گِلا جا ٻه اڏا_ ٽوڪيو ريو جو رڌڻو ۽ کُڏ
ان رات شايد اسان دير سان پھتا هئاسين _ اٽڪل يارهين بجي، ۽ سمهڻ کان اڳ هوٽل جي پنجين ماڙ _ جنھن تي اسان رهندا هئاسين سڄي ڏٺيسين. هيستائين اسان جا ڪمرا لفٽ جي دروازي وٽ هجڻ ڪري لفٽ مان نڪري سڌو ڪمرن ۾ آياسين ٿي ۽ ٻئي جھان جي خبر نه هئي. جتي مغربي نموني جا ڪمرا ختم ٿي ٿيا ۽ پٽ تي وڇايل تڏن وارا جپاني ڪمرا شروع ٿي ٿيا، اتي ٽي وي لائونج جي ڪنڊ ۾ فقط هڪ وڏي مشين نظر آئي، جنھن جي پاسي واري ڪٻٽ ۾ ڪوپ ۽ ساسرون رکيل هئا. مشين تي لکيل اڌ گابري انگريزي ۽ جپانيءَ مان ۽ ڪجهه سئچن ۽ بٽڻن کي هيٺ مٿي ڪري خوشي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ چانھن جو ته چوويھه ئي ڪلاڪ مفت بندوبست آهي. نه ته صبح جو سوير ۽ رات جو چانھن جي ٻاڙ تنگ ٿي ڪيو ته هيڏانھن هوڏانھن واجهايوسين ٿي. ان مشين ۾ دٻائڻ جا چار بٽڻ هئا. هڪ کي دٻائڻ سان ٿڌو پاڻي آيو ٿي. ٻي مان تازو پاڻي ڪوپ ڌوئڻ لاءِ. ٽئين مان گرم ٽھڪندڙ پاڻي ۽ چوٿين مان سائي چانھه (Green Tea) نڪتي ٿي _ جا پوءِ ڏٺوسين ته هوٽل ۾ رهندڙ جپاني سڄو ڏينھن ڏوڪيندا هئا. اسان به هڪ ٻه دفعو آزمائي، ان بعد لپٽن چانھه جي لفافن جو دٻو ۽ کنڊ کير وٺي اچي ڪمري ۾ رکيوسين. پوءِ ضرورت وقت مشين مان گرم ٽھڪندڙ پاڻي ڪڍي پنھنجي چانھه ٺاهي پيئڻ لڳاسين.
اڪبر اليڪٽريڪل انجنيئر سان گڏ مون به شڪر ڪيو ته اها هڪ عياشي ته ٿي باقي لاءِ به مولا مالڪ آهي. ڇھين يا ستين ڏينھن ڪنھن ڪم سان اڪبر پنھنجي هوٽل ۾ منجهند مھل ويو. واپسيءَ تي مون کي اچي ٻڌايائين ته کيس لڳي ٿو ته پنھنجي گهر _ يعني ان ’ٽوڪيو ريو‘ ۾ رڌ پچاءُ جو به ڪو بندوبست آهي ضرور، جو پاڙي ۾ رهندڙ جپاني مايون گرم گرم بيضا ۽ پٽاٽا ڪڻڇيءَ ۾ تري کڻي پئي آيون. مون کيس چيو ته ان تي فرصت ۾ ريسرچ ڪجانءِ . پر اڪبر کي اهڙي آنڌ مانڌ هئي جو هن جلد از جلد پاڪستاني رس وارو کاڌو _ يعني ’ٻوڙ‘ کائڻ ٿي چاهيو. سو ان ئي ڏينھن سوير ئي شام جو موڪل ڪري گهر ڏي يعني ’ٽوڪيو ريو‘ روانو ٿيو. مون کي چيائين ته ڪجهه ٿي سگهيو ته رڌ پچاءُ ڪندس.
