مھاڳ: علي نواز وفائي
هونئن به قلم جي جيڪڏهن ٽن اکرن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪبي ته (ق) سان قرب (ل) سان لاڳاپو ۽ (م) سان محبت ۽ مروت. اهي مٿيون خاص خوبيون، جڏهن ۽ جتي به اچي پاڻ ۾ گڏ ٿينديون آهن، تڏهن انهن جي اوچي ۽ اعليٰ ادائن کي ڪھڙي ادا سان ادا ڪجي.
ان کان سواءِ سڀ ڪنھن اديب جي اندر وارو انسان لفظن جو لباس پائي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ٿيندو رهندو آهي ۽ سندس لکڻ تي پسند يا ناپسند جي فتويٰ جو فيصلو پڙهندڙ ئي ڏيندا آهن.
ڪيترا اديب پنھنجي سمجهه ۽ سوچ، فھم ۽ فراست، عقل ۽ ادراڪ، مشاهدي، مطالعي ۽ معلومات، تجربي ۽ آزمودگي جي بنياد تي لکندا رهندا آهن، مگر ڪن ڪن اديبن جي لکڻين جو اثر پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ تي ايترو ۽ ايڏو ٿيندو آهي، جو هو هميشھ ئي انهن جي مضمونن ۽ مقالن کي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان پڙهندا رهندا آهن.
ٿوري عرصي ۾ اسان جي سنڌ جي اديبن جيڪا پنھنجي مادر مھربان جي ٻاجهاري ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهن ٿا، ان کان هر هڪ عام نواز ۽ ادب پرور بخوبي با خبر آهي.
ڪي تاريخ جا طالب، ڪي تخليق جا تاجدار، ڪي تحقيق ۾ تيز، ڪي تنقيد ۾ تڪڙا. ڪي افسانن ۽ آکاڻين جا استاد، ڪي ڪھاڻين ۽ قصن جا ڪاريگر، ڪي ناٽڪ ۽ ناول جا ناميارا، ڪي واقعي نگاري کان واقف. ڪي سوانحعمري جا سينگاريندڙ، ڪي صحافت ۾ سرس، ڪي مزاج جا مالڪ، ڪي مضمونن جا معمار، ڪي اکرن جي جوڙجڪ ۾ جان وجهندڙ جانباز، ڪي ٻوليءَ کي ٻھڪائيندڙ، ڪي عام فھمي ۾ اوچا ۽ اعليٰ، ڪي روانيءَ جا رهبر ۽ رهنما، ڪي سير سياحت ۽ سفرن جا سھيڙندڙ، ڪي هر صنف تي سوار.
اسان جي سنڌي ادب جو دامن گهڻو ڪري سھڻن سفرنامن کان خالي رهندو آيو آهي. ان ڪري سنڌ جي نوجوان اديب الطاف شيخ پنھنجي ادب ۾ اها ڪمي محسوس ڪندي، سفر سياحت جي صنف ڏانھن ايڏو ۽ ايترو توجهه ڏنو جو ٿوري ئي وقت ۾ 16 ڪتاب لکي پنھنجي ادب جي دامن کي سفرنامن جي صنف سان مالامال ڪري ڇڏيو.
سفرنامو لکڻ پنھنجي مٿي هڪ وڏو فن هوندو آهي، مگر هڪ حساس دل رکندڙ مسافر جنھن جو قلم سان قرب هجي، اهو ضرور سفر جي دوران ذاتي ۽ شخصي مشاهدن ۽ منظرن، واقعن ۽ وارداتن کان متاثر ٿي پنھنجي ذهن تي چٽا نقش قائم ڪري وٺندو آهي. ۽ پوءِ جڏهن انهن کي ڪاغذ جي سيني تي لکڻ ويھندو آهي ته يقيناً اها سندس لاجواب ادبي تخليق بڻجي پوندي آهي. هن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته سنڌي سفرنامن جو سمورو سھرو الطاف جي سِر تي سونھين ٿو.
جيڪي به سفرناما آهن، انهن سمورن سفرنامن جو سرتاج سامونڊي سفر نامن کي چيو ويندو آهي _ سمنڊ جي سيني کي چيرڻ، ان جي لھرن ۽ لوڏن، بيقرار ڇوهن ۽ ڇولين، موجن جي اؤج ۽ عروج، تيز طوفانن جي تکائين ۽ تازگين، جهڙ ڦڙ ۽ وڏ ڦڙي جي وسڪارن، سورن ۽ سختين سان مقابلي ڪرڻ جي باوجود به منزل تي پھچائڻ، اها جھازرانيءَ جي جوابداري سموري عملي جي همٿ ۽ حوصلي تي هوندي آهي. پر انھيءَ عملي مان ٻه عملدار ۽ عھديدار اهڙا به هوندا آهن، جن تي جھاز جي ڪک پن جيتري ڪمزوري ۽ ڪوتاهي جو سمورو دارومدار هوندو آهي. هڪ ڪپتان ٻِيو چيف انجنيئر. ڪپتان جي مٿان جھاز جي انتظام جو بار هوندو آهي ۽ چيف انجنيئر جو سمورو ڌيان صرف جھاز جي مشينري جي ننڍن ۽ وڏن، نازڪ ۽ نفيس پرزن جي نظرداري، نگھباني، سڌارڻ ۽ سنوارن ۾ سوگهو هوندو آهي.
