين استعمال ڪرڻ واري پابندي جي پاسداري نه ڪئي.
    ماحوليات جي بچاءُ کي پڻ حڪومت پاسيرو رکي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ جو اها تيل جي صنعتڪارن طرفان سياسي دٻاءُ جو شڪار آهي. گذريل پنجن ورهين ۾ داخلي طور تي ماحوليات جو معيار انتهائي گهٽيو آهي. عالمي طور تي به ماحوليات بابت اسان جي پاليسين تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
    اسان جي حڪومت شاهوڪارن جي غير ضروري حمايت ڪري اقتصادي ذميواري کان به لنوائيندي رهي آهي، انهي حد تائين جو آمريڪا جي ورڪنگ ڪٽنبن کي به نظر انداز ڪيو ويو. ڪانگريس جي ميمبرن پنهنجون پگهارون 30000 ڊالر ساليانو وڌايون ۽ ڏهاڙي جي اجرت 5.15 ڊالر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي.
    مون کي ته عبادتگاهن ۽ حڪومت ۾ بنيادي تبديلين اچڻ بابت به ڳڻتي آهي. چرچ ۽ حڪومت اهڙن معاملن ۾ ملوث ٿي ويا آهن جن کي اڳ ۾ انتهائي خراب سمجهيو ويندو هو.
    دنيا جي اڪيلي سپر پاور طور آمريڪا امن، آزادي ۽ انساني حقن جي چئمپين طور ڪا خدمت نه پيو ڪري. اسان جي ملڪ لاءِ مک ايجنڊا اها هجڻ گهرجي ته دنيا کي درپيش خطرن تي ٻيون قومون به اسان سان گڏ هجن. اسان کي هر لحاظ کان دنيا جي ضرورتمند ماڻهن کي مدد مهيا ڪرڻ لاءِ اڳئين مورچي طور ڪم ڪرڻ گهرجي.
    هي وقت آهي ته اسان سياسي ورهاستن کي ڇڏي ڪري آمريڪي ماڻهن کي سندن گڏيل مفادن ۾ هڪ هنڌ گڏ ڪيون ۽ گذريل 230 ورهين ۾ آمريڪا تاريخي ۽ سياسي طور جيڪو حاصل ڪيو ان جي تجديد ڪريون.

    (15 ڊسمبر 2005)


    غريب جو جُهڳو ئي جُهڻ: ارونڌتي راءِ

    ڀارت ۾ وڌندڙ صنعتي گدلاڻ، وڏا ڊيم ۽ ڪچين آبادين جو ترقيءَ جي نالي ۾ خاتمو اڄ جا مُک مسئلا آهن، ناليواري ليکڪا ارونڌتي راءِ غربت بدران غريبن جي خاتمي واري سرڪاري پاليسي جو اُپٽار ڪندي صحافي سيموئن ڊينيئر سان احوال اوري ٿي.
    ڀارت جي نوبل انعام يافته ليکڪا ارونڌتي راءِ چيو آهي ته ڀارت جو اقتصادي اُڀار ماحولياتي تباهي ۽ لکين غريب ماڻهن جي زندگين ۾ ڀونچال جو سبب بڻجي رهيو آهي. ”جيڪڏهن توهان کي اها خبر پئجي وڃي ته ڀارت ۾ ڇاپيو ٿئي ته توهان يقيناً مدد نه ڪري سگهندا، ڇاڪاڻ جو هاڻ ڀارت هڪ اهڙو هنڌ آهي جتي بالي ووڊ ”اِن“ آهي ۽ اسان مان هر ڪنهن وٽ موبائل فون آهي.“ هن هڪ پرڏيهي خابروادار کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو.
    ”پر جيستائين روشني چمڪي رهي آهي تيستائين توهان اونداهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نه ڌريندا“ هن چيو ”هتي ان سلسلي ۾ ڪا به سوچ ويچار ناهي ته هتان جا ماڻهو ندين، جبلن آبپاشي ۽ زير زمين پاڻي جي تباهيءَ جي ڪيتري نه ڳري قيمت چُڪائي رهيا آهن. ان بابت ڪو سوال ناهي، ڇاڪاڻ جو اسان پوئتي پيا وڃون.“
    ”ڀارت چمڪي رهيو آهي“ گذريل چونڊون هارائيندڙ ڀارتيه جنتا پارٽي جو چونڊن دوران اهم نعرو هو، جيڪا پڻ تيزي سان ترقي جا ڏaڪا اُڪرندڙ اقتصاديات کي Capitalise ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ گڏوگڏ ٻهراڙي جي غريب ماڻهن کي اهو باوَر ڪرائڻ ۾ به ناڪام رهي ته ڪو ٿيندڙ اقتصادي سڌارا سندن ڀلي لاءِ آهن.
    ارونڌتي راءِ 1997ع ۾ پنهنجي پهرين ناول ”هيڻن جو الله“ تي ”بوڪر پرائز“ حاصل ڪيو هو. هوءَ ان وقت کان ئي سرگرم ماحولياتي ڪارڪن ۽ وڏن ڊيمن جي سخت مخالف آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.
    هن چواڻي ڀارتي ماحوليات وڏي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. ڇو ته صنعتي گدلاڻ وڏن ڊيمن ۽ خاص طور تي زير زمين پاڻي جو سويابين، پينٽ ۽ ڪمند جو فصل پوکڻ لاءِ حد کان وڌيڪ استعمال نهايت وڏا مسئلا آهن.
    ”جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه ڪندڙن وٽ فقط هڪ دليل آهي. مارڪيٽ جو... پر جڏهن اسان موجود پاڻي جي سلسلي ۾ ماحوليات جو قدر نه ڪنداسين... تڏهن اسان کي وڌيڪ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو“ هن چيو ته ”توهان وٽ هڪ اهڙو نظام هجڻ گهرجي، جتي ماڻهو مختصر پاڻي هجڻ باوجود پنهنجي زنده رهڻ لاءِ جيڪو بهتر سمجهن اهو پوکين.“
    آنڌار پرديش ۽ مهاراشٽرا رياستن ۾ مٿان ايندڙ پاڻي لکين هارين کي ٻوڏن جي ور چاڙهي ڇڏيو. اهي هاري ادا نه ڪيل قرضن جي ٻوجهه هيٺ دٻجي ويا، انهن مان هزارين ماڻهن ته خودڪشيون ڪري ڇڏيون.
    ارونڌتي راءِ چيو ته غريب ”ڪنزيومرازم“ خواب تحت وڪرو ٿي رهيا آهن، جيڪو سندن اقتصادي توڙي ماحولياتي طور مسئلن جو حل نٿو آڻي. ”خيال اهو ڏنو ويو آهي ته هڪ بلين ماڻهن کي ڪنزيومرازم جي ڌاڳي سڳي ۾ آندو وڃي.“ هن چيو، ”ڇا توهان کي موبائل فون جي حاصلات جو خواب ساڀيان ٿيڻ لاءِ مرڻ گهرجي يا توهان کي موجود وسيلن تي ضابطو آڻڻ گهرجي جيڪي توهان کي نسلن تائين ڪم ايندا. پر پو ءِ به ايئن ڇو آهي ته هر ماڻهو جي خواهش آهي ته وٽس موبائل فون هجڻ گهرجي؟
    ڀارت ۾ جڏهن ڪانگريس هٿان بي جي پي جو اقتدار پڄاڻي تي پهتو تڏهن ارونڌتي راءِ اهو چئي ڏنو ته ”ولگر ۽ اُگري بي جي پي جي حڪمراني جو دور نيٺ پڄاڻي تي پهتو.“
    ”پر حقيقت ۾ اقتصادي طور ڇا ٿي رهيو هو، مون قطعي طور اهو نٿي سمجهيو ته ڪجهه به تبديل ٿيو آهي.“ هن چيو، ”اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته چونڊن ۾ ووٽ جو مئنڊيٽ ڏيندڙ لکين ماڻهو نام نهاد نيو لبرل سڌارن خلاف آهن.“ هن ٻڌايو.
    ”پر ان گهڙي جڏهن مينڊيٽ ڪانگريس کي مليو، تڏهن اهو صرف ايئن هيو ڄڻ ڪئميرائون چونڊ مهم کان اسٽاڪ ڏانهن تبديل ٿيون هجن. جتي اسٽاڪ جا پڻ اسٽاڪ ختم ٿي رهيا هئا ۽ ماڻهن کي ٻاهر اهو چوڻ تي مجبور ٿي ڪيو ويو ته اهي اهو چون ته اسان پرائيويٽائيزيشن جي خلاف ناهيون.“
    ويجهڙ ۾ عدالت طرفان ڊيمن اڏڻ ۽ جهوپڙيون ڊاهڻ جي حق ۾ ڏنل فيصلو غريبن مٿان اڃا به وڌيڪ آفت بڻجي ڪڙڪندو. ”اهو انهن ماڻهن لاءِ تمام سڻائو آهي جيڪي طبقاتي طور ڏاڪا چڙهڻ جي سگهه رکن ٿا، يعني وچولو ڪلاس پنهنجو وقت سٺي نموني گذاري سگهي ٿو، پر ٻي ڀر بيٺل غريب لاءِ جياپو نا ممڪن آهي.“ ارونڌتي چيو ”هتي هاڻ ڪي به نوڪريون ناهن، ماڻهو آخر ڪيڏانهن وڃن ان جو ڪو به حل ناهي.“
    هوءَ پنهنجو مؤقف ورجائي ٿي.

    ( 15 جولاءِ 2005)


    پاڪستاني فوج جا مختلف دور: اسٽيفن فلپ ڪوهن

    اسٽيفن ڪوهن بروڪنگس انسٽيٽيوٽ جي پرڏيهي پاليسي اسٽڊي پروگرام جو فيلو هجڻ سان گڏ ٻن انگريزي ڪتابن India Emerging Power ۽ The Pakistan Army جو ليکڪ پڻ آهي. ڪالم ۾ شامل خيال سندس تازي آيل ڪتاب The Idea of Pakistan جو حصو آهن.
    پاڪستان ۾ هر سال 12 کان 22 ورهين جي وچ ۾ 320 نوجوانن کي ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ داخلا نصيب ٿئي ٿي. اهي نوجوان گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار داخلا جي خواهشمند اميدوارن مان چونڊجي ڪيڊٽ بڻجن ٿا. چونڊ جا ڪيترائي مرحلا هوندا آهن. شروعاتي طور انٽرويو ۽ لکت جي ٽيسٽ ۾ 7 هزار اميدوار شامل هجن ٿا. جن کان سروسز سليڪشن بورڊ ميڊيڪل ٽن ڏينهن جي لڳاتار جاچ پڙتال ۽ انٽرويو جا ٻيا لوازمات پورا ڪرڻ کان پوءِ ڪامياب اميدوارن کي ڪيڊٽ جو درجو ڏنو وڃي ٿو.
    1979ع ڌاري پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪيڊٽ طور داخل ٿيندڙ 350 ڄڻن مان فقط 275 گريجوئيشن ڪري سگهيا. اهي جيڪي اڃا تائين رٽائر ناهن ٿيا ۽ پاڪستان آرمي جي 900 برگيڊيئرن ۽ ڪرنلن جي لسٽ ۾ شامل آهن. انهن مان ويهه کن ميجر جنرل طور ويڙهاڪ فورس جو حصو بڻيا، 20 کن فني شعبي ۾ ميجر جنرل ٿيا ۽ انهن مان ئي ويهه کن اهڙا هوندا جن کي ٽي ستارا لڳندا ۽ پوءِ اهي ليفٽنينٽ جنرل بڻجي پاڪستان جي نائين ڪور ڪمانڊر ونگ يا سينيئر اسٽاف ميمبر بڻجي سگهندا.
    لساني ۽ نسلي پسمنظر جي اعتبار کان 1979ع ڪيڊر ۾ 70 سيڪڙو پنجابي، 14 سيڪڙو سرحد جا پٺاڻ، سنڌي 9 سيڪڙو، بلوچستان 3 سيڪڙو ۽ آزاد ڪشمير جو حصو 1.3 سيڪڙو آهي. انهن ۾ تمام ٿورو انگ انهن ”مهاجرن“ جو آهي جن جا ابا ڏاڏا ڀارت مان لڏي پاڪستان آيا، اهڙن اردو ڳالهائيندڙن ۾ جنرل پرويز مشرف به شامل آهي. ننڍن ۽ غريب صوبن ۽ ضلعن جي ماڻهن طرفان فوج طرف رخ ڪرڻ باوجود ورهين کان موجود شرح ۾ ڪابه تبديلي ناهي اچي سگهي. فوج ۾ پنجابين جي اڪثريت صوبي جي وڏي آبادي، فوجي روايتن ۽ بهتر تعليمي معيار جي نشاندهي ڪري ٿي.
    پاڪستان جي فوجي نظام ۾ داخل ٿيڻ جي واحد ”انٽري پوائنٽ“ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ئي آهي هڪ دور جي نسل جي گڏيل سوچ ۽ فڪر ملٽري اڪيڊمي جي نصاب مان ئي جڙي ٿي، جنهن ۾ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ (برگيڊيئرن لاءِ) نيشنل ڊفينس ڪاليج اسلام آباد پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي ادارا کين جهڙوڪ اهڙي ”عينڪ“ مهيا ڪن ٿا جنهن سان اهي سياست، پاڙيسرين، جنگي مامرن، بلڪه پاڪستان جي مستقبل کي به اُن نظر سان ڏسندا آهن. جڏهن ته انهن آفيسرن جو سماجي ۽ طبقاتي پسمنظر، لساني لاڳاپو ۽ نظرياتي بنياد گڏجي اهڙو نقطئه نظر جوڙين ٿا جيڪو خود فوج جي مفادن جو نگهبان هجي ٿو.
    ڪي واقعا پڻ فوجي آفيسرن کي جذباتي ڪرڻ ۾ اهم ڪرادر ادا ڪندا آهن، جيئن 1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ 1971ع ۾ ڀارت طرفان پاڪستان کي جنگ ۾ شڪست وارن واقعن گهٽ ۾ گهٽ فوجي آفيسرن جي ٻن نسلن تي گهرا اثر مرتب ڪيا. انهن ٻن واقعن جا ”سبق“ وري آرمي اسڪولن، ڪلبن ۽ آفيسرن جي ميسن ذريعي نون آفيسرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته برگيڊيئرز جي هاڻوڪي ڪور کي پنهنجا حاصل ڪيل تجربا آهن. انهن مان ڪجهه ته ”ڪار گل مني وار“ ۾ شامل ۽ 02-2001ع دوران ڏهن مهينن تائين ڀارت سان مد مقابل رهيا. انهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي هڪ ڳجهي اداري پاران افغانستان ۽ ڪشمير ۾ پڻ ڪم سرانجام ڏئي چڪا آهن. انهن مان اڪثر 1989ع کان 1999ع تائين جڏي جمهوريت جا اکين ڏٺا شاهد آهن ۽ ان ماڻهو جا پڻ گواهه آهن جنهن کي انهن 12 آڪٽوبر 1999ع تي وزير اعظم نواز شريف کي هٽائڻ وقت ڏٺو.

    برطانوي نسل:
    لڳ ڀڳ پاڪستاني فوج جي ٽن گروپن برٽش انڊين آرمي ۾ پروفيشنل ٽريننگ حاصل ڪئي، ورهاڱي تائين گڏ ڪم به ڪيو. اهي ڊگهي عرصي تائين برطانوي نسل سان گڏ رهيا ۽ ورهاڱي تائين گڏ ڪم به ڪيو. انهن مان ڪجهه فوج ۾ امن جي وقت داخل ٿيا ۽ سينڊهرسٽ (برطانيا) يا وري (1932) کان پوءِ انڊين ملٽري اڪيڊمي ديرادون ۾ رهيا. ايوب خان جو تعلق اڳئين گروپ سان هو. جڏهن ته سندس دوست ۽ پاڪستان جو چيف آف آرمي رهندڙ محمد موسيٰ جو تعلق پوئين گروپ سان هو. هڪ راءِ اها رهي آهي ته سينڊهرسٽ جا تيار ڪيل آفيسر ڀلوڙ سپاهي هئا ۽ انڊين ملٽري اڪيڊمي جا تيار ڪيل آفيسر سٺا پڙهيل لکيل ۽ وڌيڪ پروفيشنل ثابت ٿيا.
    جنگ کان اڳ توڙي جنگ جي دور جا اڪثر آفيسر رٽائر ٿي چڪا آهن. بس ان نسل سان لاڳاپيل چند ماڻهو ليفٽنينٽ جنرل يعقوب خان سميت اسٽيبلشمينٽ توڙي صلاحڪاري جي اهم عهدن تي رهيا آهن. آفيسرن جي انهي نسل پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيا، ڇو ته اهي پاڪستان آرمي جو ڪردار ٺاهڻ ۽ نون آفيسرن کي رهنمائي ڪرڻ توڙي مک ٽريننگون ڏيڻ ۽ تعليمي سهوليتون مهيا ڪرڻ جي حوالي سان انتها درجي جا ذميوار هئا.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته پاڪستاني فوج پراڻي انڊين آرمي جو بنيادي ڍانچو Adopt ڪيو آهي ۽ پاڪستاني فوجي آفيسرن جي اڪثريت اڃا تائين برطانوي فوجين کي پنهنجو پروفيشنل رول ماڊل سمجهي ٿي. جيئن ته ان وقت ڪمانڊر ان چيف توڙي ٻين اهم عهدن تي ڪو به پڙهيل لکيل مسلمان آفيسر موجود نه هيو ان ڪري انهن عهدن تي انگريز عملدار مقرر ڪيا ويا جن کين مختلف ادارن ۾ اهم ٽريننگون پڻ ڪرايون. اهڙن ادارن ۾ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا تڏهن به موجود هو. ملٽري اڪيڊمي بعد ۾ جوڙي وئي جنهن جي بنيادي ڍانچي لاءِ پاڪستان ڪيترن ئي پرڏيهي ملڪن خاص طور آمريڪا کان به مدد حاصل ڪئي هئي.
    جناح فوجي مامرن جو گهٽ خيال رکندو هو، هن پاڪستان آرمي جي پهرئين ڪمانڊر ان چيف سر ڊوگلس گريسي کي صاف صاف چئي ڇڏيو هو ته ”سڀ معاملا لياقت علي خان سان گڏجي هلائي“ جيئن ته پهريان ٻئي آرمي چيف انگريز هئا ان ڪري پاڪستان آرمي جي ”اسلامي فوج“ ۾ تبديل ٿيڻ بابت ڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه نه هئي. باوجود ان جي ڪجهه نوجوان آرمي آفيسرن ”لبريشن آرمي“ جو نعرو هنيو. اهي سڀاش چندر بوس جي انڊين نيشنل آرمي کان متاثر هئا ۽ ان کي ئي رول ماڊل ٿي سمجهيائون، ايئن بغاوت منهن ڪڍيو ۽ انهن آفيسرن تي 1951ع ۾ روالپنڊي بغاوت ڪيس قائم ٿيو. انهي واقعي پڻ آرمي ۾ انقلابي خيالن کي هٿي ڏني. اهو ئي وقت هو جڏهن ڪجهه حلقن پنهنجن مفادن جي پورائي خاطر فوج ۾ اسلامي ٿيوريز ۽ نظرين کي داخل ڪيو. ايئن پاڪستان آرمي سان گڏ ڪم ڪندڙ برطانوي صلاحڪارن (۽ تڏهن آمريڪين) کي ڏاڍي مايوسي کي منهن ڏيڻو پيو.

    آمريڪي نسل:
    1955ع ۾ جڏهن پاڪستان بغداد ٺاهه (بعد ۾ سيٽو) جو حصو بڻيو، ايران، ترڪي ۽ آمريڪا سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيائين. تڏهن پاڪستان آرمي آفيسرن جو هڪ نئون نسل اُڀري سامهون آيو، جنهن کي ٽن ڳالهين جي ڪري ”آمريڪن نسل“ چئي سگهجي ٿو.
    هڪ اها ته انهن جا مُک آمريڪي ملٽري جي آڏو بلڪل ظاهر ٿي بيٺا، انهن مان ڪيترن ئي آمريڪا ۾ يا آمريڪين کان سکيا ورتي، جڏهن ته ان کان اڳ سندن اڳوڻن آفيسرن گهڻي ڀاڱي برطانيا طرفان ڀارت يا پاڪستان ۾ سکيا حاصل ڪئي هئي. فوج جي آمريڪي سکيا ان جي سموري ڍانچي جي تبديلي هئي، جنهن لاءِ هٿياربند برگيڊ گروپ ۽ ٻن ڪورز لاءِ پڻ مدد حاصل ڪئي وئي.
    آمريڪا جي پاڪستان سان لاڳيتن لاڳاپن جاري رهڻ، ڇڊي ٿيڻ ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ پڻ پاڪستان آرمي جي آفيسرن تي وڏا اثر مرتب ڪيا، کين پنهنجي دشمنن بابت ڪو شڪ نه رهيو بلڪه دوستن بابت به گهٽ پڪ رهي . اهي حقيقت ۾ آمريڪين سان اتحاد جي ڏکيائين کي سمجهن پيا، باوجود ان جي گهڻن لاءِ ان ملڪ لاءِ ڇڪ رهي جيڪو سندن گهڻن پروفيشنل معاملن ۾ شامل رهيو هو. جيتوڻيڪ پاڪستان جا فوجي، آفيسر هن وقت به ملٽري اسڪول ۾ آمريڪين جي ”تاريخي دوستي“ جا مثال ڏين ٿا پر جڏهن معاملو پاڪستان جي نيوڪليئر پروگرام ۽ اتر ڪوريا سان ان سلسلي ۾ تعلق ۽ طالبان جو اچي ٿو تڏهن سندن رويو بدلجي وڃي ٿو.

    (15 جنوري 2005)


    اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾جنگبندي گهڻا ڏينهن هلندي؟ : رابرٽ فسڪ

    دنيا ممڪن آهي اهو سمجهي ۽ اسرائيل به ته“ گڏيل قومن طرفان ڪرايل جنگبندي هڪ پڄاڻي جي شروعات هجي، ڇو ته ويجهڙ ۾ لبنان تي مڙهيل بدتر جنگ ۾ هڪ هزار لبناني شهري ۽ 30 کان وڌيڪ اسرائيلي شهري موت جو بک بڻيا، پر حقيقت ان کان مختلف آهي. اسرائيلي فوج جنهن حزب الله سان گذريل 24 ڪلاڪ چڪريون کاڌيون، بوکلائجي وئي آهي. هاڻي اها تاريخ جي سخت ترين گوريلا جنگ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ هي هڪ اهڙي جنگ آهي جيڪا ممڪن آهي اهي هارائين.
    اسرائيل طرفان لبنان تي حملي جي جواب ۾ حزب الله گوريلن وڙهندي گهٽ ۾ گهٽ 39، جيڪو انگ امڪاني طرح 43 آهي، اسرائيلي سپاهي ماريا. اسرائيلي فوجي اختياريون ان راءِ جون آهن ته اهي لطاني ندي جي ڏاکڻي حصي ۾ پنهنجي سپاهين جي ڪيل آپريشن جي ”صفائي“ پيا ڪن. ان مان اهو ٿو نظر اچي ته اها حزب الله ئي آهي جنهن کين اهڙي ”صفائي“ تي مجبور ڪيو. گذريل رات اسرائيلي ٻيو ته ٺهيو ڇنڇر رات لبناني وادي ۾ نشانو بڻائي ڪيرايل هيليڪاپٽر جو ڍانچو به هٿ نه ڪري سگهيا.
    جيتوڻيڪ اسرائيل هاڻي گڏيل قومن جي جنگبندي قبول ڪري ورتي آهي. جنهن ذريعي اسرائيل طرفان لبنان خلاف فوجي ڪاررواين ۽ حزب الله جي حملن روڪڻ جو چيو ويو آهي. حزب الله چواڻي اهي جنگبندي کي ته قبول ڪندا بشرطيڪ ڪو به اسرائيلي فوجي جٿو لبنان ۾ باقي نه رهي. ليڪن هيلتائين 10 هزار اسرائيلي فوجي جٿا لبنان ۾ ترسيل آهن، جن مان هر سپاهي حزب الله جي ٽارگيٽ تي آهي.
    حزب الله جا سمورا آپريشن حمله آور فورس خلاف هوندا، ۽ اسرائيلي روزانو 40 ماڻهن جي موت جو کاڄ ٿيڻ جو نقصان برداشت نه ڪري سگهندا. اسرائيل جي ايف 16 ويڙهاڪ جهازن کي نشانو نه بڻائي سگهندڙ حزب الله ورهين کان انهيءَ گهڙي جو انتظار ڪيو جڏهن اها اسرائيلي فوج سان دوبدو زميني مقابلو ڪري سگهي.
    هاڻي انهن وٽ وقت آهي ۽ اهي آپريشن بابت پنهنجي ڊگهي رٿا بندي ڪري سگهندا. حزب الله جا هزارين هٿياربند ڪارڪن اڄ به ڏکڻ لبنان جي کنڊر بڻجي ويل ڳوٺن ۾ موجود آهن ۽ جنگبندي جي پهل کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ حزب الله جي سربراهه سيد حسن نصرالله اسرائيل کي چتاءُ ڏنو ته سندس گوريلا لطاني ندي ڪناري اسرائيلين جو بي چيني سان انتظار پيا ڪن. اهو نه وسارڻ گهرجي ته حزب الله، اسرائيلي فوجين کي Trap ڪري 20 اسرائيل سپاهي فقط ٽن ڪلاڪن ۾ پڻ ماري چڪي آهي.
    واشنگٽن ۽ نيويارڪ مان مليل رپورٽن موجب، اسرائيل لبنان خلاف پنهنجي هاڻوڪي مهم جوئي جي رٿا بندي گهڻو اڳ ڪئي هئي، پر اسرائيلين کي حزب الله گوريلن جي آپريشنل پلان جي سڌ نه هئي، جنهن تحت انهن اسرائيلي فوج کي هوائي حملن کان زميني حملن ذريعي لبنان ۾ ٻيهر داخل ڪري ساڻن برابري جي بنياد تي وڙهڻ ٿي گهريو.
    ڇنڇر ڏهاڙي حزب الله جي ميزائل حملن اسرائيلي فوجي جٿن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ سندن طرفان اسرائيلي هيليڪاپٽر کي نشانو بڻائڻ، سندن اسرائيل خلاف ڊگهي جنگ جي نشاندهي لاءِ ڪافي آهي.
    هن وقت امدادي جٿا، هزارين لبنان واسين سميت ڏکڻ لبنان ڏانهن وڃڻ جي قابل آهن، محصور بڻيل ماڻهن جي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن واپسي ٿي آهي، پر اها ڪنهن کي به خبر ناهي ته حزب الله ڪيترا ڏينهن انتظار ڪندي. اهي اسرائيلين وانگر ٿڪل آهن ۽ تباهه ٿيل شهرين جي مدد به چاهين ٿا.
    ظلم ۽ بربريت لبنان ۾ اڃا به جار ي آهي، ويجهڙ ۾ ئي هڪ ڪارن جي قافلي تي حملو ڪيو ويو، جيڪي 600 عيسائي ڪٽنبن کي ڏاکڻي شهر ماريئون کڻي وڃي رهيون هيون. ان قافلي جي اڳواڻي لبناني آرمي ڪري رهي هئي. انهن تي اسرائيلي جنگي جهاز حملو ڪيو، جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا، جنهن ۾ شهر جي ميئر جي زال به شامل آهي. هن جي ڪار تي هڪ ميزائل اچي ڪريو، جنهن جو هوءَ نشانو بڻي. ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي جو اولهه بيروت ۾ اسرائيلي ايئر فورس اٺ اپارٽيمينٽس وارو بلاڪ تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڇهه ڪٽنب رهائش پذير هئا، جڏهن ته 12 شهري ڏکڻ لبنان ۾ موت جو کاڄ ٿيا، جن ۾ هڪ ماءُ، سندس ٻارڙو ۽ سندن گهريلو ملازم شامل آهن.
    حزب الله پاران قطوشه ۾ سرحد تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اسرائيلي مارجي ويو، حزب الله گوريلا، جيڪي آمريڪين ۽ اسرائيلين لاءِ ”دهشتگرد“ آهن باقي سڄي مسلم دنيا لاءِ هيرو. انهن کي پنهنجن مارجي ويل ماڻهن جو بدلو کپي، ۽ سندن قيادت به اکيون پوري خاموش رهڻ بدران اسرائيلي فوج کي نشانو بڻائڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکي ٿي.
    وچ اوڀر جي تاريخ جي اهڙي خونخوار موڙ تي ڪير به علائقي ۾ انهي اهم گهڙي بابت غلط اندازو نه هڻڻ چاهيندو. اسرائيلي فوج، پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته حزب الله لبنان جو ڀرپور دفاع ڪيو.
    پر جيڪڏهن جنگبندي برقرار نٿي رهي جنهن جا گهڻا امڪان موجود آهن ته پوءِ آمريڪا، توڙي اسرائيل کي خطرناڪ نتيجن کان ڀڄڻ جو ڪو به گس نه هوندو. آمريڪا هاڻوڪي جنگ کي حزب الله جي حامين ايران ۽ شام واري پسمنظر ۾ ڏٺو پر راند اڳ ۾ ئي الٽجي چڪي آهي. اسرائيلي فوج رڳو پلين ، پاور اسٽيشنس، گئس اسٽيشنن ۽ رهائشي اپارٽمينٽس کي نشانو بڻائڻ ۾ ماهر رهي، باقي جن کي اهي ”دهشتگرد“ چون ٿا، انهن کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
    ”لبناني حڪومت اسان سان جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي سلسلي ۾ هر طرح ٻڌل رهندي.“ ڇنڇر ڏينهن اسرائيلي وزيراعظم ايهود اولمرٽ عارضي جنگبندي برقرار نه رهي سگهڻ واري ڳالهه محسوس ڪندي چئي ڏنو. يقيني طرح جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته ان سان اسرائيل کي لبنان جي شهرين تي هڪ ٻئي حملي جو بهانو ملي ويندو. سڀ کان وڌيڪ خطري واري ڳالهه، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جا مبهم شرط آهن، جن مان هڪ اهو ته گهڻ قومي فورس اسرائيلي سرحد ۽ لطاني ندي جي وچ واري علائقي جو ڪنٽرول سنڀاليندو.
    جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه هفتن دوران اسرائيل ۽ حزب الله وري ڏکڻ لبنان ۾ جنگ ۾ جنبي وڃن ٿا، ته پوءِ ڪهڙو ملڪ ڏکڻ لبنان جي ان جنگاڻ ۾ پنهنجا فوجي جٿا موڪلڻ جي جرئت ڪندو.؟

    (13 آگسٽ 2006)


    امن جي چاٻي شام وٽ آهي: رابرٽ فسڪ

    ”شام جي ماءُ اڃا مئي ڪانهي.“ اِهو اُهو ڀوائتو نياپو هو جيڪو دمشق تنهن ڏينهن دنيا کي ڏنو جڏهن سندس اتحادي، حزب الله ڏکڻ لبنان جي سرحد، جنهن کي گڏيل قومن جي بليو لائين سڏين ٿا، عبور ڪري ٽي اسرائيلي فوجي ماريا، ٻه ڄڻا زنده پڪڙي کڻي ويا. حزب الله اُنهن ٻن اسرائيلي فوجين جي آزادي عيوض اسرائيل جي جيل ۾ قيد لبنانين جي آزاديءَ جي گهر ڪئي آهي. ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ لبنان، جنهن مان شامي فوجين جي واپسيءَ کان پوءِ لبنانين سُک جو ساهه اڃا مس کنيو هو ته سندن جان هاڻ جنگين مان ڇٽي، سو هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جي باهه ۾ پڄري رهيو آهي . اسرائيل بيوس لبناني حڪومت کي حزب الله جي ڪارروائي جو ذميوار ڪوٺيو ڄڻ ته لبناني حڪومت ايترو طاقتور ٿي چُڪي هُئي جو اُها حزب الله تي ضابطو رکي سگهي ۽ شام دنيا کي اهو ئي ٻڌائڻ چاهيو پئي ته لبناني حڪومت ۾ ڪو به حال ڪونهي. توڙي جو لبناني وزير اعظم، فواد سينوريا کي اها خوشفهمي ته هُو لبنان هلائي رهيو آهي پر حقيقت اها ئي آهي ته شامي صدر بشار الاسد ئي لبنان، جنهن مُلڪ ۾ 15 سالن جي گهرو ويڙهه ۾ ڏيڍ لک انسان قتل ٿيا، کي اُٿاري ويهاري سگهي ٿو.
    هن جنگ ۾ هڪ ڳالهه جي شام کي صفا پڪ آهي ته اسرئيل جي سمورين ڀڀڪين جي باوجود اسرائيل کي نيٺ حزب الله جي مطالبن آڏو گوڏا کوڙڻا پوندا. اُن کان پوءِ عالمي چار چڱا گڏ ٿيندا ۽ لبناني گاديءَ واري هنڌ تي گڏ ٿيندا ۽ شام کي امن ڪرائڻ لاءِ مدد جي اپيل ڪندا. منهنجي خيال ۾ هن ويڙهه جي رٿا ايئن ئي آهي پر سوال اهو ئي آهي ته ڇا ايئن ٿيندو؟
    لبنان اڃا مس مس جنگين کان ساهي پٽي آهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو آهي، ۽ اها پاڻ ڀرائپ ئي اسرائيل جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي ٿي، جڏهن ته حزب الله اسرائيل کي وڌ مان وڌ نقصان رسائڻ جي ڪوششن ۾ آهي ۽ مسئلو اُن ۾ ئي لڪل آهي ته، اسرائيل حزب الله کي قابو ۾ رکڻ لاءِ لبنان ۾ فوجون موڪليندو، جيئن جيئن اسرائيل لبنان ۾ مداخلت وڌائيندو تيئن تيئن اهو وڌيڪ ڌُٻڻ ۾ ڦاسندو ويندو.
    حزب الله پاران گڏيل قومن جي مقرر ڪيل سرحد، Blue line کي پار ڪري اسرائيل ۾ داخل ٿيڻ يقيناً غلط قدم هو، جنهن جو جواب اسرائيل لبنان تي هوائي ۽ آرٽلري بمباري ڪرڻ سان ڏئي رهيو آهي. اها به ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ته جڏهن اسرائيل مشتعل ٿي لبناني سرحد تي حملو ڪيو ته بيروت ۾ حزب الله جي حامين اُن حملي جي ”خوشي“ ۾ جلوس ڪڍيا ته چڱو ٿيو جو جهيڙو متو! لبنان جون عيسائي جماعتون، شيعا حزب الله جي ڪاررواين تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪن ٿيون پر سندن حزب الله تي وس نه ٿو هلي.
    لبنان تي اسرائيلي جهاز بمن جو مينهن وسائي رهيا آهن پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا شام به نشاني تي ايندو؟ شايد ايئن ڪرڻ سان جنگ جي باهه سڄي خطي ۾ پکڙجي وڃي. لڳي ايئن ئي ٿو ته اسرائيل کي نيٺ حزب الله سان قيدين جي مٽاسٽا ڪرڻي پوندي. مثال طور جنوري 2004ع تي اسرائيل 436 عرب قيدي آزاد ڪيا ۽ 59 لبنانين جا مڙهه شانائتي آخري رسمن لاءِ موٽائي ڏنا ۽ عيوض ۾ حزب الله ٽن اسرائيلي سپاهين عيوض 1150 لبناني ۽ فلسطيني قيدي آزاد ڪرايا. سو، حزب الله کي به خبر آهي ته اسرائيل کي به ته خبر پوي ته هي بي رحم راند کيڏي ڪيئن ويندي آهي؟ اهم سوال اهو آهي ته، ”قيدين جي تبديلي“ ٿيڻ تائين گهڻا ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چُڪا هوندا؟“ ٻي ڳالهه اها به آهي ته اسرائيل هاڻ روايتي قومپرست گوريلا تنظيمن بدران بنياد پرست گوريلا تنظيمن، حزب الله، حماس سان رابطن جي ترديد ڪري ٿو. اُن ڳالهه ۾ وزن ٿي سگهي ٿو پر حزب الله جنهن ريت اسرائيل کي هنڌائتو ڌڪ هڻڻ لاءِ اهڙي وقت جي چونڊ ڪئي آهي جڏهن حماس جمهوري طريقي سان چونڊون کٽڻ کان پوءِ اسرائيل جي اقتصادي ناڪابندي هيٺ آهي ۽ غزه جي زمين تي اسرائيلي ٽينڪون گهمن پيون، سو کڻي هن ڀيري حزب الله اسرائيل تي حملي جي اڳرائي ڪئي هُجي پر همدرديون حزب الله سان رهنديون.
    ٻي ڳالهه ته اڳ جڏهن به اهڙو جهيڙو مچندو هو ته تڏهن حافظ الاسد جيئرو هوندو هو جيڪو ڳالهه ٺاهي وٺندو هو، هاڻ سندس گاديءَ تي سندس پُٽ، بشار الاسد ويٺو آهي جيڪو پيءُ جيترو برجستو سياستدان ناهي. هاڻي ڏسون ته اُٺ ڪهڙي پاسي ويهي ٿو؟

    (16 جولاءِ 2006)


    مصر هڪ ٻي آمريت ۽ انارڪي جي ور چڙهي ويندو؟ : نيوز ويڪ

    مصر جي جڳ مشهور بلاگرس مان هڪ عبدالفاتح کي جيل ۾ پنهنجا ڏينهن گذاريندي نهايت ڀوائتي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. فرض ڪريو جيڪڏهن 78 ساله مصري صدر اوچتو مري ٿو پوي،جنهن سان هو شديد نفرت به ڪري ٿو ته پوءِ هن جو ڇا ٿيندو؟ ”مون کي پڪ آهي ته لکين ماڻهو سندس جلد موت لاءِ دعائون پيا گهرن.“ هن جيل مان لکيل پنهنجي خطن مان هڪ ۾ لکيو: ”عام طور آءٌ به خوش ٿيندس، پر هن وقت آءٌ جيل ۾ آهيان، ان ڪري ان کي هڪ ردي خيال تصور ڪيو ويندو.“
    اڄوڪي مصر ۾ ڪيترائي ماڻهو حسني مبارڪ کان عبدالفاتح وانگر بيزاري ڏيکارين ٿا ته ڪي وري ان کي پنهنجو حڪمران ۽ محافظ ٿا تسليم ڪن، ڪجهه وري اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته هو ساڻن گذريل 25 ورهين کان هڪ جيلر وارو سلوڪ روا رکيو پيو اچي، پر هاڻي ته سوال اهو به آهي ته کانئس پوءِ کين ڪا آزادي نصيب ٿيندي يا اهي اڳ کان وڌيڪ ڪنهن جيل ۾ واڙيا ويندا؟ ڇا مصر جو اقتدار پيءُ کان پٽ ڏانهن يعني 42 ساله جمال مبارڪ ڏانهن منتقل ٿيندو؟ گهڻو تڻو سمجهيو ايئن ئي پيو وڃي. اهي به امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ته آيا حسني مبارڪ کان پوءِ مصر جو اقتدار فوج يا مذهبي گروهن مان ڪنهن هڪ جي هٿ ۾ هليو ويندو. يا وري مورڳوئي انارڪي ڦهلجي ويندي. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي پاليسي ڇا هوندي اهو به اڃا تائين واضح ناهي.
    پر ان کان پوءِ عراقي بحران لاڳيتو وڌي رهيو آهي. لبنان ۾ سياستدان قتل ٿيڻ کان پوءِ باقي رهيل کهيل سياستدان به خوف ۾ مبتلا زندگي گذاري رهيا آهن. حسني مبارڪ جو گذريل سال صدارتي چونڊن ۾ مد مقابل مخالف ڌر جو اميدوار ايمن نور جيل ۾ آهي ۽ کيس هاڻي اپيل جو به حق ناهي بچيو، مصر جي پارلياماني چونڊن ۾ به ڌانڌليون ڪري نتيجا پنهنجي حق ۾ ڪيا ويا، ۽ مسلم بر در هُڊ کي محدود ڪيو ويو. ميونسپل جون چونڊون ملتوي ٿي چڪيون آهن. اهي جج جن پارلياماني اليڪشن ۾ ٿيل فراڊ تي حڪومت جو ساٿ نه ڏنو تن کي هٽايو ويو يا وري جيل ۾ وڌو ويو آهي. مخالف ڌر به اهڙن معاملن تي خاموش نه آهي ۽ خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن. قاهره ۾ حڪومت خلاف جيڪڏهن ڪو مظاهرو ٿئي ٿو ته ان مٿان پوليس ڪڙڪي پوي ٿي ۽ ماڻهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. محمود حمزه، جيڪو هڪ جج پڻ آهي. هن جڏهن گذريل اپريل ۾ ماڻهن مٿان ٿيندڙ پوليس تشدد کي ڪئميرا جي اک ۾ رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کيس به تشدد جو نشانو بڻايو. جنهن ۾ هو نه رڳو رتو رت ٿي ويو، بلڪه سندس ٻانهن به ڀڄي پئي. ”آءٌ سمجهي سگهان ٿو ته منهنجي ڪڙي نگراني ڪئي پئي وڃي، منهنجا فون ٽيپ ڪيا پيا وڃن.“ هو چوي ٿو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ”مون کان موبائل فون به کسيو ويو، جنهن تان منهنجو فون رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو.“ سوين ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ اڪثريت مسلم بردر هُڊ جي ڪارڪنن جي آهي. بردر هُڊ حڪومت جي ملڪ ۾ واحد مضبوط مخالف سياسي جماعت ۽ متبادل آهي. هن وقت اها پارليامينٽ اندر ڪل سيٽن جو 20 سيڪڙو شيئر رکندڙ ٻي وڏي پارٽي آهي. هن وقت مصر ۾ پڙهيل لکيل، دانشور ۽ واپاري طبقو انهن بحثن ۾ الجهيل ٿو نظر اچي ته آمراڻي طور مصر کي هلائيندڙ حسني مبارڪ کان پوءِ مصر جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ اهي مصر جي مستقبل بابت ڪا واٽ ڳولڻ لاءِ ڳوڙهي سوچ ويچار ۾ آهن. اهي چين وارو ماڊل، ترڪي ماڊل، الجيريا ماڊل، ميڪسيڪو ماڊل، مطلب ته هر آپشن تي ويچارين پيا، انهن جي حالت انڌي ۽ هاٿي واري قصي جهڙي آهي، جنهن ۾ اهي ان جون الڳ الڳ تشريحون ۽ تاويلون ڪن ٿا. هونئن ته مصر عرب دنيا لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ به بڻجي سگهي ٿو. مصري حڪومت ان سلسلي ۾ چين سان به بهتر لاڳاپن جي شروعات ڪئي. آمريڪا ۽ يورپ مصر کي پنهنجي اک ۽ انداز سان ڏسن پيا، اهي اتي سياسي ڌرين تي هروڀرو بندش به نٿا چاهين. مصري حڪومت جا ڪافي ڪارندا اهو سوچين ٿا بلڪه دعا ڪن ٿا ته حسني مبارڪ کان پوءِ جيڪڏهن صورتحال ڪو پاسو بدلائي ٿي ته فوج ئي ملڪ کي مستحڪم رکي سگهي ٿي. ڇو ته حسني جي موت کان پوءِ انتها پسند مذهبي ڌريون ميدان تي اچي سگهن ٿيون ۽ ملڪ ۾ انارڪي ڦهلجي سگهي ٿي. خاص طور تي تڏهن جڏهن جمال مبارڪ اقتدار جون واڳون سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ان ۾ ناڪام ٿي وڃي، ”جمال مبارڪ ڪمزور آهي، هن جي ڪا گهڻي ساک به سٺي نه آهي.“ هڪ مصري اخبار جو ايڊيٽر هشام قاسم چوي ٿو. هن جو خيال آهي ته ”هاڻي مصر کي هلائڻ ڪنهن سويلين ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي.“
    ترڪي ماڊل، مصر لاءِ ان ڪري قابل قبول ناهي جو ترڪي جا جنرل سيڪيولر نظريو رکن ٿا. جڏهن ته مصر جي فوج ۾ انتها پسند خيال رکندڙن جي گهڻائي آهي. مصر ته اهو ملڪ آهي جتي آڪٽوبر 1981ع ۾ حسني مبارڪ جي اڳوڻي هم منصب انور سادات کي هڪ فوجي سلامي دوران ماريو ويو هو. ساڳي طرح الجيريا، توڙي ميڪسيڪو جا ماڊل به ڪافي حوالن سان مصر لاءِ قابل عمل نه پيا سمجهيا وڃن. مصر بهرحال مصر آهي، جتي ڊگهي حڪمراني ڪندڙن جو پنهنجو رڪارڊ آهي، انڪري حسني مبارڪ جي وڃڻ جي صورت ۾ جمال کي اقتدار منتقل ڪرڻ جا پورا انتظام ڪيا ويا آهن، پر مسئلو اهو آهي ته جمال مبارڪ نه ته عوام ۾ مقبول آهي. نه وري سندس نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جون عوام ۾ پاڙون آهن، ان جي ڀيٽ ۾ مسلم بردر هُڊ عوام ۾ ڪافي حد تائين مقبوليت رکي ٿي. جيتوڻيڪ جمال مبارڪ عالمي ڪميونٽي وٽ پنهنجو اميج بزنس فرينڊلي ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ آهي، پر سندس مخالفن به هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا . ڊگهن وارن وارو کاٻي ڌرجو بلاگر عبدالفاتح ويجهڙ ۾ جڏهن 22 جون تي جيل مان ٻاهر آيو تڏهن هن ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس مسلم بردرس سان سٺا لاڳاپا جڙي چڪا آهن، ”اسان سڀ گڏ هڪ ئي مقصد لاءِ وڙهندي ڪاٺ ۾ وڌا وياسين.“ هو چوي ٿو. مصر جو عوام جيڪو هاڻوڪي سڄي صورتحال مان خوش ناهي، نه وري حسني مبارڪ تي ڀاڙي ٿو. اهو يقيناً پنهنجي مستقبل جي ماڊل جي پاڻ چونڊ ڪندو، بس ان لاءِ کپي ٿورو انتظار!.