ان ڏينھن هڪ ايراني جھاز ٽوڪيو آيو هو. ان جو پاڪستاني چيف انجنيئر (اسان جو اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ) مون وٽ شپ يارڊ ۾ ملڻ آيو، جنھن چيو ته ٽوڪيو ۾ انڊين هوٽلون: اجنتا، گي لارڊ، مھاراجا وغيره آهن_ اتي هل ته اڄ ماني کائون جو سندن جھاز ايراني هجڻ ڪري هن کي به ڪيترائي ڏينھن ٿي ويا هئا جو پنھنجي سواد ۽ نموني جي ماني نه کاڌي اٿس. کيس پنھنجي به سڄي ڳالهه ٻڌايم ۽ پوءِ اڪبر کي به ساڻ وٺي هلڻ لاءِ اسين ٽوڪيو ريو ۾ آياسين. گيٽ مان اندر قدم رکڻ مھل ئي ان ڏينھن تبديلي محسوس ڪيم ۽ ايراني جھاز جي چيف انجنيئر کي کلي چيم: ”يار اڪبر رڌڻو ڳولي لڌو اٿئي ۽ مانيءَ جو به اڄ هتي ئي بندوبست سمجهه.“
”اها توکي ڪيئن خبر پيئي_؟“ هن وائڙو ٿي پڇيو.
”بس ادا، ڪالهه تائين هن ’ٽوڪيو ريو‘ ۾ هيءَ ٻوڙ جي داڳ، بصر سڙڻ، مسالي پچڻ جي تکي خوشبوءِ _ يا بدبوءِ _ جيڪا سمجهين، نه هئي.“
”واقعي حق تي انگريز پاڻ کي ان رڌ پچاءَ تان گاريون ٿا ڏين. انگلنڊ ۾ جنھن به پاڙي ۾ پاڪستاني يا هندستاني رهن ٿا، ان پاڙي مان هو، مسالي سڙڻ جي ڌپ کان ڀڄيو ٿا وڃن.“
ڪمري ۾ پھچي ڪتاب ۽ بريف ڪيس رکي، بصر سڙڻ جي ڌپ کي فالو ڪندي رڌڻي ۾ پھتاسين جو اسان جي ماڙ تي ئي وڏو شاهي ٺھيل هو. پر پھرين رات دروازو بند هجڻ ڪري اسان کي خبر نه پئي هئي. پوءِ ته اها به خبر پئجي وئي ته ڪپڙن ڌوئڻ وارو کڏ ۽ هي رڌڻو ڪچھري ۽ گلا جا وڏا اڏا آهن، جتي هن سڄي ’ٽوڪيو ريو‘ جا مرد ۽ عورتون واندڪائيءَ ۾ اچيو ٿا گڏ ٿين.
پھرين ڏينھن ئي بورچيخاني جي سامهون واري ڪمري ۾ رهندڙ هڪ ٿلهي جپانڻ _ جنھن جو مڙس شپ يارڊ ۾ هڪ مرمت هيٺ جھاز جو ڪئپٽن هو، ۽ جپان جي ڏورانھين شھر ناگاساڪيءَ جا رهاڪو هئا، تنھن ڀت تي لڳل جپانيءَ ۾ لکيل نوٽيس ترجمو ڪري ٻڌايو ته مسالي جھڙي شيءِ سڙڻ وقت رڌڻي جا بلوئر (پنکا) هلائي ڇڏيو، جيئن سڀ ڌپ هيڏانھن هوڏانھن پکڙڻ بدران، ٻاهر مٿي آسمان ڏي نيڪال ٿي وڃي. ان کان علاوه ٻيون ڳالهيون جيڪي هن اسان کي وقت بوقت_ ذري گهٽ ڏهاڙي ٻڌايون، سي هيون:
1. رڌ پچاءُ کان پوءِ ديڳڙا ۽ ٻيا ٿانوَ ٿپا ڌوئي رکجو.
2. ڪِن ڪچرو اڇلڻ کان پوءِ دٻي جو ڍڪ ياد ڪري بند ڪري ڇڏيندا ڪريو.