عجب اتفاق آهي ته الطاف جھاز جي پرزن کان سواءِ پنھنجي ٻوليءَ جي پرزن ۾ به اهڙي جيئري جاڳندي جان وجهندو رهي ٿو، جنھن جو اندازو صرف پڙهڻ وارا ئي پرکي ۽ پروڙي سگهندا.
ادب جي لڳ لاڳاپن کان سواءِ الطاف سان منھنجا ڪيترائي ويجها واسطا قائم ٿيل آهن، هڪ ته منھنجي دوست گل محمد شيخ جو فرزند آهي، ٻيو منھنجي بزرگ دوست مظھر حسين گهلو جو نياڻو، ٽيون منھنجي جهوني ساٿي ڊاڪٽر عابد جو سالو، چوٿون منھنجي سالي ڪئپٽن ايس. ايم. عالم جو هم ڪلاس ۽ هم پيشو.
ايترن ۽ ايڏن ويجهن تعلقات هوندي مان هن اديب لاءِ ڇا لکي لکان. هونئن به فنڪار کي ڪڏهن به پنھنجي فن تي فخر نه ڪرڻ گهرجي پر فنڪار پنھنجي فن سان اهڙو سھڻو سلوڪ ڪري جو فن خود فنڪار ٿي فخر ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهي. جيئن سفرنامن جو فن پاڻ الطاف شيخ تي فخر ڪندو رهي ٿو.
الطاف شيخ جي سورهن ڪتابن مان سندس (ٽي) سفرناما ايم. اي فائينل تي رکيل آهن، هڪ ڪارائتو ڪتاب نالي ”ڪويت ڪنارا“ ڪراچي يونيورسٽي وارن شايع ڪرايو آهي. هي سترهون ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ اوهان جي هٿن ۾ آهي، هاڻ توهان پڙهي پاڻ فيصلو ڪندا ته آيا سندس سفر سھڻو، سولو، سھنجو ۽ سڻائو ٿو رهي يا نه.
الطاف شيخ جي سفرنامن جي مطالعي مان پڙهندڙن جي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيندو رهي ٿو. هن پنھنجي سفرنامن ۾ دنيا جي مختلف ۽ جدا جدا ملڪن ۽ شھرن جي صحيح تاريخ، تھذيب، تمدن، رسم رواج، ثقافت ۽ ٻولي، اٿڻي ويھڻي کي اهڙي ته سھڻي، سھنجي ۽ سولي سليقي سان سنواريو ۽ سينگاريو آهي، جو پڙهندڙ ايئن محسوس ڪندا ڄڻ سمورا واقعا ۽ وارداتون سندن اکين آڏو ٿينديون رهن ٿيون.
الطاف جو سنڌ جي جنھن تاريخي شھر هالن سان تعلق آهي، انھيءَ شھر ۽ انھيءَ پَٽ مان اهي اهي عظيم انسان پيدا ٿيا آهن، جن تي سڄي سنڌ فخر ڪندي رهندي آهي. هالن جي مردم خيز شھر جي بزرگن، ڀلارن، سخن گو، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي شھرت کان ڪير واقف نه آهي. الطاف پڻ ان اڻ کٽندڙ زنجيري جي هڪ ڪڙي آهي. سندس بنيادي پيشو جيتوڻيڪ انجڻين سان واسطو آهي، پر ادب سان نينھن پڻ ايترو ئي پڪو ۽ پختو اٿس.
آخر ۾ آئون پنھنجي الطاف لاءِ دعا گهرندس ته 16 ڪتابن مان الله تعاليٰ کيس سؤ ڪتابن لکڻ جي توفيق عطا فرمائي. جيئن سنڌ جي مطالعي جا مشتاق ۽ متوالا الطاف کي سنڌ جو ابن بطوطھ سڏڻ ۽ چوڻ ۾ فخر محسوس ڪن ۽ بس.
علي نواز وفائي
ايڊيٽر ”آزاد“
وفائي پريس، ڪراچي.
28 مارچ 1982ع