    (3 جولاءِ 2006)


    لبنان تي وسندڙ اسرائيلي ڪلسٽر بم: رابرٽ فسڪ

    آءٌ هن ئي هفتي بيروت ۾ مارجئيون جي اسپتال ويس، مون اسپتال بيڊ تي هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ليٽيل ڏٺو جيڪا زخم پٽين سان ويڙهي سيڙهي پئي هئي سندس سونهن گهايل هئي. هن جي چمڙي تي ڪلسٽر بم جي استعمال سبب ڳاڙهه سرا ڪارا داغ چٽا هئا. اهي موتمار ڪلسٽر بم جيڪي عراق ۾ استعمال ڪيا ٿي ويا، هاڻي اسرائيل، ڏکڻ لبنان جي شهرين کي سيکت ڏيڻ لاءِ استعمال پيو ڪري.
    مون تي اها ڳالهه به آشڪار ٿي آهي ته جارج بش، ڪونڊاليزا رائس ۽ اسان جو وزير اعظم (ٽوني بليئر) به جنگبندي جي ڳالهه کان ڪن ٿا هڻن پيا! جڏهن ته لبناني جنگبندي جي ڳالهه اڳ ئي ڪري چڪا آهن. ليڪن هن خاتون ته پنهنجي زندگي ۾ هڪ پل به اهڙن ڀيانڪ منظرن ۾ ناهي گذاريو، تنهن کي ڀلا ڪهڙي خبر!
    ڪيترن ئي مردن ۽ ماين جا ڀيانڪ موت ڏسڻ کان پوءِ اسرائيلي سرحد کان رڳو ٽن ميلن تان بيهي آءٌ اها ڳالهه چئي سگهان ٿو ته ان خونريز ويڙهه جنهن جو سوين لبناني کاڄ بڻيا آهن، ان جي خاتمي لاءِ بش، رائس ۽ بليئر طرفان ڪو ڪردار ادا نه ڪرڻ شرم جوڳو آهي. هي سٽون آءٌ لبنان جي ڳوٺڙي بلاط مان لکي رهيو آهيان، جنهن جا پڻ ڪيترائي رهواسي موت جو کاڄ بڻيا آهن. اهو بلڪل واضح آهي ته اڃا ڪيترائي لبناني ڪسجڻ لاءِ تيار آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا وڌيڪ موت جي منهن ۾ ويندا.
    ڪونڊاليزا رائس ڇا ٿي فرمائي ته عجلت ۾ جنگبندي سٺي شيءِ ناهي؟ بليئر جو جي ايٽ ڪانفرنس ۾ معذرت خواهانه رويو ڇا ٿو ظاهر ڪري؟ آءٌ اها ڳالهه چڱي ريت سمجهي سگهان ٿو ته جنگبندي هڪ بهتر آپشن آهي. بليئر ۽ سندس ”ماسٽرس“ خاص طور رائيس ان آپشن کان پاسيرا رهڻ چاهن ٿا، حالانڪه جنگبندي کي ٿيندڙ نقصان کي انساني بنيادن تي روڪڻ لاءِ ئي نه پر سياسي ڇڪتاڻ روڪڻ جي هٿيار طور به ڪم آڻي سگهجي ٿو.
    انهن جو خيال آهي ته جنگ جيئن ڊگهي ٿيندي، نقصان وڌندو تيئن لبناني خاص طور حزب الله سندن آڏو اچي گوڏا ٽيڪيندي، ۽ ايئن اولهه جا ناجائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا. انهن مان هڪ اهم آمريڪي مطالبو ايران ۾ تبديلي جو به آهي!
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسرائيل کي اهو يقين آهي ته اهو حزب الله خلاف فاتح ٿيندو يا اهو ته اسرائيل اهو به سمجهي ٿو ته هي هڪ نه کٽڻ جوڳي جنگ آهي، جنهن ۾ نقصان اوس برداشت ڪرڻو پوندو.
    پاڪستان جي سرحد کان وٺي ميڊيٽرينن تائين وڌيڪ نفرت هيٺ آيل ايران ۽ شام کان سواءِ، جن جو وارو به اڳي پوءِ اچڻو آهي. اسان مسلم دنيا کي هڪ خطر ناڪ تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. اسان جا برطانوي ”امن محافظ“ افغانستان ۾ پنهنجي جيئدان لاءِ وڙهندي اسرائيلي اسٽائل ۾ معصوم شهرين تي بمباري ڪن ٿا، عراق ۾ اسان جا سپاهي توڙي آمريڪي اولهه اسٽائل جي جمهوريت جو ثمر ماڻهو مارڻ ۾ ڏسن ٿا ۽ هاڻ وري آمريڪا ۽ برطانوي اسرائيلي پاليسي تي هلي پيا آهن. انهن اسرائيل کي لبنان تباهه ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي اهي امن ڪوٺي رهيا آهن.
    بليئر ۽ هن جو پرڏيهي سيڪريٽري اسرائيل تي انڌو اعتماد ڪن ٿا. جنهن ۾ اهي ماضي جون ڪجهه تلخ حقيقتون وساري ٿا ويهن. حزب الله ۽ لبنان تي حملي کي جائز سمجهندڙ بليئر اهو ٻڌائي ته جڏهن آئرش ريپبلڪ آرمي پنهنجي سرحد عبور ڪري اچي برطانوي فوجي ماريا هئا، تڏهن ڇا ڪيو ويو هو؟ تڏهن ڇا بليئر Dublin جي پاور اسٽيشنن ۽ صنعتن تي بمباري جو حڪم ڏنو هو؟ هن برطانوي فوج کي سرحد تي موڪلي مخالف فوج کي تهس نهس ڪيو؟ ڇا تڏهن بليئر عالمي نيٽو فورسز بفرزون آئرش سرحد تي (اتر آئرلينڊ ۾ نه) مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو؟
    بلڪ نه، پر اسرائيل کي خاص رعايت حاصل آهي جيڪا ڪنهن به قوم کي ناهي. اسرائيل اهو ڪجهه پيو ڪري، جيڪو بليئر به نه ڪري سگهيو. اهو جنيوا معاهدي جي به لتاڙ پيو ڪري.... ڇو ته آمريڪي به اهو ڪجهه عراق ۾ ڪري چڪا آهن. اسرائيل به اهڙي جنگي ڏوهه جو مرتڪب ٿيو آهي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي چئن مبصرن کي موت جو کاڄ بڻايو ويو، انهن مبصرن حملي جي زد ۾ ايندڙ پنهنجي چوڪي خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. هنن جي خيال ۾ حزب الله اڳواڻ نصر الله ڪنهن نيٽو جي جنرل اڳيان هٿيار ڦٽا ڪندو ۽ هن جي منظم هٿياربند گوريلا آرمي به نيٽو اڳيان Surrender ڪندي. جيڪو خيال خود فريبي ئي چئي سگهجي ٿو.
    ليڪن بليئر ۽ بش ڏکڻ لبنان ۾ اتحادي فوج موڪلڻ چاهين ٿا، ڀلو خيال آهي. آءٌ به اُتي هوندس. آپگهاتي ڪار بم حملي ۾ ان تنظيم هٿان ان جي تباهي ڏسي سگهجي ٿي، جنهن ڪالهه ئي ڏور مار ميزائل اسرائيل تي فائر ڪيو، جيڪو اسرائيلي علائقي عفولا ۾ ڪريو.
    لبنان جي حڪومت جمهوري طرح چونڊيل آهي. جنهن وزيراعظم تي ”انقلاب“ جي نالي ۾ آمريڪي انتظاميا طرفان گل پاشي ڪئي وئي هئي. اڄ ان ئي حڪومت هڪ امن پئڪيج ڏنو آهي جنهن تحت حزب الله تڪڙي جنگبندي تي متفق ٿي آهي. ڇا واشنگٽن هڪ جمهوري حڪومت جي فيصلي کي نظر انداز ڪندو؟ يقيني طور ڪري سگهي ٿو. ڇو ته اهو فلسطين ۾ حماس جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسرائيل جي لاڳيتو حمايت جاري رکيو پيو اچي. ان ڪري ”هنگامي“ ڊپلوميسي ۾ واڌ اچي سگهي ٿي ۽ ڪلسٽر بم وڌيڪ عورتن جي جسم تي ڳاڙهاڻ مائل ڪارن داغن جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

    (15 آگسٽ 2006)


    جيئن مون لبنان کي سڙندي ڏٺو! : ڪيون سائٽس

    اربعا ڏينهن لبنان جي شهر ٽائير جي هڪ ست ماڙ خالي عمارت تي اسرائيلي ميزائل اچي ڪريو، جنهن ۾ ان عمارت ويجهو رهندڙ 13 ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ ڇهه ٻار به شامل آهن. چيو وڃي ٿو ته ان ميزائل جو نشانو ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جو ڪمانڊر شيخ بنيل قئوق ۽ سندن دفتر هئا. انهي رهائشي علائقي ۾ ٽن ڏينهن اندر اهو ٻيو ميزائل حملو هو، جڏهن ته هاڻوڪو اڇلايل ميزائل گذريل بم کان ڪافي طاقتور هو. مون ان تباهي جو منظر ڏٺو، مون کي عجب لڳو ته ان طاقتور هٿيار پوري عمارت کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو هو. ڳڀرو نوجوان باهه جي شعلن ۾ ملبي مان بچي ويل شيون جهڙوڪ، ڪتاب، قرآن ۽ ٻيو سامان ڇنڊي ڦوڪي ڪڍي هڪٻئي حوالي ڪري رهيا هئا. ملبي مٿان هلندڙ هڪ شخص ڊاڪٽر هو، جيڪو ڏکڻ لبنان جي ننڍڙن شهرن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن جي علاج جي سلسلي ۾ ٽائير ميونسپل يونين ۾ مقرر آهي. مون ساڻس سندس ئي دفتر ۾ ان ڏينهن ساجهر ڪچهري ڪئي هئي. مون کانئس پڇيو ته سندس خيال ۾ ان عمارت کي ڇو نشانو بڻايو ويو؟ ”اهو دراصل آمريڪي جمهوريت جو هڪ مثال آهي. ”ڊاڪٽر رعد، جي حسن وراڻيو، ”اتي منهنجو به گهر هو، آءٌ آمريڪا کان نفرت ڪريان ٿو. آءٌ آمريڪا سان روزانو ۽ هر وقت وڙهندو رهندس.“ مون کيس چيو ته جيڪڏهن تون سمجهين ٿو ته ان جو ذميوار آمريڪا آهي ته پوءِ تون رڳو واڪ ڪري واپس پيو وڃين.
    جڏهن باهه وسائيندڙ عملو اتي پهتو، تڏهن انهن اتي باقي ٻرندڙ شعلن کي وسايو. صحافين جو هڪ وڏو انگ ان جاءِ تي پهتو. درجن کن نوجوان هڪ ڏينهن اڳ ساڳي ئي علائقي ۾ هڪ ميزائل حملي خلاف احتجاج ڪندي حزب الله جي حق ۾ نعريبازي ڪري رهيا هئا. مون هڪ همراهه کان پڇيو ته مون هڪ ڏينهن اڳ ٿيل ميزائل حملي وارو هنڌ به ڏٺو آهي، اهي آخر پاڙيسرين کي ڇو پيا نشانو بڻائين؟ ان بابت مون کي هن چيو هو ته ڀرسان ئي مسجد آهي، شايد ان ڪري.
    ”هن عمارت ۾ حزب الله جو ڪو به ماڻهو ناهي“ هڪ ٻئي همراهه مون کي ٻڌايو. ان کان پوءِ هڪ پرڏيهي خابرو اداري رپورٽ ڪيو ته اتي قئوق جا دفتر هئا. اسرائيل ان تي حملو ته ڪيو پر اها عمارت بلڪل خالي هئي.

    (15 آگسٽ 2006)


    اسامه بن لادن سان ڪچهري: رابرٽ فسڪ

    اولهه جو جڳ مشهور صحافي رابرٽ فسڪ مغربي دنيا جو پهريون صحافي آهي جيڪو پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائيندي عالمي طور تي دهشت جي ڌاڪ ڄمائيندڙ القاعده اڳواڻ اسامه بن لادن سان ملاقات ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هن ساڻس روبرو ٿيل حال احوال، ۽ ان حوالي سان پنهنجا مشاهدا پنهنجي تازي آيل ڪتاب”The Great war for Civilisation: the conquest of the middle east“ ۾ قلمبند ڪيا آهن، جنهن جو تت هتي ڏجي ٿو.
    19 مارچ 1997ع جي ڳالهه آهي، جڏهن جلال آباد جي گلابي گلن ۾ باغ سان واسيل اسپنگهار هوٽل ٻاهران ڪلاشنڪوف سان مسلح هڪ افغاني همراهه، مون کي ڪار ۾ شهر کان ٻاهر هلڻ لاءِ چيو، تنهن شام پوءِ ڪابل پنڌ پياسين، روڊ ڇا هيو؟، پهاڙ ئي پهاڙ هئا، ڪابل ندي جي گجگوڙ ڪندڙ پاڻي مٿان هلندي پهاڙ به گڏوگڏ پئي هليا. افغاني همراهه رکي رکي مون تي کليو ٿي پر ڳالهايائين نه پئي. مون سندس کل جو مطلب سمجهيو به ٿي، يقين ڪريو ته مون کيس ان انداز سان جواب نه پئي ڏنو، بس مان به ساڻس کوٽي سنگت طور کلي پئي پيس.
    رستو انتهائي پيچيده ۽ ڏکيو هو. ڪار جي ونڊ اسڪرين ڌوڙ ۾ لٽجي وئي هئي. مون سوچيو پئي ته اڄ کان 150 ورهيه اڳ برطانوي فوج جو، ميجر جنرل وليم ايلفسٽون فوجون وٺي تباهڪاري کي ڪيئن منهن ڏنو هوندو؟ افغانستان جا پوڙها، جن اها پهرين افغان جنگ ڏٺي اهي ٻڌائن ٿا ته 1842ع ۾ هتي هزارين انگريز مارجي ويا، کين شڪست ملي، ايئن پهاڙن جا ڀورا پٿر انگريزن جي رت سان ڪارا ٿي ويا هئا. جيتوڻيڪ اسان اها جنگ وساري چڪا آهيون، پر افغانين ان جنگ کي اڃا ناهي وساريو. اهي کين اڃا به فرنگي سڏين ٿا.
    ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان هڪ پٿريلي جابلو ٽڪري وٽ بيهي ٿا رهون. ايتري ۾ افغاني لباس پهريل هڪ عرب اڳيان وڌي اچي ٿو. مون کيس سڃاتو، اسان جي وچ ۾ آخري ملاقات هڪ تباهه ٿيل ڳوٺڙي ۾ ٿي هئي. ”معذرت سان مسٽر رابرٽ! آءٌ اوهان جي تلاشي وٺندس.“ ايئن چئي هن منهنجي ڪئمرا، بيگ ۽ اخبارن کي ٽٽولڻ شروع ڪيو. پوءِ اسان ان ئي رستي تي هلڻ لڳاسين. جيڪو اسامه بن لادن 1980ع ڌاري روسين خلاف جهاد دوران تعمير ڪيو هو. هڪ ڪلاڪ سفر کان پوءِ جبل جي پٺئين پاسي کان ٻُٽون ٻڌل، پنهنجي ڪلهن تي اينٽي ٽئنڪ راڪيٽ لانچر کنيل ٻه عرب اسان جي سامهون آيا. ”روڪيو روڪيو،“ اوچتو بريڪ لڳڻ سبب منهنجو مٿو وڃي ونڊ اسڪرين سان لڳو. جنهن لاءِ هن ٻه ڀيرا ”سوري سوري“ چيو. ان کان پوءِ هن پنهنجو راڪيٽ لانچر زمين تي رکيو ۽ جيڪٽ مان هڪ اوزار ڪڍيو، جنهن سان هن منهنجي ٻئي ڀيري تلاشي ورتي. اسان جيئن اڳتي وڌندا وياسين، رستو اوترو ئي خراب هيو. ”ٽويوٽا جهاد لاءِ سٺي سواري آهي.“ منهنجي ڊرائيور چيو، مون وٽ ان سان اتفاق ڪرڻ جي ٻيو چارو نه هيو.
    هاڻي چانڊوڪي هئي، ڪڪر مٿي به ڏٺا ٿي ته هيٺ چنڊ جو عڪس برف سان ڍڪيل پهاڙن ۾ به ڏسڻ ۾ ٿي آيو. اهي پهاڙي رستا جيڪي اسامه بن لادن روس خلاف ويڙهه دوران ٺاهيا هئا، ان بابت هو ڀلي ڀت ڄاڻي پيو ته اهي ڪيئن ٺاهڻ گهرجن. ماسڪو خلاف گوريلا ويڙهه جي اڳواڻي ڪندڙ، پهريون عرب ويڙهاڪ هاڻي انهن ئي پهاڙن ۾ آهي. هتي هنڌ هنڌ تي عربن جون چيڪ پوسٽون هيون. ايئن پوءِ اسامه بن لادن مخصوص لباس ۾ پاڻ منهنجي اڳيان آيو، مون کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ ”اسلام عليڪم“ چيائين ۽ مون “وعليڪم السلام“ وراڻيو، جيڪو آءٌ هر عرب سان ملاقات ۾ چوندو آهيان. اسامه بن لادن مون کي افغانستان ۾ ملڻ جي دعوت ته ڏني هئي، پر اهو ڪنهن وچ واري ماڻهو کان سواءِ ممڪن نه هو. ٻيو ته ساڻس ملڻ لاءِ تلاشي جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو ٿي پيو.
    آءٌ اسامه بن لادن سان پهرئين ڀيري مليو هيس. ساڻس ملڻ ايترو سولو نه هو. هي ڊسمبر 1993ع جي ڳالهه آهي، جڏهن آءٌ سوڊان جي راڄڌاني خرطوم ۾ اسلامي ڪانفرنس جي رپوٽنگ ڪري رهيو هئس، تڏهن هڪ سعودي صحافي ۽ منهنجو دوست جمال ڪشوغي، مون وٽ منهنجي هوٽل ۾ لنگهي آيو. ”هتي هڪ اهڙو شخص موجود آهي. جنهن سان تون ملڻ چاهيندين.“ هن چيو. ڪشوغي بن لادن جو سچو پيروڪار آهي، ان ڪري مون سمجهي ورتو ته هو ڪنهن جي لاءِ پيو چوي. ڪشوغي، اسامه سان روس خلاف جنگ دوران افغانستان ۾ ملي چڪو هو، ”هو اڳ ۾ ڪنهن به مغربي صحافي سان ناهي مليو.“ هن ٻڌايو:
    1979ع ۾ جڏهن سوويت فوجن افغانستان تي چڙهائي ڪئي. تڏهن آمريڪي سي آءِ اي، سعودي عرب جي شاهي گهراڻي کي روس خلاف گوريلا جنگ ڪرڻ لاءِ افغانين جي مدد ڪرڻ تي همٿايو، تڏهن اسامه بن لادن اهو سمجهندي به سعودي حڪومت ڪرپٽ آهي. باوجود ان جي هن مسلم امت جو بچاءُ ڪرڻ واري نقطي تحت پنهنجي سعودي تعميراتي ڪمپني ذريعي افغان جهادين جي مدد ڪئي، ايئن هو عرب دنيا جو هيرو ٿي اڀريو. پوءِ سوين مصري، سعودي، يمني، ڪويتي، الجيريائي، شامي ۽ فلسطيني به سندس پوئلڳ بڻجي ويا ۽ انهن روس خلاف ويڙهه لاءِ پاڪستان جي شهر پشاور ڏانهن رخ ڪيو، جڏهن هن جا عرب ويڙهاڪ ۽ افغان مجاهد روس کي افغانستان مان ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته ان کان پوءِ افغانين پاڻ ۾ قبائلي ويڙهه شروع ڪري ڏني، جنهن ڪري اسامه بن لادن هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي عرب موٽي ويو، ليڪن سندس سفر اتي پورو نٿو ٿئي. 1990ع ۾ جڏهن صدام حسين ڪويت تي حملو ڪيو تڏهن هن هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي حڪومت کي پنهنجون خدمتون آڇيون. هن کين چيو ته اوهان کي مڪي ۽ مديني جي تحفظ لاءِ آمريڪين کي گهرائڻ جي ضرورت ناهي. اسامه پاڻ پنهنجي افغان ۽ عرب مجاهدن جي مدد سان عراقي فوج کي ڪويت مان ڌڪي ٻاهر ڪندو. ليڪن شاهه فهد آمريڪين تي اعتماد ڪيو. ايئن پوءِ آمريڪي يو ايس 82 ۽ ايئربون ڊويزن جون فوجون سعودي شهر دهران ۾ لاٿيون ويون. جيڪو مديني جي مقدس شهر کان 400 ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهڙي حڪومت سان تعلق ختم ڪري هڪ ٻئي اسلامي ملڪ سوڊان جو رخ ڪيو.
    اسان خرطوم جي اترئين پاسي کان ريگستاني علائقي مان سفر شروع ڪيو. ”اسامه بن لادن جهڙا ماڻهو هتي رهن ٿا،“ ڪشوغي ٻڌايو. ”هن جو هتي تعميراتي بزنس آهي، حڪومت کيس پسند ڪري ٿي. هو غريبن جو مددگار آهي.“ آءٌ اهو سمجهي پئي سگهيس. ڇو ته هن تازو ئي خرطوم پورٽ، سوڊان هاءِ وي اتر سوڊان جي هڪ ريگستاني ڳوٺڙي المتيغ تائين مڪمل ڪيو هو، جنهن جي تعمير ۾ پڻ اهي ئي بلڊوز استعمال ڪيا ويا هئا، جيڪي روس خلاف جنگ دوران افغان گوريلن لاءِ رستا ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا. مزدور به اهي ئي هئا جيڪي روس خلاف ويڙهاڪ طور وڙهي چڪا هئا. آمريڪي حڪومت بن لادن جي فلاحي ڪمن کي ڏسڻ کان سواءِ سوڊان تي اهو الزام مڙهيو ته اهو ”عالمي دهشتگردي “ پيو ڦهلائي ۽ اسامه بن لادن سوڊان ۾ دهشتگردي جون ڪئمپون هلائي رهيو آهي.
    جڏهن ڪشوغي ۽ آءٌ المتيغ پهتاسين ته اتي اسامه پنهنجي سونهري جبي سان پنهنجي خيمي ۾ ڳوٺاڻن جي ميڙ ۾ ويٺو هو، سندس چوڌاري سندس وفادار مجاهد هئا، جيڪي ساڻس گڏ افغانستان ۾ ويڙهه وڙهي چڪا هئا. ڏاڙهيءَ سان، خاموش شخص، جنهن جو سوڊاني، سعودي بزنس مين طور ٿورو مڃڻ آيا هئا ته: ”هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندن ڏورانهين آبادين کي روڊ ٺاهي خرطوم سان ملائي ڇڏيو آهي.
    ڪشوغي پنهنجا هٿيار پنهوار بن لادن جي ڀرسان رکي ڇڏيا ۽ اسامه کيس ٻنهي ڳلن تي چمي ڏني. اڃا اسامه بن لادن اهو سوچي ئي رهيو هو ته، ”جمال ڪشوغي ڪنهن پرڏيهي کي ضرور ڪنهن مقصد لاءِ وٺي آيو هوندو،“ ايتري دير ۾ ڪشوغي چيو: ”رابرٽ، مان توکي شيخ اسامه بن لادن سان متعارف ڪرائڻ چاهيان ٿو.“ بن لادن هڪ قد آور شخص هو، جنهن هٿ ملائڻ شرط ”اسلام عليڪم“ چيو. هن جا هٿ نرم هئا، پر هو جبل جهڙو ماڻهو ٿي لڳو. هن جون اکيون اوهان کي هر وقت جائزو وٺندي محسوس ٿينديون. ڊگهين آڱرين ۽ مرڪ وارو شخص، جنهن جي مرڪ جي ڪا به وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
    دنيا ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ، سوڊان ۾ دهشتگردن لاءِ ٽريننگ ڪئمپون هلائڻ بابت اسامه بن لادن چيو ته، ”اهو سڀ ڪجهه ميڊيا ۽ سفارتخانن جي گندگي ۽ اختراع آهي. آءٌ هڪ تعميراتي انجنيئر ۽ آبادگار آهيان. جيڪڏهن منهنجون سوڊان ۾ اهڙي قسم جون ڪئمپون هجن ته پوءِ آءٌ پنهنجو ڪم ڪيئن ڪري سگهندس.“ اهو ڪم واقعي لاجواب هيو. ڇو ته خرطوم کان سوڊان پورٽ تائين 1200 ڪلوميٽرن جو رستو هاڻي اسامه بن لادن جي تعميراتي ڪمپني طرفان ٺاهيل روڊ کان پوءِ گهٽجي 800 ڪلوميٽر ٿي ويو آهي. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو 1990ع ۾ صدام حسين جي ڪويت تي چڙهائي جي حمايت سبب سعودي عرب ۽ آمريڪا جي عتاب جو شڪار ۽ تباهه حال هجي اتي اسامه بن لادن جنگي هٿيار هڪ پاسي رکي ان ملڪ جي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. مون کي حيرت ٿي ته تعمير جو اهڙو ڪم هن افغانستان لاءِ ڇو نه ڪيو. پهرين ته هن مذڪوره جنگ بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ۽ خيمي جي پٺيان ڏندن کي ڏندڻ ڏيندو رهيو. هو افغانستان جي ان جنگ بابت ڳالهائڻ کان لنوائي ٿو، جيڪا کٽڻ ۾ هن سندن مدد ڪئي ۽ ان جنگ ۾ روسين خلاف آمريڪي، سعودي عرب توڙي پاڪستان به افغانين جا حمايتي هئا. باوجود ان جي هو پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو: آءٌ افغانستان ۾ فقط ٻه سال رهيو هئس، نه ڪي سئو سال، جڏهن افغانستان تي حملو ٿي هو، تڏهن آءٌ ويو هئس ۽ ان بعد نون سالن کان پوءِ ويس، ۽ مون ڏٺو ته افغانستان جي ماڻهن سان نا انصافي ٿي رهي هئي. ان ڳالهه مون کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته دنيا ۾ مختلف نالن سان حڪومت ڪندڙ قوتون ماڻهن سان ڏاڍ ڪري رهيون آهن ۽ جبر جي ذريعي کين دٻايو پيو وڃي.“
    اسامه بن لادن، افغانستان ۾ روسين سان ويڙهه دوران پنج ڀيرا زخمي ٿيو ۽ روسي فوجن سان ويڙهه ۾ سندس 500 عرب ويڙهاڪ مارجي به ويا، جن جون قبرون افغان بارڊر طورخم وٽ موجود آهن. بن لادن اڄ به جيئرو آهي. ”آءٌ موت کان ڪڏهن به ناهيان ڊنو،“ هن وراڻيو: ”هڪ مسلمان هجڻ جي ناتي اسان جو اهو ايمان آهي ته جڏهن به مرنداسين جنت ۾ وينداسين.“ هاڻي هن وڌيڪ ڏندڻ نه پئي ڪيو ۽ هوريان هوريان ڳالهائڻ شروع ڪيائين. ”جنگ کان پهرين خدا تعاليٰ اسان جي غيبي مدد ڪندو آهي. هڪ ڀيري آءٌ روسين کان فقط 30 ميٽرن جي مفاصلي تي هئس، اُهي مون کي پڪڙڻ جي ڪوششن ۾ هئا. بمباري ٿي رهي هئي پر مان دلي طور مطمئن هئس ۽ سڪون سان ننڊ پئي ڪيم، اسان سوويت يونين کي شڪست ڏني، روسي ڀڄي ويا.... افغانستان ۾ گذاريل وقت منهنجي زندگي جو اثاثو آهي.“
    پر انهن عرب مجاهدن بابت ڇا چئجي جن کي اسامه افغانستان ۾ روسين سان ويڙهه ۾ ميدان ۾ لاٿو. جيڪي دراصل آمريڪا جي حمايت يافته گوريلا آرمي جو حصو هئا ۽ کين روس خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جي پٺڀرائي به حاصل هئي، پوءِ جڏهن جنگ ختم ٿي ته انهن پنهنجن مددگارن کي وساري ڇڏيو. بن لادن ان سوال جي جواب ۾ چوي ٿو: ”مون توڙي منهنجن ڀائرن کي آمريڪي مدد بابت ڪا به شهادت نظر نه آئي... جڏهن منهنجن مجاهدن فتح حاصل ڪئي ۽ روسي ڀڄي ويا، تڏهن اختلاف پيدا ٿيا، ان ڪري آءٌ طيف ۽ اڀا (سعودي عرب) ۾ تعميراتي ڪم ڪرڻ لاءِ موٽي آيس. مون افغانستان ۾ مجاهدن لاءِ سرنگهون ۽ روڊ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيل سامان واپس گهرايو. باقي اهو ضرور آهي ته مون پنهنجن ڪجهه ڪامريڊن جي جنگ کان پوءِ مدد ڪئي.“ ڪيترن جي مدد ڪئي اٿوَ؟ انجي جواب ۾ ٻئي هٿ مٿي تي رکندي چوي ٿو ته، ”آءٌ انگ ٻڌائڻ نٿو چاهيان، پر هاڻي اهي هتي مون سان گڏ آهن ۽ اهي پورٽ سوڊان تائين روڊ ٺاهڻ ۾ جُنبيل آهن.“
    توهان الجيريا جي جنگ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ مون سوال ڪيو. ايتري ۾ ساوا ڪپڙا پهريل هڪ شخص، جنهن پنهنجي سڃاڻپ محمد موسيٰ ڪرائي ۽ پاڻ کي نائجيريائي چئي رهيو هو، حقيقت ۾ هو سوڊاني حڪومت جو سيڪيورٽي ايجنٽ هو. هن مون کي ٻانهن کان جهليو. ”تو حد کان وڌيڪ سوال ڪيا آهن،“ هن زوردار نموني چيو. تصوير ڀلا ڪيئن رهندي؟ بن لادن گهٻرائجي ويو. ڇو ته هن تصويرون تمام گهٽ ڪڍرايون آهن. آخر ۾ هو پنهنجي سونهري جُبي سان نئين روڊ تي اُٿي بيٺو ۽ مُرڪي ٻه تصويرون ڪڍرايائين. ان کان پوءِ هن ڪنهن صدا وانگر پنهنجو کاٻو هٿ مٿي ڪري ڄڻ وقت پوري ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي، ان بعد هو روڊ جو معائنو ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
    منهنجي اسامه بن لادن سان ملاقات کان ٻه مهينا پوءِ سندس خرطوم واري گهر تي مٿس حملي جي ڪوشش دوران سندس گن مين مارجي ويو، سوڊاني حڪومت شڪ ظاهر ڪيو ته قاتلاڻو حملو ڪندڙن کي آمريڪي سي آءِ اي جي پٺڀرائي حاصل هئي. ان ئي سال سعودي عرب کيس سعودي شهري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. 1996ع جي شروع ۾ ئي کيس پنهنجي پسند جي ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
    اها جون 1996ع جي گرم شام هئي، تڏهن بيروت ۾ منهنجي ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، پرڏيهي نمائندي طور سڀ اهم پيغام مون کي ئي ملندا هئا. ”مسٽر رابرٽ، توهان جو هڪ دوست، جنهن سان توهان سوڊان ۾ مليا هئا، اهو اوها سان ملڻ ٿو چاهي.“ انگريزي ۾ عربي لهجي سان هڪ آواز ٻڌم. مون سمجهيو ته اهو ڪشوغي هوندو، جنهن سان آءٌ خرطوم وڃڻ کان اڳ 1990ع ۾ مليو هئس،. ”نه، نه، مسٽر رابرٽ، منهنجو مطلب آهي اهو شخص جنهن سان اوهان انٽرويو ڪيو هو، توهان منهنجي ڳالهه سمجهي ويا؟“ هائو، مون سمجهي ورتو، ۽ آءٌ ان شخص سان ڪٿي ملي سگهان ٿو؟ هو هينئر ڪهڙي هنڌ آهي؟ ۽ آءٌ هن تائين ڪيئن پهچي سگهان ٿو؟ جواب آيو: جلال آباد وڃو، توهان سان رابطو ڪيو ويندو.“
    اهڙي ريت آءٌ جولاءِ 1996ع تي اسپنگهار هوٽل جلال آباد پهتس، جتي محمد نالي، هڪ عرب افغاني لباس ۾ مون سان اچي مليو. ان بعد رستي ۾ ڪيترائي هٿياربند عرب مليا، ڏکيا پيچرا ۽ گهڻا مرحلا طئي ڪرڻ کان پوءِ گُهپ اونداهيءَ ۾ هڪ اهڙي جابلو هنڌ پهتاسين جتي چِمني ٻري رهي هئي، ان جي ڀرسان هڪ قدآور، باريش، عربن جي جُبي ۾ ملبوس شخص ويٺو هو. اسامه بن لادن پنهنجي ٻن معصوم پٽن عمر ۽ سعد سان گڏ اٿي بيٺو. ”افغانستان اچڻ تي خوش آمديد“ هن چيو.
    هاڻي هو چاليهن سالن جو آهي. ليڪن 1993ع ۾ اسان جي سوڊان ۾ ٿيل ملاقات جي ڀيٽ ۾ ڪافي عمر رسيده پئي لڳو. هو پنهنجي ساٿين سان گڏ ساڳيو رعبدار پر ڪافي ٿڪل لڳي رهيو هو. جڏهن هن مون کان منهنجي صحت بابت پڇيو، تڏهن مون کيس ٻڌايو ته، ”آءٌ ساڻس ملڻ لاءِ وڏو ڪشالو ڪاٽي پهتو آهيان.“ ان وقت ڪجهه هٿياربند رائونڊ تي هئا ته ڪجهه وري اسان جي گفتگو ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا.
    اسامه بن لادن چئي رهيو هو ته ”مون آمريڪا کي ڪجهه عرصو اڳ اها تجويز ڏني هئي ته اهو سعودي عرب مان پنهنجون فوجون ڪڍي وڃي. هاڻ اسان کي ساڳي تجويز برطانيه ۾ فرانس کي ڏيڻي پوندي ته اهي پنهنجا فوجي دستا واپس گهرائين. ڇو ته رياض ۽ الجنور ۾ جيڪو ٿيو. ان مان اهو واضح ٿي ويو ته اهو جن ماڻهن به ڪيو انهن کي پنهنجي ٽارگيٽ جي خبر آهي. اهي پنهنجي وڏي دشمن کي نشانو بڻائن ٿا، جيڪي آمريڪي آهن. اهي ثانوي دشمن کي نٿا مارين نه وري سعودي فوج ۽ پوليس ۾ پنهنجي ڀائرن کي مارين ٿا. آءٌ ساڳي تجويز برطانوي حڪومت کي به ڏيان ٿو.“
    ”آمريڪين کي سعودي عرب ۽ نار جا علائقا ضروري طرح خالي ڪرڻ گهرجن. وچ اوڀر تي قبضي خاطر شيطاني قوتون آمريڪا ۽ اسرائيل جي مدد ڪري رهيون آهن. سعودي عرب آمريڪا جي بيٺڪيت ۾ اچي چڪو آهي.“ بن لادن آهستگي سان ڳالهائي رهيو هو ۽ هڪ مصري چمني جي روشني ۾ نوٽس وٺي رهيو هو. ”انهيءَ جي معنيٰ اولهه ۽ اولهه جي ماڻهن سان جنگ نه پر آمريڪا جي جبر خلاف جنگ آهي ۽ اهو جبر هر آمرجي حق ۾ به ناهي.“ هن چيو پئي. مون وچ ۾ ڳالهائيندي اسامه بن لادن کي چيو ته، ”عرب ملڪن جي ابتڙ، آمريڪا جا ماڻهو پنهنجي حڪومت چونڊين ٿا. اهي چون ٿا ته سندن حڪومت انهنجي نمائندگي ڪري ٿي.“ هن منهنجي ڳالهه کي ڪا اهميت نه ڏني. ” الغبار ۾ ڌماڪا آمريڪا جي سعودي تي قبضي جو سڌو ردِ عمل نه هئا پر اهي مسلمانن خلاف آمريڪا جي اختيار ڪيل رويي جو ردِ عمل هئا. ڇو ته آمريڪا فلسطين ۾ يهودين جي حمايت ڪري ٿو. لبنان ۽ فلسطين ۾ مسلمانن جي قتلام ۾ ملوث آهي.“ هن وضاحت ڪئي.
    بن لادن مون کي چيو ته، ”هن وقت هر فلسطيني والاريل آهي، ٻي مهاڀاري جنگ دوران يورپين پڻ قبضا گيري جي مزاحمت ڪئي هئي.“ مون کيس ٻڌايو ته ”ڪو به يورپي سندس سعودي عرب جي حوالي سان دليل قبول نه ڪندو.ڇاڪاڻ جو نازين لکين يورپي قتل ڪيا هئا ۽ هينئر تائين آمريڪين هڪ به سعودي واسي قتل ناهي ڪيو. ان ڪري اها ڀيٽ ڪرڻ تاريخي ۽ اخلاقي طرح غلط آهي.“ بن لادن منهنجي خيال سان سهمت نه ٿيو.
    ”جڏهن فلسطين ۾ 60 يهودي قتل ٿين ٿا ته سڄي دنيا ٿرٿلي ۾ اچي وڃي ٿي، پر عراق ۾ 6 لک ٻارڙا مري ٿا وڃن، ته ڪنهن کي جُنبش به نٿي اچي.“ اهو بن لادن طرفان عراق بابت ڏنل پهريون بيان هو، جنهن ۾گڏيل قومن جي پابندي سبب لکين ٻارڙا موت جو شڪار ٿي ويا. ”اهي عراقي ٻار مارڻ اسلام تي حملو آهي.“ اسامه بن لادن چئي رهيو هو. ”اسان هڪ مسلمان هجڻ جي ناتي عراق ۾ آمريت جا مخالف آهيون ليڪن عراقي عوام ۽ سندن ٻارڙا اسان جا ڀائر آهن ۽ سندن مستقبل جو اسان تحفظ ڪنداسين.“ هن چيو:
    19 مارچ 1997ع تي جيئن پهرين به ذڪر ڪري آيو آهيان ته آءٌ افغانستان پنڌ پيس، اهو طالبان جو دور هو. جتي پڻ منهنجي اسامه بن لادن سان ملاقات ٿي.هو نهايت ڪمزور ۽ منجهيل نظر آيو. هن مون تي ۽ خيمي ۾ موجود ماڻهن تي نظر وڌي ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”منهنجي ڀائرن مان ڪنهن خواب ڏٺو آهي ته توهان هڪ ڏينهن اسان وٽ گهوڙي تي چڙهي ايندا. توهان باريش هوندا، ۽ توهان روحاني شخص هوندا، توهان اسان وانگر جُبو پائيندا، جنهن جي معنيٰ اوهان حقيقي مسلمان آهيو.“ اهو مون لاءِ نهايت ڀيانڪ هيو، بلڪه منهنجي زندگي جي نهايت خطرناڪ گهڙي هئي، مون اسامه بن لادن جو مطلب سمجهيو پئي، خيمي ۾ موجود ماڻهو مون ڏانهن ڏسي کلي رهيا هئاته ڪي خاموش هئا. اها مون کي مسلمان ٿيڻ جي دعوت هئي، سا به دنيا جي وڏي گهربل خطرناڪ شخص جي وچ ۾، مان خواب کي رد نٿي ڪري سگهيس، پر مان ڊڄي ويس ته ڪٿي هي شخص مون جهڙي گوري انگريز کي پاڻ وٽ رکڻ ته نٿو چاهي؟ پوءِ آخرڪار مون ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”شيخ اسامه آءٌ مسلمان ناهيان،“ خيمي ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. ”آءٌ صحافي آهيان، ڪنهن کي به ان تي شڪ نه هجڻ گهرجي، ”۽ هڪ صحافي جو ڪم سچ ٻڌائڻ آهي،“ بن لادن مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ”جيڪڏهن تون سچ ٻڌائين ٿو ته پوءِ تون سٺو مسلمان آهين.“ اسامه وراڻيو، خيمي ۾ موجود ماڻهو اها ڳالهه غور سان ٻڌن ٿا، ايئن اسامه هلڪو مُرڪيو ۽ مون ٻيهر ساهه کنيو.
    اسامه بن لادن جي ڪئمپ ڇڏڻ وقت مون کي ياد آهي ته گهگهه اونداهي هئي، اسان جبلن وچان ٽويوٽا تي واپس ورياسين، اسان رستي تي آسمان تي ٻرندڙ تارو ڏٺوسين، هڪ انگريز ۽ القاعده جي ماڻهو گڏجي ان جو نظارو ڏٺو، منهنجي ڀرسان بيٺل هڪ الجيريائي چيو ته ”مسٽر رابرٽ، توکي خبر آهي اهو تارو ڇو ٻرندو آهي؟ انهي جو مطلب اهو آهي ته اسان مٿان هڪ وڏي جنگ مڙهجڻ واري آهي.“