3. رات جو ڏهين بجي کان پوءِ رڌ پچاءُ ڪريو ته در بند رکجو، جيئن چمچن ۽ ٿانون جي ٺڙڪن تي سندس ننڊ نه ڦٽي.
4. ٿانون ڌوئڻ وقت، ديڳڙن تي پھرين اسپنچ جو کھرو پاسو صابڻ سان هڻو، پوءِ ٻيو پاسو (جيڪو نرم آهي)، پاڻيءَ سان ڌوئڻ وقت هڻو.
5. چانھه جي پتي يا ٻيو اهڙو سامان ڪونڊيءَ جي سوراخ ۾ سڌو نه هاريو پر پلاسٽڪ جي ٽُونگن واري پتيلي جي معرفت هاريو، جيئن پاڻي ڇڻي وهي وڃي. باقي چانھه جي پتي يا کاڌن جا ذرا ان ۾ رهجي وڃن ۽ اهي ٻُھر جي دٻي ۾ اڇلجن. ائين ڪرڻ سان ڪونڊيءَ جي موري چوڪ (بند) نه ٿيندي.
6. ديڳڙا ڌوئڻ کان پوءِ ڪٻٽ ۾ سڌا رکڻ بدران اونڌا ڪري رکجن، جيئن انهن ۾ رهيل پاڻي نچوئجي وڃي. (خير، اسان هن جھڙي ته صفائي ڪري نه سگهندا هئاسين، جيڪا بيضو ترڻ بعد به ڪڻڇي ٽي دفعا ڌوئي، ڪپڙي سان اگهي، سڪائي رکندي هئي) _ جيتوڻيڪ اسان جو يار اڪبر ان هوندي به ان ڪڻڇيءَ کي پليت سڏيندو هو جو هوءَ صبح جو ان ۾ بئڪن (سوئر جو گوشت) تريندي هئي ۽ اسان پنھنجي اڌ گابري ڌوتل ڪڻڇي کي پاڪ سمجهندا هئاسين.
7. رڌ پچاءُ جو ڪم لاهڻ کان پوءِ باهه وسائي ويندا ڪريو.
آخري ڏينھن، جڏهن سندس مڙس جو جھاز ٺھي ويو ۽ هوءَ اسان واري هوٽل ’ٽوڪيو ريو‘ ڇڏي رهي هئي ته آخري انسٽرڪشن ڏئي وئي ته هي سڀ ديڳڙا، ٿانوَ، ڇريون هن هوٽل جون آهن پر ٻه ٿالهيون، پيالو (جنھن ۾ اڪبر منجهند جو سوپ ۽ رات جو کير پيئندو هو) ۽ ساسرون _ جيڪي ٿانو اسان پنھنجا يعني ’ٽوڪيو ريو‘ جا سمجهي استعمال ڪري رهيا هئاسين، سي سندس ذاتي آهن ۽ اڄ جيئن ته هوءَ وڃي پئي سو هوءَ پنھنجا ٿانوَ کنيو پئي وڃي. سڀان لاءِ اسان پنھنجو بندوبست پاڻ ڪريون. (تازو قلم: سُوپ ۽ کير کان علاوه اڪبر صبح جو چانھه به ان پياليءَ ۾ پيئندو هو.)
اڪبر سندس اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍي دل ۾ ڪئي ۽ کيس وڏي آواز ۾ دومو اريگاتو (مھرباني) چوڻ بدران، آهستي مون کي چيو:
”ٻيڙو غرق ٿئيس! رن پھرين ٻڌائي ها ته پاڻ سندس پليت ٿانون ۾ ته نه کائون ها.“
’ٽوڪيو ريو‘ جيڪا هوٽل، هاسٽل ۽ پيئنگ گيسٽ هائوس _ سڀ ڪجهه آهي، اسان جي جھاز ٺاهيندڙ شپ يارڊ جي ئي ملڪيت آهي ۽ ان ۾ فقط اهي ماڻهو رهي سگهن ٿا_ جپان جا يا ڌاريان، جن جو واسطو ان شپ يارڊ سان آهي. جيئن اسان نئون جھاز وