هِڪاري _ معنيٰ کنوڻ
آچر ڏينھن، پوري ڏهين وڳي اسان جو ٽوڪيو آفيس جو جپاني ڪلارڪ ’ياما موتو _سان‘ (مسٽر ياما موتو) فرنٽ ڊيسڪ تي پھتو ۽ اسان هفتي جي سفر جو سامان پاڻ سان کڻي هيٺ لٿاسين. هن پاڻ سان وئن آندي هئي، جنھن ۾ چڙهي، ٽوڪيو جي سينٽرل اسٽيشن تي پھتاسين. آچر جو ڏينھن هو، صبح جو پھر، سو ٽوڪيو جي رستن تي ٽرئفڪ تمام گهٽ هئي ۽ اسٽيشن پھچڻ ۾ دير نه لڳي. ڪيترن ڏينھن بعد هي پھريون آچر هو، جيڪو سڄو ڏينھن موڪل هئي ۽ اسان ان جو ڪيترن ڏينھن کان انتظار ڪري رهيا هئاسين ته سڄو ڏينھن ٿڪ ڀڃنداسين. جھاز جي ڊوڙ ڊڪ کان فرحت ملندي ۽ صبح جو دير سان اٿي ڳرو ناشتو ڪري ويھي ٽي وي ڏسنداسين. ان بعد شيو ڪري ڪافي دير گرم پاڻيءَ جي ٽب ۾ وهنجي پوءِ شام جو گنزا ۾ فلم به ڏسنداسين ته ماني به کائينداسين. پر جمع ڏينھن صبح جو اسان جي جھازران ڪمپنيءَ جي آفيس جي لوڪل مئنيجر فون ڪري ٻڌايو ته اسان جي پھرين ٽريننگ_ آٽوميشن سبجيڪٽ ۾، هن هفتي اوساڪا ۾ آهي ۽ يارهين بجي واري ’هِڪاري‘ ٽرين رستي اسان کي ٽوڪيو کان اوساڪا وڃڻو پوندو. ”چئو ته پئسا توهان کي موڪلي ڏيون، ٽڪيٽون پاڻهي وٺجو يا ماڻهو به موڪليان.“
منھنجي چوڻ تي هن هڪ ڪلارڪ موڪلي ڏنو، جيئن اسان جي رهنمائي ڪري سگهي، جنھن ٽوڪيو اسٽيشن جا ڪيترائي پليٽ فارم لتاڙائي اچي جپان جي تيز رفتار، تير جھڙي ڊگهي ۽ آسماني ۽ عاج جھڙي رنگ جي ’هڪاري‘ گاڏيءَ اڳيان بيھاريو. ان وقت ئي گاڏي آئي هئي ۽ ٽوڪيو سندس آخري اسٽيشن هجڻ ڪري سڀ ماڻهو لھي رهيا هئا. چڙهڻ ۾ اڃا پنڌرهن منٽ هئا. ماڻهو سڪون سان پليٽ فارم تي هلي رهيا هئا يا پنھنجي پنھنجي دٻي اڳيان قطار ۾ بيٺا هئا. هر هڪ جو نمبر ۽ جڳھه مقرر هئي، سو سيٽ ملڻ يا نه ملڻ جو ڪنھن کي به فڪر نه هو. گاڏيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون، هِڪاريءَ (Hikari) جي پيلي رنگ جي ڪوچن تي چڙهيل اڇي رنگ جا رومال، لاهي نوان ڌوتل چاڙهڻ لڳيون. ڪي دٻن جي صفائي ءَ ۾ لڳي ويون. ان بعد اعلان ٿيڻ تي دروازا کليا ۽ پنھنجين پنھنجين نمبر وارين جاين تي اچي ويٺاسين. پوري مقرر وقت تي گاڏي هلڻ لڳي. ان کان ٻه منٽ اڳ، هلڻ جي اعلان تي گاڏيءَ ۾ ويٺل جپانين، کين ڇڏڻ لاءِ آيل مائٽن ۽ دوستن کي هٿ لوڏي ”سايونارا“ چيو. جنھن جي ورنديءَ ۾ هنن به جهڪي جهڪي ”سايونارا“ ۽ ”هاءِ دومو _ اريگاتو“ چيو. اسان ”ياما موتو _ سان“ کي انگريزيءَ ۾ گڊ باءِ ڪئي، جنھن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هو هينئر ئي اوساڪا ٽيليڪس ڪندو، جتي مسٽر تاڪيشيتا اسان کي وٺڻ ايندو، پر ان هوندي به هن اسان کي تاڪيد ڪئي ته گاڏيءَ جي اوساڪا پھچڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ، ياد ڪري اسين به ’تاڪيشيتا _سان‘ کي فون ڪريون.
جپان ۾ ڪجهه سرڪاري گاڏيون آهن، مثال طور: JNR (جپان نيشنل ريلوي) پر گهڻي ڀاڱي پرائيويٽ آهن، جيئن اسان وٽ بسون. پوءِ ڪي مالڪ اهي ريل گاڏيون شھر جو شھر ۾ زمين هيٺ هلائين ٿا ۽ انهن جا مختلف نالا آهن. جيئن ته ٽوڪيو ۾ پيلي رنگ جي گاڏي گنزا لائين آهي. ڳاڙهي جي مارينائوچي، ڪاري رنگ جي هِيبيا لائين. زردي رنگ جي يورڪچو لائين. سائي رنگ جي چيودا لائين ... وغيره وغيره. ڪي وري مٿان مٿان هڪ شھر کان ٻئي شھر تائين هلن، جيئن نيو ٽوڪيدو لائين جي هيءَ ’هِڪاري‘ ريل گاڏي.
نيو ٽوڪيدو لائين جي هيءَ هِڪاري گاڏي اڄ کان پنڌرهن سال اڳ (1966ع) ۾ پھريون دفعو ٽوڪيو اسٽيشن تان هلي هئي. سندس جپاني نالي _’هڪاري‘ جي معني آهي کنوڻ ... يا روشني سمجهڻ کپي. سندس تکي رفتار تان هن تي اهو نالو پيو آهي. هيءَ جپان جي پھرين تکي گاڏي آهي. بليٽ ٽرين هن کان پوءِ ايجاد ٿي آهي. هن وقت آئون، هن گاڏيءَ جي ڊائننگ ڪار ۾ ويھي سندس رفتار جو لڳل اسپيڊوميٽر ڏسي رهيو آهيان. جنھن جو ڪانٽو 140 ميل في ڪلاڪ کان به مٿي پيو ڏيکاري. يعني هڪ منٽ ۾ اڍائي ميل کن جي رفتار سان ڊوڙندي وڃي. پر اليڪٽرڪ ٽرين هئڻ ڪري نه انجڻ جو آواز آهي ۽ نه لوهي ڦيٿن جو، جيڪي ٻن لوهي پٽن (Rails) جي مٿان هلندي ڪندا آهن.
ڪنھن اسٽيشن تي بيھي هِڪاري گاڏيءَ جي پٽن کي ڏسبو ته سندس ٻئي پٽا، جنھن جي مٿان ڦيٿا هلن ٿا، يڪا ڏسڻ ۾ ايندا. هونءَ اصول موجب ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻن پٽڻ جي وچ ۾ وٿي هجڻ ضروري آهي، جيئن گرمي يا سرديءَ ۾ انگهي يا سسي سگهن. پر جپانين هڪ ته پٽا ڊگها رکيا آهن ۽ هنن ڪاٺ جي سليپرن بدران رٻڙ جا سليپر استعمال ڪيا آهن ۽ پٽن کي جهلڻ لاءِ اسپرنگ جا ڪنڍا استعمال ڪيا آهن. نتيجي ۾ گاڏي بيھڻ کان پوءِ چُري ٿي ته خبر نٿي پوي ۽ سائونڊ پروف ايتري آهي جو هن وقت فقط ايئرڪنڊيشن مان نڪرندڙ هوا جو سنهو سيسراٽ پيو ٻڌجي. ايتري رفتار هوندي به، لکڻ وقت ايئن پيو لڳي ڄڻ هوائي جھاز ۾ هججي، جيڪو هو ا ۾ ترندو وڃي. يا ته گهر ۾ ٽيبل ڪرسيءَ تي ويھي لکي رهيو هججي. شيشي جي دريءَ منجهان رکي رکي چانورن جا فصل، جابلو علائقا، گهرن جون قطارون گذري رهيون آهن. ٿوري دير اڳ برف سان ڍڪيل، جپان جو مشھور جبل ”فوجي ياما“ لنگهي چڪو آهي.
هِڪاري گاڏيءَ کان اڳ جپانين لاءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ وڏو مسئلو هو. ماڻهو گهڻا ۽ گاڏيون نئرو گيج ۽ عام رفتار جون هيون. آخر هتي جي انجنيئرن هيءَ تيز رفتار گاڏي (براڊ گيج تي هلندڙ) ايجاد ڪئي. اڄڪلهه روز چوڏهن کن هِڪاري گاڏيون اٺاويھه هزار مسافر ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي وچ ۾ ڍوئين ٿيون.
هڪاري گاڏيءَ کي لوڪو موٽو (ٻاڦ جي انجڻ يا ڊيزل انجڻ) ڇڪڻ بدران، اليڪٽرڪ موٽرون هلائين ٿيون_ جيڪي گهر ۾ هلندڙ پکي، پاڻيءَ جي پمپ يا مسالي پيھڻ جي گرائينڊر ۾ هلائڻ لاءِ لڳل هونديون آهن. وزن ۽ ڇڪڻ جي طاقت برابر رکڻ لاءِ اهي موٽرون هر Axle ۾ لڳايون ويون آهن ۽ انهن کي اسپرنگ جھڙي ڊگهي لڪڻ ذريعي، اليڪٽرڪ جي تارن مان ڪرنٽ ملي ٿو. اهي اليڪٽرڪ جون تارون ريل جي پٽن جي سڌائيءَ ۾ مٿان لنگهن ٿيون.
هلائڻ وارو انجنئير گاڏيءَ جي پھرين گول منھن واري دٻي ۾ وهي ٿو ۽ سامهون ريل گاڏيءَ جا پٽا اڻ ختم ٿيندڙ وارن جي ربنن وانگر اوستائين نظر اچن ٿا، جتي زمين ۽ آسمان وڃيو ملن. تکي هلندڙ گاڏي اهي پٽا ڄڻ ڳڙڪائيندي وڃي. پاسن کان ڳوٺ ڳوٺڙا، فصل، جبل ماٿريون، فارم هائوس ۽ فئڪٽريون ڄڻ ڊوڙنديون وڃن.
ريل گاڏيءَ جا سڀ دٻا هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن. ان ڪري اسين ڪڏهن پنھنجي دٻي ۾ ڪڏهن ڊائننگ ڪار ۾ چڪر هڻون ٿا. ڊائننگ ڪار ۾ کاڌي پيتي جي بندوبست سان گڏ، هر گاڏيءَ ۾، ڪم ڪندڙ ڇوڪريون پيلي رنگ جي يونيفارم ۾، ٽراليءَ تي ڪافي، چانھه، بسڪيٽ، آئيس ڪريم ۽ سئنڊوچ وغيره وڪڻنديون رهن ٿيون. ڪي مسافر پاڻ سان، گنجين جي دٻيءَ جھڙي ويڪري دٻي ۾ بند ٿيل، ڀت ۽ مڇي کڻي آيا، سي کولي ويٺا کائين.
ريل جي هر ڪمپارٽمينٽ جي ڪنڊ تي پاڻيءَ جو ڪولر ۽ هٿ ڌوئڻ لاءِ ڪونڊي آهي. ٽوائليٽ به آهن. هڪ مغربي اسٽائيل جو جنھن ۾ مٿانھون ڪموڊ ۽ يورينر لڳل آهي ۽ هڪ جپاني نموني جو، جنھن ۾ انڊين ڪموڊ جھڙو ڪموڊ آهي، پر ڪموڊ اڳيان ٿوري مٿانھين آڏ ٿئي ۽ هٿ ڌوئڻ بعد پاڻي وهي وڃڻ بدران ننڍڙي ٽانڪيءَ ۾ گڏ ٿئي ۽ زنجير ڇڪڻ سان اهو پاڻي ڪموڊ مان لنگهي ٿو. ان ريت هڪ ئي پاڻي ٻن ڪمن ۾ اچي ٿو ۽ پاڻي جو بچاءُ ڪيو وڃي ٿو.
جپاني ٽوائليٽ اڳيان، ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي ڄڻا انتظار ڪندا رهن ٿا، پر اسان کي ترسڻو ان ڪري نٿو پوي جو سڄي دٻي ۾ اسين ئي ڌاريان (غير جپاني) آهيون ۽ هڪ جرمن اخبار نويس آهي. مغربي ٽوائليٽ جي خالي آهي ته به جپاني ان کي استعمال ڪندي پنھنجي گهٽتائي ٿا سمجهن، شايد! جيتوڻيڪ هڪ ٻه دفعو اسين يا جرمن، سندن خالي ٽوائليٽ ڏسي ان کي به استعمال ڪندا رهياسين. نگويا ۾ ڊنر سيٽن ۽ ٻين ٿانون جي دڪان تي ئي ڪم ڪندڙ هڪ فئمليءَ هڪ دفعي بحث ۾ چيو هو ته هو (جپاني) جيتوڻيڪ مغربي قسم جو ٽوائليٽ پسند ڪن ٿا ۽ ان کي استعمال ڪندي جسماني طرح آرام محسوس ٿئي ٿو پر ذهني طرح سخت مونجهه ٿئي ٿي ته هي ڌارين جو آهي. آمريڪن ناول نويس ۽ شاعره ايرڪا جونگ جو چوڻ آهي ته ملڪ جي حالت جي خبر ان جي ڪاڪوسن مان لڳائي سگهجي ٿي. جي ايئن آهي ته جپان تمام صاف سٿرو ملڪ چئي سگهجي ٿو _ رڳو ڪاڪوس ئي ڏسي.
هِڪاري ٽرين جي ڊرائيور واري دٻي ۾ ويٺل انجنيئر جي سامهون گيجون ۽ لِيور آهن_ اسپيڊ وڌائڻ ۽ گهٽائڻ جا... بريڪ هڻڻ جا، پٺتي ڪرڻ جا، پر هن کي شايد ئي ڪي استعمال ڪرڻا پوندا هجن. هر هڪ ٽرين آٽوميٽڪ آهي. جنھن جو ٽرانسسٽرن ذريعي ”آٽوميٽڪ ٽرين ڪنٽرول“ A.T.C سان ڳانڍاپو آهي ۽ اهو مين ڪنٽرول روم، ٽوڪيو اسٽيشن تي آهي. اهڙيءَ طرح ٽوڪيو کان آخري اسٽيشن تائين هيءَ ٽرين اتان ڪنٽرول ٿيندي رهي ٿي. بقول ٽرين هلائيندڙ انجنيئر جي: ”هڪ دفعو گاڏي اسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ آئون به مسافرن سان شامل ٿي سگهان ٿو ۽ هِڪاري سڄو سفر خيريت سان ڪندي رهندي.“ .A. T. C جي حڪم ۽ رهبري موجب گاڏي هلندي ۽ بيھندي رهي ٿي، جيئن اڄڪلهه پاڻيءَ جو جھاز ۽ هوائي جھاز به Auto Pilot تي هلندا رهن ٿا. پائليٽ ڀلي پيو چڪر هڻي يا مسافرن سان گڏ پٺيان ويھي فلم ڏسي.
هِڪاري ٽرين جپان جي پھرين تيز رفتار گاڏي آهي. (جيتوڻيڪ اڄڪلهه نئين ايجاد بليٽ ٽرين ان کان به تکي هلي ٿي) هِڪاريءَ جي ايجاد ۽ ٺھڻ ۾ ست سال لڳي ويا ۽ هلڻ کان اڳ ڪيترائي مسئلا سامهون هئا ته هڪ گاڏيءَ کان ٻي گاڏي ڪيترو پري کان لنگهي. ڇاڪاڻ جو ڪراسنگ وقت ٻنهي جي گڏيل رفتار ٻه اڍائي سؤ ميلن کان به مٿي ٿي ٿئي ۽ ڪيترائي حسابي جدولون ۽ کوڙا لڳايا ويا. ڪمپيوٽر، ۽ ڪئلڪيوليٽرن ذريعي جواب ڪڍيا ويا ۽ پھرين ننڍي ماپ جون گاڏيون هلايون ويون، جن تي ماپ جا اوزار لڳائي ٽنل مان تکيون ڊوڙايون ويون. ٽوڪيو لئبارٽرين ۾ اسپرنگ ۽ ڦيٿا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ انهن جي 200 ميل في ڪلاڪ جي رفتار هيٺ طاقت ۽ بيھڪ جانچي وئي.
پٽن وڇائڻ خاطر رستو ٺاهڻ لاءِ ٽيھه ملين ڪيوب وال مٽي ريڙهي وئي. چار ملين ڪيوب وال ڪنڪريٽ استعمال ڪيو ويو. جبل ٽُڪي ڇاهٺ ٽنل ٺاهيا ويا. رستي تي جيڪي پليون ٺاهيون ويون آهن، انهن جي ڪل ڊيگهه يارهن ميل ٿئي ٿي. مٿي بيان ڪيل ٽنلن جي ڪل ڊيگهه ٻائيتاليھه ميل ٿئي ٿي_ يعني ڪل فاصلي جو اٺون حصو ٿيو. سڀ مرحلا ۽ مسئلا ڇڏائڻ بعد هڪ آخري مونجهارو: جڏهن گاڏي پنھنجي تکي رفتار سان ٽنل ۾ گهڙي ٿي ته هوا جو دٻاءُ ائين ٿي پيدا ٿيو، جيئن ڪو پسٽن سلينڊر اندر گهڙي. ان معاملي کي هن ريت منھن ڏنو ويو ته ريل گاڏيءَ جا سڀ دٻا ايئر _ ٽائيٽ ٺاهيا ويا. يعني سڄي گاڏيءَ ۾ ڪٿي به ڪا سير يا سوراخ ذرو نظر نه اچي، جنھن مان ٻاهر جي هوا اندر اچي سگهي _ جيئن هوائي جھازن جون دريون Pressurized Air هونديون آهن.
جيئن ته جپان ۾ زلزلا تمام عام آهن، سو هر گاڏيءَ ۾ زلزلن جي اڳواٽ جانچ رکندڙ اوزار Seismometer لڳايا ويا آهن ته جيئن ئي ڪٿي زلزلو اچڻو هجي ته ٽوڪيو ۾ A. T. C ڪنٽرول سسٽم کي اليڪٽرانڪس ذريعي نياپو ڏئي ۽ اهڙي گاڏي زلزلي جي چپيٽ موجب آهستي ڪئي وڃي يا صفا هڪ هنڌ بيھاري وڃي، جيسين زلزلي جو اثر ختم ٿئي.
هن فرحت بخش گاڏي ۽ سندس سفر ۾ اسان جا اڍائي ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا آهن، ان جي خبر به نه پئي: ڪجهه دريءَ مان ڏسندي، ڪجهه چانھه ڪافي پيئندي، ڪجهه مسافرن ۽ ڊرائيور انجنيئر سان ڳالهيون ڪندي، ڪجهه هي مضمون لکندي. آئون هڪ دفعو وري کيسي مان ڊگهي هٿ جيڏي ٽڪيٽ ڪڍي ان تي جپاني زبان (ڪاٽا ڪانا) ۾ لکيل اوساڪا پھچڻ جو ٽائيم پڙهان ٿو. ٽڪيٽ تي منھنجي بوگي نمبر، قطار نمبر، سيٽ نمبر پڻ لکيل آهي. وچ تي ٽوڪيو کان اوساڪا جي ڀاڙي جي قيمت يارهن هزار يين (اٽڪل ساڍا پنج سؤ رپيا) لکيل آهي ۽ هڪ ڪنڊ کان ٽوڪيو ڇڏڻ جو وقت ۽ ٻي ڪنڊ تي اوساڪا پھچڻ جو آهي. ان حساب سان اسان جي هن هِڪاري گاڏيءَ کي اوساڪا پھچڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ وڃي بچيو آهي. مون کي ياد ٿو اچي ته ٽوڪيو ڇڏڻ وقت ’ياما موٽو _ سان‘ چيو هو ته اوساڪا پھچڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ، اوساڪا ۾ اسان کي وٺڻ واري انچارج مسٽر تاڪيشيتا کي فون ضرور ڪريان. هن گاڏيءَ جون ٻيون خوبيون ٻڌائڻ سان گڏ اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته هتي ٽيليفون پڻ آهي ۽ هلندڙ گاڏيءَ مان ڪري سگهجي ٿو. سو هي ليک هتي بند ڪري ’تاڪيشيتا _ سان‘ کي سندس گهر جي نمبر تي فون ڪرڻ لاءِ اٿان ٿو، جيئن هن کي جي خبر نه هجي ته اڌ ڪلاڪ ۾ تيار ٿي، اوساڪا جي اسٽيشن تي اسان کي وٺڻ پھچي وڃي _ جو اوساڪا ۾ اسان جي رهائش، تعليم ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست هن جي معرفت ٿيڻو آهي.