    (15 نومبر 2005)


    اسامه بن لادن کان انٽرويو ڪرڻ جو ڏوه: ٽائيم ميگزين

    اسپيني عدالت طرفان صحافي کي ست سال سزا


    الجزيره ٽي وي چينل جو سينيئر جنگي رپورٽرر تصيرالعوني، جنهن 9/11 کان پوءِ اسامه بن لادن جو انٽرويو ڪيو هو، اهو اسپين ۾ اڄڪلهه ڏچي جو شڪار آهي. اسپيني عدالت گذريل مهيني ئي القاعده سان سهڪار ڪرڻ جي الزام هيٺ کيس ستن سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
    اهو ڪيس اتان شروع ٿئي ٿو، جڏهن سال 2000ع ۾ العوني هڪ شامي واپاري ۽ اسپين ۾ سندس اڳوڻي پاڙيسري محمد بهيح سان پئسن جي ڏيتي ليتي ڪئي، جيڪو بعد ۾ پاڪستان هليو ويو ۽ اتي سندس واپاري لڳ لاڳاپا طالبان سان جڙيا. محمد بهيح اسپين مان پنهنجو گهر وڪڻي وچ اوڀر اُسهيو ۽ العوني کي خريدار ڏي رهيل بقايا رقم 4500 آمريڪي ڊالر موڪلي ڏيڻ لاءِ چيو، العوني اها رقم کيس پنهنجي کيسي مان ڏئي ڇڏي ۽ بعد ۾ اسپيني خريدار کان ورتائين. اسپيني جج جي خيال ۾ اها رقم دهشتگردي جي مد ۾ ڪتب آئي، جڏهن بهيح وٽ اها رقم ختم ٿي وئي، تڏهن هو القاعده سان لاڳاپجي ويو. العوني موجب مون اها رقم کيس ان ڪري فوري طور ڏني، جو هن مون کي طالبان بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏني هئي.
    مذڪوره ڪيس اسپين ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ۽ اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا العوني القاعده ايجنٽ هو يا هڪ عام رپورٽر؟ خود العوني کي به خبر نه هئي ته سندس رپورٽنگ کي ڏوهاري سرگرمين طور ليکيو ويندو. جڏهن ته کيس آيل سزا ان ڳالهه جو واضح اظهار آهي ته هاڻي اسپين جهڙا ملڪ جتي دهشتگردي مخالف قانون موجود آهن، اتي صحافي آزاد نموني سان پنهنجون صحافتي ذميواريون نه نڀائي سگهندا. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته مذڪوره ڪيس ۾ العوني کي آيل سزا کان پوءِ يورپي توڙي ٻين پرڏيهي ملڪن ۾ صحافتي آزادي خلاف قدم کنيا ويندا. جڏهن ته دهشتگردي روڪڻ واري قانون هيٺ برطانيا ۽ آسٽريليا پڻ صحافين کي پنهنجي لٺ سان هلائڻ لاءِ قانون سازي تي غور ويچار ڪري رهيا آهن.
    ياد رهي ته مارچ 2004ع ۾ ميڊرڊ بم ڌماڪن کان پوءِ اسپين حڪومت تي لڳاتار اهو دٻاءُ هو ته اها دهشتگردي خلاف هلندڙ مهم ۾ ڪي نتيجا ڏئي. العوني سان گڏ 17 ڄڻن خلاف القاعده جي حوالي سان جاچ ان دٻاءُ ۽ نتيجا ڏيڻ جو ئي حصو آهي ۽ اسپين حڪومت القاعده جي اسپين ۾ نيٽ ورڪ کي فوجي انداز سان منهن ڏيڻ بدران عدالتي طريقي سان منهن ڏئي رهي آهي. ڪيس هلائيندڙ هڪ جج، عرب هيومن رائٽس ڪميشن جي ترجمان حاتم مانا کي ٻڌايو ته هو اهڙي غلطي ٻيهر نه دهرائيندو جيڪا سندس ساٿين ڪئي هئي، جنهن ۾ انهن هڪ دهشتگرد کي آزادي ڏني جيڪو بعد ۾ ميڊرڊ بم ڌماڪن ۾ مارجي ويو. ٻئي طرف العوني جي گهرواري جو چوڻ آهي ته اسان ججن جي عتاب جو شڪار آهيون ۽ اهي پنهنجي ”اڳ ڪيل غلطيءَ “ جو حساب برابر ڪري رهيا آهن.
    ججن جي خيال ۾ العوني صحافت جي آڙ ۾ القاعده جي دهشتگرد گروپ سان سهڪاري رهيو ۽ ان دوران سندس ڪا به صحافتي سرگرمي نظر نٿي اچي، جڏهن ته العوني ان جي ابتڙ عدالت کي ٻڌايو ته مون جيڪي ڪجهه ڪيو اهو صحافتي فرض نڀائيندي ڪيو، ڇو ته مون طالبان بابت معلومات حاصل ڪرڻ پئي چاهي.
    اسپين ۾ دهشتگردي خلاف قانون سخت ڪرڻ جو معاملو انتها پسند تنظيم اي ٽي اي (ETA) کي منهن ڏيڻ دوران وڌيو آهي. ٻئي طرف تنقيد نگار اهو پڻ چئي رهيا آهن ته، ”اهڙي نوعيت جو ڪو ڪيس جيڪڏهن اولهه جي ڪنهن عدالت ۾ آندو وڃي ته جج اُن کي ڪچري جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڦٽي ڪندا.“ ٻئي طرف آزاد ميڊيا ۽ اظهار خيال جي آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪيترن ئي گروپن اسپين حڪومت طرفان هڪ ورڪنگ صحافي کي اهڙي انداز سان سزا ڏيڻ جي نه رڳو نندا ڪئي آهي، بلڪه ان کي صحافتي آزادي تي حملو پڻ قرار ڏنو آهي.

    (15 نومبر 2005)


    بش ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو: سيموئر هرش

    ويجهڙ ۾ اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون آهن ته صدر بش کي عراق مان پنهنجون فوجون واپس گهرائڻ لاءِ پنهنجي پارٽي اندر ئي سخت مزاحمت آهي. ان ڪري ايندڙ سال تائين فوجون واپس گهرايون وينديون. ڇاڪاڻ جو ايندڙ سال پارلياماني چونڊون به رٿيل آهن، جنهن ۾ گهڻو ڪري اتحادي حڪومت اچڻ جا امڪان آهن. وائيٽ هائوس پراميد آهي ته نئين حڪومت عراقي صورتحال کي پاڻهي منهن ڏئي ويندي. 19 هين نومبر 2005 تي ڪيل هڪ تقرير ۾ بش هڪ ڀيرو ٻيهر اهو عزم وجايو ته، ”جيئن ئي عراقي پنهنجن پيرن تي بيهندا، اسان ويهي رهنداسين.“ هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به عراقي سرزمين تي وڙهندڙن اسان جي ڪمانڊرن مون کي اهو ٻڌايو ته عراقي فورسز پنهنجي آزادي جو دفاع ڪري سگهن ٿا، تڏهن اسان جا فوجي جٿا حاصل ڪيل اعزاز سان گڏ واپس وطن موٽندا.“ بش انتظاميا تي عراق مان فوجن جي واپسي بابت سياسي دٻاءُ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن گذريل هفتي آمريڪا جي پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽري ڪونڊا ليزا ”فاڪس نيوز“ کي انٽرويو ۾ اهو چيو ته، ”عراق ۾ آمريڪي جٿن جو موجوده انگ گهڻي عرصي تائين برقرار نٿو رکي سگهجي. ان ڪر ي جو هاڻ عراقي پاڻ به باغين کي چڱي نموني منهن ڏئي سگهن ٿا.“ مون کي ته پينٽاگون جي هڪ اعليٰ پائي جي جنگي منصوبه ساز ٻڌايو ته صدر بش جيڪڏهن اهو محسوس ڪري ورتو ته عراقي فورسز باغي ڪاررواين کي منهن ڏئي سگهن ٿا، تڏهن هو اتان آمريڪي فوجي جٿا واپس گهرائي وٺندو. ان کان سواءِ وائيٽ هائوس ۽ پينٽاگون وٽ ايندڙ سال تائين آمريڪي فوجي جٿن جو عراق ۾ هڪ لک 55 هزار مان انگ گهٽائي 80 هزار ڪرڻ ۽ 2008ع تائين مڪمل طور فوجي جٿن جي واپسي سميت ڪيترائي پروپوزل ويچار هيٺ آهي. جنگي منصوبه ساز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان مامري تي عمل ٿيڻ منهنجي خيال ۾ مشروط آهي، جنهن لاءِ ”ڪو ٽائيم فريم“ نٿو ڏئي سگهجي. ان جو تعلق وري عراقي فوج طرفان بغاوت کي منهن ڏيڻ تي آهي. پينٽاگون جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته آمريڪي حڪومت عراق مان فوجون واپس گهرائڻ جو نه ڪو فيصلو ڪيو آهي ۽ نه وري اتان نڪرڻ جو ڪو منصوبو آهي. بس جيڪڏهن ڪو منصوبو آهي ته اهو اتي مشن مڪمل ڪرڻ جو آهي.
    فوج جي انتهائي ڄاڻو فوجي ماهرن مون کي ٻڌايو ته عراق ۾ دستا هٽايا ويندا. باقي هونئن اتي ٿيندڙ موتمار واقعن ۾ تيستائين اضافو ئي ٿيندو رهندو، جيستائين انهن تي مڪمل ڪنٽرول نٿو حاصل ڪيو وڃي. ”اسان جنگ کي گهٽائڻ جي ڪا به رٿابندي نه پيا ڪريون.“ واشنگٽن انسٽيٽيوٽ آف نيئر ايسٽ پاليسي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پئٽرڪ ڪلازن مون کي ٻڌايو پئي. ڪلازن جا خيال وائس پريذيڊنٽ ڊڪ چيني ۽ وزير دفاع ڊونالڊ رمز فيلڊ جي چوطرف رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪن ٿا. ”اسان وڙهندڙ فورسز کي ٿڏي تبديلي چاهيون ٿا.“
    عراي انفنٽري کي آمريڪي مدد ۽ جهاز راني وسيلي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ. هاڻي جتي اسان کي پڪ هوندي ته عراقي فورسز ڪاميابي ماڻي سگهندا، اتي اهي ئي منهن ڏيندا، باقي فوجن جي واپسي جنگي ميدان ۾ سندن ڪاميابي تي منحصر آهي. هو چوي ٿو، ”اسان پنهنجي فوجي جٿن جو انگ گهٽائڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته صدر بش انهن جي واپسي لاءِ به تيار آهي.“
    ڇاڪاڻ جو هو اها ڳالهه چڱي ريت سمجهي ٿو ته آمريڪي عوام 2004ع جي چونڊن تائين عراقي مسئلي جو حل چاهي ٿو.“ ”بغاوت خلاف جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ عراق ۾ خونخوار گهرو ويڙهه به جنم وٺي سگهي ٿي پر اسان ۽ اسان جا اتحادي پوءِ به سوڀارا ٿينداسين.“ هو ٻڌائي ٿو. ”جيستائين ڪُرد ۽ شيعا اسان جا حمايتي آهن. اسان اتي وڃي سگهون ٿا. اسان اُتي ڪافي عرصي کان آهيون. ان ڪري عراق جي 80 سيڪڙو عوام اسان جو پيغام سمجهي ورتو آهي،“ پينٽاگون جي هڪ صلاحڪار مون کي ٻڌايو، ”جڏهن عراق ۾ اڃا تائين غير يقيني صورتحال آهي. تڏهن فوجون واپس گهرائي باغين کي ڇو موقعو فراهم ڪيو ويندو؟ مان نٿو سمجهان ته صدر بش ايئن ڪندو، جيستائين بغاوت مڪمل طور ختم نٿي ٿئي تيستائين، هو واپس نه ويندو ۽ اهو معاملو آمريڪا جي داخلي سياست کان وڌيڪ اهم آهي،“ هاڻوڪن، اڳوڻن فوجي ۽ انٽيليجنس علمدارن مون کي ٻڌايو ته صدر بش ان ڳالهه تي سهمت آهي ته عراق ۾ جمهوريت آڻڻ سندس ذاتي مشن آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو ريپبلڪس توڙي ٻئي ڪنهن جي سياسي دٻاءُ ۾ نه ايندو.
    بش جي مذهبي نقطئه نظر بابت ويجهڙ ۾ ئي سندس هڪ اڳوڻي عملدار، جيڪو ساڻس سندس پهرئين حڪومتي دور ۾ ويجهو هو، ان پنهنجي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سندس مذهبي عقيدي ۽ عراق ۾ جنگ بابت ٻڌايو ته 11 ڊسمبر 2001 جي دهشتگرد حملي کان پوءِ بش مون کي ٻڌايو ته ”عراق ۾ دهشت گردي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ خدا تعاليٰ کيس اماڻيو آهي.“ ”ايئن بش ان ”فقري“ جي آڌار 2002ع جون چونڊون کٽيون“ سندس حق ۾ تاثر جڙيو.“ اڳوڻو عملدار چوي ٿو. عام طور تي بش چونڊن ۾پنهنجي ٻيهر سوڀ کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ريفرينڊم قرار ڏنو. جڏهن ته نجي ڪچهرين ۾ وري ان کي شيطاني قوتن کي منهن ڏيڻ ٿي چيائين. اڳوڻو عملدار ٻڌائي ٿو ته چونڊون کٽڻ کان پوءِ صدر بش عراق جو ڊگهو دورو ڪيو، هن ٻڌايو ته مون کيس چيو ته: ”اسان جنگ ڪو نه پيا کٽون“ تڏهن هن وراڻيو ته: ”ڇا هارايون پيا؟“ مون چيو: ”اڃا تائين ته نه.“ هو چوي ٿو ته صدر بش منهنجي ان جواب تي نهايت ناراض ٿيو. مون کيس اڃا ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ پئي چاهيو، پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. ”آمريڪي فوج ۾ خود فوج جي اهليت ۽ عراق ۾ وڌيڪ ٻن يا ٽن سالن تائين رهي سگهڻ بابت خدشا آهن،“ بروڪنگس انسٽيٽيوٽ جي فوجي مامرن جي ماهر مائيڪل اوهينون مون کي ٻڌايو. هن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته، ”آمريڪي فوج کي جيڪڏهن اتي رکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو تڏهن به فوج ان مان خوش نه هوندي ۽ اتي زميني فوج جو انگ وڌيڪ وڌائي سگهڻ ممڪن نه آهي.“ اهو به واضح رهي ته ڪيترائي سينيئر فوجي جنرل عراق ۾ هجڻ واري معاملي تي فرسٽريشن جو شڪار آهن. پر پنهنجي ڪيريئر کي صاف رکڻ لاءِ کليل طور ان ڳالهه جو اظهار نٿا ڪن. ”حڪومت پڻ ان ڳالهه کان ڊنل آهي ته اهي جنرل عوام ۾ نه وڃن ته چڱو.“ هڪ اڳوڻي ڊفينس جي عملدار مون کي ٻڌايو. سي آءِ اي جي هڪ رٽائرڊ سينيئرعملدار مون کي ٻڌايو ته ويجهڙ ۾ ئي سندس ساٿين مان ڪجهه عراق جي دوري تي ويا جتي جونيئر آفيسرن ۽ ڪيترن ئي جنرلن پاڻي مٿي کان گذري وڃڻ جون ڳالهيون ٿي ڪيون. پر رمز فيلڊ سان ٿيل هڪ ڪچهري ۾ جنرلن اها تنقيد بس رڳو پاڻ تائين ئي محدود رکي.
    پنسلوانيا جي سينيئر ڊيموڪريٽس جان مرٿا سان هڪ مٿين سطح جي فوجي ڪمانڊر، عراق ۾ فوجي حوالي سان پيش ايندڙ مشڪلاتن جو خانگي طور ذڪر ڪيو، ان کان پوءِ صدر بش ۽ سندس اتحادي ان وقت ڏاڍو ڪاوڙيا جڏهن 17هين نومبر تي مرٿا هائوس ۾ تقرير ڪندي عراق مان ڇهن مهينن اندر آمريڪي فوجن جي واپسي جو مطالبو ڪيو. اها تقرير معلومات سا ٽٻاٽٻ ڀريل هئي. مثال طور مرٿا جو اهو چوڻ ته گذريل سال هڪ هفتي دوران ڏيڍ سئو حملا ڪيا ٿي ويا جن جو انگ هاڻي ان کان به وڌي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عراق ۾ انهن حملن سبب گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار آمريڪي فوجي متاثر ٿيندا. جڏهن ته عراق ۾ آمريڪين کي پنهنجي دشمن طور ڏٺو وڃي ٿو. مرٿا وائيٽ هائوس جي انهن دعوائن جو پردو به چاڪ ڪيو ته عراق ۾ ٿيندڙ بغاوت ۾ پرڏيهي ويڙهاڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. مرٿا چواڻي هينئر تائين آمريڪي فوجي هڪ به پرڏيهي کي پڪڙي ناهن سگهيا. حالانڪه اولهائين صوبي انبار ۾ شام جي سرحد ويجهو انهن خلاف ويڙهه لڳارتار جاري آهي. ان ڪري اهو خيال ته حملي آور ٻاهران اچن ٿا، اسان سوچيون ٿا ته ان جو ست سيڪڙو به امڪان مشڪل ٿو لڳي. مرٿا ان خيال جو آهي ته عراق مان آمريڪي فوجي جٿا فوري طور واپس گهرايا وڃن. ”بش انتظاميا جا ماڻهو مٿس اڃا سخت ڪاوڙيل آهن ڇاڪاڻ جو هو سندن پاليسي لاءِ سياسي توڙي ٻين حوالن کان خطرو آهي.“ اڳوڻي دفاعي عملدار ٻڌايو.
    مرٿا جي تقرير کان ٻه ڏينهن پوءِ ڏکڻ ڪوريا جي اوسان ايئر فورس بيس تي ڳالهائيندي صدر بش چيو ته، ”دهشتگرد عراق کي پنهنجي انسانيت خلاف جنگ ۾ مک محاذ طور استعمال پيا ڪن. جيڪڏهن انهن کي نه روڪيو ويو ته اهي دهشتگرد پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي انسانيت کي تباهه ڪري سگهن ٿا، اسان جي خواهشن تي وار ڪري اسان جي حڪومتن کي ويڳاڻپ جو شڪار بڻائي بليڪ ميل به ڪري سگهن ٿا. پر آءٌ توهان سان اها ڪمٽمينٽ ڪريان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه منهنجي دور ۾ نه ٿي سگهندو.“ اڳوڻو دفاعي عملدار ٻڌائي ٿو ته ”هن کي ڪو به درد محسوس نه ٿيو. ڇاڪاڻ جو بش خيالي ڳالهين ۾ يقين رکندڙ آهي. ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا، مري ٿا وڃن ته ڀلي مرن رڳو چرچ وڌندا رهن.“ ”ڊڪ چيني جهڙا ماڻهو کيس رڳو مذهبي آئيڊيلزم ۾ رکڻ چاهين ٿا،“ هن ٻڌايو.
    بش جو عوام سامهون اچڻ به گهڻي ڀاڱي فوجي اڏن تي رٿيو ويندو آهي. چار ڏهاڪا اڳ صدر لائنڊون جانسن، جنهن پڻ اهڙي ئي هڪ عوامي حمايت کان وانجهيل جنگ شروع ڪئي هئي ته اهو پڻ اهڙن ئي عوامي فورمن تائين محدود ٿي ويو هو. ”جانسن اهو ڄاتو ٿي ته هو وائيٽ هائوس ۾ قيدي بڻجي رهجي ويو آهي. ”اڳوڻو عملدار ٻڌائي ٿو. ”پر بش کي ته ان جو آئيڊيا ئي ناهي. اندروني طور عراق ۾ زميني حملن بجاءِ هوائي حملا ڪرڻ بابت به آمريڪي فوج مونجهاري جو شڪار آهي. ايئرفورس جي ڪمانڊرن کي اهي به اعتراض آهن ته ٽارگيٽ جي چونڊ جيئن ته عراقي ڪندا ان ڪري اهي پنهنجي مخالفن جي چونڊ ٿا ڪن. جنگي ويڙهاڪن جي يا پنهنجي ئي فرقي جي ڪن ماڻهن جي، پوءِ ان جو ڏوهه آخر ڪنهن تي ايندو؟“ هڪ ٻئي جنگي منصوبه ساز ٻڌايو، جيڪو هاڻ پينٽاگون سان واڳيل آهي. ”ڇا ڪجهه عراقين کي القاعده سان تعلق هجڻ جي بنياد تي نشانو بڻايو ويندو يا بغاوت جي بنياد تي يا ايرانين کي؟ ان ڪري اهو نهايت پيچيده معاملو آهي.“ ايئرفورس جي رٽائرڊ جنرل چارلس هارنر ٻڌايو، هارنر 1991ع جي نار جنگ دوران اتحادين جي بمباري جو انچارج هو. ميجر مائيڪ سيڪسن ٻڌايو.
    ”عراق ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي آمريڪي فوج جي ميرين ايئر ڪرافٽ ونگ پنج هزار ٽن کان وڌيڪ گولا بارود اُڇلائي چڪي آهي. ”اهو انگ آپريشن جي پڄاڻي تائين اڃا به وڌيڪ هوندو.“
    بغداد تي قبضي دوران گهٽ ۾ گهٽ ست سو آمريڪي ماريا ويا يا زخمي ٿيا. اتان جا عام شهري ڪيترا ماريا ويا. آمريڪي علمدارن انگ ٻڌائڻ جي ڪا زحمت نه ڪئي. پر تڏهن به ميڊيا ۾ آيل رپورٽن موجب ٻارڙن ۽ عورتن جو وڏو انگ موت جو نشانو بڻيو. ويجهڙ ۾ پڻ آمريڪي بمباري ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ گهڻو تڻو بغداد ۽ شام جي سرحد ويجهو سني آبادين کي نشانو بڻايو ويو. ليزر بمن سان ٿيندڙ انهن حملن ۾ گهڻو تڻو آبادين وارا علائقا ئي نشانو بڻجن ٿا. جڏهن ته ٺڪاڻن جي تصديق به نٿي ڪئي وڃي. جيڪا ڳالهه پٿر واري دور جي ياد ڏياري ٿي.
    اينڊريو بروڪس، رائل فورس اسٽاف ڪاليج جي ايئرپاور اسٽڊيز جي اڳوڻي ڊائريڪٽر، جو چوڻ آهي ته بمباري سان بغاوت کي ختم نٿو ڪري سگهجي. ان سان رڳو ڪنهن هڪ علائقي کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو. ايئن باغي وري ڪنهن ٻئي علائقي جو رخ ڪندا. هن اهو پڻ چيو ته مون سميت ٻيا ماهر به ان راءِ جا آهن ته عراق ۾ بمباري سان مسئلو حل نٿو ڪري سگهجي.
    ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ بش انتظاميا ان راءِ جا آهن ته ڊسمبر جي چونڊن ۾ عراق جو وقتي وزيراعظم اياد علاوي اڪثريت حاصل ڪري وٺندو.
    برطانيا جي هڪ اڳوڻي صلاحڪار مون کي ٻڌايو ته ٽوني بليئر اهو ٿو سمجهي ته ”علاوي ئي هڪ بهتر اميد آهي.“ ساڳي وقت کين اهو پڻ خوف آهي ته عراقي حڪومت تي شيعا فرقي سان تعلق رکندڙن جو ڪنٽرول رهندو، جيڪي ايران کي ويجها آهن ان ڪري عراق اندر ايران کي سياسي ۽ فوجي طور برتري حاصل هوندي، ليڪن اهي اها ڳالهه به سمجهن ٿا ته علاوي ئي اهڙو شخص آهي جيڪو عراق ۾ ايراني اثر کي منهن ڏئي سگهي ٿو. ان صورت ۾ به جڏهن سال کان پوءِ بش انتظاميا پنهنجون فوجون واپس گهرائيندي. بهرحال مجموعي طرح آمريڪا ۽ برطانيا ان ڳالهه تي متفق آهن ته علاوي جي عراق جي وزيراعظم ٿي وڃڻ جي صورت ۾ اهي ڪنهن قدر عراق جي صورتحال مان مطمئن ٿي سگهندا.
    ٻئي پاسي اهو خدشو پڻ ڏيکاريو پيو وڃي ته آمريڪي فوج جي واپسي جي صورت ۾ عراق اندر سني، شيعا گهرو ويڙهه جنم وٺي سگهي ٿي. ڪيترن علائقن ۾ ته ويڙهه جهڙوڪر هينئر کان ئي شروع ٿي چڪي آهي ۽ آمريڪي فوج کي فرقيوارڻي ويڙهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي. ان جي واضح مثال طور هڪ فوجي عملدار ٻڌايو ته اتر عراق جي طل افار واري علائقي ۾ هڪ آمريڪي برگيڊ علائقي ۾ شيعا فرقي سان واسطو رکندڙ فورسز کي تحفظ ڏيڻ لاءِ مقرر آهي، جتي اهي سندن چوڻ تي سنين کي ماري رهيا آهن. هڪ آمريڪي اسپيشل فورس جي رٽائرڊ سپاهي موجب، ”ماڻهن جي دل به مون وانگر ٽٽل آهي.“

    (15 جولاءِ جنوري 2005)


    ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ جي شاهدي سي آءِ اي ڏيڻ لڳي: سيموئر هرش

    نومبر ۾ ٿيل آمريڪا جي مڊٽرم چونڊن کان هڪ مهينو اڳ نائب صدر ڊڪ چيني ايگزيڪيوٽو آفيس بلڊنگ ۾ نيشنل سيڪيورٽي جي هڪ بحث مباحثي ۾ ويٺو هو. ڳالهه هلندي سياسي رخ اختيار ڪيو. سوال اهو اٿاريو ويو ته جيڪڏهن سينيٽ ۽هائوس ۾ چونڊون ڊيموڪريٽس کٽيون ته پوءِ آمريڪا جي ايران پاليسي ڇا بيهندي؟
    ايران جيڪو لڳ ڀڳ نيوڪليئر پاور بڻجي چڪو آهي. ان موقعي تي انهي بحث ۾ شريڪ هڪ عملدار چواڻي ڊڪ چيني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 7 نومبر تي ڊيموڪريٽس کٽي به اچن ٿا تڏهن به اها سوڀ آمريڪي انتظاميا کي ايران خلاف فوجي ڪارروائي واري آپشن کان روڪي نه سگهندي.
    دراصل وائيٽ هائوس کي اها ڳڻتي ڪا نه هئي ته ڪو ڊيمو ڪريٽس جي کٽي اچڻ سان سندن ايران ۾ جنگي حوالي سان فنڊن ۾ ڪا ڪٽوتي ٿيندي بلڪه کين ڳڻتي ان ڳالهه تي هئي ته ڊيموڪريٽس جي جيت سان جيڪا قانون سازي ٿيندي، اها کين ايران کي ٽارگيٽ بڻائڻ لاءِ مالي امداد کان روڪيندي ”اهي ڏاڍا ڊنل هئا ته ڪانگريس ايران کي نشانو بڻائڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي.“ هڪ اڳوڻي سينيئر انٽيليجنس علمدار مون کي ٻڌايو.
    اڄڪلهه ڪجهه اڳوڻا ۽ هاڻوڪا عملدار پنهنجي انٽرويوز ۾ اهي سوال ضرور اٿاري رهيا آهن ته ڊڪ چيني صدر بش جي صدارت جي گذريل ٻن سالن دوران هاڻي ايترو موثر رهيو آهي، جيترو هو شروعاتي ڇهن مهينن دوران هو؟ چيني ته عراق صورتحال بابت پر اميد هو، هن آڪٽوبر مهيني ۾ ”ٽائيم“ ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته: ”مون کي خبر آهي ته صدر بش عراق بابت ڇا ٿو سوچي، اهو ڄاڻان ٿو ته آءٌ ڇا ٿو سوچيان ۽ اسان عراق مان واپسي واري حڪمت عملي تي نه پيا ويچاريون، اسان جي نظر فتح تي آهي.“ هو ان ڳالهه ته به واضح هو ته جيڪڏهن بش انتظاميا ضروري سمجهيو ته ايران خلاف فوج ڪشي ڪئي ويندي. هن اسرائيل جي هڪ گروپ آڏو اها ڳالهه به واضح ڪئي هئي ته ”اسان وٽ سڀ آپشن کليل آهن ۽ ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين.“
    8 نومبر تي جڏهن هائوس ۽ سينيٽ ۾ ريپبلڪن هارائي ويا، تڏهن بش دفاع واري وزير رمزفيلڊ کان استعيفيٰ ورتي ۽ ان جي جاءِ تي رابرٽ گيٽس کي مقرر ڪيو ويو. انهن نتيجن بابت عام راءِ اها آهي ته بش کي عراق صورتحال جي ڪري اها قيمت ادا ڪرڻي پئي. سي آءِ اي جي هڪ اڳوڻي عملدار مون کي اهو پڻ ٻڌايو ته ڊڪ چيني ۽ رمزفيلڊ جي پاڻ ۾ انڊراسٽينڊنگ اندروني انتظامي مامرن بابت به هئي. پر هاڻي رمزفيلڊ جي جاءِ تي گيٽس جو اچڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته سندس ري پبلڪس ان بنياد تي حمايت ڪئي آهي ته جيئن ڊڪ چيني جو وائيٽ هائوس مان اثر رسوخ گهٽائي سگهجي. مذڪوره سي آءِ اي علمدار جو اهو پڻ چوڻ هو ته ان حوالي سان اهم فيصلو ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اڳيان اچي ويندو. حالانڪه بش ڊڪ چيني جي صلاحيتن تي گذريل ڇهن سالن کان عمل ڪندو اچي. هاڻي هو ان تي عمل ڪندو يا نه؟ ان جي ترت خبر پئجي ويندي.
    رچرڊ آرميٽيج، بش جي پهرئين دور جي نائب پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو ته رمز فيلڊ جي جاءِ تي گيٽس جي نامزدگي ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته آمريڪا ايران جي مامري ۾ به ملٽري آپشن کان پٺتي هٽيو آهي. هاڻي گيٽس ۽ ٻيا فيصلي ساز گڏجي ايران سان ڳالهه ٻولهه وارو ڪو دڳ ڪڍندا.“ عراق جي خراب صورتحال اسان جي سامهون آهي. جڏهن ته افغانستان جي صورتحال جيئن نظر اچي ٿي، ان کان وڌيڪ خراب آهي.“ آرميٽيج چيو. ”هڪ سال اڳ طالبان اسان سان اٺن کان ٻارنهن ماڻهن جي گروهه جي شڪل ۾ وڙهي رهيا هئا. هاڻ انهن جو تعداد ان کان گهڻو وڌي ويو آهي. ايران تي بمباري ڪجي ۽ پوءِ اها اميد ڪجي ته اتان جو عوام اٿي کڙو ٿئي ۽ حڪومت جا ٽپڙ ويڙهائي ڇڏي، وائيٽ هائوس جي اهڙي سوچ ”ديواني جي خواب“ وانگر آهي.“ هو پنهنجي ڳالهه ۾ اضافو ڪري ٿو.
    هڪ اڳوڻي سينيئر انٽيليجنس عملدار چواڻي عراق ۾ رمزفيلڊ واري تجربي کان پوءِ آمريڪي ڳجهن ادارن بش کي ايران بابت پاليسين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ چيو آهي. گيٽس به ان سلسلي ۾ جنگ بدران ڳالهين واري آپشن جو حامي آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بش کي ڪيترن ئي سينيئر عملدارن ايران خلاف فوجي طاقت استعمال ڪرڻ بدران سڌين ڳالهين ڪرڻ جو گس وٺڻ جي صلاح ڏني آهي.
    ٻئي طرف ڪونڊاليزا رائس هڪ مهينو اڳ ايران بابت اهو چئي چڪي آهي ته: ”ايران کي اهو سمجهڻ کپي ته اهو عراق ۾ صورتحال خراب ڪري پاڻ لاءِ ڪا بهتري نه پيو ڪري.“ جڏهن ته آگسٽ ڌاري صدر بش به اهو چيو هو ته ”عراق ۾ جمهوريت کي روڪڻ لاءِ ايران اتي هٿياربند گروپن جي حمايت ڪري رهيو آهي.“
    بش انتظاميا جي هڪ صلاحڪار مون کي ٻڌايو ته ايران خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جي سوچ رکندڙن مان ڪجهه ماڻهن جو مقصدر رڳو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي ناهي. بلڪه اهو حملو هڪ قسم جو پيغام هوندو ته آمريڪا پنهنجي مقصدن جي پورائي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا ايران جو نيو ڪليئر نيٽ ورڪ ختم نه به ڪري سگهيو ته 36 ڪلاڪن جي اها بمباري رڳو ايرانين کي اهو ياد ڏيارڻ لاءِ هوندي ته بم ٺاهڻ ۾ مقتديٰ الصدر جي حمايت ڪرڻ جي ڪيتري نه ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.
    تازو فارين پاليسي جرنل ۾ جوسٽئا مئروڪ نالي هڪ قدامت پسند پنهنجي مضمون ۾ بلڪل واضح انداز سان لکي ٿو ته ” مسٽر بش هاڻي غلطي جي گنجائش ناهي، پنهنجو مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ايران تي بمباري ڪري ان جي ايٽمي صلاحيت ختم ڪري ڇڏيو.“ جڏهن ته وچ اوڀر جي مامرن جي ماهر ۽ نائب صدر ڊڪ چيني جي ماهراڻي اسٽاف ۾ شامل ڊيوڊ وومر جيڪو عراق تي حملي ۽ صدام کي هٽائڻ جو وڏو حامي هو. ان جو خيال آهي ته ”ايران ۾ موجوده حڪومت جي خاتمي کان سواءِ عراق ۾ صورتحال جي بهتري ناممڪن آهي.“
    ايران تي حملي جا حامي آمريڪي عملدار هاڻي ان ڪري به مونجهاري جو شڪار آهن جو آمريڪن سي آءِ اي طرفان ڪيل تحقيقات ۾ وائيٽ هائوس طرفان ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجڻ واري دعويٰ کي چئلينج ڪيو ويو آهي. سي آءِ اي کي تحقيق دوران اهڙي ڪا به شاهدي نه ملي آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿي سگهي ته ايران وٽ سولين مقصدن جي استعمال کان سواءِ ڪا ايٽمي ٽيڪنالاجي آهي، حالانڪه اهڙي معلومات ايران، انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي کي به ڏئي چڪو آهي. واضح رهي ته سي آءِ اي جي اهڙي انڪشاف سامهون اچڻ کان پوءِ ان جي ذميوارن سان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو، پر ان تي راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.
    سي آءِ اي جي اها رپورٽ سيٽلائيٽ وسيلي حاصل ڪيل فني معلومات تي ٻڌل آهي، ان کان سواءِ پاڻي جا نمونا ۽ پاور پلانٽس مان هٿ ڪيل معلومات ۽ا يران جي نيوڪليئر پلانٽس ويجهو گذريل هڪ سال کان موجود پنهنجي مخبرن جي ڏنل اطلاعن کان پوءِ جي ڏنل اطلاعن کان پوءِ سي آءِ اي ان نتيجي تي پهتي آهي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي موجود ناهي.
    انٽيليجنس جي موجوده هڪ عملدار سي آءِ اي جي اهڙي تجزياتي رپورٽ جي تصديق ڪندي چيو ته وائيٽ هائوس ان رپورٽ کي تسليم نه پيو ڪري . ساڳي وقت ڊڪ چيني ۽ ان جي حامين به اهڙي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ساڳي وقت پينٽاگون جي ڊفينس انٽيليجنس ايجنسي پڻ سي آءِ اي ۽ وائيٽ هائوس کي خبر دار ڪيو آهي ته ايران ۾ نيوڪليئر هٿيار ڳولئي نه لڀندا، ان ڪري ان حوالي سان ڪا غلطي سرزد نه ڪئي وڃي.
    گذريل هفتي ايراني صدر احمدي نزاد اهو اعلان ڪيو آهي ته ”ايران عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿو، پر هاڻي وقت ايرانين جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڪري ايران يورينيم جي افزودگي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيندو.“
    بش عوامي دٻاءُ سبب ظاهري طرح ايران سان ڳالهين جي ذريعي مامرا نبيرڻ جي به ڪنهن حد تائين خواهش رکي ٿو، جنهن لاءِ اهو چين، روس فرانس، جرمني ۽ برطانيا سان لڳاتار رابطي ۾ آهي. ويجهڙ ۾ اهڙين ڳالهين واري عمل کي ان وقت ڌڪ لڳو، جڏهن روس ۽ چين آمريڪا طرفان گڏيل قومن طرفان ايران تي سخت پابنديون مڙهڻ واري راءِ کي تسليم نه ڪيو. صدر بش جو خيال آهي ته ايران سان ڳالهين کان اڳ ان کي يورينيم جي افزودگي مڪمل طرح روڪڻي پوندي.
    هاڻي ڏسجي ته صدر بش سي آءِ اي جي آيل رپورٽ، ڊيموڪريٽس جي سوڀ، عراق ۾ ناڪام پاليسي ۽ ايران تي فوج ڪشي خلاف عوامي دٻاءُ کان پوءِ ڪهڙو ٿو گس وٺي؟ باوجود ان جي ته آمريڪا پنهنجي ضد تي بيٺو آهي ۽ احمدي نزاد پنهنجي ڳالهه تي. ان صورتحال ۾ وچ اوڀر جي معاملن جي هڪ ماهر مون کي ٻڌايو ته ”ايران وچ اوڀر جي اڀرندڙ قوت آهي، ان ڪري ان کي پنهنجي دفاع لاءِ هٿ پير هڻڻ جو حق به هجڻ گهرجي.“

    (15 ڊسمبر 2006)


    فلسطين ۾ ظلم جي ڪاري رات اڃا به جاري: جمي ڪارٽر

    اڄڪلهه فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو دنيا کان اوجهل ناهي. فلسطينين سان اسرائيل طرفان ٿيندڙ ڏاڍ پٺيان آمريڪا جي ٿڦڪي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. معصوم فلسطينين سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جنهن مان لڳي ايئن ٿو ڄڻ انهن ڪو وڏو گناهه ڪيو هجي! سندن ڏوهه فقط اهو آهي ته انهن اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏنا، جن جو تعلق حماس سان آهي. ان کان پوءِ انهن ماڻهن جي آمدني جي وسيلن، ٻاهرين دنيا تائين رسائي ۽ زندگي جي اهم ضرورتن کان کين محروم رکيو پيو وڃي.
    فلسطين ۾ هن وقت اسڪول ۾ پڙهائيندڙ استاد هجن، اسپتال جون نرسون، سماجي ڪارڪن، پوليس آفيسر، هاري ناري توڙي دڪانن تي مزدوري ڪندڙ ماڻهو، اهي سڀ جو سڀ خوشحال زندگي جي اميد تي زندهه آهن. جنوري 2006ع ۾ ٿيل چونڊن کان پوءِ راءِ عامه جاچڻ لاءِ جيڪا سروي ڪئي وئي، ان جي نتيجن موجب 80 سيڪڙو فلسطيني هاڻي به اسرائيل سان اهڙو معاهدو چاهين ٿا، جنهن جو بنياد عالمي روڊ ميپ وارن واعدن تي رکيل هجي. جيتوڻيڪ الفتح پارٽي جي ميمبرن حماس سان گڏيل حڪومت ٺاهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان هوندي به الفتح جي اڳواڻ محمود عباس کي صدر طور اڄ به 70 سيڪڙو فلسطيني عوام جي حمايت حاصل آهي.
    اها حقيقت ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي ته گذريل ڏهن ورهين دوران فلسطيني عوام ٽن چونڊن جو اهتمام ڪيو، جيڪي شفاف پڻ هيون، هر سيٽ تي مقابلو سخت هو پوءِ به ڪٿي تشدد جو واقعو پيش نه آيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته چونڊ نتيجن کي کٽيندڙ توڙي هارائيندڙ ٻنهي ڌرين کليل دل سان قبول ڪيو.
    ڪارٽر سينٽر هينئر تائين دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيل 62 عام چونڊن کي مانيٽر ڪري چڪو آهي. اسان جو اندازو آهي ته عوامي خواهشن جي بهترين عڪاسي ويجهڙ ۾ ٿيل فلسطيني چونڊن ۾ سامهون آئي. حماس، قانون ساز اسيمبلي جي سيٽن تي جيڪا واضح سوڀ حاصل ڪئي آهي ان جو هڪ ڪارڻ اهو آهي ته ووٽ ڏيندڙ يعني عوام امن جي قيام بابت مايوس ٿي چڪو آهي. اسرائيل، جو آمريڪا سان اتحاد آهي ۽ گذريل پنجن ورهين کان امن بابت ٺوس ڳالهه ٻولهه کان نٽ نٽاءُ ڪندو رهيو آهي. فلسطين طرفان جنهن جي به ڳالهه ٻولهه لاءِ چونڊ ڪئي وئي اسرائيل ان کي تسليم نه ڪيو، جنهن ڏينهن محمود عباس جي پارٽي کي ويجهڙ ۾ ٿيل فلسطيني عام چونڊن ۾ شڪست ملي، مونکي هن پاڻ ٻڌايو ته سندس پنهنجي حڪومت پڻ جيئاپي جي جنگ وڙهي رهي آهي. روزمره جي خرچن لاءِ رقمون گهربل آهن. معاشي بحران چوٽ تي آهي. فلسطين اسرائيل سميت سڄي دنيا کان ڪٽجي چڪو آهي. فلسطيني حڪومت اڳ ۾ ئي 90 ڪروڙ ڊالرز قرض جي بار هيٺ دٻيل آهي ۽ ايندڙ مهيني ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ ٽڪو به ناهي. اسرائيل والاريل علائقن جي عوام لاءِ هڪ قسم جو اضافي بار آهي. اسرائيل ۽ آمريڪا اهو ٿا سمجهن ته اقتصادي دٻاءُ جي اڳيان حماس حڪومت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندي. اهو نه وسارڻ گهرجي ته حماس جا اڳواڻ گذريل 18 مهينن کان عارضي فائربندي تي عمل پيرا آهن. مون کي حماس جي هڪ ترجمان ٻڌايو ته جيڪڏهن اسرائيل به موٽ ۾ سهڪار ڪري ته ان جنگبندي جو مدو ٻن کان ڏهن ورهين بلڪه 50 ورهين تائين به وڌي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ حماس جي اڳواڻ اسرائيلي رياست کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته اسرئيل فلسطين جي ڪيترن ئي علائقن تي قابض آهي. ان هوندي به فلسطيني وزيراعظم اسماعيل هانيه، صدر محمود عباس ۽ اسرائيلي وزيراعظم ايهود المرت وچ ۾ امن ڳالهين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسماعيل هانيه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڄاڻايل امن ڳالهيون ڪنهن اهڙي معاهدي تي ٻڌل هونديون، جيڪو فلسطيني عوام لاءِ به قابل قبول هجي ته پوءِ حماس اسرائيل بابت پنهنجو موقف تبديل ڪري سگهي ٿي. پيچيده ۽ ڊگهي مدي وارن سياسي لاڳاپن کان هٽي ڪري ڏٺو وڃي ته پيڙهيل مظلوم ۽ بي گناهه فلسطيني عوام کي وڌيڪ سزا ڏيڻ آمريڪا، اسرائيل ۽ سندن اتحادي ملڪن لاءِ هڪ طرح سان ضمير جي آواز جي نفي آهي.
    ياد رهي ته فلسطيني عوام جيڪو ساليانو پنج ڪروڙ ڊالر ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مَد ۾ ادا ڪري ٿو. اسرائيل اها رقم به روڪي ڇڏي آهي. حالانڪه اها رقم غير متنازعه طور فلسطينين جي آهي. ڪجهه عرب ملڪن انساني بنيادن تي ٿورا ٿڪا فنڊ فلسطين لاءِ مخصوص ڪيا آهن، تنهن هوندي به آمريڪي حڪومت اردن ۽ ٻين ملڪن جي بئنڪن کي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به بئنڪ اها مالي امداد فلسطين حڪومت کي منتقل ڪرڻ جي جرئت ڪئي ته پوءِ اها پنهنجو وجود قائم نه رکي سگهندي.
    ڏٺو وڃي ته هن مرحلي تي اها اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي ته فلسطين ۾ اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ ليڪن عالمي برادري لاءِ اهو تمام وڏو صدمو هوندو ته سرزمين جي ٻن رياستن جي پر امن بقا جي اميد ختم ٿي وڃي. 1978ع ۾ ڪئمپ ڊيوڊ معاهدي کان اڳ مصر ۽ ٻين عرب ملڪن ۽ 1993ع ۾ ٿيندڙ اوسلو معاهدي کان پهرين پي ايل او وانگر حماس به هينئر تائين اسرائيل کي هڪ جائز ۽ اقتدار اعليٰ جي مالڪ رياست طور مڃڻ کان انڪاري آهي. جڏهن ته اسرائيل وري ان کي پر امن طور زندهه رهڻ جو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اها ڳالهه اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته ان جو ڪو قابل قبول حل ڳولي لهي.
    ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ پائيدار ۽ مستقل ”ٻه رياستي حل“ فلسطين ۽ اسرائيل ٻنهي جي ضرورت آهي. ليڪن فلسطين جي چونڊيل اڳواڻن کي سزا ڏيڻ لاءِ عوام کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪري ڇڏڻ تمام وڏي زيادتي آهي ۽ اهڙو گس قطعي طور امن طرف نٿو وڃي.
    (15 جون 2006)
    ليکڪ اڳوڻو آمريڪي صدر ۽ عالمي امن ۽ صحت لاءِ ٺاهيل پنهنجي تنظيم ”ڪارٽر سينٽر“ جو سربراهه آهي.


    عراق ورهاڱي واري گس تي!: ٽائيم ميگزين

    عراق ۾ تشدد جي لهر جاري آهي، روزانو ڪيترائي ماڻهو آپگهاتي بمن جو بک بڻجي رهيا آهن. باوجود انهي جي آمريڪا بهادر ان ڳالهه تي ڳت ڏئي رهيو آهي ته سندس عراق ۾ جاري جنگ فتح جي ويجهو آهي. اها ڳالهه شايد ان لحاظ کان درست هجي جو صدام حسين جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا جوا هو خواب هو ته عراق ۾ اهڙي اندروني ويڙهه جنم وٺي ۽ ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن بڻجي وڃي، جيئن مجموعي طرح عراقي عوام جو اتحاد ڪمزور ٿي وڃي ۽ پوءِ کين نسلي گروهه بندي جي بنياد تي ورهائي مٿن حڪمراني ڪجي.
    آمريڪا بهادر جي انهي خواب جي تصديق اِجهو آمريڪي دانشور ۽ ڪتاب ”عراق وار“ جو ليکڪ انٿوني ايڇ ڪارڊيس هيئن ڪري ٿو: ”سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته آمريڪا عراق کي ٽن مذهبي گروهن ۾ ورهائي ڇڏيندو. اهو منصوبو پڪ سان عراقي باغين لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. ليڪن سياسي مبصرن جو اهو خيال ان لحاظ کان غلط آهي ته ملڪ جو ٽٽڻ عراق ۽ خود آمريڪا لاءِ فائديمند نه هوندو، ايئن ٿيڻ سان عراقي عوام جون زندگيون وڌيڪ عذاب بڻجي وينديون. هن وقت صورتحال اها آهي ته عراق ۾ مختلف مذهبي ۽ نسلي گروهن جهڙوڪ سني عرب، عراقي شيعن، ڪردن، توڙي ٻين سياسي گروهن لاءِ ڪا واضح حڪمت عملي نظر نٿي اچي. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته عراق صدام حسين جي دور کان ئي نسلي متڀيد جو شڪار هو، ملڪ ۾ تڏهن به بيروزگاري عروج تي هئي. آمريڪا طرفان جنگ مڙهڻ کان پوءِ نه رڳو ملڪ معاشي طرح بلڪل ختم ٿي چڪو آهي بلڪه بک ۽ بيروزگاري به حد کان وڌي وئي آهي. مٿان وري آپگهاتي حملن سبب ماڻهو موت جي پاڇي ۾ ساهه کڻڻ تي مجبور آهن.
    ڪنهن به ملڪ جو ورهاڱو ڪيترو اذيتناڪ عمل هجي ٿو ان جو اندازو اتر آئرلينڊ ۽ بالڪنز جي تاريخ مان به لڳائي سگهجي ٿو. ڪرد عراقي علائقي ڪرڪ سان تعلق رکن ٿا جيڪو عراقي شهرن لاءِ تيل جي چاٻي مثل آهي. ان ڪري ڪردن کي اتان ڪڍڻ خراب صورتحال کي جنم ڏئي سگهي ٿو. اهڙي طرح بصره اڳواٽ ئي شيعا رضاڪارن جي ڪنٽرول ۾ آهي، فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ به شيعن ۽ ڪردن جي اڪثريت آهي. ليڪن آمريڪا جيئن ته عراق جو ورهاڱو ۽ پنهنجي مستقل موجودگي چاهي ٿو، ان ڪري تشدد وارين ڪاررواين کي هوا ڏني پئي وڃي. جيئن اهو جواز پيدا ٿي سگهي. ان ڪري ئي آمريڪا ان ايجنڊا تي هلي پيو.
    عراقي صورتحال سبب ترڪي آبادي پريشاني ۾ مبتلا آهي. ان ڪري اهي عراقي ڪردن جي مدد ۾ ڪا دلچسپي نه پيا وٺن. بصره جي شيعا آبادي ڏاکڻي حصي جي تيل تي قبضي جي خواهشمند آهي. اهڙي صورتحال ۾ عراق جو ورهاڱو علائقائي استحڪام لاءِ به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. عراقي سني القاعده جي پچ تي وڙهي پنهنجو اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. اهي انتها پسند باغي، عراقي عوام کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته عراق جي صورتحال وڌيڪ بدتر ٿي ويندي.
    آمريڪا بابت جيڪا ڳالهه چئي وڃي ٿي سا اها آهي ته اهو ڊڄي عراق مان وڏي انگ ۾ پنهنجي فوج ڪڍي ويو ۽ مجبور عراقين کي مختلف لساني گروهن ۾ ورهائي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيائين ۽ هاڻي اهي هڪٻئي جون سسيون لڻي رهيا آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته عراق جي تباهي ۾ آمريڪا جو وڏو ڪردار آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عراق جي 28 ملين عوام کي جهنگ جي قانون جي آسري تي ڇڏڻ بجاءِ، سندن واهر ڪئي وڃي.!

    (15 جنو 2006)


    آمريڪا، ايران تڪرار وڌي وڻ ٿي ويو: سيما مصطفيٰ

    2 فيبروري تي ويانا ۾ انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز جي ٿيندڙ اجلاس دوران ٽن يورپي ملڪن جا نمائندا ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي جا سگهارا کيڏاري اتي هوندا ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي وڌ مان وڌ ڪوشش اها آهي ته اهو ڀارت کي ڪنهن به ريت ايران جو ايٽمي معاملو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي موڪلڻ بابت ايران جي حمايت کان پري رکي ته جيئن IAEA جي ويانا واري اجلاس تي ان حوالي سان اثر انداز ٿي سگهي. ”اسان پنهنجي موقف تي ڪار بند رهنداسين،“ آمريڪي سياسي معاملن جو انڊر سيڪريٽري نڪولس برنس چوي ٿو. واضح رهي ته برنس اڄڪلهه ان مشن نڪتل آهي ته جيڪڏهن ڀارت طرفان ايران جي ايٽمي معاملي تي حمايت جي کيس پڪ ٿي وڃي ته ان بعد ڀارت سان آمريڪا سول ۽ فوجي لاڳاپا ڇنڻ تي به غور ڪري سگهي ٿو. هڪ آمريڪي سفارتڪار مون کي اهو به چيو ته، ”جيستائين ڀارت، ايران ايٽمي معاملي تي حمايت جاري رکندو تيستائين نيوڪليئر معاملي بابت ڪنهن به آمريڪي ڪانگريس يا ڪليئرنس جي ضرورت ناهي، نه وري ڪو ڪمپرو مائيز ڪنداسين.“
    ياد رهي ته گذريل سال جولاءِ مهيني ۾ ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه آمريڪا ويو هو، سندس دوري جون ٻه مُک ايجنڊائون هيون. انهن مان هڪ هئي ايٽمي معاملي تي ڊيل ۽ ٻي ايجنڊا هئي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ مستقل سيٽ. چيو وڃي ٿو ته ٻنهي معاملن تي ڀارتي وزيراعظم ۽ آمريڪي انتظاميا وچ ڳالهيون ٿيون. جنهن ۾ پهرين بدران ٻي ايجنڊا تي وڌيڪ زور ڏنو ويو ۽ مجموعي طرح اها راءِ سامهون آئي ته جيڪڏهن آمريڪا سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيٽ تي ڀارت جي حمايت ڪئي ته ان جو واشنگٽن ڏانهن جُهڪاءُ اڃا به وڌندو. ‘باوجود ان جي آمريڪي پرڏيهي کاتو ان راءِ جو آهي ته ڀارتي حڪومت ايٽمي معاملي کي اڳيان آڻي، گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيٽ حاصل ڪرڻ گهري ٿو، پر اها ڪنهن به ايشيائي ملڪ کي نه ملڻ گهرجي. ٻئي طرف آمريڪا طرفان ايران جي صدر احمدي نزاد لاءِ اها راءِ به عالمي طور هموار ڪئي پئي وڃي ته هو ”جنوني“ قسم جو ماڻهو آهي. ”آزاد ۽ خودمختيار قوم جي ڳالهه ڪري ٿو. ان ڪري پنهنجو بم به چاهي سگهي ٿو.“ جرمني سان لاڳاپيل ڊاڪٽر مائيڪل ٻڌائي ٿو.
    نڪولس برنس توڙي ٻيا آمريڪي به انهي راءِ جا آهن ته احمدي نزاد کي به صدام وانگر هٽايو وڃي. ايران جو حشر به عراق جهڙو ئي ٿيڻ گهرجي. ان لاءِ آمريڪين وٽ فوجي ڪارروائي جو آپشن آهي. جڏهن ته ٽي يورپي ملڪ سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ گهرن ٿا. هن مهل به يورپي اهو ٿا سمجهن ته جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف فوجي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو تڏهن به کين اها اميد آهي ته اهي ان کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويندا. هن وقت آمريڪا کي ايئن ڪرڻ کان روڪڻ واري ٿيوري پٺيان ڪنهن ملڪ جي آزادي ۽ خودمختياري کي للڪارڻ وارو فيڪٽر گهٽ ۽ ان جو عراق ۽ افغانستان جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هجڻ واري فيڪٽر جو وڌيڪ عمل دخل آهي. ڇاڪاڻ جو آمريڪا داخلي طور تي آمريڪي عوام کي هڪ ٻي جنگ لاءِ Justify ڪرڻ جي قابل ناهي.
    ان سلسلي ۾ ايران ڇا ڪيو آهي، جيڪو ڀيانڪ آهي؟ ايران اين پي ٽي (NPT) تي صحيح ڪندڙ ملڪ هجڻ سان گڏ ان ايڊيشنل معاهدي تي به صحيح ڪري چڪو آهي، جنهن جي روءِ سان انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جا انسپيڪٽر مختصر نوٽيس تي سندس ايٽمي ٺڪاڻن جو معائنو ڪري سگهن ٿا. ايران ته پنهنجي نتناز واري ايٽمي ٺڪاڻي کي به کولي ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ته اهو پرامن مقصدن لاءِ آهي ۽ ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي انسپيڪٽرن کي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ان مسئلي تي نه رڳو ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي حامي ڀري بلڪه دوستاڻي ماحول خاطر روس سان به ڳالهين لاءِ دروازا کليل رکيا. باوجود ان جي آمريڪا ۽ ٽي يورپي ملڪ اهو ٿا سمجهن ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي پيو، جيڪا سندن پاڻ هرتو ٿيوري IAEA (انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي) تي عدم اعتماد پڻ آهي. ساڳي وقت اهو مذڪوره ايجنسي جي اهليت تي به شڪ آهي ته اها ڪنهن پر امن ايٽمي پروگرام کي ايٽمي هٿيارن ۾ تبديل ڪرڻ کان روڪڻ جي اهليت نٿي رکي.
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت ڪي ڌريون رڳو ايران جون ان ڪري حامي ناهن ته اهو ڀلي بم ٺاهي، پر اهي ان ڪري ان جي حمايت پيون ڪن جو هڪ خودمختياري صدر، خودمختيار ملڪ ۽ مهذب قوم خلاف مهم هلائي پئي وڃي. اهڙي ئي مهم سندن پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي خلاف بيهي ٿي. بش جا انتظامي عملدار پوءِ به اها دعويٰ ٿا ڪن ته اهي ملڪ جي قومي مفاد ۾ قدم کڻي رهيا آهن. اهڙي ڳالهه سان ڪنهن کي ڪو به اختلاف ناهي. پر مسئلو تڏهن ٿو پيدا ٿئي جڏهن ٻين ملڪن جي قومي مفادن کي ڇيهو رسائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ برنس ۽ سندس ساٿي ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ڪري ان کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ايران جي حمايت جي صورت ۾ سندس قومي ۽ سياسي مفاد به داءُ تي لڳل آهن، جڏهن ته ٽن يورپي ملڪن ۽ آمريڪي پاليسي به ٻه رخي آهي. ايران جي ايٽمي معاملي بابت ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن. خاص طور تي ايراني صدر احمدي نزاد بابت اهو پيو چيو وڃي ته هو هڪ اهڙو شخص آهي جنهن تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. ٻئي طرف وري آمريڪا جي اها به ڪوشش آهي ته ايران جو معاملو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل موڪلڻ بابت چين ۽ روس کي ايران جي حمايت تان هٿ کڻائجي. واضح رهي ته ايران اهو به اعلان ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن معاملو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ موڪليو ويو ته اهي ايٽمي معاملي تي ٿيندڙ سڀ ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيندا. ڇا ان سان ايران تي پابنديون اڃا سخت ٿينديون؟ ان جو ڪو به جواب ناهي. ڀلا ايران جي هاڻوڪي صدر احمدي نزاد بابت ڇا خيال آهي؟ حقيقت ۾ دنيا مذڪوره صدر بابت غلط اندازا هڻي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو هن ايران جي هاڻوڪي بحران ۾ اتفاقي طور عوامي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي. هن جا بيان هوا ۾ تير ناهن، بلڪه اهي ايران جي قومي موقف جو ورجاءُ آهن. جڏهن ته ايران ۾ انگريزي ڳالهائيندڙ طبقو عوامي راءِ کان شناسائي نٿو رکي ۽ ايراني صدر، جيڪو پاڻ عوامي ماڻهو آهي، گهٽين مان چونڊجي آيو آهي، اهو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو. ايراني جيڪي سندس چونڊجڻ مهل محتاط هئا هاڻي انهن ساڻس هٿ ملائي ورتو آهي ۽ اهي اهو سمجهن ٿا ته سندن ملڪ جو صدر نهايت احتياط سان معاملا هلائي پيو. هن اهو به واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيستائين سندس حڪومت آهي ڪنهن به ڌمڪي کان نه ڊڄنداسين. ٻئي طرف آمريڪا طرفان ايران کي ڌمڪين ڏيڻ واري معاملي ۾ اڃا به تيزي اچي وئي آهي. جڏهن ته بش کي خود هڪ نئين جنگ شروع ڪرڻ لاءِ داخلي طور سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
    واضح رهي ته خود ڀارت جي پاليسي اڃا واضح ناهي. جڏهن ته ايران معاملي تي آمريڪا جو به مٿس وڏو پريشر آهي. حالانڪه ڀارت، ايران ۽ پاڪستان اين پي ٽي تي صحيح ڪندڙ ملڪ آهن ۽ اهي حدن اندر رهي پنهنجا پروگرام هلائي سگهن ٿا، باوجود ان جي ايران وڌيڪ عتاب جو شڪار آهي. اسرائيل ته ايران جي صدر احمدي نزاد کان به ٻه هٿ اڳتي وڌي بيان ڏئي رهيو آهي. ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه جو خيال آهي ته ڀارت پاڙيسري ايٽمي ملڪ ڏسڻ جو خواهشمند ناهي. ساڳي وقت کيس به خبردار رهڻ گهرجي ته ايشيا خطي ۾ ٻيا ملڪ به ڀارت توڙي سندس اتحادي بم ٺاهيندڙ ملڪن کي ايٽمي طاقت ڏسڻ نه ٿا چاهين.؟

    (15 فيبروري 2006)


    آمريڪا ـ ايران تڪرار ڇيهه ڪٿي ٿيندو؟ : وارن ڪرسٽوفر

    ويجهڙ ۾ ئي آمريڪا، ايران سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو آهي، جيڪا نهايت چڱي ڳالهه آهي. آمريڪا جي اهڙي اعلان مون کي پنهنجو 25 ورهيه پراڻو تجربو ياد ڏياري ڇڏيو آهي. ايراني انقلاب جي موقعي تي ايراني حڪومت آمريڪي سفارتخاني جي عملي کي يرغمال بڻائي ورتو هو. اهو بحران ٽارڻ لاءِ جنهن ٽيم ايراني اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، آءٌ ان جو سربراهه هئس. ڳالهين جو موضوع آمريڪا جا اهي 92 سفارتڪار هئا جن کي 4 نومبر 1979ع تي تهران ۾ يرغمال بڻايو ويو هو. 1981ع ۾ جنهن ڏينهن اهي آزاد ٿيا، ان ئي ڏينهن رونالڊ ريگن جي صدارتي عهدي جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي. ايران لڳ ڀڳ 444 ڏينهن تائين آمريڪا جي سفارتي عملي کي يرغمال رکيو. ان کان پوءِ نه ڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿي سگهيا نه وري سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو آيو.
    81-1979ع جي صورتحال ۽ هاڻوڪين حالتن ۾ واضح فرق موجود آهي. ان وقت سڌي ريت ڳالهيون ڪرڻ آمريڪا جي ضرورت هئي. اڄ ايران سڌي ريت ڳالهه ٻولهه جو خواهشمند آهي. ايراني اڳواڻن جي خيال ۾ آمريڪا ڪيترن ئي ورهين کان ايران جي جيڪا مسلسل تذليل ڪري رهيو آهي. سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ جي صورت ۾ ان جو ڪنهن حد تائين ازالو ٿي سگهندو. 25 ورهيه اڳ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ان سان فقط 52 ماڻهن جو مستقبل لاڳاپيل هو، جڏهن ته 2006ع ۾ جيڪڏهن ڳالهيون ٿين ته اهي لکين ماڻهن جي زندگين کي درپيش خطرو ٽارڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون.
    ان هوندي به 81-1979ع ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪجهه اهڙا سبق موجود آهن، جيڪي 2006ع ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران ڌرين تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. سڀ کان پهريان اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته اسان ڳالهين لاءِ صحيح ماڻهن جي چونڊ ڪريون. يرغمالي سفارتڪارن ڀيري پريشان ڪندڙ مرحلو اهو هو، جڏهن اسان کي اها خبر پئي ته آزادي ته پري جي ڳالهه آهي، صدر ابوالحسن بني صدر کي ته يرغمالين کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو به اختيار نه هو. ان وقت تائين اسان لڳ ڀڳ معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا هئاسين. جيڪڏهن 2006ع ۾ ٿيندڙ ڳالهين کان اڳ ايران جي ارباب اختيار جو تعين ڪيو وڃي ته گهڻين پريشانين کان بچي سگهجي ٿو.
    هن وقت ايران جو صدر محمود احمدي نزاد گهڻو مٿي اڏامي رهيو آهي. ممڪن آهي هو ايترو بااختيار نه هجي جيترو نظر اچي رهيو آهي، ۽ اها به حقيقت نظر انداز نٿي ڪري سگهجي ته ڪن معاملن ۾ اختيار ۽ قوت جا مرڪز مختلف وقتن ۾ بدلبا رهندا آهن. حتمي ۽ قطعي اختيارن جو ڌڻي آيت الله علي خامنائي آهي. علي اڪبر رفسنجاني ٻه ڀيرا ايران جي صدر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هن وقت هو Expediency council جو چيئرمين آهي ۽ هن جي واتان هاڻوڪي بحران يا ڳالهين بابت اڃا تائين ڪا ڳالهه ناهي ٻڌي، مختصر اهو ته ڳالهين لاءِ اسان کي ڪنهن مرڪزي ۽ صحيح معنيٰ ۾ مقتدر شخصيت جي ڳولا ڪرڻي پوندي.
    ٻي ڳالهه اها ته اسان جي ڳالهيون ڪندڙن کي پاڻ کي ذهني طور تي ڪنهن به امڪاني صورتحال لاءِ تيار ڪرڻ گهرجي، آءٌ ته چين جي پرڏيهي وزير قيان چن جهڙي ڏکئي ماڻهو کي به منهن ڏئي چڪو آهيان. ڳالهين دوران ئي آءٌ سمجهي ويندو هئس ته هو چاٿو چاهي؟ مون کي خبر هوندي هئي ته ڪو به معاهدو ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جي خواهش هوندي هئي ته ان معاهدي جي شقن تي ان جي روح موجب عمل ٿيڻ گهرجي. ليڪن ايرانين سان ڳالهيون وچ اوڀر جي ڪنهن منڊي وانگر هونديون، عجيب مطالبا ڪيا ويندا. ايٽمي عمل روڪڻ بابت ڪيترائي عذر سامهون ايندا. آخري گهڙي تائين ننڍيون ننڍيون ۽ غير اهم ڳالهيون سامهون اينديون رهنديون ۽ معمولي ڳالهين تي اسرار ڪيو ويندو.
    19 جنوري 1981ع تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ هڪ ٺاهه تي صحيحون ٿي ويون. پر پوءِ به ايران طرفان اعتراض پيش ٿيندا رهيا ۽ هن هڪ اهم نقطي کي ٺاهه جو حصو بڻائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ايرانين کي سڌي واٽ تي آڻڻ لاءِ مون پنهنجي جهاز جي پائلٽ کي فون تي حڪم ڏنو ته اڏام لاءِ تيار رهه، مون کي خبر هئي ته منهنجو فون ٽيپ ڪيو پيو وڃي. ايران فوري طور پنهنجي دعويٰ تان هٿ کڻي ويو ۽ ٻئي ڏينهن يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيائون.
    جيڪڏهن ايراني ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ تيار ٿي ٿا وڃن ته اسان جي ڳالهيون ڪندڙن کي سخت صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ايراني آمريڪا سان پنهنجي پراڻن ۽ تاريخي شڪايتن جا داستان ضرور دهرائيندا. اهي آمريڪين کي ياد ڏياريندا ته 53 ورهيه اڳ آمريڪن سي آءِ اي ڪيئن ڊاڪٽر مصدق جي ايراني حڪومت کي ڊاهڻ ۽ رضا شاهه پهلوي کي تخت تاج واپس ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
    ايران هڪٻئي سبب جي ڪري به يرغمالين واري بحران کي اينگهائي رهيو هو. انقلابي حڪومت جي خواهش هئي ته اها عالمي اسٽيج تي پنهنجي وجود جو احساس ڏياري دنيا کي ٻڌائي ته ”اسان به موجود آهيون! ايران جي اها به خواهش هئي ته دنيا جي سڀ کان وڏي شيطان (The Great Satan) جي تذليل جو وقت وڌايو وڃي. ان دور جي ڳالهين ۾ ان وقت جمود اچي ويو جڏهن ايرانين چيو ته اهي سڌي ريت آمريڪا سان ڪنهن به ٺاهه تي صحيحون نه ڪندا. آخرڪار مون تجويز ڏني ته هن معاهدي کي اهڙي شڪل ڏني وڃي جيڪا هڪٻئي لاءِ قابل قبول هجي. اهڙي طرح اهو حل قبول پيو، ان ئي بنياد تي اڄ ان معاهدي جي ڪافي، رازن تي پردو پيل آهي.
    ٽين ڳالهه اها ته ايران کي جنهن پيڪيج جي آڇ برطانيا، چين، فرانس، جرمني، روس ۽ آمريڪا ڪئي آهي. جيڪڏهن اهي نُڪتا ايران کي قبول نه هجن ۽ اهو يورينيم افزودگي جو پروگرام معطل نٿو ڪري (آمريڪا ڳالهين لاءِ اهو شرط رکيو آهي) ته پوءِ منهنجي خيال ۾ ايران تي پابنديون اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
    يرغمالين وارو بحران اسان کي اهو ٿو سبق ڏئي ته اسان اهڙن معاملن ۾ روسين کي به شريڪ ڪريون ته جيئن ڪنهن به قسم جي پابندين جي صورت ۾ روس اسان سان سهڪار ڪري. جيڪي پابنديون 81-1979ع واري بحران دوران گڏيل قومن طرفان ايران تي لاڳو ڪيون ويون هيون. اهي 444 ڏينهن تائين يرغمالي رهندڙ سفارتڪارن جي انهي عرصي ۾ ئي ڪمزور ٿي ويون هيون. ان جي باوجود انهن پابندين ايران جي عوام کي ڪافي ڌڪ رسايو.
    يرغمالين جي بحران وانگر اڄ به مسئلي جو جنگي حل نه رڳو غير دانشمنداڻو آهي بلڪه امڪاني طور ناقابل عمل به آهي. حالانڪه فوج جي استعمال کي ڳالهين جي ميز تي پهچي بلڪل وساري نه ڇڏڻ گهرجي. ان هوندي به اسان کي سفارتي ڪوششن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ضروري ٿيو ته ”اقتصادي سزا“ واري راهه اختيار ڪرڻ ۾ به ڪو حرج ناهي. ڳالهيون بلڪل ٺوس هجڻ گهرجن، پر عزم هجڻ لازمي آهي. رڳو ايراني هم منصبن سان نه، پريس، انتظاميا ۽ ماڻهن بابت به خيال رکڻو پوندو ڇو ته اهي ايراني قيادت تي دٻاءُ وجهي ڳالهيون وقت کان اڳ ختم به ڪرائي سگهن ٿا. ان ڪري اسان کي انهن سان به پنهنجو رويو صورتحال جي تقاضا موجب رکڻو پوندو.
    1980 ۾ ڪرسمس کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن آمريڪي انتظاميا شڪست خوردگي سبب اداس هئي، تڏهن اسان کي ايرانين طرفان پيغام مليو ته انهن اسان جي سفارتڪارن جي آزادي لاءِ جيتري رقم جو مطالبو ڪيو هيو. هاڻي اها ٽيڻ تي وڌيڪ ڪئي وئي آهي. مون گهڙي پل لاءِ سوچيو ته ڳالهين جو سلسلو ختم ڪري اهو معاملو ريگن انتظاميا لاءِ ڇڏيو وڃي. پر پوءِ آءٌ ان نتيجي تي پهتس ته اسان ان حوالي سان هڪ ڊگهو سفر طئي ڪري چڪا آهيون ۽ هي موقعو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو بلڪل ناهي! نيٺ ايرانين نون مطالبن تان هٿ کنيو ۽ اسان جي پراڻين ڏنل آڇن تي معاملو ٺهي ويو. جيڪڏهن ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪندڙن کي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو ته (جيڪا ڳالهه يقيني آهي) مون کي يقين آهي ته اهي ثابت قدمي ۽ صبر جو دامن پنهنجي ملڪ جي مفاد ۾ ضرور هٿ مان نه ڇڏيندا.

    (15 جولاءِ 2005)
    ليکڪ آمريڪا جو اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ عالمي معاملن تي دسترس رکي ٿو.


