ملڪن کي سڃاڻڻ لاءِ اسان جا ماپا
اسان لاءِ سڀ کان وڏو ماپو ملڪ جو سِڪو آهي. جي ان ملڪ جو سڪو عام طرح مارڪيٽ ۾ سرڪاري اگهه کان سستو پيو ملي ته معنيٰ ملڪ پٺتي پيل آهي ۽ جي مھانگو ته معنيٰ تمام گهڻو ترقي يافتھ آهي.
مثال طور: ڊالر جي قيمت اسان وٽ (اڄ ڪلهه 1980ع ۾) سرڪاري طرح پوڻا ڏهه رپيا کن آهي، پر ڊالر پاڪستاني مارڪيٽ ۾ بليڪ تي يارهين ٻارهين رپئي پيو وڪامي ته معنيٰ پاڪستان جون حالتون گهڻيون سٺيون نه آهن. اهڙي طرح بنگلاديش جا ٽڪا (روپيا) سرڪاري طرح ڊالر ۾ پنڌرهن کن آهن پر کلي مارڪيٽ ۾ ڊالر ۾ ويھن کان ٻاويھن ٽڪا ملن ٿا. يعني بنگلاديش جون حالتون اڃان به خراب آهن.
اهڙيءَ طرح روس کڻي وڏو ملڪ آهي پر جھازي ان ڪري ان مان ايترو متاثر نٿا ٿين، جو هڪ ته اتي جو سڪو روبل سرڪاري اگهه کان تمام سستو لڪ چوري ملي ٿو ۽ ٻيو ته روبل جي قيمت ٻين ملڪن ۾ بنھه ناهي. ويندي اوسي پاسي جي ملڪن _ بلغاريھ، رومانيا، پولنڊ وغيره ۾، جن تي روس جو سنئون سڌو اثر آهي، اتي به ڪو روبل کي نٿو پڇي. ان ڪري جھازي اهڙن ملڪن جو ناڻو ڊڄي ڊڄي فقط ايترو مَٽائين جيترو اتي خرچ ڪري سگهن، جو ايئن نه ٿئي ته اهو ملڪ ڇڏڻ وقت اتي جا پئسا بچي پون _ جيڪي پوءِ ٻئي ملڪ ۾ بيڪار ثابت ٿين ٿا.
ڪي ڪي ملڪ اهڙا آهن جي پکيڙ، ٽيڪنالاجي يا طاقت ۾ کڻي گهٽ آهن پر سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ ايترو ته طاقتور آهن، جو انهن جو سڪو ٻين ملڪن ۾ به مٽجيو وڃي، جھڙوڪ: سنگاپور، ٿائلينڊ، سعودي عرب، هانگ ڪانگ وغيره. ڪي ملڪ ته اهڙا آهن جن جو سڪو سونَ برابر آهي، جھڙوڪ: آمريڪا جو ڊالر، جرمنيءَ جو مارڪ ۽ جپان جو يين. ٻئي نمبر تي فرانس، انگلينڊ ۽ سئٽزرلئنڊ جو سڪو آهي.
اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ ڊالر، يين ۽ مارڪ جي ڊوڙ آهي ۽ ان ڊوڙ ۾ وري يين (Yen) ڪافي عرصي کان اڳڀرو ۽ طاقتور هلندو اچي ۽ سڄي دنيا جون وايون بتال ڪري ڇڏيون اٿس. ست اٺ سال اڳ 1973ع ۾ هڪ ڊالر ۾ ٽي سؤ کان به مٿي يين ملندا هئا ۽ هاڻ اوترا ٻن ڊالرن ۾ مس ٿا ملن.
جپانين لاءِ اهي شيون جن جي قيمت جپان ۾ اڄ به اها آهي،جيڪا ست اٺ سال اڳ هئي، سستيون ٿيون، پر اسان لاءِ ته ٻيڻي قيمت جون ٿي ويون، جو ان اگهه لاءِ اسان کي ٻيڻا ڊالر ڏيڻا پون ٿا. مثال طور: هڪ ٽٿ پيسٽ جنھن جي قيمت اڄ کان اٺ سال اڳ ٽي سؤ ويھه يين هئي، يعني هڪ ڊالر (ڏهه رپيا کن) جو انهن ڏينھن ۾ ڊالر ۾ ٽي سؤ ويھه کن يين هئا. اها ساڳي ٽٿ پيسٽ هاڻ به ٽي سؤ ويھه يين ۾ ملي ٿي ۽ ظاهر آهي ته جپان ۾ رهندڙ ۽ ڪمائيندڙن لاءِ ته اها ساڳي قيمت ۾ پئي، پر اسان ٻاهرين لاءِ ٻن ڊالرن (ويھن رپين کن) جي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو يين جي قيمت ۽ ساک بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ايترو ته چڙهي وئي آهي، جو ايترا يين هاڻي ٻن ڊالرن ۾ ملن ٿا. ان حساب سان اسان ڌاريان ته چوندا وتون ته جپان ۾ مھانگائي ٿي وئي آهي، جو اها ٽٿ پيسٽ جيڪا اسان کي اڳ ۾ ڏهين رپئي پئي ٿي سا هاڻ ويھين رپئي ٿي پوي، پر جپانين لاءِ ساڳي ٽي سؤ ويھه يين جي ٿي جو انهن کي پگهار به يينن ۾ ملي ٿو، جيڪو سندن ملڪ جو سڪو آهي ۽ ويتر سندن پگهار گهٽيو ناهي پر وڌيو آهي.
نتيجي طور هاڻ جپاني جڏهن جپان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا ته کين سندن سڪي جا اڳ کان ٻيڻا پئسا ملن ٿا، يعني هر ڪا شيءِ هنن لاءِ اڌ قيمت جي ٿي وئي. ڪنھن ملڪ جي ترقيءَ مان هڪ عام ماڻهوءَ کي اجهو ايئن فائدو رسي ٿو. جپاني آمريڪا گهمي ايندا ته به مھانگائيءَ جي دانھن نه ڪندا پر آمريڪن _ جيڪي ڪنھن زماني ۾ پاڻ کي امير سمجهندا هئا (۽ اڃا به چڱا خاصا آهن) پر جپان ۾ اچي اهي به رڙيون ڪن ٿا ته جپان ۾ هر شيءِ مھانگي ٿي وئي آهي. ٻين لفظن ۾ کين ٻيڻا پئسا خرچ ڪرڻا پون ٿا.
جپان کي Land of rising sun يعني اُڀرندڙ (چڙهندڙ) سج جي زمين به چون ٿا، جو جپان اوڀر ۾ آهي ۽ سج پھرين جپان کي روشن ڪري پوءِ اڳتي چين، هندوستان، عربستان، يورپ، آمريڪا ڏي وڌي ٿو (سج جو جپان سان ٻيو به لاڳاپو آهي. هنن جي عقيدي موجب جپاني ماڻهو سج ديوتا جو اولاد آهن.)
هڪ انگريز ليکڪ جارج ميڪش جنھن جپان ۾ رهڻ بعد ان تي ڪتاب لکيو آهي ۽ يين جي چڙهندڙ اگهه مان متاثر ٿي ان ڪتاب جو نالو Land of rising sun بدران Land of rising yen رکيو آهي. ڪتاب جي جڳ مشھور پبلشرن Penguin books وارن ٽائٽل ڪور تي به سج بدران ڏيکاريو آهي ته فوجي جبل جي پٺيان سمنڊ مان ڏهين يين جو ٽامي جو گول ڳاڙهو سڪو مٿي اڀري رهيو آهي.
اسان جھازين وٽ ڪنھن ملڪ کي پرکڻ لاءِ سندس سِڪي کان علاوه ٻيا به ڪجهه تورا ۽ وَٽَ آهن. انهن مان هڪ ”ٽپال ۽ ٽپال جو نظام“ آهي.
جھاز جيئن ئي ڪنھن به ملڪ جي بندرگاهه تي لڳندو آهي ته اسان کي اتي جي لوڪل آفيس جي نمائندي (ايجنٽ) جو انتظار هوندو آهي، جيڪو ٽپال کڻي ايندو آهي. جھاز جيئن ڌڪي جي ويجهو ٿيندو ويندو آهي، ڪناري تي بيٺل ڪسٽم جو عملو، اميگريشن، پورٽ هيلٿ آفيس جا ماڻهو، ايجنٽ، شپ چانڊلر وغيره ۽ ٻيا چٽا ڏسڻ ۾ اچڻ شروع ٿيندا آهن. اسان مان ڪي بي صبر ۽ خطن لاءِ گهڻو منتظر جھاز تان ئي دانھون ڪري ڪناري تي بيٺل هيٺين کان پڇندا آهن ته آفيس جو ماڻهو ڪير آهي. پوءِ ان کان اهو ئي سوال ڪندا ته Any Mail? ڪو خط پٽ آهي؟ پوءِ جي هو ”ها“ ڪندو ته خوش ٿي وري پڇندس: Plenty? چڱا گڏ ٿيا آهن يا نه. پر جي هن ڇوٽ ۾ ئي چيو ته No Mail ته پوءِ بندرگاهه ۾ پھچڻ جي اڌ خوشي اتي ئي ٻڏي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪي همراهه ته (معذرت سان) ان ملڪ جي شجري جي زناني سڄي شاخ کي گاريون ڏئي ويندا آهن.
وري ڪو پنھنجن مان ڪو جھازي کين سمجهائيندن ”اڙي ڪنھن لکيو نه هوندو تڏهن نه پھتا آهن“، ته اڳلو وراڻيندس: ”يار! ڪمال آهي. هل کڻي مون کي ڪنھن نه لکيو، پر سڄي جھاز جي پنجاهه سٺ همراهن کي ڪنھن مٽ مائٽ، دوست يار هڪ خط به نه لکيو ڇا؟ ايئن به ڪو ٿي سگهي ٿو! ڪراچي ڇڏئي پورا ٻارهن ڏينھن ٿيا آهن. اسان ته سڀني، هن ملڪ جي ائڊريس ڏني هئي، ۽ هتي ئي سڀ خط اچڻ گهربا هئا.“
ٽپال جي خيال کان اهڙن نڪمن ملڪن ۾ ڪي آهن: اتر ڪوريا، ڪيوبا، ڪجهه ڪجهه عرب ملڪ، ڏکڻ آمريڪا جا ڪيترائي ملڪ ۽ نائجيريا، ڪينيا ۽ سائوٿ آفريڪا کي ڇڏي، آفريڪا جا ٻيا ملڪ _ جتي پوسٽ جو نظام تمام خراب يا نه برابر آهي. يا ڪيترن جو اهو چوڻ آهي ته انهن مان ڪن ملڪن ۾ خطن جي سينسرشپ ڪئي وڃي ٿي _ جو عقل ته نٿو مڃي جو جھازين جي هيترن خطن لاءِ _ جن جي ڪا اهميت ناهي _ حڪومت ويھي سينسرشپ پٺيان وقت ۽ پئسو ضايع ڪندي.
هڪ دفعي پوري مھيني کن جي لڳاتار سفر بعد عربي سمنڊ، هندي سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ، ڀونچ سمنڊ، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئربين سمنڊ لتاڙي جڏهن ڪيوبا پھتاسين ۽ خبر پئي ته ڪنھن جو به خط نه پھتو آهي ته سڀني کي ڏاڍو ڏک ۽ ڪاوڙ ٿي. مٿان وري ڪيوبا جي بندرگاهه وارن اسان کي جھاز تان لھڻ جي موڪل به بند ڪئي هئي. هڪ ففٿ انجنيئر ۽ بٽلر ته روز جھاز جي ڏاڪڻ وٽ بيھي ڪيوبا جي سنترين (فوجي سپاهين) کي اڙدوءَ ۾ ڪورس جي انداز ۾ چوندا هئا: ”ظالمو موڪل نٿا ڏيو ته گهٽ ۾ گهٽ خط ته ڏيو. روس به هفتي اندر خط ڏئي ڇڏيندو آهي. ايڏو ظلم اسان جھازين تي ته نه ڪريو. اڳھين ڇا گهٽ ڏک اٿئون؟“
ڪنھن چيو ته ڪيوبا وارن آيل خط موڪليا هوندا ماسڪو.
”ماسڪو ڇو؟“ ٻئي پڇيو.
”ان ڪري جو هو پنھنجي عقل کان ڪم وٺڻ بدران هر ڳالهه لاءِ وڏي ڪميونسٽ ڀاءُ کان حڪم ۽ صلاح مشورو وٺن ٿا، جنھن جا پوئلڳ آهن. هو لطيفو نه ٻڌو اٿئي ته ڪنھن آمريڪن کي گرل فرينڊ ملندي ته ڊيٽ وٺندس، انگريز کي ملندي ته هٿ تي چمي ڏيندس. فرينچ کي ملندي ته ڊانس لاءِ چوندس، پر جي ڪنھن ڪيوبن کي ملندي ته يڪدم ماسڪو تار ڪندو Instructions لاءِ ته ڇا ڪريان. سو هنن ڪيوبا وارن خط به ماسڪو موڪليا هوندا ترجمي ۽ سينسر لاءِ.“
مون ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”ادا! توهان جي اڙدو خطن لاءِ ته وري به ڪو مترجم ماسڪو ۾ ملي ويندن ۽ جلدي ڪيوبا ڏياري موڪليندا. مري ته ويس آئون. مون ڏي سنڌيءَ ۾ آيل خطن جو ڇا ٿيندو. پڪ ماسڪو وارا ترجمي لاءِ ٽنڊو قيصر يا ماتلي موڪليندا، جتي جو هڪ نظاماڻي شايد قادر بخش نظاماڻي روسي زبان جو ڄاڻو آهي.“
بھرحال ٽپال ۽ ٽپال کاتي ۾ اسان جو ملڪ ۽ ٻيا اهي ملڪ جتي انگريزن ديرو ڄمايو، اڳڀرو آهن. اسان ڪيتري به پوسٽ کاتي جي گلا ڪريون تڏهن به گهڻن ملڪن کان چڱو آهي ۽ انگلينڊ _ جنھن گهڻن ملڪن ۾ ٽپال کاتو رائج ڪيو اتي جي نظام جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. انگلينڊ جون جھازران ڪمپنيون پنھنجي ملڪ جي جھازين کي ته هيليڪاپٽرن ذريعي وچ سمنڊ تي هلندڙ جھاز تي به روز خط پھچائين.
ان کان علاوه آمريڪا ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن ملڪن جي ٽپال کاتي جي ڪارڪردگي پڻ سٺي آهي. مالڪ ڳولي ان تائين خط پھچائين نه ته موڪليندڙ کي موٽائين.
جپان به سڌريل ملڪ آهي. هينئر جو تازو جپان ۾ گهڻو وقت رهڻ ٿيو ته خبر پئي ته ان معاملي ۾ جپان ته مڙني کان ٻه رتيون مٿي آهي. غلط ائڊريس ڪري مالڪ کي ٽپال کاتو جي نه ڳولي سگهندو آهي ته لکندڙ کي واپس ڪرڻ کان اڳ خطن جي مالڪن جو اخبار ۾ نالو ڏيندا ته ابا توهان ڏي آيل خط تي ائڊريس صحيح لکيل ناهي. اچي پنھنجا خط کڻي وڃو يا صحيح ائڊريس موڪليو ته ان تي خط موڪلجن.
۽ سراج ميمڻ جي ’هلال پاڪستان‘ ۽ علينواز وفائي صاحب جي ’آزاد‘ اخبار (جنھن ۾ اڄ ڪلهه منھنجا سفرناما قسطوار اچن پيا) جي پڙهندڙن جا سنڌي ائڊريس ۾ لکيل يا انگريزي اڻ پوري ائڊريس۾ خط هر هفتي ڪجهه نه ڪجهه ته هجن. ٻيو نه ته ٽنڊي سومري کان عبدالشڪور نظاماڻي، ٺارو شاهه کان عبدالڪريم قاضي، مارئي سومرو کان زبيده ميتلو ۽ حيدرآباد کان ڊاڪٽر رشيد جو خط ته هجي ئي هجي_ يعني هر هفتي بنا خرچ جي جپان مان نڪرندڙ اخبارن ۾ اسان جو نالو ڇپجي ئي ڇپجي، ۽ بقول اسان جي هڪ جپاني دوست جي، کيس اسان جي جپان ۾ هجڻ جو اطلاع ٽوڪيو مان نڪرندڙ انگريزي اخبار جي ”اڻ پوري ائڊريس“ واري ڪالم ۾ نالو پڙهي پوندو آهي.