    عراقي آئل فوڊ پروگرام اسڪينڊل: پريم شنڪر جها

    ممبئي ۾ گڏيل قومن جي عوامي مامرن بابت اَنڊر سيڪريٽري شاشي ٿارور انهي ڳالهه کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي ته پال والڪر رپورٽ آمريڪي مفادن وٽان آهي. هن مذڪوره ڪاميٽي جي رپورٽ تي مڪمل اعتماد جو اظهار پڻ ڪيو. ڀلي ته پال والڪر جي غير جانبداري ڪنهن مواخذي کان آجي هجي، پر هرڪو ان کي پنهنجي انداز سان ڏسي سگهي ٿو. پال والڪر 93 ورهين جو پوڙهو ريپبلڪن آهي، جنهن جي سڄي ڄمار آمريڪا جي دنيا ۾ جمهوريت ۽ آزادي ڦهلائڻ واري فلسفي ۾ يقين رکڻ ۾ گذري آهي. ان ۾ ڪو عجب ناهي ته سندس رپورٽ جارج ڊبليو بش کي نئين زندگي عطا ڪئي آهي، جنهن جي هن وقت کيس سخت ضرورت پڻ هئي، هن وقت بش اهڙن جنگ مخالف احتجاجي مظاهرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جهڙا ويٽنام جنگ خلاف شروعاتي دور ۾ ٿيا هئا. هن جي آمريڪا ۾ 37 سيڪڙو مقبوليت گهٽجي وئي آهي ۽ عراق ۾ مرندڙ آمريڪي فوجين جو انگ به 2000 هزار کان ٽپي چڪو آهي . جڏهن ته وڌيڪ 15 هزار فوجي سخت زخمي آهن، جن مان اڌ کان وڌيڪ بنهه معذور بڻجي چڪا آهن.
    اهڙي طرح والڪر رپورٽ سان ڄڻ ته ٿيل نقصان جي ازالي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان مان ان شڪ کي هٿي ملي آهي ته دراصل عراق پابنديون هوندي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون حاصل ڪرڻ لاءِ تيل جي ڪوٽا رشوت طور ڏني. جيڪا ڳالهه گڏيل قومن جي پابندين جي ڀڃڪڙين جي زمري ۾ اچي ٿي. پر ان ڳالهه بابت ڪوئي ڪڇي ئي نه ٿو ته 1994ع يا 1995ع ۾ جڏهن عراق موتمار هٿيار تباهه ڪرڻ جي ڪمٽمينٽ پوري پئي ڪئي، تڏهن مٿس اخلاقي طرح پابندين جو ڪهڙو جواز هو؟ ساڳي طرح ان ڳالهه کي به ڪو نٿو ساري ته ساڳي ئي سال آمريڪا گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي شق 687 تحت ڪيل واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اهو چيو هو ته جيستائين صدام حسين اقتدار ۾ آهي تيستائين پابنديون جاري رکيون وڃن. ان حوالي سان ان وقت نه ته ڪنهن ميمبر ملڪ نه وري گڏيل قومن جي ڪنهن عملدار احتجاج ڪيو. عراق ته گڏيل قومن جي آئل فار فوڊ ٺهراءُ (شق نمبر 968) جي ڀڃڪڙي 31 مهينن کان پوءِ پابندين ختم ٿيڻ جي سلسلي ۾ سڀ اميدون ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪئي. پابندين بابت ان حوالي سان والڪر ڪاميٽي وٽ ڪو موزون دليل ئي ناهي.
    والڪر ان حقيقت کي به بلڪل نظر انداز ڪيو آهي ته عراق ۾ گڏيل قومن جو آئل فوڊ پروگرام 1996ع ۾ شروع ٿيو. عراق پهريون ڀيرو امپورٽ تي 1999ع جي وچ ڌاري سيلز ۽ ٽرانسپورٽيشن چارجز لاڳو ڪيون. ساڳي وقت ان پهريون ڀيرو سال 2000ع ۾ آئل ايڪسپورٽ تي به سرچاج لاڳو ڪئي. جيڪڏهن صدام حسين موتمار هٿيار ۽ محل ٺاهڻ چاهي پيو ته پوءِ هن ايتري ڊگهي عرصي تائين انتظار ڇو ڪيو؟ ان جو جواب رپورٽ کان قطعي مختلف آهي ته عراق پنهنجي ڪيل واعدي موجب پابنديون کڄڻ تائين تيل جو روينيو، کاڌ خوراڪ بابت ٺاهيل پول ۾ ڏيڻ پيو چاهي. عراق ته 1994ع ۾ صدر بل ڪلنٽن طرفان اهو اعلان ڪرڻ وقت به اميد نه لاٿي هئي ته موتمار هٿيارن جي تباهي بعد عراق تي پابنديون غير ضروري هونديون، ان ته 25 آگسٽ 1998ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪميشن جي نئين چيئرمين رچرڊ بٽلر جي عراق جي دوري ۽ وزيراعظم طارق عزيز سان بغداد ۾ ملاقات وقت اميد ختم نه ڪئي هئي. بٽلر طارق عزيز کي يقين ڏياريو هو ته هو واپسي تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي عراق جي حق ۾ رپورٽ ڏيندو، عراق ۾ معائني جي ڪم ۾ رڌل پنهنجا انسپيڪٽر واپس گهرائي آمريڪا ۽ برطانيا کي عراق تي بمباري ڪري موتمار هٿيار ختم ڪرڻ جو پروانو ڏنو ويو. اهو ئي وقت هو، جڏهن صدام حسين حڪومت فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ متبادل ذريعن جي ڳولا شروع ڪئي.
    هن کي اهڙا فنڊ ڪي محل جوڙڻ لاءِ گهربل ڪو نه هئا، بلڪه اهي ملڪ جو وهنوار هلائڻ لاءِ ضروري هئا. عراق تي گڏيل قومن جي شق 661 تحت 1990ع ۾ پابنديون لاڳو ڪيون ويون، جنهن نه رڳو عراق کي اقتصادي طرح ويڳاڻپ جو شڪار بڻايو بلڪه ملڪ جو به ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو. ان کان اڳ سمورن تيل ۾ شاهوڪار ملڪن وانگر عراق به تيل جي آمدني مان مفت اسڪول، يونيورسٽيون، اسپتالون هلائيندو هو. واٽر سپلاءِ، نڪاسي جو نظام، رهائشي سسٽم وغيره به ان مان هلندا هئا. جڏهن تيل جي آمدني ختم ٿي ته اهي سهولتون به پنهنجي موت مري ويون. ذڪر ڪيل پابندين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٻارڙا ٿيا. 1990ع ۾ 50 ٻار في هزار تي موت جو کاڄ بڻيا جيڪو انگ 1996ع ۾ 125 في هزار تي وڃي پهتو. ان کان پوءِ ته خود گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي اها رپورٽ هئي ته 5 لک عراقي ٻار بک ۽ بدحالي سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا.
    آئل فوڊ پروگرام خود ان خاموش قتلام کي منهن ڏيڻ لاءِ هو. ليڪن گڏيل قومن جلد اهو محسوس ڪري ورتو ته ان سلسلي ۾ مهيا ٿيندڙ کاڌ خوراڪ ۽ دوائون اڻپوريون هيون ۽ عراق کي سول انفراسٽرڪچر، ملڪ پلانٽس ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي ضرورت هئي، ڇو ته اُهي روزانو بمباري سبب تباهه ٿي چڪا هئا. ياد رهي ته حملي وقت به عراق گڏيل قومن جي چارٽر تحت 24 بنيادي ضرورتن جي شين کان سواءِ ڪجهه به نٿي حاصل ڪيو، پر اهي شيون هڪ ملڪ هلائڻ لاءِ اڻ ڪافي هيون، ڇو ته انهن شين جي گڏيل قومن جي 661 ڪاميٽي تحت خريداري جو عمل تمام سست هو. ان جو ثبوت اهو آهي ته ان حوالي سان به والڪر حقيقتن کي نظر انداز ڪيو آهي. مارچ 2003ع تائين عراق 64.2 بلين ڊالر ماليت جو تيل وڪرو ڪري چڪو هيو، جنهن کان کيس فقط 36.7 بلين ڊالر کاڌ خوراڪ جون شيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. جڏهن ته باقي رقم جي حوالي سان ٽي ورهيه دير ڪئي وئي. ٻيو اهو ته عراق جي ضرورت جون ڪافي شيون اجازت نامي واري امپورٽ لسٽ ۾ شامل ئي نه هونديون هيون. ٻئي طرف گهٽ ۾ گهٽ هٿيارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان به ڳڻتي ۾ مبتلا هو، جيڪا پڻ دور ٿيڻ گهربي هئي.
    عراق جي حالت اها هئي جو ان وقت ضرورتن جي پورائي خاطر خريداري لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو. ان ڪري گڏيل قومن جي پهرين پابندي واري سال عراق حڪومتي معاملا هلائڻ لاءِ ڪرنسي نوٽ ڌڙا ڌڙ ڇاپيا. پر دينار جو مارڪيٽ ۾ مُلهه ئي نه رهيو هو. 1998ع ۾ عراق کي ملڪ جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جي ضرورت پئي.
    والڪر ڪاميٽي مذڪوره ضرورتن کي نظرانداز ڪندي فردن کي نشانو بڻايو آهي. عراق جيڪڏهن پنهنجو تيل وڪڻڻ لاءِ خريدار ڳوليا ته ان ڪهڙي اربعا خطا ڪئي، نه وري هن مختلف ملڪن کي ڪوٽا ڏئي ڪو ڏوهه ڪيو. پر اهي ڪردار جن ان معاملي ۾ وڏي پئماني تي ڊالرز جي ڪميشن ورتي، اهي ڏوڪڙ عراقي بئنڪن ۾ به جمع ڪرايا. حقيقت ۾ انهن ئي پابندين جي ڀڃڪڙي ڪئي. والڪر انهن جي ڇو نٿو ڳالهه ڪري ته آيا انهن جا ڪهڙا مقصد هئا باقي جارج گيلو جو ذڪر ان ڪري شامل آهي جو هن پنهنجي هڪ پارلياماني تقرير ۾ عراق تي لاڳو پابندين کي ننديندي چيو هو ته ان سان هر مهيني ڇهه هزار ٻار موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن. هن گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي به آمريڪا لاءِ اسرائيلي انٽيلجنس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو هو، ساڳي وقت هن رچرڊ بٽلر کي به سفاڪ ڪوٺيو هو.
    جيتوڻيڪ گيلو جي هر لفظ جو هڪ باخبر ماڻهو جي ڳالهه طور حقيقت سان واسطو آهي، پر والڪر ان کي به پروپئگنڊا چئي رد ڪري ٿو. هن جي خيال ۾ گيلو کي به عراق طرفان فنڊ ڏنا ويا. خاص طور تي ان حوالي سان سندس عرب زال جي اڪائونٽ ۾ 120،000 پائونڊ جمع ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي.
    هن اهو ذڪر ئي ناهي ڪيو ته تڏهن ٻنهي زال مڙسن وچ ۾ لاڳاپا ڪيترا تڪراري هئا، هاڻي ته ٻنهي وچ ۾ طلاق به ٿي چڪي آهي. نه وري ڪٿي اهو اڳ ڄاڻايو ويو آهي ته گيلو پنهنجي مهم سندس زال کي ملندڙ رقم کان لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ شروع ڪري چڪو هو.
    والڪر جي رپورٽ ۾ فرانس جي ڀارت لاءِ سفير، گڏيل قومن لاءِ مستقل نمائندي ۽ ڪوفي عنان جي اسپيشل ايڊوائزر جين برنارڊ جي به ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي. هو ڪجهه ڏهاڙا اڳ ئي پئرس ۾ گرفتار ٿي چڪو هو. والڪر رپورٽ ۾ مٿس الزام مڙهيندي اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جين برنارڊ عراق لاءِ تيل جي منظوري ڏني ۽ هن فرانس جي نمائندي جي حيثيت ۾ 1995ع ۾ آئل فوڊ پروگرام جي وڪالت پڻ ڪئي ۽ اهو به چيو ته عراق جڏهن موتمار هٿيار ختم ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري ته مٿس پابنديون هٽايون وڃن. ڏٺو وڃي ته هن ايئن ڪري پنهنجون ذميواريون نڀايون ڇو ته عراق ۾ پابندين سبب تمام وڏو انساني نقصان ٿي رهيو هو.
    پر اها ته رڳو ڪهاڻي جي شروعات آهي. جين برنارڊ کي منظور ٿيل تيل جي پهرين کيپ 4 آگسٽ 2001ع تي ملي، تڏهن کيس فرانس جي سفارتڪاري تان رٽائر ٿئي به ٽي ورهيه ٿي چڪا هئا. (نه وري فرانس جي سفير يا گڏيل قومن سان لاڳاپيل هجڻ دوران) جيئن والڪر رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي. والڪر کيس ان بنياد تي ذميوار قرار ڏنو آهي ته هو ان وقت گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان جو اسپيشل ايڊوائزر هو، ان ڪري هن عراق کان تيل جي خريداري ۾ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو. ان ڪري اهو مذڪوره ڪرپشن ۾ ملوث آهي. حقيقت اها آها ته جين برنارڊ فرانس جي سفارتڪاري واري عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هڪ عام شهري جي حيثيت ۾ عراقي اختيارين سان تيل لاءِ رابطو ڪيو، ڇو ته کيس فيصلا ڪندڙ قوتن جي روئي جي اڳواٽ خبر هئي، ان ڪري اخلاقي طور کيس ملوث ڪرڻ ڪنهن به ريت درست ناهي. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته جيڪڏهن والڪر رپورٽ ذريعي پئنڊورا باڪس کليو ته پوءِ گڏيل قومن جا سڀ ميمبر ملڪ، ڀارت سميت عراق ۾ ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان ٿيندڙ انساني ڪوس جا ذميوار آهن، جين برنارڊ ايس جي ڪمپني جو يورپي معاملن لاءِ صلاحڪار ضرور هو باقي عراق جي حوالي هن جو ڪو به ڪردار نه هو.

    (30 نومبر 2005)


    طالبان جي واپسي: ڊيوڊ لوين

    افغانستان ۾ نيٽو فوج لڳاتارآپگهاتي حملن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ اهڙن حملن ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي. اڳ ۾ اها توقع ڪئي پئي وئي ته اهي فوجون علائقي ۾ امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنديون. نتيجي ۾ نئين سر تعمير جي ڪمن ۾ تيزي ايندي پر هاڻي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته ڪجهه سان اڳ جنهن دور اقتدار جو خاتمو آندو ويو هو، اهو وري واپس موٽي رهيو آهي.
    هڪ همراهه جيڪو برطانوي فوج خلاف مورچابندي ۾ ڪمانڊر طور شامل آهي. ان جو چوڻ آهي ته ”توهان اسان جي حڪومت رڳو ان ڪري تباهه ڪري ڇڏي جو اسان وٽ اسان جو مهمان اسامه موجود هو.“
    اسان رات جو دير تائين گهر جي ان حصي ۾ ويٺا هئاسين جيڪو عام طور تي زائفائن لاءِ مخصوص هوندو آهي. اسان کان ٿوري ئي مفاصلي تي هڪ چوڪيدار موجود هو،جنهن هر چرپر تي نگاهه پئي رکي. ان جاءِ تي چين جي ٺهيل هڪ سلائي مشين پئي هئي ۽ طالبان ويڙهاڪن ڪپڙن جي ٽڪرن سان گهر ڀري ڇڏيو هو ته جيئن ڪنهن کي سندن اتي هجڻ بابت شڪ نه پوي.
    آءٌ جنهن شخص سان ڪچهري ڪري رهيو هئس، ان جي عمر چاليهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. هو ڏاڍو سياڻو پئي لڳو. هن جي هٿ ۾ وائرليس ريڊيو هو، جنهن ذريعي هو لڳاتار ٻاهر جي صورتحال جو جائزو وٺندو رهندو هو. ان دوران کيس خبر پئي ته هڪ برطانوي گاڏي تي بارودي سرنگهه سان حملو ڪيو ويو آهي. جڏهن مون کيس چيو ته برطانوي ته هتي نئين سر تعمير واري ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ آيا آهن ته هن بنا ڪنهن جهجهڪ جي اسان کي پري رهڻ جو اشارو ڏنو.انهي ڪمانڊر جو چوڻ هو ته اهي گذريل پنجن سالن کان هتي آهن ۽ توهان هتي جي رستن جي حالت ڏسو.
    ڏکڻ افغانستان ۾ برطانوي فوج جي آپريشن جي ڪري ماڻهن ۾ جيڪا بداعتمادي پيدا ٿي آهي، اها نيٽو ۽ برطانوي فوج لاءِ انتهائي وڏو مسئلو آهي. افغاني اهو ٿا سمجهن ته تعميري ڪمن ۾ اربين ڊالر خرچ ٿيڻ کان پوءِ به کين ڪا تبديلي نظر نه پئي اچي اهوئي حال هتان جي روڊ رستن جو آهي.
    جڏهن اسان قنڌار کان اولهه پاسي وڃي رهيا هئاسين. ان دوران اسان کي انهن رستن تي مختلف چيڪ پوسٽن تي روڪيو ويو. هر هنڌ اسان کان افغاني ڪرنسي ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي. مذڪوره چيڪ پوسٽن تي افغاني فوجي مقرر ٿيل آهن.
    انهن روڊ رستن تي مختلف قسمن جي بدعنوانين جو بول بالا آهي. ڪافي حد تائين ته نيٽو فوج به بدعنوانين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. عوام جو چوڻ آهي ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ طالبان جنهن بدعنواني جو خاتمو آندو هو. هاڻي حامد ڪرزئي ۽ نيٽو جي دور ۾ اهڙي بدعنواني عام ٿي وئي آهي. اهڙي صورتحال طالبان کي پنهنجي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ ۾ هٿي ڏني آهي. ان کان سواءِ نيٽو فوج جي موجودگيءَ ۾ تشدد ۾ واڌ اچڻ به طالبان کي مدد مهيا ڪئي آهي.
    مون پاڻ اکين سان ڏٺو ته نيٽو فوجن جي حملي ۾ مسجدون ۽ ٻيون عبادتگاهون تباهه ٿي ويون آهن ۽ ان تباهي طالبان کي عوام جي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ ۾ ٽيڪ ڏني آهي.
    مون پنهنجي هاڻوڪي سفر ۾ طالبان جي ماڻهن سان گڏ ڪنهن به عورت کي سفر ڪندي نه ڏٺو. جڏهن رستي ۾ شام ٿي وئي ۽ اسان افطار لاءِ هڪ هنڌ بيٺا سين ته اسان کي جلد افطار ختم ڪرڻ جو چيو ويو. اهو ان ڪري چيو ويو ته جيئن اسان جي نظر پوءِ اتي اچي افطار ۾ شامل ٿيندڙ عورتن تي نه پئجي سگهي.
    ڪمانڊر مونکي ٻڌايو ته اسان وٽ اهڙا سوين آپگهاتي حملي آور موجود آهن، جيڪي برطانوي فوج تي حملو ڪرڻ لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهن. انهن کي ڪيترائي ڀيرا واپس ڪيو ويندو آهي.
    طالبان ڪمانڊر آپگهاتي حملي واري طريقيڪار کي اهم هٿيار سمجهن ٿا ۽ صورتحال ٻڌائي ٿي ته نيٽو لاءِ هي جنگ سواءِ وڏي پئماني تي تباهي ڦهلائڻ جي کٽڻ نهايت محال آهي!

    (16 ڊسمبر 2006)


    دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ ڪينيڊي جو قتل: گيبرئل مولينا

    اڳوڻي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جو قتل دراصل ڪيوبا جي انقلاب کي ڌڪ رسائڻ جي ڪوشش هئي. پر اهو مقصد تڏهن به حاصل نٿي سگهيو هو، ان ڪارڻ ئي 42 ورهيه گذري وڃڻ کان پوءِ به اها سازش اڃا جاري آهي. ويجهڙ ۾ ئي جرمني هيمبرگ جي هڪ ٽي وي چينل اي آر ڊي طرفان جاري ڪيل هڪ دستاويزي پروگرام ۾ ڪيوبا جي ڳجهن ادارن تي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي کي ڊلاس ۾ قتل ڪرڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي. ولفريڊ هزمين، دستاويزي پروگرام جو ڊائريڪٽر، مذڪوره ٿيوري جو خالق آهي. هڪ جرمن نيوز ايجنسي موجب ”اهو واقعو ڪاسترو طرفان سي آءِ اي (آمريڪي ڳجهو ادارو) کان بدلو وٺڻ برابر هو، ان ڪري ئي ڪينيڊي کي ماريو ويو.“ هي هڪ اهڙو وڏو الزام آهي جنهن کي Under estimate نه ڪرڻ گهرجي. دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ انهي قتل جا اثر اڄ سوڌو موجود آهن. ”22 نومبر 1963ع تي آءٌ احمد بن بلا جي پريس چيف هيلن ڪلين سان الجيريا جي هڪ ريسٽورنٽ تي موجود هئس. اسان کي اوچتو اها ڇرڪائيندڙ خبر ملي ته ”صدر ڪينيڊي کي قتل ڪيو ويو آهي.“ ”هاڻي هي ان جو الزام ڪيوبا تي هڻندا.“ مون کيس ٺهه پهه ٻڌايو. ”وڌاءُ کان ڪم نه وٺ.“ هن وراڻيو. اسان تڙتڪڙ ۾ خابرو اداري پرنس ليٽينا ايجنسي جي دفتر هليا وياسين، جتي آءٌ نمائندي طور ڪم ڪندو هئس. اُتي وڃي ئي مون کي خبر پئي ته ڪيئن نه ريڊيو تان اها خبر بار بار نشر ڪئي پئي وئي ته ”مذڪوره قتل جي ذميوار ڪيوبا جي حڪومت آهي.“ هيلن کي عجب لڳو ۽ مون کان پڇڻ لڳي ته آخر تو ان جو ڪيئن اندازو لڳايو؟ ”مان قسمت جو حال ڄاڻندڙ ته ناهيان.“ مون وضاحت ڪئي. ”پر آمريڪا لاءِ ڪيوبا هر بڇڙائي جو ڪارڻ آهي.“ ان جو هڪ سبب اهو آهي ته آمريڪا ان حوالي سان هسٽيريا ۾ مبتلا آهي ۽ ٻيو سبب اهو آهي جو کين ڪنهن ملڪ کي ڇيڀاٽڻ لاءِ بهانو گهرجي. اهڙي طرح پوءِ اهو الزام جيڏو تيزي سان سامهون آيو ايتري ئي تيزي سان هڪ ڳجهه بڻجي ويو. ايئن پندرهن سالن کان پوءِ واشنگٽن ۾ ان الزام جي بازگشت ٻڌي وئي. ڪانگريس طرفان آفريڪن آمريڪن ڪانگريس جي عيوضي لوئس ايف اسٽوڪز جي سربراهي ۾ صدر ڪينيڊي سندس ڀاءُ رابرٽ ڪينيڊي ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جي قتل جي جاچ لاءِ هڪ اسپيشل ڪميٽي مقرر ڪئي وئي. ان وقت به جان ايف ڪينيڊي جي قتل جي حوالي سان ڪيتريون ئي ٿيوريز اڳيان آيون. ايئن هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا ۾ ان قتل ۾ ڪيوبائي حڪومت جي ملوث هجڻ جو مامرو سامهون آيو. واشنگٽن جو هڪ صحافي، جنهن جا آمريڪي ڳجهي اداري ايف بي آءِ سان تمام ويجها لاڳاپا هئا تنهن مون کي اعتماد جي بنياد تي ٻڌايو هو ته جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت اهڙو موقف سي آءِ اي طرفان سامهون آيو هو. جيڪو انهي نوٽ سان اڳتي وڌايو ويو ته ”لي هاروي اوسوالڊ“ نالي شخص ڪيوبائي حڪومت جي ڏڍ تي ڪينيڊي کي قتل ڪيو. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ايف بي آءِ ميڊيا تي مڙهيل الزام تان هٿ کڻڻ لاءِ پڻ زور وڌو هو. مون جڏهن انهي سينيئر صحافي کان اهو پڇيو ته ايف بي آءِ آخر ايئن ڪرڻ لاءِ ڇو مجبور ٿي؟ تنهن تي هن وراڻيو ته اهو ان ڪري جو ان اهڙي الزام کي غير ذميوار ٿي سمجهيو ۽ ان جا نتيجا نهايت ڀيانڪ نڪرڻ کي ڏٺو ٿي. انهي حد تائين جو اهڙي غير ذميواري ٽين مهاڀاري جنگ جو به ڪارڻ بڻجي پئي سگهي. جان ايف ڪينيڊي جي قتل بابت پهرين جاچ ويرن ڪميشن طرفان پڌري ڪئي وئي جنهن ۾ اهڙي ڪنهن سازش کي رد ڪيو ويو.
    1967ع ۾ وري ڊريو پئرسن ۽ جيڪ اينڊرسن جا ڪالم ڇپيا، جن ۾ ساڳيا الزام دهرايا ويا. ميڊيا ڪيوبا تي الزامن جي حوالي سان ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏنو ۽ اهو سوال اٿاريو ويو ته جان ڪينيڊي جي قتل ۾ اڪيلو اوسوالڊ ملوث نٿو ٿي سگهي بلڪه ڪيوبا جي اسٽيبلشمينٽ به ان ۾ ملوث آهي. ياد رهي ته اينڊرسن جا پنهنجي صحافتي ڪيريئر دوران سي آءِ اي سان تمام ويجها لاڳاپا رهيا. هڪ سال جي تحقيقات کان پوءِ اسٽوڪز ڪميٽي نهايت دلچسپ نتيجي تي پهتي، ڪميٽي ضميمي ”c“ جي پئراگراف 2 ۾ ڄاڻايو ته موجود شاهدين جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪينيڊي جي قتل ۾ ڪيوبا حڪومت ملوث نه هئي. ڪميٽي وضاحت ڪندي مذڪوره قتل ۾ نيو آرلينس جي ڪارلو مارڪيو فلوريڊا جي ٽريفيڪنٽ جيمس هوفا جي ملوث هجڻ جو شڪ ڏيکاريو. ڇو ته ڪينيڊي جي حڪومت دوران ڏوهاري مافيائن ۽ اسمگلرز خلاف سخت قدم کنيا ٿي ويا، جنهن ۾ ٽريفيڪينٽ جو نالو به آيو ٿي، ڇو ته هن جو نالو تڏهن انهن ڏهن مافيا جي مک ماڻهن ۾ شامل هو جيڪي تڏهوڪي وقت ۾ منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيوبا سان تعلق رکندڙ مافيائن سان به سندس تعلق هو.
    ڪميٽي اهو به امڪان ڏيکاريو آهي ته ٽريفيڪينٽ ۽ روبي وچ ۾ 1959ع ڌاري هوانا ۾ لاڳاپا ٿي سگهن ٿا، جڏهن روبي ڪو سانوسترا (هڪ مافيا) جي ايجنٽ طور ڪيوبا جي راڄڌاني کان ميامي تائين فنڊ پهچائيندو هو. ڪيوبا ان جي شاهدي به مهيا ڪئي.باوجود ان جي ڪميٽي اهو ثابت ناهي ڪري سگهي ته ٽريفيڪينٽ يا مارڪيلو جو ڪينيڊي جي قتل سان ڪو سڌو تعلق رهيو. هن وقت نيوآرلينس دهشتگرد سازشن جو ڳڙهه آهي. ڪيوبائي نسل سان تعلق رکندڙ دهشتگرد جهڙوڪ اورلانڊو بوش، لوئس پوساڊا، ڪيرليس، گوئلر موڀائر ۽ ٻيا ڪيترائي اتي ٿاڪ ٺاهيو ويٺا آهن. اسپيشل ڪميٽي انهي ڳالهه جي تصديق ضرور ڪئي آهي ته نسلي طرح ڪيوبا سان تعلق رکندڙ اهي دهشتگرد اتي انفرادي طور سازشون به ڪن ٿا ته ڏوهه به. اهو ئي ماڻهو جنهن فيڊل ڪاسترو کي قتل ڪرڻ جي سازش سٽي، ان ئي ڪينيڊي کي قتل ڪيو. مارجي وڃڻ کان ڪجهه وقت اڳ هڪ مافيا جي سربراهه جان روزيلي، جيڪ اينڊرسن کي ٻڌايو هو ته ٽريفيڪينٽ جي گروهه ۾ شامل ڪيوبائي نسل جا ماڻهو ڪينيڊي جي قتل ۾ شامل هئا. ياد رهي ته ڪينيڊي پنهجي قتل کان ڪجهه وقت اڳ ڪيوبا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ جڙيل گڏيل قومن جي وفد ۾ شامل آمريڪي وفد جي خاص صلاحڪار وليم ايڊورڊ کي ڪيوبا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون هيون. جنهن کان ڪاسترو مُخالف سخت مايوس ٿيا هئا. ڪيوبائي وفد جي ڳالهين ۾ ڪارلوس ليوگا نمائندگي ڪئي هئي، جيڪو ان وقت گڏيل قومن جو سفير پڻ هو. مِڪ جارج بنڊي، ڪينيڊي جي تڏهوڪي سيڪيورٽي ايڊوائزر چواڻي ڪينيڊي ڊلاس مان واپسيءَ کان فوري پوءِ ان حوالي سان ٿيل اڳڀرائي جي رپورٽ ڏيڻ جو پڻ چئي ڇڏيو هو. انهي حد تائين جو پنهنجي ڀاءُ رابرٽ ڪينيڊي جي قتل کان پوءِ به هن ڪيوبا مخالف جذبن تي قابو رکڻ لاءِ اُپاءَ ورتا، پر کانئس پوءِ نئين صدر لئنڊون جانسن ان حوالي سان تحفظات رکيا.
    اسٽوڪز ڪميٽي اها به تصديق ڪئي آهي ته اوسوالڊ جا آمريڪا ۾ لاڳاپا ڪيوبا انقلاب مخالف قوتن سان هئا، سي آءِ اي طرفان ڪيل جاچ ۾ اهڙن رخن جو جائزو به ورتو ويو هو. واضح رهي ته ڪيوبا جي انقلاب ۽ ڪينيڊي جي قتل واري عرصي دوران ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون اُڀريون، پر ان ڳالهه جو اڃا تعين ٿيڻو آهي ته آيا اوسوالڊ، ڪيوبن رولشنري جنتا الفا 66 وچ ۾ لاڳاپا هئابه سهي يا نه؟ اسٽوڪز ڪميٽي فرينڊڪ اسٽورجس ايجنٽ طور ڪم ڪندڙ ڪيوبين حسينه ماريته لورينز کان به حال احوال ورتا. جيڪا بعد ۾ سي آءِ اي جي ايجنٽ به بڻي. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ”مون ميامي ۾ ارولينڊبوش جي گهر هڪ دعوت ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ پيڊورولوئز ۽ اوسوالڊ ڊلاس وڃڻ جي رٿا بندي ڪري رهيا هئا.“ هو وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته مون 15 نومبر تي ٻن ڪارن جي قافلي ۾ بوٽس، اسٽورجيس ڊيزلنز، اوسوالڊ، جيري هيمنگس ۽ نووويميپول ڀائرن سان گڏجي شهر جو سير به ڪيو. اهي جنهن هوٽل ۾ ترسيا، اتي رڳو هٿيار ئي هٿيار هئا. هوءَ اهو پڻ چوي ٿي ته اتي انهن پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪئي ۽ اڻ ڄاڻايل هنڌ تي آپريشن جي نشاندهي ڪئي، ايئن اهي ڪينيڊي جي قتل جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ئي ميامي واپس وريا هئا. ٻئي طرف الفا 66 نالي تنظيم جي بانيڪار انتونيو ڪميٽي آڏو اعتراف ڪيو ته هو ڪيوبا حڪومت خلاف سرگرمين ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترائي ڀيرا سي آءِ اي جي عملدارن سان ملي چڪو هو ۽ انهن ئي کيس بشپ جو نالو ڏنو هو. جيڪو بعد ۾ ساڻس مليو، هن سان هڪ شخص گڏ هيو، جنهن جي ڪينيڊي جي مرڻ کان پوءِ هن هاروي اوسوالڊ طور سڃاڻپ ڪرائي، بعد ۾ وري انتونيو، لکاري گيٽون فونزي کي ٻڌايو هو ته مذڪوره بشپ جو اصلي نالو ڊيوڊ ايٽلي فلپس هيو، جيڪو هوانا ۾ پاڻ کي واپاري سڏرائي سي آءِ اي لاءِ ڪم ڪندو هو.
    ياد رهي ته 1960ع کان بشپ ايٽلي فلپس ميامي جو پروپئگنڊا چيف رهيو. هن 1961ع ۾ ڪيوبا تي چڙهائي وقت به هاربر ايڇ هنٽ، (واٽر گيٽ جو پرنسپل آرگنائيزر) سان گڏجي ساڳيو ڪم سرانجام ڏنو. انهن ٻنهي ڄڻن گڏجي 1954ع ۾ گوئٽي مالا ۾ اربنيز جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ٻئي طرف ڪيوبن سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سي آءِ اي جي عملدار جي سڃاڻپ جي به تصديق ڪئي آهي. جنهن سال 2003ع ۾ ڪيوبن، آمريڪن دهشتگرد گروپ جوڙي بش حڪومت تي دٻاءُ وڌو هو ته مافيا جي مک پوساڊا ڪارليس ۽ سندس ساٿين کي حفاظت سان آزاد ڪيو وڃي. جڏهن ته 1964ع ۾ جيوري جي هڪ ميمبر سيلوا اوڊيو ويرن ڪميشن آڏو اهو بيان ڏنو هو ته هڪ شخص جنهن کي هو ميڊيا معرفت اوسوالڊ طور سڃاڻي ٿي ۽ ان تي ڪينيڊي جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو به الزام آهي. اهو سيپٽمبر 1963ع ۾ ڊلاس ۾ منهنجي اپارٽمينٽ ۾ آيو هو. ساڻس ٻه ٻيا ماڻهو به گڏ هئا جيڪي لاطيني ٿي لڳا. واضح رهي ته ڪميٽي سيلوا جي شاهدي کي ڪافي اهميت ڏني ڇو ته سندس ڳالهه جو حاصل مطلب ڦري گهري اهو ئي نڪري ٿو ته اوسوالڊ ۽ سندس گروپ ئي ڪينيڊي جي قتل ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو.
    ڪميٽي اهو به پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته صدر ڪينيڊي جو قتل اهو ٿو ثابت ڪري ته آمريڪي ڳجهن ادارن، خاص طور سي آءِ اي ۽ ايف بي آءِ ۾ رابطا ڪاري جو فقدان هو، ان ڪري ئي اهي آمريڪي صدر جي زندگي بچائڻ ۾ ناڪام رهيا. رپورٽ ۾ اها سفارش به ڪئي وئي آهي ته جسٽس ڊپارٽمينٽ کي گهرجي ته ڪينيڊي جي قتل جي حوالي سان تحقيقات جاري رکي ڇو ته کين ان ڳالهه جون شاهديون مليون آهن ته ڪينيڊي جي قتل ۾ اٽالين، آمريڪن مافيا ۽ ڪيوبن، آمريڪن مافيا ملوث آهن. باوجود ان جي رپورٽ ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته اهي گروپ ماضيءَ ۾ سي آءِ اي جي سر پرستي هيٺ رهيا آهن. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ايف بي آءِ ۽ سي آءِ اي هيل تائين صدر ڪينيڊي جي قتل جي سازش بابت پتو لڳائڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.
    ياد رهي ته 22 نومبر 1963ع تي صدر ڪينيڊي جي ڊلاس جي دوري وقت سندس خلاف ماحول جوڙيو ويو هو. سندس مخالفت ۾ شايع ٿيل پمفليٽ ورهائجي چڪا هئا. انهي حد تائين جو ڊلاس جي هڪ اخبار ته سندس خلاف پوري صفحي تي اشتهار ڇاپي ان جي هيٺان چيڙائيندڙ مواد پڻ شايع ڪيو هو. اها پڻ اچرج جوڳي ڳالهه آهي ته ڪينيڊي جي مخالفت کان قتل تائين ان معاملي کي سنجيده نه ورتو ويو، خاص طور تي ڊيوٽي تي مامور آفيسرن کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ يا سزا ڏيڻ بدران مورڳو ترقيون ڏنيون ويون. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته ڪيوبا کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهو الزام تيستائين بار بار ورجائبو رهيو، جيستائين 1978ع ۾ اسٽوڪز ڪمپني ميڪسيڪو ۽ هوانا تحقيقات کان پوءِ اهڙي الزام کي رد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ڪميٽي جا سربراهه ان سلسلي ۾ فيڊل ڪاسترو سان پڻ مليا هئا. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هن وقت جڏهن ان اهم ڪيس جي هڪ ڀيرو ٻيهر جاچ ڪئي پئي وڃي تڏهن سي آءِ اي ماضيءَ جا اهم دستاويز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي ڪيوبا جا تحقيقاتي ادارا ان نتيجي تي پهتا آهن ته صدر ڪينيڊي جي قتل ۾ سي آءِ اي، ڪيوبا انقلاب مخالف قوتون ۽ مافيائون ملوث ٿي سگهن ٿيون. ڪيوبائي تحقيقاتي ادارن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته ڪينيڊي جي قتل ۾ مافيا جي ماڻهن اليڊيوڊيل ويلي ۽ هر مينوڊيز کان سواءِ آمريڪي سيءِ آءِ جي منصوبا سازن ڊيوڊ ايٽلي فلپس ۽ رچرڊ هيلمس مُک ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ ڪيوبا انقلاب مخالف آپريشن جي سربراهن سي آءِ اي جي اڳوڻي ڊپٽي چيف جنرل ڪيبل، جيري هيمنگس ۽ ٻين اعليٰ عملدارن پڻ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
    واضح رهي ته ڪينيڊي جي قتل جي تحقيقات جي 27 سالن کان پوءِ ۽ سندس قتل جي 42 ورهين کان پوءِ به تحقيقات اتي جو اتي بيٺي آهي. حالانڪه اهو مامرو ريگن، بش، ڪلنٽن ۽ بش جونيئر جي دورن ۾ به سر فهرست رهيو. ليڪن اصل مسئلو اهو آهي ته ڊلاس واقعي جا اهم دستاويز سي آءِ اي، ايف بي آءِ، پينٽاگون ۽ ڪئپٽول هِل جي تحويل ۾ آهن، جيڪي چيو وڃي ٿو ته 2013ع تائين پڌرا ڪيا ويندا. ياد رهي ته ڪينيڊي جي قتل کان پوءِ وارن ورهين ۾ ڪينيڊي جي قتل ۾ ملوث گهٽ ۾ گهٽ 22 ملزم موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن. انهن ۾ ٻه مک ڪردار اوسوالڊ ۽ روبي به شامل هئا، جن جو موت خود اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي. انهن ماڻهن جي مرڻ جو انگ 1963ع کان پوءِ لڳاتار وڌيو آهي ۽ تحقيقات جي رفتار مان ايئن ٿو لڳي ته معاملي جي تهه تائين پهچندي پهچندي قتل ۾ ملوث ملزمن مان شايد ئي ڪو زندهه بچي.
    ليڪن اصل مسئلو اهو آهي ته جرمن ولفريڊ هزمين اصل معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ان معاملي کي ڪيوبا جي ڳچي ۾ وجهي رهيو آهي. اهو انهن حقيقتن کي نظر انداز پيو ڪري جن تحت ڪينيڊي جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل لوئس پوساڊا ڪارلس جي حفاظت سان آزادي لاءِ آمريڪي حڪومت تي زور بار وڌو پيو وڃي. چيو وڃي ٿو ته مذڪوره مافيا جي مُک کي ان ڪري آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جو هن ڪينيڊي قتل بابت زبان کولي ته اهو معاملو به آمريڪا لاءِ صدر رچرڊ نڪسن جي واٽر گيٽ مامري کان گهٽ ثابت نه ٿيندو.

    (16 فيبروري 2006)


    امرتا پريتم: وارث شاهه جي پُڪار: خشونت سنگهه

    امرتا نهايت سهڻي ڇوڪري هئي. گجرانوالا جي هڪ پرچارڪ ۽ بيوه جي ڌيءَ جيڪا هاڻي پاڪستان ۾ آهي. هن جي پرورش هڪ ڪٽر سک طور ٿي، هوءَ پنهنجي والد سان گڏ لاهور هلي وئي جتي هن پندرهن سورهن ورهين جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي، جيڪا گهڻو تڻو سک گروئن ۽ سک ازم بابت هئي. ايئن هن ڪٽر سکن ۾ چڱو نالو ڪمايو. هوءَ پنهنجي سونهن سبب پنجابي ادبي حلقن ۾ مقبول ٿي ۽ ماڻهن جي وڏي انگ سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب خريد ڪيو. سندس چاهيندڙن ۾ تڏهوڪي وقت جو اُڀرندڙ شاعر موهن سنگهه“ماهر“ به شامل هو، جيڪو کيس ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ويجهو هو. پر ان سڄي ماجرا کان هوءَ بي خبر هئي. ادبي حلقن ۾ سندس واکاڻ ۽ خوبرو هجڻ سبب لاهور جي انارڪلي بازار جي هوزريءَ جي هڪ وڏي واپاري پنهنجي پٽ پريتم سنگهه جي ساڻس شادي ڪرائي. ايئن پوءِ امرتا، امرتا پريتم بڻجي وئي. امرتا ۽ پريتم کي شادي کان پوءِ هڪ پُٽ به ڄائو. ورهاڱي کان پوءِ اهي دهلي هليا آيا، جتي پريتم سنگهه کيس بزنس ۾ گڏ رکڻ چاهيو پر هو ناڪام رهيو، امرتا کي اي آءِ آر ۾ ملازمت ملي وئي. دهلي ۾ هجڻ دوران ئي هن پنهنجي ماضيءَ کي وساري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هن پنهنجي مڙس کان طلاق ورتي پر پُٽ کي پاڻ وٽ رکيائين. هن پنهنجا وار ڪٽرائي ڇڏيا ۽ چين سموڪر ٿي وئي. وارث شاهه بابت شاعري ڪيائين جيڪو پنجاب جي عشقيه داستان ”هير رانجها“ جو لکاري پڻ آهي. هن ان سلسلي ۾ جيڪا به شاعري ڪئي. ان کيس پاڪستان ۽ ڀارت ۾ امر بڻائي ڇڏيو:
    ”اج آکان وارث شاهه نون،
    ڪٿون قبران وِچون بول،
    تي اج ڪتابِ عشق دا ڪوئي اڳلا
    ورق ڦول!
    اِڪ روئي سي ڌي پنجاب دي،
    تون لک لک مروئين اج ڌيئان رونديان،
    تينون وارث شاهه نون ڪَهن
    اُٿ درد مندان دي درديا،
    اُٿ تَڪ اپڻا پنجاب،
    اج ٻيلي لاشان بڇيان،
    تي لهودي ڀري چناب.“
    اَمرتا، جيڪو لکيو اهو فقط پنجابيءَ ۾ لکيو. هوءَ ٻي ڪا به ٻولي مشڪل سان پڙهي سگهندي هئي، ۽ هوءَ لکڻ ۾ به جڏي هئي، هوءَ بالي ووڊ سان به لاڳاپيل رهي. هن کي ڪاميابي به سندس ٻن ناولن ۽ شارٽ اسٽوريز تي فلمن ٺاهڻ سان ملي. هن جو پهريون ناول جيڪو پنجابي مان انگريزي ۾ترجمو ٿيو، سو هو ”پنجر“ معنيٰ ”هڏائون پڃرو“ مون ان جو چاهه وچان ترجمو ڪيو، مون کيس هڪ شرط تي سمورو معاوضو ڏئي ڇڏيو ته: ”هوءَ مون کي ان جو معاوضو، چاهت ۽ پاٻوهه جي صورت ۾ موٽائي ڏيندي،“ پوءِ هن ايئن ئي ڪيو. پر فلم لاءِ ساحر لڌيانوي جي شاعري جي فرمائش ڪيائين، جنهن سان هوءَ ڪڏهن به نه ملي هئي، رڳو ساڻس خط و ڪتابت ڪئي هئائين. مون کي اها ڳالهه نه وڻي، ”اهو سڀ ڪجهه بس ٽپال جي ٽڪلي تي لکيل آهي،“ مون کيس ٻڌايو. پوءِ جڏهن هن پنهنجي آٽو بايوگرافي لکي تڏهن ان جو عنوان به ”رسيدي ٽڪيٽ“ رکيائين. (رسيدي ٽڪيٽ دراصل ساحر جي ساڻس لاهور ۾ ڪيل ملاقاتن ۽ تعلق هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو) هوءَ ساحر لڌيانوي سان دهلي ۾ به ملي. جهاز جي اڏام کان ڊنل هجڻ ڪري هن بمبئي کان ريل رستي سفر ڪيو. اهي پاڻ ۾ مليا ۽ جڳ سڄي ۾ سندن پيار جا چرچا عام ٿيا. ساحر لڌيانوي تمام وڏو پياڪ هو. جڏهن آءٌ پنهنجي والد سان جين پاٽ ۾ رهندو هئس. تڏهن هوءَ به ڍُڪ ڍُڪ پيئندي هئي، منهنجي خيال ۾ هوءَ ٻين وانگر وڏي گهر ۽ گارڊن کان ڏاڍي متاثر هوندي هئي، ساڻس ڪملاداس سان گڏ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي والد جي گهر تي ملاقاتون ٿينديون رهيون. اهي ٻئي عورتون اسان وٽ گهڻو اينديون هيون. مون مختلف موقعن تي سندن اي آر تي انٽرويو ڪيا. آءٌ کانئن بلڪل سادا سوال ڪندو هئس ۽ اهي پنهنجو آواز زوردار نموني اُٿاري پوءِ ڪڪرن ۾ گم ٿي وينديون هيون. اهي ڪنهن به سادي سلوڻي سوال جو سنئون سڌو جواب ڏيڻ جي به قابل نه هيون. امرتا جو حقيقي عشق فقط امروز سان هو (امروز مسلمان نه پر هڪ ڪلين شيوَ سک هو) هو پنهنجي طور تي هن تي بلڪل فدا هيو، ۽ امرتا به سندس چاهت جي قدردان هئي. امروز سٺو آرٽسٽ هيو، هن سندس خوبصورت اکيون ٺاهي پنهنجي بيڊروم جي ديوارن ۽ در تي هڻي ڇڏيون هيون. هو سندس هڪ ئي وقت چاهيندڙ به ته خدمتگار به هو. مون وٽ سندس آرٽ جو وارث شاهه بابت ٺاهيل هڪ نمونو اڃا به موجود آهي جيڪو ٻنهي مون کي گفٽ ڪيو هو. امرتا رڳو وٺي سگهندي هئي ڏيڻ ڪجهه نه ڄاڻندي هئي.هوءَ اهو ٿڌو ٿورو به ڪو نه مڃيندي هئي ته ڪنهن سندس لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهي حد تائين جو جڏهن سندس ناول ”پنجر“ فلمي روپ ورتو، تڏهن به هن هڪ ڀيرو به مهرباني ڪا نه مڃي ته اهو آءٌ ئي هيس جنهن سندس ناول جو پهريون انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هو. امرتا جڏهن ”ناگ مني“ ميگزين شروع ڪيو، جيڪو گهڻو تڻو سندس شاعري تي مشتمل هوندو هو. تڏهن هن پنهنجن دوستن کي تاحيات ميمبر ڪيو ۽ آءٌ به انهن ۾ شامل هئس. مون کي پهريون ڀيرو ڏک تڏهن پهتو جڏهن هن کي پنجابي ادب جي خدمتن جي مڃتا طور ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ مليو. هوءَ پاڻ سليڪشن پئنل جي ميمبر هئي ۽ پنهنجو ووٽ پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيائين. هن درجن کن ناول لکيا، شارٽ اسٽوريز ۽ شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب پڻ. هن جڏهن ”جين پيٿ ايوارڊ“ ماڻيو تڏهن مون سندس ڪيترائي نظم ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ شارٽ اسٽوريز گهڻو تڻو وڌاءُ تي مشتمل هيون، هاڻي ته انهن ۾ موجود ڪردار به زنده نه رهيا آهن. اهي گهڻو تڻو غلط طور استعمال ڪيل عورتن بابت آهن. هن جا پنجابي ۾ ٿورا ڪي پڙهندڙ هئا، هن پهرين پنهنجا ڪتاب هندي ۽ پوءِ پنجابي ۾ شايع ڪرايا. ليڪن ايوارڊن تي سندس ڀاڳ رهيو. ”جين پيٿ ايوارڊ“ ماڻڻ کان پوءِ دهلي سرڪار کيس ڪجهه لک رپيا ڏنا ۽ پنجاب حڪومت کيس 10 يا 11 لک رپيا ڏنا. ڏوڪڙ سندس لاءِ ڪڏهن ڪو مسئلو ئي نه رهيا. امرتا ڪڏهن اگر مشڪلاتن جو شڪار ٿي به ته پنهنجي لکڻ جي ڪري، هڪ ڀيري سک ازم بابت ڪا غلط ڳالهه لکڻ ڪري امرتسر ڪورٽ کيس گهرايو هو، مون نه رڳو سندس حمايت ۾ لکيو، بلڪه ساڻس ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ تي به اتفاق ڪيم، آخر ڪيس واپس ورتو ويو. تڏهوڪي هندي ليکڪا ڪرشنا سويتي پنهنجي آٽو بايو گرافي ”زندگي نامه“ جو ٽائٽل پنهنجي لکڻي سان منسوب ڪرڻ تي مٿس عدالت ۾ ڪيس ڪيو، امرتا ساڳي عنوان سان هڪ انقلابي جي زندگي بابت لکيو هو.
    ان وقت به آءٌ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس دفاع ۾ عدالت ۾ حاضر ٿيو هئس ۽ مون اهو موقف اختيار ڪيو هو ته ”زندگي نامه“ تي ڪنهن جو به ڪاپي رائٽ ڪونهي. مون ڀارتي سفارتخاني مان ”زندگي نامه“ جي عنوان سان درجنين ڪاتب گڏ ڪيا، ڇاڪاڻ جو اهو فارسي ٻوليءَ جو جملو هو. مون سک تاريخ تي لکيل ٻه ڪتاب جن مان هڪ کي گرو گوبند سنگهه جو ”زندگي نامه“ چيو وڃي ٿو. اهي پڻ عدالت ۾ جمع ڪرايا. ڪرشنا سويتي هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ئي مون تي سخت ڏمرجي پئي ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳي ”يوئر آنر! هن جي چوڻ تي اعتبار نه ڪريو، ڇو ته هي انهن شاهوڪار مافيا جي لکارين سان تعلق رکي ٿو.“
    منهنجي خيال ۾ امرتا جي زندگي جا آخري ڏهاڙا نهايت اهم هئا، هوءَ بيمار رهندي هئي ۽ ڪيڏانهن هلي ڦري به نه سگهندي هئي. اهو امروز ئي هو جيڪو سندس سچي جذبي سان خيال رکندو هو. آخري ڏينهن ۾ هوءَ نه ته پاڻ کائي سگهندي هئي، نه ڪپڙا بدلائي سگهندي هئي، نه وري پاڻ کي صاف سٿرو رکي سگهندي هئي، هن وقت سندس تعريفون اهي ماڻهو ٿا ڪن جن کيس پڙهيو ئي ناهي. ڀانيان ٿو ته سندس اَمر هجڻ لاءِ وارث شاهه بابت مٿي ڄاڻايل اهي ڏهه سٽون ئي ڪافي آهن ڀلي سندس مئي پڄاڻان لوڪ کيس وساري به ڇڏي پر هي سٽون کيس زندهه سلامت رکنديون.

    (16 نومبر 2005)


    وري ٻيهر ملنداسين: امروز

    آرٽ جي دنيا جي جڳ مشهور نانءُ امروز امرتا پريتم سان زندگيءَ جا ايڪيتاليهه ورهيه گڏ گذاريا. هو سندس زندگي جي گذريل هر پل جو اکين ڏٺو شاهد چئي سگهجي ٿو. امرتا 1919-8-31 تي جنم ورتو ۽ 2005-10-31 تي لاڏاڻو ڪري وئي، ليڪن امروز پنهنجن رنگن جي ڪينواس تي امرتا کي ڪيئن ڏٺو، اهو هن 2 آگسٽ 2004ع تي قلمبند ڪري ڇڏيو هو. جيڪو امرتا لاءِ سندس آخري پيغام چئي سگهجي ٿو.
    اها فيبروري 2002ع جي ڳالهه آهي. ان وقت امرتا سان هڪ حادثو پيش آيو هو، باٿ روم ۾ سندس پير ترڪي پيو هو جنهن ڪري سندس ڍاڪ نڪري پئي. اسان کيس تڙتڪڙ ۾ اسپتال کڻي وياسين وڏي ڄمار هجڻ سبب کيس ڀڳل هڏ ۾ سخت سور پئي ٿيو. ڊاڪٽرن چيو ٿي ته آپريشن ٻن ڪلاڪن ۾ ٿي ويندو پرپوءِ ڊاڪٽرن جي ڪوششن باوجود کين پنج ڪلاڪ لڳي ويا. امرتا گهر موٽي آئي، اسان به پر اميد هئاسين ته هوءَ پاڻ به پر اميد هئي ته هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر هلي ڦري سگهندي پر جڏهن هڪ ٻه وکون کنيائين ته کيس وري شديد سور پئجي ويو. ان ڏينهن کان وٺي هوءَ بستري تي ئي پيل رهي.
    هاڻي هوءَ 85 ورهين جي آهي ۽ انهي حالت ۾ سندس ٻيو آپريشن نٿو ٿي سگهي. ڊاڪٽر جواب ڏئي چڪا آهن. ڪمزور جسامت سبب هوءَ بيهي ۽ ويهي سگهڻ جي قابل ناهي، نه وري واڪ ڪرڻ جي، اهو سڀ ڪجهه هجڻ باوجود هن هار ناهي مڃي، هن جي اندر زندگي آهي. هوءَ زنده سلامت آهي، سُجي، گلوڪوز وٺڻ ۽ ڪنهن ڪنهن وقت بلهي شاهه ۽ شاهه حسين جون صوفي لکڻيون پڙهڻ سندس روزمرهه جي زندگيءَ جو حصو آهن.
    مون امرتا سان زندگي جا سڄا سارا چاليهه ورهيه گڏ گهاريا پر مون ڪڏهن به ايئن محسوس نه ڪيو ته هن ڪڏهن ڪجهه پنهنجي لاءِ لکيو هجي. هن فقط تڏهن ئي ٿي لکيو جڏهن سندس دل کيس لکڻ تي مجبور ٿي ڪيو، هن کي ڪڏهن به گهڻو لکڻ توڙي ڇپجڻ جي لوڙ نه رهي. هن گذريل ٻن ورهين کان هڪ سٽ به ناهي لکي، خراب صحت کيس لکڻ جي قابل ئي ناهي ڇڏيو. امرتا ۽ مون گڏجي پنجابيءَ ۾ هڪ رسالو ”ناگ مني“ شايع ڪيو. اهو 1966ع کان شايع ٿيندو رهيو، پر سندس ناچاڪيءَ سبب اهو اپريل 2002ع کان شايع ناهي ٿي سگهيو. وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته ان عرصي دوران ڪنهن به همعصر ليکڪ لڙي اچي کانئس حال نه پڇيو نه وري سندس مزاج پرسي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، ڪي ٿورا نوجوان ساڻس ملڻ ضرور ايندا هئا. پر اسان ان روئي ۽ بي رخيءَ کي دل تي نه ورتو ڇو ته پڙهندڙ اسان جي لاءِ وڌيڪ اهم آهن. هن جا پڙهندڙ اڄ به کيس وڏي چاهه سان پڙهن ٿا. منهنجي خيال ۾ امرتا واحد پنجابي خاتون ليکڪا هئي، جنهن جو گذرسفر سندس لکڻين مان ملندڙ معاوضي تي ٿيندو هو.
    مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو ته امرتا کي سندس لکڻين تي ساهتيه اڪيڊمي طرفان ايوارڊ ڏيڻ جو جڏهن اعلان ٿيو هو، تڏهن ڪنهن کيس فون ڪري اها خوشخبري ٻڌائي هئي. تڏهن هن خوش ٿيڻ بجاءِ فون رسيور رکڻ کان پوءِ روئي ڏنو هو. ان جو ڪارڻ اهو هو ته هن اهو نظم ساحر لڌيانوي لاءِ لکيو هو ۽ ساحر گرمُکي ڪو نه ڄاڻندو هو. امرتا جي خيال ۾ هن جنهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه لکيو، جيڪڏهن اهو ئي ان کي نه پڙهي سگهيو ته پوءِ ايوارڊ به مون لاءِ بي معنيٰ ٿيو. اها سندس هڪ اهم خوبي هئي، جيڪا کيس پنهنجي همعصر اديبن کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهاري ٿي. هن کي ايوارڊن جي ڪڏهن به لونجهه نه رهي، نه وري پنهنجي همعصر اديبن وانگر ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ لابنگ ڪيائين. ويجهڙ ۾ ئي امرتا کي پدما وڀوشن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو پر ناچاڪيءَ سبب هوءَ ايوارڊ وٺڻ لاءِ وڃڻ جي قابل نه هئي. مذڪوره ايوارڊ جي تقريب به منعقد ٿي. ماڻهن کي اعزاز به ڏنا ويا، پر ڪنهن به امرتا کي ياد نه ڪيو، نه وري سندس نالي تي ڪا شيءِ ڏني وئي، چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ ڪجهه اخبارن ان مسئلي کي اٿاريو ۽ پوءِ حڪومت به جاڳي پئي، سرڪار جو سيڪريٽري امرتا جي گهر تي آيو کيس اعزاز وارو سرٽيفڪيٽ به ڏنائين ته ٻه پدما وڀوشن ايوارڊ جا ٻلا پڻ. وزيراعظم ذاتي طور کيس گلدستو اماڻيو. وزيراعظم، امرتا کي ذاتي طور تي سڃاڻي پيو ڇو ته هو راجيه سڀا لاءِ به نامزد ميمبر هئي. وزيراعظم جي آفيس مان کيس وزيراعظم سان ملاقات لاءِ به دعوت ڏني وئي هئي. پر هوءَ خراب صحت جي ڪري ڳالهائڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هئي. ان کان پوءِ انهن ڪنهن شيءِ جي ڪا ضرورت هجڻ بابت پڇيو. پر اسان ڪا به گهر نه ڪئي، اسان کي ڪجهه نه پيو کپي. اسان جو خرچ پکو پنهنجي حيثيت مطابق هوندو هو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻيا اديب ڪمائيندا ٻه رپيا آهن ته خرچ 10 رپيا ڪندا آهن. ان ڪري ئي اهي خوش ناهن هوندا.
    ايوارڊ يا اعزار امرتا لاءِ ڪا معنيٰ نه رکندا هئا هن لاءِ سندس تخليق کي ماڻهن طرفان ڀرپور موٽ ڏيڻ ئي سندس لاءِ وڏو اعزاز هوندو هو. امرتا ڪڏهن به ڪو ايوارڊ ماڻڻ لاءِ نه لکيو. ايوارڊن لاءِ لکڻ ۽ دل جي دانهن کي قلمبند ڪرڻ ٻه الڳ زاويا آهن. هن پنهنجي پوياڙي جي نظمن مان هڪ نظم مون لاءِ لکيو جنهن جو عنوان هو، ”آءٌ توسان ٻيهر ملنديس“ منهنجا برش ۽ منهنجو ڪينواس سڪي ٺوٺ ٿي چڪا آهن ، گذريل ٻن سالن ۾ ڪا خاص پينٽنگ نه ڪئي اٿم. مان پينٽنگ وڪڻڻ لاءِ ناهيان ڪندو. بس دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪندو آهيان، ۽ اڄڪلهه امرتا ئي منهنجو آرٽ آهي ۽ آءٌ ان جي نوڪ پلڪ درست ڪري رهيو آهيان.

    (16 نومبر 2005)


    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جو درد: ڪلديپ نير

    مسلم ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ويجهڙ ۾ ئي نئين دهلي جي دوري دوران چيو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ڀارتي مسلمانن وٽ لڏپلاڻ جو آپشن موجود هو پر هاڻي اهي ڀارت جا شهري آهن ۽ سندن وفاداريون پنهنجي ملڪ سان هجڻ گهرجن. خبر ناهي چوڌري شجاعت حسين جهڙي سمجهدار ماڻهو ٻن ڪلاڪن لاءِ دهلي جي جامع مسجد جو دورو ڪرڻ کان پوءِ اهو ڪيئن سمجهي ورتو ته هن پاسي جا مسلمان هُن پاسي وڃڻ لاءِ بي چين آهن. هوا ن ماضيءَ کي کُرچي رهيو هو جنهن کان هو آشنائي ناهي!
    حقيقتن آڌار ته هو ان وقت به غلط هيو جڏهن هو تاريخ بابت ڳالهائي رهيو هو، پهرين ڳالهه اها ته ڀارتي مسلمانن تي اهو زور نه هيو ته اهي پاڪستان وڃن. آبادي جي منتقلي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي اڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي جو حصو نه هئي. ٻي ڳالهه اها ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ذهن ۾ هڪ مختلف پاڪستان هو. اهو پاڪستان کي سيڪيولر سياسي برادري بڻائڻ پيو چاهي، جتي مذهب، سياست کان الڳ هجي. هو مرڻ گهڙي تائين انهي ڳالهه تي خوش نه هو، ڇو ته هو پنهنجي زندگي ۾ ئي اسلام جي نالي تي هن ملڪ جو، حليو بگڙجندي ڏسي رهيو هو.
    هن ۽ مهاتما گانڌي ٻنهي گڏجي ڪوششون ڪيون ته نين قائم ٿيندڙ رياستن جو عوام پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهي. ليڪن ڪٽر انتهاپسندن کين ڪڍي ٻاهر ڪيو، ايئن ورهاڱي کان پوءِ ٿيندڙ قتلام ڏهه لک ماڻهو ڳهي ويو. هندو هجن، مسلمان يا سک جيڪڏهن انهن کي جبري طور نه ڪڍيو وڃي ها ته ملڪ ڇڏڻ جو مسئلو هئو ڪٿي؟
    ڀارتي مسلمانن کي پنهنجي ملڪ سان وفادار رهڻ بابت چوڌري شجاعت جو مشورو انتهائي خراب ڳالهه هئي. ايئن ڪري هن هڪ لحاظ کان بي جي پي، ڪي آر ايس ايس پريوار جي جذبن کي اڃا به هوا ڏني جيڪي مسلمانن جي مخالفت جي نالي تي هتي هندن ۾ پنهنجو اثر رسوخ رکن ٿا. اهي اها ئي پروپئگنڊا ڪن ٿا ته مسلمان ڀارت جا وفادار ناهن ۽ چوڌري شجاعت حسين به لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ورجائي. ڪنهن به صورت ۾ هو ڀلا ڪير ٿيندو آهي مسلمانن جي وفاداري کي پرکڻ وارو؟ سندن زندگين کي ڀيانڪ بڻائڻ لاءِ ڇا آڏواڻي ۽ مودي ڪافي نه هئا؟
    چوڌري شجاعت حسين جي اهڙي راءِ کان وڌيڪ بدتر خيال سندس نائب مشاهد حسين جا هئا، جيڪي هن پاڪستان واپسي کان پوءِ ظاهر ڪيا. هن فرمايو ته ڀارتي مسلمان ته اُتي سلام ڪرڻ کان به ڊنل آهن، منهنجو خيال هو ته هو ڀارت جي آزاد معاشري کي ڏسي متاثر ٿيو هوندو. عوام جي عوام سان رابطي جي ڪري هزارين پاڪستانين کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ڀارت جون حدون کڻي ڇا به هجن پر گهٽ ۾ گهٽ اُتي جمهوريت جو فقدان ناهي. سچ ته اهو آهي ته اهي گهڻو ڪري اهو پڇندا آهن ته پاڪستان ۾ ڀارت جهڙو جمهوري نظام ڇو قائم نٿي سگهيو؟
    ٿورڙا پاڪستاني جڏهن بس ذريعي اسان جي پاسي واري ڪشمير پهتا ته اهي هتان جو آزاد ماحول ڏسي حيران ٿي ويا. انهن لاءِ اها ڳالهه عجب جوڳي هئي ته ڀارتي ڪشمير سندن ڪشمير جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترقي يافته آهي. کين وادي ڪيترن ئي مسئلن ۾ وڪوڙيل نظر آئي جن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي وارو معاملو به سرفهرست هو. ليڪن هتي آمريت نه هئي، هتي اسلام به صوفي ازم جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ هتي جي ڪشميريات به رواداري جو هڪ نمونو آهي.
    جيڪڏهن هن پار جا چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين سيڪيولرازم کي قبول ڪري وٺن ها ته ڪشمير مسئلي جي سلسلي ۾ ئي سهي پاڪستان سان معاملا طئي ڪرڻ ايترو ڏکيو نه هجي ها. انهن کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي ته ڪشمير وادي رڳو ان ڪري پاڪستان جو حصو نٿي بڻجي سگهي جو اها مسلم اڪثريتي علائقو آهي. صدر مشرف جڏهن ڄمون ڪشمير تي محمد علي جناح جو منطق لاڳو نٿو ڪري. تڏهن هو ڄڻ اڌ رستي تي رڪجي وڃڻ واري ڳالهه ڪري ٿو.
    جنرل مشرف جو اهو چوڻ صحيح هو ته ڀارت ۽ پاڪستان کي ڪشمير تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ليڪن هو ان وقت غلط ڳالهيون ڪري رهيو هو جڏهن هو ڪشمير بابت پنهنجي دعويٰ ۾ مذهب کي وچ ۾ کڻي آيو. سچ اهو آهي ته اسلام آباد، ڪشمير جي مقامي تحريڪ کي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي نالي تي اسلامي رنگ ڏئي ان تحريڪ کي وڏو ڌڪ رسايو آهي. آزاد ڪشمير ۾ جهادين جي تربيت لاءِ ڪئمپون ڪم ڪنديون رهيون ۽ اهي ماڻهو سفارتي حمايت کان گهڻو اڳتي نڪري ويا!
    هينئر تائين اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپا رڳو ڪشمير معاملي تي يرغمال ڇو ٿا بڻجڻ. ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو ته ڇا پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي تيستائين لٽڪائي رکيو وڃي؟ جيڪڏهن ان کي ڪشمير کان الڳ ڪيو وڃي ته حل ڪڍڻ سولو ٿي سگهي ٿو. ٽنهي ڌرين جي ملاقات سان پيدا ٿيندڙ مونجهاري جو هڪ ڪارڻ اهو پڻ آهي. اهو سچ آهي ته ڪشميرين کي ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. ليڪن هڪ اهڙي وقت تي نه جڏهن اسلام آباد ۽ نئين دهلي ڪشمير معاملي تي ڳالهيون شروع ئي نه ڪيون هجن.
    ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻيا به اڻ ڳڻيا مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ ضروري آهي. بگهليار ڊيم تي پيدا ٿيندڙ اختلافن تي اسان جون اکيون کلي وڃڻ گهرجن. شايد ٻنهي ملڪن کي گڏيل طور تي سمورن ڇهن درياهن يعني سنڌو، جهلم، راوي، بياس ۽ ستلج جي پاڻي جي ورهاست جي نگراني ڪرڻ گهرجي. ليڪن ڪشمير هر شيءِ تي ايترو ته ڇانيل آهي جو ٻي ڪنهن شيءِ لاءِ ڪا گنجائش ئي ناهي بچي.
    ان جو هڪ ننڍڙو مثال ڏيندو هلان ته هلندڙ مهيني جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڏهن اڳواڻن پاڪستاني سفارتڪارن نئين دهلي جو دورو ڪيو. انهن ٽيهه کن ڀارتي سفارتڪارن سان ملاقات به ڪئي. آءٌ جيئن ته برطانيه ۾ ڀارت جو هاءِ ڪمشنر رهيو آهيان. ان ڪري آءٌ به ملاقات ڪندڙن سان شموليت جو حقدار بڻيس. مون کي پاڪستاني سفارتڪارن بلڪل متاثر نه ڪيو، ڇاڪاڻ جو انهن سمورن جي ذهنن تي ڪشمير سوار هو، هر ڳالهه جو اظهار ان جي حل سان مشروط هو. ان ڪري اهي رڳو اها ڳالهه ڪندا رهيا. اسان جي پاسي وارا همراهه به معمولي ماڻهو هئا. ان ڪري اهي ڳالهه جي جواب ۾ ئي ڳالهيون ڪندا رهيا، مان ته ان ڳالهه تي حيران آهيان ته ٻنهي ملڪن جي دفتر خارجه هڪ ٻئي جي موقف کي رد ڪرڻ کان سواءِ به ڪجهه ڪيو آهي؟
    اهو ته انهن بي مثال ذهنن جو عالم آهي جيڪي پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تشڪيل ڏياريندا آهن ۽ ان تي عمل درآمد به ڪرائيندا آهن. ليڪن سندن Vision ڪيترو محدود هو. (اسان جو پرڏيهي وزير به رٽائرڊ سفير آهي) ايتري حد تائين جو رٽائرمينٽ کان پوءِ به اهي ماڻهو رٽيل ڳالهيون ٻڌائيندا رهن ٿا ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو ٻئي ملڪ نفرت ۽ بي اعتمادي جي ڀت ڪيرائڻ ۾ ڪامياب نٿي سگهيا آهن.
    مون ملاقات ۾ اها تجويز پيش ڪئي ته لاڳاپا بهتر ٿيڻ تائين ڪشمير مسئلي کي منجمند ڪيو وڃي. ان جي حمايت ۾ مون مرحوم وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي چيل هڪ ڳالهه جو حوالو ڏنو جيڪا هن مون کي هڪ انٽرويو ڏيندي ڪئي هئي. هن چيو هو ته: ”اهو رڳو اسان جي نسلن تي لازمي نه هجڻ گهرجي ته اهي سمورا مسئلا حل ڪن.“ پاڪستاني سفارتڪارن منهنجي ڳالهه سان اتفاق نه ڪيو ۽ نه ئي انهن ٻي ڪا ٺوس تجويز پيش ڪئي. حقيقت ۾ مون کي سندن ان ڳالهه تي پريشاني ٿي پئي هئي ته عوام سان عوام جي رابطن جو زور ٽٽي چڪو آهي.
    آءٌ اها ڳالهه چڱي ريت سمجهان ٿو ته عوام سان عوام جا رابطا ڇاٿا ڪري ڏيکارين. اهو ته اڃا سڀ ڪجهه سامهون ناهي آيو. اهي رابطا ته اڃا شروع ئي مس ٿيا آهن ۽ في الحال ڪجهه شهرن تائين محدود آهن. ٻنهي پاسن جي هزارين ماڻهن کي مختلف سطحن تي ۽ ٻنهي ملڪن جي مختلف هنڌن تي هڪٻئي سان ملڻ گهرجي. ٻنهي پاسن ڏي اڃا به بي اعتمادي جو راڄ آهي. اسان ٻنهي ملڪن کي فخر آهي ته اسان خودمختيار آهيون ۽ اسان جي اها حيثيت برقرار رهڻ گهرجي. ليڪن سرحدون نرم هجڻ گهرجن ۽ انهن کي پار ڪرڻ ايئن هجڻ گهرجي جيئن اوهان هڪ گهٽي مَٽي ٻي ۾ داخل ٿيندا هجو. چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين کي هن پاسي يا هن پاسي جي مسلمانن جي سڃاڻپ جو تعين ڪرڻ بدران انهن مقصدن لاٰءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

    (01 مئي 2005)
    ليکڪ مشهور ڀارتي ڪالم نگار ۽ صحافي آهي، سندس لکڻيون مختلف انگريزي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون.


    قصو 65 واري جنگ ۽ ڀارتي راز وڪري ٿيڻ جو!: ڪلديپ نير

    مان پنهنجي ”جيون ڪٿا“ لکڻ وقت پاڪستان جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ تڏهوڪي صدر ايوب خان جي پُٽ گوهر ايوب سان ٿيل ڳالهه ٻولهه سانڍيندو آيس، هاڻي جڏهن گوهر ايوب کلم کلا اُن جو اظهار ڪيو آهي، جيڪي هن مون کي ٻڌايو هو، تڏهن ڀانيان ٿو ته مون کي به سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي. گوهر ايوب سرحد صوبي جي شهر ايبٽ آباد ويجهو هڪ شاندار گهر ۾ رهي ٿو، هن اتي ئي مون لاءِ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو هو. ان ملاقات جو بندوبست ”مسلم “ اخبار جي تڏهوڪي ايڊيٽر مشاهد حسين ڪيو هو. مون کي اهو ڏينهن ٺيڪ طرح سان ياد آهي، ڇو ته مون ان ڏينهن گوهر ايوب جي گهر تي اندرا گانڌي جي قتل بابت ٻڌو هو. هن اُن بابت ٻڌايو هو، پر انتهائي مختصر لفظن ۾.
    هو مون کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ بي چين هيو، جيڪا اسان جي هٿياربند فوج لاءِ ناموسيءَ جي ڳالهه نه هئي. هن ڪٿا جو مطلب اهو هُيو ته اسان جون فوجون مجرم آهن، مون کي يقين هو ته ايئن هوندو.
    پر مون ڳالهه جو پاسو بدلايو تڏهن هن چيو ”ڀارت جي ملٽري هيڊ ڪوارٽر جي انتهائي ڳجهن دستاويزن جي ڪاپي نهروءَ جي ميز تي پهچڻ کان اڳ اسان تائين پهچي ويندي هئي.“ ڀارت جي فوجي هيڊڪوارٽر ۽ وزيراعظم جون آفيسون تڏهن سائوٿ بلاڪ ۾ هونديون هيون ۽ هينئر به اتي ئي واقع آهن. تڏهوڪن ڏينهن ۾ توهان اڱڻ ۾ بيهي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڳالهائي سگهندا هئا. آخر اتان نهروءَ جي آفيس ڪجهه فرلانگن تي هجڻ باوجود پيغام رسان هٿان ڪو دستاويز اتي پهچڻ کان اڳواٽ پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين وٽ پهچڻ ڪيئن ممڪن هو؟
    هن ان وقت مون کي 1965ع جي جنگ جو منصوبو هڪ ڀارتي برگيڊيئر هٿان فقط ويهن هزارن ۾ وڪرو ڪرڻ جو مثال نه ڏنو هو. تنهن هوندي به گوهر ايوب اهو ضرور ٻڌايو هو ته سندس پيءُ ان راءِ جو هو ته ”ڀارتي آفيسر چند هزارن عيوض ملڪ وڪڻي رهيا آهن،“ آءٌ ساڻس ان مامري تي بحث ۾ شامل نه ٿيس. ڇاڪاڻ جو آئون اهڙيون ڳالهيون پهريون ڀيرو ٻڌي رهيو هوس. پر مون گوهر ايوب کي سندس والد سان 1972ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات دوران سندس طرفان ڪشميرين خلاف ڏنل رمارڪس بابت ٻڌايو. آءٌ دراصل اتي ذوالفقار علي ڀُٽي جو انٽرويو ڪرڻ ويو هوس، جيڪو ڍاڪا سانحي کان پوءِ مختصر وقت لاءِ پاڪستان جو صدر ٿيو هو.
    ايوب خان سان ڪچهري دوران مونکيس چيو ته ته هن واديءَ ۾ پنهنجي فوج ڳجهي نموني ڇو موڪلي هئي؟ هن مون کي ٻڌايو هو ته ”فوج کي اهڙي طريقي سان ڪشمير موڪلڻ جو خيال سندس نه هيو، پر اها ڀُٽي جي جنگ هئي، جيڪا هن سرانجام ڏني، مون کيس جهليو هو.“
    ايوب چيو پئي ته ”ڀٽي مون کي پڪ ڏياري هئي ته ڪشميرين کي جيڪڏهن اها خبر پئجي وڃي ته پاڪستاني فوج سندن وچ ۾ آهي ته اُهي انقلاب لاءِ اُٿي پوندا.“ ايوب ڳجهي نموني وادي ويندڙن کي ”ڀُٽو جا مجاهدين“ ٿي ڪوٺيو. ايوبه موجب، هن ڀُٽي کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته، ڪشميرين بابت مون کي جيڪا خبر آهي ته اهي ڪڏهن به بندوق نه کڻندا. (هو زندهه نه رهڻ سبب ڪشمير ۾ ٿيندڙ مزاحمت نه ڏسي سگهيو)
    گوهر ايوب اهو غلط پيو چوي ته ڪشمير بابت سندس پيءُ تائين پهچندڙ رپورٽون ”مستند“ هونديون هيون، سندس پيءُ پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته ”ڀٽو ڪڏهن به ڪشمير ۾ مداخلت بابت کيس اعتماد ۾ نه ورتو هو. (لڳ ڀڳ اهڙي ئي ڳالهه نواز شريف جدي ۾ جلاوطني دوران مون کي ڪارگل ايڊونچر بابت ٻڌائي هئي.)
    پاڪستان جڏهن 65ع ۾ سوين گوريلن ـ مجاهدين (آزادي پسندن) سان حملي آور ٿيو، ڀٽو ان وقت پرڏيهي وزير هو، ان ڇڪتاڻ بابت سڀ کان پهرين 9 آگسٽ 1965ع تي ڀارتي پريس ۾ رپورٽ شايع ٿي هئي. جنهن ۾ ايوب خان راولپنڊي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڪيول سنگهه کي پڪ ڏياري هئي ته پاڪستان، ڀارت طرفان بهتر لاڳاپن لاءِ کنيل هر قدم جو آڌر ڀاءُ ڪندو. هن دليل ڏيندي چيو هو ته ڪشمير ۾ مداخلت ۽ ڀارت ۾ مداخلت ڪرڻ ۾ فرق آهي، پاڪستان ڪشمير واديءَ ۾ جيئن سمجهيو پئي ته معاملو مچندو، ان ۾ ناڪام رهيو، ڇاڪاڻ جو سندن، موڪليل گوريلن جي مقامي ڪشميرين بنهه مدد نه ڪئي.
    مون جڏهن ڀُٽي کان انٽرويو ڪيو، تڏهن هن ايوب جي انهن الزامن جي ترديد نه ڪئي ته 1965ع جي جنگ سندس ڪارنامو هو. هن جي ڏنل وضاحت جيڪا رڪارڊ ٿيل آهي، ان موجب ”ان وقت اسان فوجي طرح وڏي دٻاءُ ۾ هيا سين ۽ فوجي نقطه نظر کان ٻاهران ملندڙ فوجي مدد سبب اسان ڀارت کان ڪافي سگهارا هياسين ۽ اها صورتحال ئي 1965ع جي جنگ جو سبب بڻي، ڪشمير مسئلو به حل نه پئي ٿي سگهيو، ۽ اسان جا جهيڙا نبيرڻ لاءِ ان بابت قرداد به اهم هئي. پر اهو مسئلو پر امن نموني حل نه پئي ٿي سگهيو، ۽ اسان کي فوجي برتري حاصل هئي، جنهن جو اسان تي الزام به مڙهيو وڃي ٿو. پر اهو سڀ ڪجهه محب وطن جي علامت طور ڪيو ويو.“
    جنگي ڳجهه جڏهن به ٻڌايا ويندا آهن اهي دلچسپ ڪهاڻين جهڙا ئي هوندا آهن، اهي ماڻهن جي دلچسپي جو محور رهندا آهن، اهي جنگ ۽ امن جي دو ر جو ٻوجهه گهٽائيندا آهن، گوهر به اهڙي ئي دلچسپيءَ کي ڦلهوريو آهي.


    گڏيل قومن جو نئون جنم: ڪوفي عنان

    سومر ڏينهن مون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ”وڌيڪ آزاديءَ“ بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. نيو يارڪ ۾ منهنجي ناظرين لاءِ سومر بهار رت جو پهريون ڏينهن هو ۽ آءٌ اميد ٿو ڪريان ته اها رپورٽ عالمي نظام ۽ خود گڏيل قومن لاءِ نئين شروعات ثابت ٿيندي.
    وڌيڪ آزادي وارو محاورو گڏيل قومن جي چارٽر تان کنيل آهي، جنهن کي مون پنج سال اڳ گڏيل قومن جي ملينيم رپورٽ جي عنوان طور ڪتب آندو هو.
    آءٌ دنيا جي انهن سمورن ملڪن کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو جن مون کي هي ذميواري سونپي آهي ۽ آءٌ سندن آڏو جوابده به آهيان، ته اهي گڏيل قومن ۾ پنهنجي نمائندگي ڪرڻ لاءِ نه بلڪه پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ آهن ۽ اهي کانئن اها توقع رکن ٿا ته اهي ٻين ملڪن سان گڏجي گڏيل قومن جي چارٽر ۾ ٻڌايل پنهنجي مقصدن تي عمل پيرا ٿيندا. اهي مقصد مختصر طرح بيان ڪجن ته هن ريت بيهن ٿا. امن، انساني حق، انصاف ۽ ترقي. پر 1945ع ۾ آخري لفظ ايترو فيشن ايبل نه هيو، جيترو هينئر بڻجي ويو آهي. چارٽر جا اصل لفظ هن ريت آهن ته ”سماجي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۽ وڌيڪ آزادي لاءِ معيار زندگي بهتر ڪرڻ.“
    اسان جي بانيڪارن انهن ٻنهي مقصدن تي ڪم ضرور ڪيو پر وڌيڪ آزادي گهڻ معنيٰ رکندڙ لفظ آهي. توهان حقيقي طرح تڏهن آزاد آهيو. جڏهن جنگ ۽ تشدد کان محفوظ هجو، توهان جا بنيادي انساني حق قانون جي دائري ۾ محفوظ هجن، ترقي ۽ تحفظ گڏجي وڌيڪ آزاديءَ جا ضامن بڻجن ٿا. اهي ئي مقصد اڄ گڏيل قومن جو عالمي آواز آهن، اهڙا مسئلا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ جن جو تعلق عام خلق سان آهي، پوءِ ڀلي اهي لنڊن جا شهري هجن يا نيويارڪ جا، اهي هر وقت ٻئي دهشتگرد حملي جي خوف ۾ ورتل رهن ٿا. يا لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا جا ماڻهو هجن، جيڪي بک، بدحالي، بيمارين ۽ گهرو ويڙهه جي ور چڙهيل آهن.
    گڏيل قومن جي رڪارڊ تي اهڙيون ڪيتريون ئي ڪاميابيون موجود آهن، سياسي آزادين جو ثمر ايشيا ۽ آفريڪا کي به پلئه پيو جن بيٺڪي راڄ مان جند ڇڏائي، جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن جي عوام آمرن کي ڀڄائي پنهنجي پسند جا حڪمران چونڊيا.
    سچ ته اڄ کان ويهه سال اڳ گڏيل قومن لاءِ اها ڳالهه اڻ ٿيڻي هئي ته اها جمهوريت يا ڊڪٽيٽر شپ ڪنهن هڪ پاسي بيهي، يا ميمبر ملڪن جي اندروني بحران ۾ مداخلت ڪري سگهي، ليڪن اڄ گڏيل قومن جا سڀ ميمبر ملڪ اسان جي جمهوريت جي ڏنل ٿيوري کي تسليم ڪن ٿا، ۽ هي ادارو سڄي دنيا ۾ جمهوريت جي واڌويجهه لاءِ اڪيلي سر ڀرپور ڪرادار ادا ڪري رهيو آهي. رڳو گذريل سال جو کڻي مثال وٺو ته هن اداري ويهن کان وڌيڪ ملڪن ۾ عام چونڊون ڪرايون يا چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد مهيا ڪئي، ۽ اهو ڪردار تاريخي ليکي سگهجي ٿو. اهڙن ملڪن ۾ افغانستان، فلسطين، عراق ۽ برونڊي اچي وڃن ٿا. هاڻي اسان جا ميمبر ملڪ اهو چڱي ريت پرکي سگهن ٿا ته انساني حقن جو تحفظ ڪهڙي ريت ڪجي؟ مون ان لاءِ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سڌارن ۽ ڊيولپمينٽ تي خرچ ڪرڻ جون تجويزون رکيون آهن.
    سٺ سالن جي عرصي ۾ گڏيل قومن عالمي امن ۽ اقتصادي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 2015ع تائين غربت جي خاتمي جو مينيفيسٽو اصل ۾ دنيا جي غريب جي دل جو آواز آهي، ڇو ته دنيا جي هڪ بلين کان وڌيڪ غريب آباديءَ کي لاوارث ڇڏي نٿو سگهجي، بلڪه انهن جي بهتري لاءِ شاهوڪار توڙي غريب ملڪن ٻنهي کي اڳتي اچڻو پوندو.
    پنج سان اڳ امن ۽ تحفظ، ترقي جي ڀيٽ ۾ اسان جي وڌيڪ پهچ ۾ هئا، اڄ اسان ڪيترن ئي دهشت گرد حملن ۽ عراق ۾ ڇڪتاڻ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. لڳ ڀڳ اهڙي صورتحال آفريڪا جي ڪيترن ئي خطن ۾ آهي. باوجود ان جي گڏيل ڪوششن، دهشتگردي خلاف گڏيل دفاعي عمل، خطرناڪ هٿيار تباهه ڪرڻ سان گهرو ويڙهه ۽ خونخوار حالتن کي منهن ڏئي بهتر ڪري سگهجي ٿو.
    گڏيل قومن جو ادارو هڪ اهڙو عالمي فورم آهي جتي آزاد ۽ خود مختيار ملڪ عالمي مسئلن تي گڏجي ويهي حڪمت عمليون ٺاهي سگهن ٿا، پر اهو ادارو تڏهن اڃا وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهندو جڏهن ان جي جنرل اسيمبلي وڌيڪ سگهاري هوندي.

    (15 اپريل 2005)
    ليکڪ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل آهي


    ياسر عرفات کي زهر ڏئي ماريو ويو؟: يوري ايونري

    ورهين کان اسرائيلي ميڊيا حڪومتي سهڪار سان فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات خلاف مهم هلائيندي رهي (سواءِ هئو لام خطه نيوز ميگزين جي، جنهن جو آءٌ ايڊيٽر هيس) سندس خلاف تنقيدي لفظن جي بوڇاڙ ٿيندي رهي ۽ ايتري شديد بوڇاڙ شايد ئي سندس همعصر ڪنهن ٻي ماڻهو تي ٿي هجي. جيڪڏهن ڪير ايئن ٿو سمجهي ته سندس مئي پڄاڻان اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي ته اهو غلطي تي آهي. عرفات جي ”ايڊز“ وسيلي مري وڃڻ واري ڳالهه پڻ ان مهم جو ئي حصو لڳي ٿي.
    ويجهڙ ۾ ئي اسرائيلي ميڊيا ۾ اهو بحث ڇيڙيو ويو آهي ته فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات ايڊز يا زهر سبب موت جي منهن ۾ هليو ويو هو. ان لحاظ کان مُک اکر ”ايڊز“ بيهي ٿو. سڄي مضمون ۾ ”ايڊز“ جي ثابتي ڪنهن به ريت سامهون نٿي اچي. رپورٽر ”اسرائيلي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ذريعن“ جي حوالي سان اها ڳالهه ڪن ٿا. اهي اسرائيلي ڊاڪٽرن جو به حوالو ڏين ٿا، ”جن وري اهو فرينچ ڊاڪٽرن کان ٻڌو“ ياد رهي ته هڪ اسرائيلي پروفيسر ان حقيقت کان آگاهي رکي ٿو، جيڪا هينئر تائين شايع به ناهي ٿي ته ”عرفات ايڊز جي چڪاس ڪرائي هئي. تيونس جي ميڊيڪل ٽيم رمله ۾ برابر سندس ايڊز جي چڪاس ڪرائي هئي. پر ان ۾ ”ايڊز“ جو ڪو به اهڃاڻ نظر نه آيو هو. پر عربن تي ڪير ڀروسو ڪندو؟
    هيرٽز کي خبر آهي ته پنهنجو دفاع ڪيئن ڪجي. ان ڪارڻ ئي ان هڪ هنڌ مضمون ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته ”اهو امڪان آهي ته عرفات کي گهڻي ايڊز نه هجي“ جڏهن ته ساڳي ئي ڏينهن تي نيويارڪ ٽائمز لڳ ڀڳ ان جهڙي ئي اسٽوري شايع ڪئي آهي جنهن ۾ ”ايڊز“ جي الزامن کي توهين آميز سڏيو ويو آهي.
    ان الزام جي سادي حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن اهو سچ هجي ها ته اسرائيلي حڪومت توڙي يهودي اسٽيبلشمينٽ طرفان اعليٰ سطح تي سڄي دنيا ۾ وڏي پروپئگنڊا ڪئي وڃي ها ان لاءِ ڏهه مهينا انتظار نه ڪيو وڃي ها. ليڪن حقيقت اها آهي ته وٽن ان الزام جي ڪا به ثابتي ناهي. بلڪه لکارين اهو لکي ڄڻ ته اها ڳالهه تسليم ڪري ورتي آهي ته عرفات ۾ ايڊز جون ڪي به علامتون نه هيون.
    عرفات جي رمله ۾ پر هجوم تدفين کان پوءِ آءٌ سندس موت بابت پنهنجو موقف ڏيڻ کان ڪترائيندو رهيس. آءٌ ڊاڪٽرته ناهيان، پر ورهين کان هڪ تحقيقاتي نيوز ميگزين جي ايڊيٽر هئڻ جي ڪري اهو ضرور سکيو آهيان ته اهڙو ڪو به الزام نه مڙهيان، جيڪو آءٌ عدالت ۾ ثابت نه ڪري سگهان.
    پر هاڻي صبر جا سمورا بند ٽٽي پيا آهن. هاڻي آءٌ اهو چوڻ لاءِ تيار آهيان، بلڪه مون کي يقين آهي ته عرفات کي زهر ڏئي ماريو ويو هو. ”هيرٽز“ طرفان ڊاڪٽرن کان ڪيل انٽرويوز ۾ اڪثر ڊاڪٽرن جو خيال هو ته کيس زهر ڏنو ويو، ان جي ڀيٽ ۾ پيون علامتون نٿيون ملن.
    ياسر عرفات جي زندگي جي آخري ٻن هفتن دوران سندس فرينچ ڊاڪٽرن علاج ٿي ڪيو، انهن جي رپورٽن موجب سندس موت جو ڪو به سبب معلوم نٿي سگهيو آهي، اهو صحيح آهي ته چڪاس دوران سندس جسم مان زهر ملڻ جون ڪي به علامتون نه مليون هيون. پر اها چڪاس به ته هڪ عام قسم جي چڪاس هئي. اهو به ڪو وڏو ڳجهه ناهي ته دنيا جي ڪيترين ڳجهين ايجنسين اهڙو زهر به ايجاد ڪيو آهي، جنهن کي جسم ۾ ڳولي نٿو سگهجي يا وري اهو مختصر وقت ۾ اثر ڏيکاري زائل ٿي وڃي ٿو.
    ڪجهه ورهيه اڳ اسرائيلي ايجنٽن حماس جي اڳواڻ خالد مشعل کي عمان جي هڪ گهٽي ۾ هلڪي جهير ذريعي زهر ڏنو هو. پوءِ ان جي شاهه حسين جي مداخلت سبب ائين جان بچي جو هن اسرائيل کي زهر جو ترياق مهيا ڪرڻ جي گهر ڪئي (ان ئي سلسلي جي ڪڙي طور پوءِ نيتن ياهو حماس جي هڪ ٻئي اڳواڻ شيخ احمد ياسين کي آزاد ڪرڻ تي راضي ٿيو) جنهن کي سندس گهڻن سالن کان پوءِ غزه واپسي تي ميزائل ذريعي ماريو ويو.
    ڪنهن به بيماري جي علامت جي غير موجودگي ۾ ۽ کيس زهر ڏيڻ جي اشارن جي موجودگي مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته ياسر عرفات کي حقيقت ۾ زهر ئي ڏنو ويو هو. ڇو ته هن چار ڪلاڪ اڳ جيڪو ڊنر ڪيو اهو ئي سندس پهرين تڪليف جي علامت بڻيو. ڇو ته ياسر عرفات لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام هميشه نه هئڻ جهڙا هوندا هئا. مون ساڻس ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملاقاتون ڪيون، پر مون کي اڀري سيڪيورٽي ڏسي حيرت ٿيندي هئي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪو به شاطر قاتل پنهنجو ڪم سولائي سان ڪري سگهي ٿو. سندس سيڪيورٽي بس عام رواجي هوندي هئي، ان جي ڀيٽ ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي سيڪيورٽي نهايت سخت هوندي هئي. ياسر عرفات ته اجنبين سان گڏ به ماني کائيندو هو. هو ملاقاتين سان ڀاڪر پائي ملندو هو. سندس دوست ٻڌائن ٿا ته عرفات نه رڳو اجنبي ماڻهن طرفان مٺايون به قبول ڪندو هو بلڪه ملاقاتين طرفان ملندڙ دوائون واپرائيندو به هو. ڪيترن ئي قاتلاڻن حملن ۽ هڪ جهاز حادثي کان بچي وڃڻ کان پوءِ هن جو عام طرح رويو اهو ٿي ويو هو ته ”سڀ ڪجهه الله جي هٿ ۾ آهي“ منهنجي خيال ۾ هو اها ڳالهه دل سان تسليم ڪندو هو ته الله تعاليٰ کيس سندس تاريخي مشن جي تڪميل تائين محفوط رکندو.

    عرفات کي زهر ڪنهن ڏنو؟
    ان حوالي سان پهرين شڪ اسرائيلي سيڪيورٽي اسٽبلشمينٽ ڏانهن وڃي ٿو. هونئن به ايريل شيرون ڪيترن ئي موقعن تي اهو اعلان ڪري چڪو هو ته هو عرفات کي مارڻ ٿو چاهي. اهو معاملو ڪيترائي ڀيرا اسرائيلي ڪابينا ۾ به بحث هيٺ اچي چڪو هو. گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻه ڀيرا مون کي ۽ منهنجي دوستن کي ٻه ڀيرا چيو ويو ته اهو هاڻي اڻٽر آهي. ان ڪارڻ ئي اسان رمله وياسين ته عرفات جي قتل سان اسرائيل کي گهڻو نقصان ٿيندو. شيرون پنهنجي انٽرويوز مان ڪنهن هڪ ۾ چيو هو ته اسان جي اتي موجودگي سندس لاءِ ڍال جو ڪم ڏئي سگهي ٿي.
    اهو سچ آهي ته شيرون عرفات جي قتل کان هميشه ان ڪري پاسو ڪندو رهيو ڇو ته کيس آمريڪا جي منع ڪيل هئي، انهن کي ڊپ هو ته عرفات جي قتل سبب عرب دنيا ۾ شديد نفرت جو اڀار ٿيندو ۽ آمريڪا مخالف دهشتگردي ۾ واڌ ايندي.
    مشعل وارو معاملو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته اسرائيلي انٽيليجنس سروس کي بنا ڪو ثبوت ڇڏڻ جي ماڻهن کي زهر ڏيڻ جو تجربو آهي. اها ڳالهه به تڏهن ڦاٽي جو ان ۾ ملوث ماڻهن کي قابو ڪيو ويو هو.
    عرفات جي موت بابت ثبوت نه هجڻ وارو امڪان پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. ڇاڪاڻ جو هن وقت اها ثابتي ئي موجود ناهي ته عرفات کي زهر ڏيڻ ۾ اسرائيل ملوث آهي. پر جيڪڏهن ان ۾ اسرائيل ملوث ناهي ته پوءِ ڪير ملوث آهي؟ آمريڪي انٽيليجنس سروس به ان حوالي سان چڱي مهارت رکي ٿي. بش ڪڏهن به عرفات لاءِ پنهنجي نفرت نه لڪائي حالانڪه هن پر عزم اڳواڻ سندس ڪافي ڳالهين تي جيئن جو تيئن عمل به نه ڪيو ۽ ان ڪارڻ ئي کانئس پوءِ بش محمود عباس سان ويجهڙائپ ۾ تڪڙ جو مظاهرو ڪيو. پر آمريڪين جا مفاد ته ٿي سگهن ٿا، پر عرفات جي موت جي حوالي سان ساڻن لاڳاپيل ڪي به ثابتيون ناهن. ڪجهه ماڻهو ڪجهه ٻين مشڪوڪ ڌرين ڏانهن به ڏسن ٿا، جنهن ۾ عرب دنيا به اچي وڃي ٿي.
    ڇا عرفات جي موت شيرون کي فائدو ڏنو؟
    ظاهري طرح ته ان جو جواب نهڪار ۾ ئي آهي. جيستائين عرفات جيئرو هو، آمريڪا جي اسرائيل لاءِ حمايت لا محدود هئي، پر سندس مُئي کان پوءِ صدر بش سندس جاءِ تي ايندڙ جي وڌيڪ حمايت ڪري رهيو آهي. آمريڪا جي عراق ۾ ناڪامي بش کي ڪنهن ٻئي هنڌ تي ”وسيع وچ اوڀر ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ ڏانهن ڌڪيو آهي. هن آمريڪي پاليسي طور عربن ۽ مسلمانن لاءِ محمود عباس کي Symbol طور پيش ڪيو آهي. فلسطيني عوام کي محمود عباس جي حمايت ڪرڻ جي سلسلي ۾ بش، شيرون تي مختلف انداز سان دٻاءُ وجهي رهيو آهي. ان ڪارڻ ئي شيرون عرفات جي دور وارا ڏينهن ياد ڪري رهيو آهي. ڇو ته تن ڏينهن ۾ زندگي بلڪل سادي سلوڻي هئي.
    پر هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو فلسطين کي (جيڪو شيرون يقيني طور ڪندو) ٽڪرن ۾ ورهائڻ چاهي ٿو، فلسطين جي خود مختيار رياست اڳيان بند ٻڌڻ چاهي ٿو. اهو ئي عرفات جي مرڻ تي خوش ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ جو عرفات ئي واحد ماڻهو هو جنهن فلسطيني عوام کي متحد ڪيو. هن کي اهو اخلاقي طور اختيار حاصل هو ته ڪو به حڪم لاڳو ڪري ۽ ان تي عمل ڪرائي، پوءِ ڀلي اهو عقلمنديءَ سان عمل ڪرائڻ جو ڳيو هجي. ڪنهن اٽڪل سان يا ڌمڪي سان.
    اسرائيل ۾ ماڻهن جو وڏو انگ ان خيال جو آهي ته ياسر عرفات کان پوءِ فلسطيني سوسائٽي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي. انارڪي سماج کي ڌوڏي ڇڏيندي، هٿياربند گروهه هڪ ٻئي کي ختم ڪري ڇڏيندا ۽ قومي قيادت به ان جو نشانو بڻبي. اهڙا ماڻهو عرفات جي مرڻ تي ڏاڍا خوش آهن ۽ محمود عباس جي ناڪامي لاءِ دعا پيا ڪن.
    هڪ ڀيري ياسر عرفات مون کي پڪ ڏياري هئي ته اسان ٻئي هڪ ڏينهن پنهنجي زندگين ۾ ئي فلسطين ۾ امن اکين سان ڏسنداسين. پر هن کي اهو ڏينهن ڏسڻ نه ڏنو ويو، جنهن به عرفات کي اهو ڏينهن ڏسڻ نه ڏنو، هو ته نه رڳو فلسطيني عوام جو گنگاهگار آهي بلڪه امن جو ويري ۽ اسرائيل جو به سڄڻ ناهي.

    هڪ نرالي سالگره تقريب
    ڪالهه پنهنجي 82 هين جنم ڏينهن تي مون غير روايتي سالگره تقريب ڏٺي، جذباتي منظر هو، ڳوڙهن جو اهڙو مينهن ٿي وسيو، ان جهڙو اڳ ٻڌو نه ڏٺو، هڪ ڊگهو احتجاجي مظاهرو به هو. اهو سڀ ڪجهه اولهه ڪناري جي ڳوٺڙي ”بل اِن“ ۾ ٿيو، سچ اهو آهي ته ڳوڙها گيس جي شيلن سبب وهي هليا هئا، جذباتي ڪيفيت ان ڪري هئي جو اسان تي سرحدي پوليس وحشياڻي نموني حملو ڪيو هو. مظاهرو سرحدي خاردار تار کي وڌائڻ تان هو، جنهن سان يهودي آبادڪاري کي ته هٿي ملي پر فلسطيني ڳوٺ پنهنجي ڌرتي کان ڪٽجي ويو، مهينن پڄاڻان هاڻي اسرائيل مان ڪارڪن هر جمعي تي خاردار تار واري هنڌ ڳوٺاڻن سان احتجاجي مارچ ۾ شريڪ ٿين ٿا. ان روايت ”بل اِن“ کي پر امن مزاحمت جي اهڃاڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اها جاءِ اڳ ۾ ئي سڌي ڪئي وئي آهي. پر مذڪوره سيڪٽر ۾ خاردار ڪٽهڙو اڃا ناهي ٺاهيو ويو، گذريل هفتي جي احتجاجي مارچ تي فوجي جٿي طرفان وحشياڻو حملو ڪيو ويو . ان ڪري هن ئي هفتي واپس ورنداسين.
    هتي اسان سميت سڄي ملڪ مان مختلف امن تحريڪن سان لاڳاپيل لڳ ڀڳ ٻه سئو ماڻهو هئا، اتان نڪرڻ کان پهرين اسان ريڊيو تان ٻڌو ته ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي وئي آهي. ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ رتوڇاڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي . ڳوٺ ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ رستا بند ڪيا ويا هئا. ان ڪري اسان رستو بدلائي ڇڏيو.
    پنهنجين بسن تان اسان پنهنجي گس تي روايتي فلسطيني منظر ڏسندا آياسين، ٽڪريون لسي پٿر سان ڍڪيل هيون، زيتون جا وڻ، وڻن جا سڪل ٿڙ، ٿوهر نظر آيا. ڇانو ۾ گرمي پد 30 درجا سينٽي گريڊ هيو، پر هتي ته ڪو ڇانورو به نه هو، آءٌ ته هتي تڏهن به واڪ ڪرڻ پسند نه ڪندو هئس جڏهن مان هڪ سپاهي هيس ۽ هاڻي 57 سالن جي عمر ۾ ته اها خواهش به ناهي رهي.
    لڳاتار ٻن ڪلاڪن تائين اسان هيٺ مٿي چڙهندا لهندا رهياسين، هيٺ تِرڪي به وياسون ٿي. تڏهن هڪٻئي جي مدد پئي ڪئي سون، اسان مليل جليل ماڻهن جو ميڙ هئاسين. ڪنهن ۾ نوجوان ڇوڪرا به هيا ته ڇوڪريون به، پوڙها به هيا ته پوڙهيون به، مطلب ته سڀ ڪجهه هيو، جڏهن آءٌ پنهنجي انتها جي پڄاڻي تي هيس، تڏهن آءٌ خاردار ڪٽهڙي ويجهو پهتس. جيڪو ڪنهن نانگ وانگر وڪوڙي پوري ماٿري کي پنهنجي مُٺ ۾ ڪيو بيٺو هو.
    ربن جي سربراهي ۾ پهريون جٿو سرحدي پٽي ٽپيو ۽ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ٽڪري تي چڙهيو. اتي کين مسجد سامهون بارڊر پوليس گهيري ورتو. مون کي ۽ ڪجهه ٻين همراهن کي خاردار ڪ ڪٽهڙي وٽ سپاهين ۽ پوليس وارن روڪي ورتو. هنن اسان کي ياد ڏياريو ته اسان ”علاقه ممنوع“ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گناهگار آهيون. هنن اسان کي جابلو ٽڪرين تي مارچ ڪرڻ کان منع ڪندي سندن ئي فوجي گاڏي ۽ غير فوجي علائقي ۾ پوئتي موٽي وڃڻ لاءِ ڌمڪايو. انهن اسان کي ”قيدي جو درجو ڏنو، اسان مان ڪجهه ڄڻا جيڪي بيهوش ٿيڻ جي ويجهو هئا انهن ايئن ڪيو. پر اسان انڪار ڪري ڇڏيوسين.
    زندگي واقعي عجوبن سان ٽمٽار ٿئي ٿي. اوچتو ئي اتان هڪ فوجي جيپ گذري، جن اسان کي برف جو ٿڌو پاڻي ڏنو. اسان مان لڳ ڀڳ سمورا همراهه پيٽ جي بيماري ۾ وٺجي چڪا هئا. ان ڪري اسان اهو پاڻي ورتو سين.
    ان کان پوءِ اسان زيتون جي وڻن ۾ گم ٿي وياسين ۽ ڳوٺ ڏانهن هلڻ لڳاسين. اها پهاڙن تي چڙهڻ جي نهايت ڏکي مشق هئي، جيڪا اڳ ڪڏهن به نه ڪئي هئيسين. اڌ رستي ۾ ئي مون کي ٻن فوجي آفيسرن جهلي ورتو ۽ چوڻ لڳا ته: ”ڇا توهان اسان سان پٺتي هلڻ پسند ڪندا؟“ انهن هلڪي ڦلڪي انداز سان آڏي پڇا به ڪئي، مون ڪافي ڳالهين جو انڪار ڪيو، تنهن بعد انهن مون کي هڪ نشان ڏنو ۽ پوءِ هليا ويا.
    آءٌ مٿي چڙهيس، ڳوٺ جي بلڪل ويجهو پهتس تڏهن صفا ساڻو ٿي پيس ۽ سمجهيم ٿي ته مسجد تائين به هڪ قدم نه هلي سگهندس تڏهن مون کي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي بوءِ محسوس ٿي. مون وٽ اڳواٽ ئي پراڻا بصر منهنجي هٿ ۾ هئا، عام طور تي بصر ماڻهو کي ڳوڙها ڏياريندا آهن. پر ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي اثر کي روڪڻ جي به انهن ۾ حڪمت آهي. ان ڪري مون هڪ بصر سڄو ڏينهن پنهنجي هٿ ۾ رکيو.
    اسان جي قافلي جي ڪامريڊن طرفان زبردست آجيان ڪئي وئي، جيڪي ڳوٺاڻن سميت مسجد وٽ پهچي چڪا هئا. جنگاڻ جو منظر هو، هٿياربند فوجن جون جيپون چوطرف ڊوڙي رهيو هيون، چوڌاري گرينڊز ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي ڌماڪن جي ميوزڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. پر ڪنهن به ان جو نوٽيس نٿي ورتو. انهي حد تائين جو اسان جي ويجهو ئي ڳوڙها آڻيندڙ گيس شيل به ڪريا پئي.

    هاڻي سوال اهو هيو ته قافلو اڳتي ڪيئن وڌي؟
    اسان سڀئي رڪاوٽون ٽوڙيندا ڳوٺ تائين پهچي وياسين. اسان يڪجهتي طور مظاهرو ڪيوسين، ريڊيو هر ڪلاڪ کان پوءِ واقعاتي احوال ٻڌائي رهيو هو. جڏهن ته اسان اهو فيصلو ڪيو ته ڪم اڃا مڪمل ناهي ٿيو. ان ڪري اسان ڳوٺاڻن سان گڏجي خاردار ڪٽهڙي وٽ گڏ ٿياسين. اسان اهو ثابت ڪرڻ پئي چاهيوسين ته ڳوٺ تي وحشياڻي قبضي باوجود اهي يڪجهتي کي روڪي نٿا سگهن. ايئن اسان اُتان وري ٻيهر ان طرف مارچ ڪرڻ شروع ڪيوسين. جتان آيا هئاسين. بس ڪافي ٿي ويو. اهي خاردار ڪٽهڙي واري هنڌ تان دستبردار ٿي ويا. اسان ان هنڌ کان فقط ڪجهه سئو گزن تائين مارچ ڪيوسين، پوءِ وري ٽڪرين تي چڙهي ساڳين پيرن تي جيئن آيا هئاسين ڳوٺ ڏانهن واپس ٿياسين.
    جيڪڏهن اسان سوچيو ته ائين نه ٿئي ها ته اسان غلط هجون ها. اسان اڃا مسجد اڳيان فلسطيني بسن جي انتظار ۾ ئي بيٺا هئاسين ته اوچتو هٿياربندن فوجن جي جيپن جو هڪ قافلو آيو، جيڪي اسان جي چوڌاري مقرر هئا. انهن اچڻ شرط هوا ۾ بندوقون لهرائڻ شروع ڪيون، سپاهي هر پاسي گيس جا گولا فائر ڪرڻ لڳا. اهو سڀ ڪجهه بغير چيڙائڻ جي هو ۽ غير ضروري طور ڪيو ويو. جنهن تي پوءِ نوجوانن پٿرن جو وسڪارو پڻ ڪيو.
    بهرحال اسان اتان نڪري آياسين. فلسطيني ڊرائيورن اسان جي رهنمائي ڪئي، داخلي رستن کان نڪري پنهنجي بسن تائين پهتاسين. هتي آءٌ هڪ ڳالهه لاءِ معذرت چاهيندس. اُها اها آهي ته مون پنهنجي سالگره بس ۾ ملهائڻ لاءِ واپسي کان هڪ ڏينهن اڳ وائين (شراب) جون بوتلون خريد ڪيون. صبح جو خبرون ٻڌم، ۽ رتوڇاڻ ٿيڻ جا امڪان هئا، مون سوچيو ته سالگره ملهائڻ جو هي مناسب موقعو ناهي، پر مان غلط هيس. ڪارڪن ڏاڍا ٿڪل هئا، پر مشن جي تڪميل تي انهن ۾ زبردست اُتساهه هيو. اهي خوشي ملهائڻ لاءِ تيار هئا. پر آءٌ شراب گهر تي ڇڏي آيو هئس.
    ليڪن هاڻي آءٌ پاڻ خاطر فرينچ وهسڪي جون اٺ بوتلون به پيئڻ لاءِ تيار آهيان.

    (15 آڪٽوبر 2005)


    پنڊت نهرو جي زندگيءَ بابت اوڀاريون لهواريون: خشونت سنگهه

    پنڊت نهرو ڀارتي وزيراعظمن لاءِ رول ماڊل هجڻ گهرجي. هن کي به عوام ايترو ئي مان ڏنو جيترو مهاتما گانڌي کي. ٻئي ڪنهن به وزيراعظم کي اهڙي عوامي مڃتا نه ملي سگهي. هُو ذات پات، نسلي، مذهبي توڙي ڪنهن به قسم جي مت ڀيد کان بالاتر هو، هن هڪ دهر ئي هجڻ جي ڪري ڪڏهن به پنهنجا سيڪيولر خيال ترڪ نه ڪيا نه وري پنهنجي مڃتا لاءِ ايئن ڪيائين. جڏهن ته گنگا ندي هن لاءِ اهميت ته رکندي هئي (آءٌ ان جي پاڻي ۾ ڀارت جي ڪٿا ڏسان ٿو گنگا منهنجي زندگي جو حصو آهي: هو لکي ٿو) پرهن ڪمڀ ميلي جي سنگم ۾ وهنجڻ کان انڪار ڪيو. هو پنهنجي زندگي ۾ مندرن ۾ به ويو، انهن جي صرف فن تعمير جي تعريف ڪيائين پر هن پوڄا پاٺ نه ڪئي، نه ئي پرساد ورتائين. هو ان خيال جو هو ته مذهب ڀارتي سوسائٽي ۾ تمام گهڻو ناڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن ته سندس سياسي پيروڪارن مذهبي جذبات کي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو، هو مستقبل جي ڀارت جي حوالي سان ڏور رس نگاهه رکندو هو. نهرو هڪ سچي اڳواڻ طور ڀارت واسين جي ناخوش هوندي به مٿن زور ڀريندو رهيو ته اهي ڀارت کي جدت ڏانهن وٺي ويندڙ خيال قبول ڪن. هو حقيقت ۾ ڀارت جي آئيني جمهوريت جو ابو هو. ماڻهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ، پنج ساله منصوبا، عورتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ، ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه سندس ئي ڪارنامو هو. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري هو جو هو پنهنجي والي وارثن جي ڀيٽ ۾ من موهن سنگهه کان سواءِ وڌيڪ پڙهيل لکيل هو. هن جيل ۾ نو سال گهاريا ۽ اهو سمورو عرصو هن پڙهندي لکندي ۽ ڀارت جي مستقبل بابت سوچيندي گذاريو. نهرو صبح ساجهر کان وٺي آڌي رات تائين سخت محنت ڪندو هو. هن جو اهو نعرو هو ته ”آرام حرام هي!“ هن جو نالو پڪ سان تاريخ ۾ هندستان جي عظيم حڪمرانن ۾ ڳڻيو ويندو.
    هڪ انسان طور نهرو ۾ به ڪي ڪميون ڪوتاهيون ضرور هيون، تڏهن ته پوليس کاتي سان واڳيل ڪي ايف رستم جي، جيڪو ڇهن سالن تائين سندس سيڪيورٽي آفيسر هيو، ساڻس سندس پاڇي وانگر گڏ گڏ رهيو. هن سندس روزمره جي مصروفيتن کي پنهنجي ڊائري ۾ نوٽ به ڪيو ٿي. هن اهي ڊائريون نهرو ميوزيم لائبريري حوالي ڪري ڇڏيون. سندس دوست پي وي راجپال گوپال انهن جو جائزو وٺي ڊائرين کي ڪتابي شڪل ۾ آڻيندو.انهن ۾ڪي عام معلومات جون ڳالهيون ته ناهن پر هڪ عظيم شخص جي مشاهدن تي مشتمل ڪجهه دلچسپ مواد ضرور موجود آهي. آءٌ پاڻ به مختصر عرصو نهرو جي پاڇي هيٺ رهيس. هو جڏهن لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي وزيراعظمن جي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيو هو. تڏهن آءٌ سندس پريس آفيسر طور ساڻس گڏ هيس. منهنجا مشاهدا رستم جي، جي مشاهدن سان ملندڙ جلندڙ آهن. بس انهن ۾ فرق رڳو اهو آهي ته رستم جي، نهرو جي جهڙوڪر پوڄا ڪئي آهي ۽ مون فقط سندس ساراهه ڪئي آهي.
    رستم جي، مون کان وڌيڪ نهرو جي زندگي ۾ عورتن جو عمل دخل ڏٺو. هو چئن عورتن جا نالا کڻي ٿو. انهن ۾ هن جي ڀيڻ وجي لڪشمي پنڊت، ايڊنوا مائونٽ بيٽن، پدمجانيڊو ۽ مرڊولا سارا ٻائي شامل هيون. وجي لڪشمي ڏاڍا سور سٺا، هو اخبارن ۾ ڇپيل تصويرن ۾ ڀاءُ سان گڏ نظر اچي ٿي. پدمجا، ڪمال جي عورت ۽ ٻين کان وڌيڪ زنده دل هئي. اها Pornography پڙهڻ جو ذوق رکندي هئي. مرڊولا، خاندان جي ”وڏڙي“ طور سڃاتي ويندي هئي ۽ هن ورهاڱي وارن ڏينهن ۾ پاڪستان ـ ڀارت جهڳڙن ۾ گم ٿيل عورتن جي بازيابي ۾اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هوءَ نهرو جي به جهڙوڪر ”باس“ هئي. هن جو داخليت مان نڪرڻ جو پنهنجو گس هو. وجي لڪشمي کي سفارتڪار مقرر ڪيو ويو هو. پدمجا اولهه بنگال جي گورنر بڻي، باقي رهي غريب مرڊولا، جنهن کي جيل ۾ وڌو ويو هو. ايڊنوا مائونٽ بيٽن ڪو حق نه جتائيندي هئي، هوءَ گهڻو تڻو انگلينڊ ۾ رهندي هئي. آءٌ انهن عورتن مان فقط هڪ خاتون پدمجانيڊو سان نه ملي سگهيو هئس.
    رستم جي لکي ٿو ته نهرو ڏيک ويک ۾ سهڻو لڳندو هو. هو هميشه مٿي تي گانڌي ڪيپ پائيندو هو. هو بيضي وانگر ٺوڙهو هوندو هو. مون نوٽ ڪيو ته نهرو هميشه فوٽوگرافرن طرفان پنهنجا ڪڍيل فوٽو پريس ۾ وڃڻ کان اڳ ڏسڻ چاهيندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سندس اوٻاسي ڏيندي، ننڊ جي ڍڪر ۾ يا نڪ کي کنهيندي فوٽو ڪڍي ورتو ته هو ان کي پنهنجي ئي هٿن سان ڦاڙي ڇڏيندو هو.
    رستم جي وٽ نهرو جي جذباتي مزاج بابت چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. جيڪڏهن سندس نيرن ۾ ٿوري دير ٿي ويندي هئي ته هو رڌڻي ۾ يا سرونٽ ڪوارٽر وڃي پهچندو هو. ايئن بورچي جي شامت اچي ويندي هئي. ”هڪ ڀيري سيرا (ميو) ۾ هو جذباتي انداز ۾ رڌڻي ۾ گهڙي ويو ۽ اتان سمورن بورچين کي ڪڍي ڇڏيائين.“ رستم جي پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو. نهرو گهڻو ڪري سمورن عوامي جلسن دوران پليٽ فارم جي ڀرپاسي موجود عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت پوليس جي حڪمت عملي کي غلط سمجهندو هو. انهي حد تائين جو هو جڏهن وزيراعظم نه هو تڏهن به هن هڪ عوامي ميڙاڪي دوران ڪانگريس ڪاميٽي پنجاب جي صدر پرديش کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو هو. ڇاڪاڻ جو جنهن وقت هن تقرير پئي ڪئي ان وقت مائيڪ بند ٿي ويو هو. حقيقت ۾ بي قابو عوامي ميڙاڪن ۾جذبات ۾ اچي وڃڻ نهرو جي عادت هئي. 1953ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محمد علي سان ملاقات دوران ماڻهن جي ميڙاڪن بابت ڪيل اڻپورن انتظامن تي نهرو ڏاڍو ناراض ٿيو. ”نهرو ڪاوڙ ۾ تپي لال ٿي ويو هو، اتي بيٺل ماڻهن توڙي ڪئمرامينن کي ڌوڪيندو اڳتي وڌي ويو. مون کيس اهڙي ڪاوڙ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو. ڪنهن ماڻهو سندس لاءِ ڪار جو دروازو کوليو، هن دروازو زور سان بند ڪيو ان کان پوءِ هن انتظام ڪندڙ ذميوارن کي سزا به ڏني ۽ ڪار ۾ ويهندي ڪاوڙ مان گلدستي کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيائين.“ رستم جي يادگيريون سهيڙيندي چوي ٿو. جڏهن ته نهرو وٽ گارين جو ذخيرو ته گهٽ هوندو هو. باقي ڏيڻ تي ايندو هو ته پوءِ بدتميز يا بيوقوف لڳندو هو.
    مون ٻن موقعن تي سندس ويجهي کان مشاهدو ڪيو . هڪ ڀيري جڏهن هو آڌي رات کان پوءِ لنڊن آيو، تڏهن مون کيس گذارش ڪئي ته جيڪڏهن توهان خراب نه سمجهو ته آءٌ اڄوڪي رات توهان سان هوٽل ۾ رهي پوان. ”بيوقوف نه ٿي، گهر هليو وڃ ۽ وڃي آرام ڪر، “ هن حڪم ڏيندي چيو. ان کان پوءِ هو پنهنجي هوٽل وڃڻ بدران ڪار ۾ چڙهي ليڊي مائونٽ بيٽن جي رهائشگاهه تي هليو ويو. اڳئين ڏينهن صبح جو ڪنهن اخبار سندس هڪ تصوير شايع ڪري ڇڏي جنهن ۾ ليڊي مائونٽ بيٽن سندس آڌر ڀاءُ ۾ دروازو کوليندي ڏيکاريل هئي. هو ان تي به ڏاڍو ڪاوڙيو. هڪ ٻئي موقعي تي هو ليڊي مائونٽ بيٽن کي هڪ يوناني ريسٽورنٽ ۾ ڊنر ڪرائڻ وٺي ويو، هوٽل جي مالڪ کين سڃاتو ۽ چپ چپات ۾ ميڊيا کي اطلاع ڏئي ڇڏيائين، ايئن سندن فوٽو نڪتا به سهي ته اڳئين ڏينهن اخبارن جي زينت پڻ بڻيا. هن مون کي فوري طور پاڻ وٽ گهرائي ورتو. هن مون تي غضبناڪ نهار وڌي ۽ پوءِ چيو ته، ”توکي شهرت جو گهڻو شوق آهي.“ مون سوچيو ته هاڻي پنهنجي بچاءُ لاءِ مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو.
    نهرو پڻ گهڻن ڀارت واسين وانگر گورن کي پنهنجي ملڪ واسين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عزت ۽ احترام ڏيندو هو. هو گورن سان سندن رتبي موجب ڳالهائيندو هو، پر ڀارت واسين سان ڳالهائيندي چڙي پوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو سمورا قدر به وساري ويهندو هو. هڪ ڀيري مون ساڻس ملاقات ڪرائڻ لاءِ برطانوي اخبارن جي ايڊيٽرن جي مان ۾ مانجهاندي جو بندوبست ڪيو. هو ماني کائڻ دوران اڌ ڪلاڪ تائين ته بلڪل خاموش رهيو ۽ جڏهن صحافين طرفان کانئس ڪجهه سوال ڪيا ويا تڏهن هو خاموشي سان ڇت کي گهوريندو رهيو ۽ ڪو به جواب نه ڏنائين، سوال جهڙوڪر هوا ۾ ئي لٽڪيل رهيا. ڏسندي ڏسندي هن سگريٽ دکايو، جڏهن ته ٻيا اڃا ماني کائي رهيا هئا اها ڳالهه مون لاءِ نه رڳو بي چيني جو سبب بڻي بلڪه اها ڄڻ ته منهنجي عام لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي بدترين ڪوشش هئي.
    رستم جي چواڻي سندس ”آئيڊول“ گهڻ ڳالهائو هو، ۽ ڳالهائيندي ڪڏهن به ٿڪبو نه هو، انهي حد تائين جو هو پنهنجي ڪار ۾ به عورتن ۽ مردن سان تيستائين مسلسل ڳالهائيندو ئي رهندو هو، جيستائين گڏجاڻي واري هنڌ نه پهچندو هو. هن جون ڊگهيون تقريرون وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به جاري رهنديون هيون. ايئن سندس سامعين ٿڪجي پوندا هئا. انگلينڊ ۾ سندس ٻڌندڙن جو انگ محدود هوندو هو. مون اها ڳالهه پاڻ به نوٽ ڪئي ته نهرو ڪنهن موسيقيءَ جي پروگرام ۾ اڳين قطار جي وچ تي ويٺل هوندي به پنهنجي ڀرپاسي ويٺل عورتن ۽ مردن سان ڪچهريءَ ۾ مشغول هوندو هو. انهي حد تائين جو هو سُس پُس کان به باز نه ايندو هو. هڪ ڀيري هو جڏهن برما جي وزيراعظم يونو سان مليو. تڏهن هن ٿڪجي پوڻ جو اظهار به ڪيو پر هن کيس وجنتي مالا جي قصي ۾ اڙائي رکيو.
    رستم جي، نهرو بابت نهايت عقيدت سان لکڻ باوجود اهو سچ لکي ويو آهي ته، ”اهو ڪنهن اهڙي ماڻهو لاءِ سمجهڻ ڏکيو آهي جيڪو جواهر لال نهرو جي گهڻو ويجهو نه رهيو هجي ته هو ڪيترو چڱو ماڻهو هو ۽ ڪيترو سخت، ۽ ڪاوڙ وارو، ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جي حوالي سان ڪيڏو خود غرض هيو، گڏوگڏ کيس ويجهو نه رهندڙ ماڻهو کي اها به سڌ نه پئجي سگهندي ته هو مزاج ۾ ڪيترو چيڙاڪ ۽ ٻاراڻي طبيعت جو هو، ايئن هو رڳو مون لاءِ نه پر پنهنجن اعتماد جوڳن صلاحڪارن لاءِ به ايئن هوندو هو. ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي ته هو سڀ ڪجهه پاڻ لاءِ ئي هو!“
    ڇهن ورهين جي بي لوث خدمت کان پوءِ رستم جي کي هٽائي هڪ ٻئي همراهه کي چيف سيڪيورٽي آفيسر رکيو ويو. آءٌ خوشقسمت هيس، جو جڏهن پنڊت ٻئي ڀيري دولت مشترڪه جي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو، تڏهن آءٌ سرڪاري نوڪري ڇڏي چڪو هئس.

    (16 ڊسمبر 2005)


    ڪيوبا، ڪاسترو کان پوءِ! : مارڪ فيلڪوف

    ڪيويا جي سڃاڻپ بڻيل فيڊل ڪاسترو جيڪو سڄي دنيا ۾ هڪ انقلابي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن لاطيني آمريڪا، بلڪه دنيا ۾ مقبوليت جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. 47 ورهين کان اڄ تائين حڪمراني دوران هن ڪيربين ٻيٽ کي هڪ نئون اميج ڏنو. هاڻي جڏهن هو 80 ورهين ۾ پنهنجي حڪمراني جي پڄاڻيءَ طرف آهي، تڏهن سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته هن جي وڃڻ کان پوءِ پٺتي باقي ڇا رهندو؟ ڪيويا ڪهڙي طرف ويندو؟ ۽ اهو ته ان جي اڳواڻي ڪير ڪندو؟
    ڪيوبا جي تاريخ به وکريل اميدن جيان شاهوڪار آهي. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو 400 ورهين تائين اسپين جي بيٺڪيت رهيو . ان پنهنجي آزادي 1898ع ۾ پنهنجي پاڙ يسري لاطيني آمريڪين کان مني صدي پوءِ ۽ آمريڪي حملي کانپوءِ حاصل ڪئي. لڳ ڀڳ 50 ورهيه ٻيا به ڪيويا آمريڪي ڪالوني رهيو، جنهن تي ٺڳ، بدعنوان، سياستدانن ۽ فوجين حڪمراني ڪئي، جن مان آخري Fulgecio Batista هيو، جنهن کي 1958ع ۾ اقتدار کان ڌڪي ڌار ڪيو ويو.
    تڏهن فيڊل ڪاسترو ڳڀرو سياستدان مان ويڙهاڪ گوريلو بڻيو، ڪاميابي به ماڻيائين. هن پنهنجي عوام سان وچن ڪيو ته کين ”ماني ڳڀو ۽ آزادي بنا ڪنهن دهشت جي ملندا.“ پر پوءِ اوچتو اقتدار جي تڪڙي ڊوڙ شروع ٿيندي نظر اچي ٿي.
    نتيجو اهو نڪتو جو اولهه هيمپشائر ۾ پهرين مڪمل ڪميونسٽ دور جي شروعات ٿي. اقتصاديات، گڏيل فارم وغيره فوجي اثر هيٺ اچي ويا. پاڙيسري ملڪن جو جاسوسي نيٽ ورڪ، ڳاڙهن جهنڊن، مارڪس ۽ لينن جي تصويرن ۽ نوجوان فوجين جو هر طرف واسو هو. ڪاسترو جي عروج وارن ڏينهن ۾ کيس ماسڪو طرفان 6 بلين ڊالر سالياني امداد پئي ملي، جيڪا پوءِ لاطيني آمريڪا جي ٻين ملڪن، آفريڪا ۽ وچ اوڀر تائين به وڌائي وئي.
    سوويت يونين جو جيئن ئي زوال آيو ته پوءِ سڀ ڪجهه وکري ويو. ڪيويا جي عالمي سطح تي ساک متاثر ٿي، حالانڪه 1989ع تائين سوويت يونين جي ٻانهن ٻيلي هجڻ جي ڪري ڪيويا ۾ ماڊرن زندگي گذارڻ جو دؤر هلي پيو هو، پر هاڻي هوانا جي رهواسين کي صاف پاڻي پيئڻ لاءِ به سرڪاري ٽئنڪرن تي ڀاڙڻو ٿي پيو.
    مهيني جي ٽئين هفتي تائين راشن بُڪ ۽ کاڌ خوراڪ جي بنيادي شين جو ڪال ٿي پئي ويو. هن وقت ڪيويا ۾ نظر ايندڙ نيون هائوسنگ اسڪيمون ته ويجهڙ جي اڌ صديءَ جي ڳالهه آهن، ملڪي روڊ جو نظام ڊانوانڊول آهي. بسون به کٽارا آهن، جنهن ڪري ڪيوبائي ماڻهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلڪه ڪڏهن ته ڏينهن جا ڏينهن سفر ۾ لڳيو وڃن.
    اسپتالن ۾ اهو حال آهي جو علاج جي سلسلي ۾ پرڏيهين کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو اهي ڊالرز ۾ ادائگي ڪن ٿا. ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ ڊينٽسٽ پنهنجي حڪومت لاءِ ناڻو ڪمائڻ خاطر وينزويلا، بوليويا يا آفريڪي ملڪن ڏانهن هليا ويا آهن. ڪيويا ٻيٽ جنهن وٽ 7 هزار تربيت يافته جانورن جا ڊاڪٽر، 11 هزار زرعي ماهر آهن ۽ اهو ملڪ ڪڏهن پرڏيهه کاڌ خوراڪ جون شيون ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ شهرت رکندو هو، اڄ اهو پنهنجي ماڻهن کي کارائڻ کان لاچار آهي. ڪاسترو جي لڳاتار اقتدار ۾ رهڻ سبب هزارين ماڻهو ملڪ ڇڏي هليا ويا ۽ لکين ماڻهو سندس ڊگهي اقتدار جي پڄاڻي ۽ موت جي اوسيئڙي ۾ آهن. هڪ عام راءِ اها آهي ته فيڊل ڪاسترو جي گمنامي سبب ملڪ مان سخت گير حاڪميت ڪمزور ٿيندي ۽ اقتصادي مامرن کي ٽيڪ ملي سگهندي. جڏهن ته ايئن ٿيڻ سان ملڪ هوريان ئي سهي، پر کليل سوسائٽي ڏانهن وکون کڻندو. ان کان سواءِ ان جا پاڙيسري ملڪن توڙي آمريڪا سان لڳ لاڳاپا بهتر ٿيندا.
    ڪيويا مان لڏي جلا وطني جي زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو وڏو انگ جيڪو گهڻو تڻو ڏکڻ فلوريڊا ۾ رهي ٿو، اهو ملڪ واپس ورندو، جتي اهي نه رڳو وڌيڪ سيڙپڪاري جو ارادو رکن ٿا، بلڪه ڪيويا جي نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار به نڀائڻ چاهين ٿا. پر اهي ڪيويائي ڪٽنب جيڪي اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت ڪيويا کان پري رهيا آهن، انهن لاءِ نئين ماحول ۾ پاڻ کي سموئڻ هڪ لحاظ کان ڏکيو، پر تاريخي تجربو هوندو.
    جيتوڻيڪ فيڊل ڪاسترو انهيءَ راءِ جو آهي ته سندس آندل انقلاب جون عوام ۾ گهريون پاڙون کتل آهن، ان ڪري اهو پنهنجي روح سان جاري رهندو، پر سندس عمل ان جي ابتڙ هجڻ جي شاهدي ڏين ٿا. ان جو مظهر اهو آهي ته سندس ڊگهي حڪمراني دوران نوجوان سياسي قيادت به پڙ تي موجود آهي. باوجود ان جي هن پنهنجي سياسي وارث طور پنهنجي ڀاءُ جنرل رائول ڪاسترو جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو ڪائونسل آف اسٽيٽ جو وائس پريزيڊنٽ، ڪيوبائي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪنڊ سيڪريٽري، دفاع جو وزير ۽ گهرو وزارت جو انچارج آهي ۽ ان پوزيشن سبب ڪيويا جي فوج، پوليس ۽ جيلن جو انتظامي اختيار به هن وٽ آهي، جيئن ته ڪيويا ۾ فوج هن ٻيٽ جي سياحت واري صنعت کي سنڀالي ٿي ۽ رائول جو ان مٿان هجڻ واضح ٿو ڪري ته رائول ملڪ جي اهم پئداواري يونٽ مٿان پنهنجو غلبو حاصل ڪري ورتو آهي.
    رائول ڪاسترو جي صحت جو اهو حال آهي جو ”جامِ صحت“ تمام گهڻو ٿو واپرائي، جنهن سبب جگر جي بيماري ۾ مبتلا آهي، هو مشڪل سان هڪ ڏهاڪي تائين ملڪ سنڀالي سگهندو. اهو بهرحال هن لاءِ وڏو چئلينج هوندو ته ڪيوبائي عوام جنهن قسم جي تبديلي چاهي ٿو، هو ان تي ڪيترو ٿو پورو لهي!
    هڪ پاسي اقتدار هڪ ڪاسترو کان ٻئي ڪاسترو ڏانهن وڃڻ جو منتظر آهي ته ٻئي پاسي خاص طور ميامي ۾ اهي سُرٻاٽ ٻڌڻ ۾ اچن پيا ته فيڊل ڪاسترو جي گمنامي سبب سندس خانداني اقتدار خلاف وڏي مزاحمت ٿيڻ جا سانباها پيا ٿين، بلڪه گهرو ويڙهه ٿيڻ جو به انديشو ڏيکاريو پيو وڃي. ڇو ته ڪميونسٽ اقتدار جي 50 ورهين دوران ته ڪنهن سر به مٿي کڻڻ جي جرئت نه ڪئي جو کين فوجي طاقت سان دٻايو ويندو هو. پر هاڻي اهي ڪافي حد تائين سرگرم آهي.
    جيتوڻيڪ ڪيويا جي باغي تحريڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ زور وٺي رهي آهي. پر اهي باغي ورهايل ۽ پوليس جا تپايل آهن. هاڻي آمريڪا انهن باغين جي ڪاسترو خلاف ڀر کڻي رهيو آهي، پر انهن جي اڪثريت اڃا به جيلن ۾ آهن.
    ٽيون منظرنامو چين سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جنهن لاءِ چيو اهو پيو وڃي ته ڪيوبا ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ دروازا کلندا، خاص طور آمريڪا لاءِ. رائول ڪاسترو ڪجهه عرصو اڳ اهڙي حل جي حمايت به ڪئي هئي. سياحت واري صنعت ۾ اهو اڳ ۾ ئي ننڍي پئماني تي هلي به پيو. جيڪو گهڻو تڻو يورپين ۽ ميڪسيڪو جي سيڙپڪارن سان گڏيل منصوبن ۾ آهي.
    ليڪن اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪيوبا چين ناهي، اهو ثقافتي طرح اسپين، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا کان گهڻو متاثر آهي. چين وانگر ڪيويا ۾ سياسي اڻبرابري سبب اقتصادي آزادي بنهه ناممڪن ڳالهه آهي. ايئن وينزويلا جو مثال آهي، جنهن سان ڪيويا جا اڄڪلهه تمام ويجها لاڳاپا آهن. جيڪڏهن فيڊل ڪاسترو جي جاءِ ڪو چڱو ليڊر نٿو والاري ته ان جي ناراضگي به فطري آهي.
    پاڻ کڻي ايئن چئون ته جيڪڏهن رائول ڪاسترو 75 ورهين جي عمر ۾ سياسي وارث طور فيڊل ڪاسترو جي جاءِ سنڀالي ٿو، ته پوءِ سندس مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ ته پوءِ وري هي دور ڪهڙي قيادت ڏانهن واجهائيندو؟ ڇا پوءِ ڪيويا جي قسمت اوڀر يورپ جي اهڙي ملڪ جهڙي بيهندي، جهڙي ان جي ٻي مهاڀاري جنگ دوران هئي، جڏهن ان تي بدڪردار ڪامورن ۽ سگهارن سيڪريٽري جنرلن جو راڄ هو؟ اها گهٽ ۾ گهٽ اڻ ٿيڻي آهي. ڪيويا ڀلي ته رنگ ڍنگ ۾ ڪميونسٽ هجي، پر اهو اڄ به پنهنجي مزاج ۾ لاطيني آمريڪي ملڪ آهي، جتي شخصيتون پارٽين کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪيويائي ميڊيا هاڻي کان ئي ڪاسترو جي ٻن الڳ زالن مان ڄاول پٽن ڊائز بيلرٽ، ايٽمي ماهر ۽ ڪيوين ايٽامڪ انرجي جي اڳوڻي سربراهه، انتينو ڪاسترو بابت وڏي طُم طراق سان فيچر شايع ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته ڪيوبا جا آمريڪا سان مامرا هميشه ٽڪراءُ وارا رهيا آهن. جيڪي اڳتي هلي مسئلن جو سبب پڻ بڻيا آهن، جڏهن ته ڪيوبا ٻيٽ 1958ع کان اڳ نهايت خوشحال هو. انوقت آمريڪا 1934ع ۾ ٿيل هڪ معاهدي هيٺ ڪيوبا کان ڪمند مهانگي اگهه تي خريد ڪيو، پر اڳتي هلي جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ مامرا سڌا نه بيٺا ته آمريڪا ان مان هٿ ڪڍي ويو.
    ڪاسترو جي فيصلن ۽ حڪمت عملي سبب ان جي آمريڪا سان دشمني وڌي، جنهن ڪارڻ 1962ع ۾ ميزائل بحران پيدا ٿيو، ڪاسترو جڏهن کان اقتدار ۾ آيو، تڏهن کان هو آمريڪا مخالف رهيو، جيڪو تاريخ جو رڪارڊ آهي.
    آمريڪا جو اهو خواب رهيو آهي ته ڪيويا ۾ آمريڪا دوست جمهوري حڪومت هجي، جنهن جي اهو نه رڳو مدد ڪري، بلڪه ڪيويا جي نئين سر اڏاوت ۾ حصو وٺي . ڇا اهڙي حڪومت ڪيويا ۾ اچڻ ممڪن آهي؟ آمريڪي صدر جارج بش ته اهڙي خواب جي ساڀيان خاطر اسپيشل ڪميشن به جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ڪيوبا جي جمهوري پروگرام لاءِ ڪيتريون ئي سفارشون ڪيون آهن، جن ۾ 60 کان 80 ملين آمريڪي ڊالرز جا فنڊ ڏيڻ به شامل آهي.
    ڪوششون آمريڪا ڀلي ڪري، پر فوري طور ڪيويا ۾ ڪنهن وڏي تبديليءَ جي اميد گهٽ آهي ۽ نظر اهو پيو اچي ته ڪميونسٽ راڄ جاري رهندو. هڪ نقطئه نظر اهو به سامهون آيو آهي ته اولهه يورپ، ڪئناڊا ۽ لاطيني آمريڪي رياستن جو وڏو انگ ڪيوبا بابت آمريڪي پاليسين کي منفي ڪوٺي ٿو. سندن خيال ۾ ڪيوبا تان نه رڳو اقتصادي پابنديون هٽايون وڃن بلڪه اتي تعميري پاليسيون اختيار ڪيون وڃن. ان سان ئي ڪا تبديلي ممڪن ٿي سگهندي. لڳ ڀڳ اهڙي پاليسي اسپين، ميڪسيڪو ۽ ڪيناڊا طرفان شروع ڪئي وئي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪاسترو جو ڀاءُ، رائول اهڙي سهڪار جو ڇا ٿو جواب ڏئي!
    ڪاسترو جيڪو پنجاهه ورهين تائين ڪيويا جو راڄ ڌڻي رهيو، اتان جو عوام جيتوڻيڪ اڄ به کيس هيرو سمجهي ٿو، باوجود ان جي ته اهي مسئلن ۾ گهيريل آهن، هاڻي جڏهن ساڻن گڏ فيڊل ڪاسترو نه هوندو، تڏهن ڪيويائي عوام کي پنهنجي مستقبل کي پاڻ منهن ڏيڻو پوندو، ڪاسترو راڄ جي هڪ کان ٻئي ڏانهن منتقلي جو سفر شروع ٿيو آهي، ڏسجي ته اهو اڃا ڪنهن اڻ ڄاتل شخص يا هنڌ ته نٿو کنڀجي وڃي! (ليکڪ: مارڪ فيلڪوف)Legacy The Morning After: Confronting Castro`s ۽ ٻين ڪتابن جو لکاري آهي.

    (16 جولاءِ 2007)


    روسي صدر پيوٽن ڳالهائي ٿو: ٽائيم ميگزين

    ولادمير پيوٽن، اهو شخص آهي. جنهن گوربا چيف، يلسن توڙي ٻين روسي اختيار ڌڻين طرفان تهس نهس ڪيل روس کي وڏي جاکوڙ سان نئين سر اڏيو، ان جون اقتصادي، سياسي حالتون بهتر ڪيون، ايئن ماضي قريب جي تباهه حال روس جو شمار دنيا جي جديد ترين ملڪن ۾ ٿئي ٿو. عالمي ساک رکندڙ ”ٽائم“ ميگزين سندس خدمتن ۽ صلاحيتن جو اعتراف ڪندي کيس سال 2007ع ۾”Person of the year“ قرار ڏنو. ساڻس هڪ خصوصي انٽرويو به ڪيو ويو، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪاميابين توڙي ناڪامين جو کليل دل سان اعتراف ڪيو آهي. اچو ته ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه پڙهون.
    سوال: توهان روس ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    پيوٽن: روس ۽ آمريڪا پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ دوران هڪٻئي جا اتحادي هئا، جنهن اسان کي ڏکين وقتن تي گڏجڻ لاءِ آماده ڪيو. اڄ جي ڪاميابي اها آهي ته اسان مان ڪو به ڪنهن معاهدي تي پهچڻ جي قابل هجي، مصلحت سازيءَ جي صلاحيت سفارتي سياست ناهي، بلڪه ان ۾ به پنهنجي اتحادين جي مفادن جو خيال رکڻو پوي ٿو.
    سوال:ان سلسلي ۾ توهان ڪو مثال ٻڌائي سگهندا؟
    پيوٽن: اُتر ڪوريا جو نيوڪليئر اِشو ان جو واضح مثال آهي، ان معاملي کي اسان نهايت سنجيدگيءَ سان ورتو. اسان هڪٻئي جي مفادن جو خيال رکندا آهيون، پر ان سان ملڪن جا مفاد سواليه بڻجي ويندا آهن. باوجود ان جي اسان آخر ۾ ان معاملي کي حل ڪري ورتوسين.
    سوال:عراق ۾ ڀلا ڇا ٿيڻ کپي؟
    پيوٽن: آءٌ ته منڍ کان ئي چوندو اچان ته اها هڪ قسم جي غلطي هئي. باقي جيتري قدر ڳالهه آهي ته اتي اڄ اسان ڇاٿا ڪري سگهون يا مستقبل قريب ۾ ڇا ڪري سگهنداسين. آءٌ ان حوالي سان صدر بش سان ان حد تائين سهمت آهيان ته عراق ۾ هر اهو قدم کڻڻ گهرجي، جنهن سان مقامي اختياريون سيڪيورٽي اشوز کي پنهنجي طور منهن ڏيڻ جي قابل ٿي سگهن. اسان ان ڳالهه سان اختلاف ٿا رکون، جنهن تحت آمريڪا چوي ٿو ته عراق ۾ فوجون ڪڍڻ جو مدو مقرر نٿو ڪري سگهجي. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه مقامي عراقي اختيارين کي وڌيڪ چيڙائيندي.
    سوال:آمريڪي ان ڳالهه تي حيران آهن ته ويجهڙ ۾ ٿيل روس جون چونڊون کليل نموني ڇو نٿي سگهيون، مثال طور جيري ڪاسپروف جهڙن اڳواڻن کي جيل ۾ بند رکيو ويو هو؟
    پيوٽن: سوال اهو آهي ته جڏهن ڪاسپروف کي گرفتار ڪيو ويو، تڏهن هن روسي ٻوليءَ بجاءِ انگريزيءَ ۾ ڇو پئي ڳالهايو؟ جڏهن ڪو اڳواڻ روسين بدران ڪم ئي ٻين قومن جي انبوهن لاءِ ڪندو ته پوءِ باقي ڇا ٿو رهجي وڃي!
    سوال:توهان ڇا ٿا سمجهو ته آمريڪا هڪ سگهارو روس ڏسڻ ٿو چاهي يا ڪمزور ترين روس؟
    پيوٽن: منهنجي خيال ۾ آمريڪا اها ڳالهه اڳ ۾ ئي سمجهي ٿو ته سگهارو روس ئي حقيقي آمريڪي مفادن جو بچاءُ ڪري سگهي ٿو.
    سوال:اڄڪلهه NATO جو ڪهڙو مقصد آهي؟ جيڪڏهن روس کي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ته اهو ان جو حصو بڻبو؟
    پيوٽن: آءٌ NATO کي سرد جنگ جي بدبودار فوج ته نٿو چوان، باقي اها ماضيءَ جي باقيات ضرور آهي. سوال آهي ته نيٽو دهشتگرديءَ خلاف ڏاهپ سان ڪيئن ٿي وڙهي سگهي؟ ڇا اها 9/11 تي دهشتگرديءَ کي روڪي سگهي؟ ان وقت نيٽو ڪٿي هئي. روس جو ملٽري- پوليٽيڪل بلاڪس ۾ شامل ٿيڻ جو ڪردار ناهي ڇو ته اهڙن بلاڪن ۾ شموليت سان ملڪ جي Sovereignty محدود ٿي وڃي ٿي.
    سوال:آمريڪين وٽ روس لاءِ هڪ خيال اهو به آهي ته روس مقامي طرح ڪرپشن جو ڳڙهه آهي، اوهان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    پيوٽن: خراب آ، پر آءٌ اهو ضرور چوندس ته اقتصاديات جي عبوري دور ۾ اهڙن مامرن کي منهن ڏيڻ ڏکيو هوندو. ليڪن مان مطمئن آهيان ته ان معاملي کي وڌيڪ بهتر نموني منهن ڏنو ويندو.
    سوال:توهان جي قيادت ۾ ڇا پيو ٿئي؟
    پيوٽن: اسان شروع کان ۽ گهڻو ڪري ”ڪامن سينس“ سان حڪومت هلائي آهي، پر اهو ضروري آهي ته ”ڪامن سينس“ اخلاقي اصولن تي ٻڌل هجي ۽ اڄ جي دور ۾ اهو ممڪن ئي ناهي ته اخلاقيات کي مذهبي قدرن کان الڳ ڪري سگهجي.
    سوال:توهان زندگيءَ جو ڳچ حصو KGB ۾ گذارڻ کان پوءِ سوويت يونين ۾ اُڀريا. اڄڪلهه فري مارڪيٽ ۾ يقين رکو ٿا. اهو امتزاج ڪيئن ٿو لڳي؟
    پيوٽن: ڏٺو وڃي ته مارڪيٽ اڪانامي انتظامي سسٽم ۾ نهايت ڪارائتي آهي. اسان جي گذريل اٺن سالن کان GDP ۾ ست سيڪڙو واڌ برقرار آهي. اسان پنهنجا سمورا قرض چُڪائي ڇڏيا آهن. آمدني ۾ حقيقي واڌ 12 سيڪڙو آهي، ماڻهن توڙي مون لاءِ اها وڏي حاصلات آهي.
    سوال: توهان خوشقمست آهيو جو تيل جون قيمتون به تمام مٿي رهيون؟
    پيوٽن: بيوقوف، خوشقسمت ٿيندا آهن. اسان ڏينهن رات ڪم ڪريون ٿا.
    سوال:حڪومت ڪجهه روسي صنعتڪارن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ سندن اثاثا به ضبط ڪيا آهن. ايئن ڇو ڪيو ويو آهي؟
    پيوٽن: دراصل انهن جو مون سان ڪو به مسئلو نه هو، سندن مسئلا ملڪ جي عوام ۽ قانون سان لاڳاپيل هئا.
    سوال:ڇا توهان کي صدر طور KGB جي تربيت ڪم آئي؟ هتي هڪ پراڻي چوڻي دهرائڻ مناسب ٿيندو ته ”هڪ ڀيرو جاسوس رهندڙ هميشه جاسوس ئي رهي ٿو. ”توهان ڪيئن ٿا ڀانيو؟
    پيوٽن: ٺيڪ آهي، پر اهي ڪوڙا هوندا آهن. فطري طرح اهڙو پسمنظر مددگار به ٿئي ٿو. انهن مون کي آزاداڻي نموني سوچڻ سيکاريو. انهن مون کي پهرين ۽ پوءِ صحيح معلومات گڏ ڪرڻ سيکاري. ٻي ڳالهه اها ته انٽيليجنس ۾ ڪم ڪرڻ دراصل ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي سکيا آهي. سڀ کان اهم اهو ته ماڻهن سان احترام سان پيش اچو.
    سوال:روس ۾ اڻ ڳڻيا صحافي قتل ڪيا ويا آهن. ڇا توهان جي حڪومت اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪي اُپاءَ وٺندي؟
    پيوٽن: پهرين ڳالهه اها ته ڪيترائي ماڻهو جن ۾ صحافي به شامل آهن. اهي ڏوڪڙ ڪمائڻ جي چڪر ۾ ڪافي معاملن ۾ ملوث آهن. اهي سرمائيدارن، ڏوهاري ذهنيت رکندڙ واپارين سان به لاڳاپا رکن ٿا. جڏهن ته هتي ڪرپشن خلاف چوٽون کائيندڙ حقيقي عنصر به موجود آهن. جتي به ڪنهن صحافي جو قتل ٿيو آهي. مون ان جو ذاتي طور نوٽيس ورتو آهي.
    سوال:توهان ڇا ٿا سمجهو ته آمريڪي روس بابت ڪنهن غلط فهميءَ جو شڪار آهن؟
    پيوٽن: چڱو، توهان کي ته خبر آهي ته آءٌ سوچڻ جي اهڙي انداز کي غلط فهمي نٿو چوان. منهنجي خيال ۾ اها مقصد سان ڀرپور هڪ ڪوشش آهي، جنهن سان روس جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اميج جڙي ٿو، ان ڪري ان ڳالهه کي ڪير به خراب نٿو سمجهي.
    سوال:توهان اسان کي بورس يلسن ۽ ميخائل گوربا چوف بابت ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ پسند ڪندا؟
    پيوٽن: انهن نظام کي تباهه ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪيو، جنهن ذريعي سوويت يونين جو عوام گهڻو متحد نه رهي سگهي ها، مون کي به پاڻ تي يقين نه هو ته مان روس لاءِ ڪجهه ڪري سگهندس، پر اها تمام اهم تبديلي هئي، جنهن روس کي آزادي ڏياري.
    سوال:اڳوڻين سوويت رياستن سان گئس جي قيمتن جي حوالي سان ڇڪتاڻ وارو مامرو ڇا هو؟
    پيوٽن: ڪهڙي چڪتاڻ؟ عالمي سطح تي گئس جون قيمتون لهنديون چڙهنديون آهن. پوءِ اسان عالمي مارڪيٽ جي اگهه کان سستي گئس ڪنهن کي ڇو وڪرو ڪيون؟ ڇا ايئن آمريڪي ڪندا؟ مثال طور جيڪڏهن ڪير آمريڪا جي ڪنهن اسٽور تي اهو وڃي چئي ته ”آءٌ ڪئناڊا مان آيو آهيان، اسان اوهان جا ويجها پاڙيسري آهيون ۽ مون کي سامان سڙو اڌ قيمت تي ڏيو ۽ پوءِ سيلزمين کان ان همراهه کي اهو جملو ضرور ٻڌڻو پوندو ته ”هل جان ڇڏ!.“
    سوال:صدر جارج ڊبليو بش جو چوڻ آهي ته هن توهان جي اکين ۾ ليئو پاتو آهي ۽ توهان جي روح تائين به رسائي حاصل ڪئي آهي. ڇا توهان به بش اندر اهڙي ڪا جهاتي پاتي آهي؟
    پيوٽن: آءٌ بش کي ڀروسي جوڳو ساٿي ۽ عزت لائق سمجهان ٿو. اهو سچ آهي ته عراق جنگ سندس غلطي هئي. باقي هو کرو ۽ ايماندار ماڻهو آهي.
    سوال:ڇا توهان ايئن نٿا سمجهو ته 9/11 کان پوءِ آمريڪا ۽ روس عراق جي ڪري دهشتگردي خلاف گڏيل نموني وڌيڪ اثرائتي انداز سان ڪاررواين وارو موقعو هٿان وڃائي چڪا آهن؟
    پيوٽن: اسان پنهنجي درست حڪمت عملي سان هليا آهيون. جيڪو توهان چئو ٿا اهو به سچ آهي، ليڪن اسان جي ڳجهن ادارن ۾ رابطا رهن ٿا ۽ نتيجا به حاصل ٿيندا رهندا آهن.
    سوال:ڇا توهان اي ميل استعمال ڪندا آهيو؟
    پوٽن: مون کي افسوس آهي ته آءٌ اها ٽيڪنالاجي استعمال نٿو ڪريان. انهي حد تائين جو مان فون به استعمال نه ڪندو آهيان. اهو سڀ ڪجهه منهنجو اسٽاف مون لاءِ ڪندو آهي ۽ اهو نهايت بردباري ۽ ڏاهپ سان ڪري ٿو.

    (15 فيبروري 2008)


    مئي پڄاڻان جلاوطن: بهادر شاهه ظفر : وليم هاروڊ رسل

    جون 1858ع ۾ ”ٽائمز“ جو خاطو وليم هاروڊ رسل، جيڪو اڄڪلهه جنگي صحافت جي ابي طور شهرت رکي ٿو، اهو دهلي جي قديم ماڳن تي پهتو. دهلي جيڪا تڏهن انگريزن ڀارت جي تاريخ جي خونريز جنگ وڙهي باغين کان هٿ ڪئي هئي، شهر جي گهٽين ۾ هڏا ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، مينار ۽ گنبذ گولين سان پروڻ ٿيل هئا. جڏهن ته لال قلعو، جيڪو مغل بادشاهن جي عظمت جو نشان آهي، اهو صحيح سلامت هو. رسل آخرڪار قلعي جي ان اونداهي حصي تائين پهتو، جتي 83 ورهين جو پوڙهو قيد هو، جنهن کي 1857ع جي انگريز اڀار جي ڪنهن ماسٽر مائينڊ گرفتار ڪرايو هو. تڏهن اولهه طرفان دنيا کي فتح ڪرڻ خلاف هر هنڌ مزاحمت ٿي رهي هئي. رسل ان جهور پوڙهي شخص بابت لکي ٿو ته: ”هو هميشه خاموش رهندو هو، سندس زبان مان هڪ اکر به نه اُڪرندو هو، هر وقت زمين کي گهوريندو رهندو هو. هن کي اهڙي حالت ۾ قيد ڪيو ويو جڏهن سندس اکيون بلڪل ڏرا ڏئي ويون هيون، صفا جهور پوڙهو..... ڪجهه ماڻهو کيس آڱر سان ديوار تي لکيل پنهنجي شاعري جهونگاريندي ٻڌندا هئا.“
    ٽائمز جي خاطو پنهنجي اکين ڏٺو اهو مشاهدو بهادر شاهه ظفر بابت 1888ع ۾ لکيو هو. بهادر شاهه ظفر مغل شهنشاهيت جو آخري حڪمران هو.
    بهادر شاهه ظفر 1775ع ۾ ڄائو، تڏهن انگريز ڀارت جي سامونڊي پٽي ۾ به ايترو گهڻو ڌاڪو نه ڄمايو هو. هن پنهنجي زندگي ۾ ئي پنهنجي شهنشاهيت جو سج لهندي ڏٺو. ايئن انگريزن پاڻ کي هڪ واپاري قوت مان فوجي طاقت ۾ تبديل ڪيو.
    ظفر پنهنجي عمر جي ساٺيڪو کن سالن جي وچ ڌاري پنهنجي پيءُ کان شهنشاهيت جون واڳون ورتيون. تڏهن مغل سلطنت کي سياسي زوال کان بچائڻ لڳ ڀڳ ناممڪن بڻجي چڪو هو. باوجود ان جي هن اقتدار سنڀاليو ۽ دهلي ۾ درٻار قائم ڪيائين، ڏٺو وڃي ته هو پنهنجي دور جو نهايت ذهين، سهپ رکندڙ ۽ ماٺيڻو بادشاهه هو. هو نهايت سٺو آرٽسٽ، صوفي ازم بابت زبردست لکي سگهندڙ، چترڪارن جي سهائتا ڪندڙ ۽ باغ باغيچا ٺاهيندڙ شخص هو. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته هو صوفي شاعر به هو. هن اردو، فارسي، برج ڀاشا ۽ پنجابي ۾ نه رڳو شاعري ڪئي بلڪه جديد هندستاني تاريخ ۾ ادبي اوسر لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪيو. ظفر بادشاهه پاڻ به زبردست غزل گوشا هو. ظفر جي درٻار ڀارت کي ڪيترائي عظيم شاعر ڏنا. انهن ۾ غالب ۽ سندس مخالف ذوق به شامل آهن.
    جنهن وقت انگريزن شهنشاهيت جو لڳ ڀڳ سمورو انتظام قبضي ۾ ڪري ورتو. سڪي تان بهادر شاهه ظفر جو نالو مٽايو ويو، دهلي جو به انتظام سنڀاليو ويو جڏهن ته لال قلعي مان مغلن کي ڌڪي ڪڍڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. تڏهن به بهادر شاهه ظفر جي درٻار ۾ شاعري جي محفل متل هئي ۽ غزل پئي ٻڌايا ويا، پوءِ جيئن سياسي افق تي ڪاري ڌنڌ ڇائنجي وئي ـ تيئن ئي درٻار ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ باغ باغيچن جي سڳنڌ جو انت اچي ويو.
    1857ع جي صبح تي ميروت کان 300 کن باغي دهلي ۾ داخل ٿيا ۽ انهن هر عيسائي مرد، عورت ۽ ٻار کي قتل ڪري ڇڏيو. شهر مان عيسائين جو صفايو ڪندي انهن ظفر کي پنهنجي اڳواڻ طور مڃڻ جو اعلان ڪيو. ظفر جي انگريزن سان سنگت ڪا نه هئي. ان ڪري هن ڪمزور حاڪم ۾ ان اڀار کي سنڀالي سگهڻ جي سگهه ڪا نه هئي، نه وري هن جي بنا پگهار جي هارين واري فوج دنيا جي طاقتور ترين فوج سان وڙهي سگهڻ جي قابل هئي. ڪا به پرڏيهي فوج باغين جي حمايت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ڪا نه هئي. جڏهن ته انهن وٽ هٿيار پنهوار به محدود هئا.
    آخرڪار دهلي تي قبضي لاءِ گهمسان جي جنگ لڳي، ٻن قوتن وچ ۾ اقتدار جي حاصلات لاءِ موتمار ويڙهه جي نتيجي ۾ ٻنهي پاسن کان ماڻهن جو وڏو انگ موت جو کاڄ بڻيو. نيٺ 14 سيپٽمبر 1857ع تي انگريز ۽ سندن منظم فوج جيڪا سکن ۽ پٺاڻن تي مشتمل هئي انهن دهلي جو قبضو سنڀالي ورتو. ايئن مغل راڄڌانيءَ ۾ ڦرلٽ جي شروعات ٿي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. رڳو دهلي جي هڪ پاڙي ”ڪچا چيلان“ ۾ 1400 ماڻهو قتل ڪيا ويا.“ هر ماڻهو کي ماري ڇڏيو“ يتيم ٿيل هڪ ٻارڙي اهي حڪم پنهنجي ڪنن سان ٻڌا.
    دهلي هڪ خالي آثار قديمه جو ڏيک ڏيڻ لڳو. شاهي گهراڻي پرامن طريقي سان هٿيار ڦٽا ڪيا. شاهه جي سورهن پٽن مان اڪثر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي تن کي ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ ٽن کي گولين جو بک بڻايو ويو. ”آءٌ اعتراف ڪريان ٿو ته مون انهي بدنصيب ڌرتي جا اهي پل اکين سان ڏٺا، ”ڪئپٽين وليم هڊسن لکي ٿو.
    بهادر شاهه ظفر کي سندس پراڻي محل ۾ قيد ڪيو ويو. ايئن هن پنهنجي دلربا شهر دهلي کان جدائي جو ڪشالو هڪ هاري جي ڏاند گاڏي تي ڪاٽيو، هو پنهنجي چاهت واري هر شيءِ کان جدا ڪيو ويو، هن جي دل ڀورا ڀورا ٿي پئي. ايئن آخري مغل شهنشاهه 7 نومبر 1862ع جمعي ڏينهن 87 ورهين جي ڄمار ۾ جلاوطني دوران رنگون ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    اها هڪ غير معمولي المياتي ڪٿا آهي، جنهن تي آءٌ گذريل ٽن ورهين کان تحقيق ۾ رڌل آهيان. بهادر شاهه ظفر سان لاڳاپيل آرڪائيوز، جنهن ۾ ظفر جا خط ۽ درٻار جو رڪارڊ آهي. اهو هاڻي فقط لنڊن، لاهور ۽ رنگون مان ملي سگهندو. ان سان لاڳاپيل گهڻو تڻو سامان به دهلي ۾ آهي. دهلي جيڪا مغلن جي آخري راڄڌاني هئي، جتي ظفر رهيو ۽ ان کي ڏاڍو چاهيندو هو.
    لال قلعي جو سڀ کان ڪارائتو رڪارڊ بهادر شاهه ظفر جي اها ڊائري آهي، جنهن ۾ هو هر ڏينهن جا تفصيل درج ڪندو هو. جيئن ته آخري مغل بادشاهه بنهه جهور پوڙهو هو انڪري سنڌن جي سور کان بچڻ خاطر پنهنجي پيرن تي زيتون جي تيل جي مالش ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن باغ به ڏسي وٺندو هو ته مشاعرو به ڪوٺائي وٺندو هو. منجهند کان پوءِ هو پنهنجي هاٿين کي جمنا ۾ وهنجندي ڏسندو هو ۽ سندس راتيون چنڊ جي چانڊوڪي پسڻ، راڳين کان غزل ٻڌڻ ۽ تازا انب کائڻ ۾ گذرنديون هيون.
    1850ع واري ڏهاڪي جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ڪجهه انگريز آفيسرن اها رٿا بندي ڪئي ته مغل درٻار جو خاتمو آڻجي، ڀارت تي نه رڳو انگريزي قانون ۽ ٽيڪنالاجي مڙهي وڃي بلڪه عيسائيت کي به هٿي وٺرائي وڃي. اهڙي ڳالهه جو رد عمل به يقيني هو، جيڪو 1857ع ۾ سامهون آيو. ايشيا جي سڀ کان جديد بنگال آرمي بغاوت ڪئي، نتيجي ۾ 139000 فوجين مان 7796 فوجي پنهنجي انگريز حاڪمن خلاف ٿي بيٺا، ڀارت جي ڪجهه حصن ۾ ته هٿياربند فوج عوام سان ملي وئي هئي جنهن ڪري صورتحال ڏاڍي خراب ٿي ۽ ٻنهي پاسي ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا.
    دهلي جنگاڻ جو ميدان بڻيل هئي، باغي گروهه شهر ۾ ڀارت کان اچي رهيا هئا ۽ اها ڳالهه بلڪل واضح هئي ته انگريزن طرفان دهليءَ جو ڪنٽرول سنڀالڻ کان پوءِ مغل شهنشاهيت پٽ پئجي ويندي، باغين به اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن انهن دهلي هٿان وڃائي ته سندن هٿ مان هرشيءِ هلي ويندي. انگريزن پنهنجو بچيل هر سپاهي دهلي موڪلي ڇڏيو هو ۽ سخت آرهڙ جي ڏينهن ۾ مغل راڄڌاني تي بمباري ٿي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو بي موت ماريا ويا.
    حقيقت اها آهي ته ماضيءَ ۾ ڀارت ۾ ٿيل اها وارتا جنهن مغل شهنشاهيت جو سج غروب ڪيو، ان ۾ به ٻاهرين يلغار کان آزادي کان مذهبي لاڙو وڌيڪ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. 11 مئي 1857ع تي بهادر شاهه ظفر کي پنهجن وفادار ماڻهن اچي ٻڌايو ته:
    ”اسان پنهنجي مذهب ۽ عقيدي بچائڻ لاءِ متحد آهيون. ان کان پوءِ هي ماڻهو دهلي جي مک گهٽي چاندني چوڪ ۾ بيهي ماڻهن کي چوڻ لڳا ته: ”ڀائرو! ڇا توهان انهن سان آهيو جيڪي اسلام جا مخالف آهن؟“ پوءِ ڪيترن ئي انگريزن کي مسلمان بڻايو ويو. پر ان تي ڪنهن کي به عجب نه ٿيو، پر جن ڀارت واسين، عيسائيت کي قبول ڪيو تن کي بنا دير جي ڳڀاڳڀا ڪيو ويو. جڏهن ته انگريزن کي سر عام گورا، فرنگي، ڪافر ۽ نصراني جا خطاب ڏنا ويندا هئا. دهلي جي ڪجهه تاريخدانن جو اهو به خيال آهي ته انگريزن خلاف نفرت پيدا ٿيڻ ۽ مزاحمت جو سبب دراصل انهن طرفان مدرسا بند ڪرڻ به هو.
    هاڻي دهلي جو شهر اهو ماضي وارو ناهي رهيو. ان جو مغل شهنشاهيت ۾ پنهنجو دٻدٻو هو. هن وقت دهلي ۾ اڀرندڙ وچولي طبقي جي پنجابين جي گهڻائي آهي. هر هنڌ شاپنگ مال، بار ۽ گهڻ ماڙ عمارتن جي ڀرمار آهي. هر طرف سافٽ ويئر ڪمپنين، فينسي اپارٽمينٽس جو هڪ وڏو جهان آباد آهي، جيڪو برابر دهلي جي جدت جو مظهر آهي.
    ڀارت جتي وچولو ڪلاس تيزي سان اڀري رهيو آهي ۽ ان جون نظرون ايندڙ صديءَ تي آهن، شهر جي ان ترقي جو ڀلي جواب نه هجي، پر ان ۾ ڌارين جي حملن ۽ ڪاهن جي ستايل هن شهر جي ماضيءَ جي سار نه پئي لڌي وڃي. هڪڙو زمانو هو جڏهن دنيا ۾ دهلي کان وڌ ڪو پيارو شهر ئي نه هوندو هو ۽ ان جي رکوالي به ايئن ڪئي ويندي هئي. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ئي شاعر ذوق جي ميونسپل جي اڏاوتن ۾ گم ٿي ويل مقبري جي ڳالهه ٿئي ٿي. يا وري غالب جي ان گهر جو ذڪر اچي ٿو جيڪو هاڻي هڪ ڪوئلي گودام ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن جي نقصان جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. منهنجي لاءِ اها نهايت دل ڏکوئيندڙ ڳالهه هئي، جڏهن مون پنهنجا پسنديده تاريخي هنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺا، جن مان گهڻا ڊهي چڪا آهن، دهلي ۾ موجود مغل شهنشاهن جون قديم حويليون ۽ درٻارون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن. هاڻي اهي رڳو يادن ۾ محفوظ آهن، ڀارتي تاريخدان پون ورما موجب مون ڏهه ورهيه اڳ پنهنجي ڪتاب Mansions at Dusk ۾ جن تاريخي هنڌن، عمارتن جو ذڪر ڪيو هو، هاڻي انهن مان ڪا به محفوظ ناهي.
    Cyber – India تبديلي جي هڪ جهان مان گذري رهيو آهي، پر اها حقيقت تسليم ڪرڻي پوندي ته بهادر شاهه ظفر پنهنجي زندگي ۾ عذاب ڀوڳڻ ۽ هي جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به ڄڻ ته هڪ ٻي جلاوطني ڀوڳي رهيو آهي، ڇو ته دهلي ۾ هر اها شيءِ جنهن کي هن چاهيو اها هاڻي غير محفوظ بڻجي چڪي آهي.


    (3 جولاءِ 2006)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927286
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760805
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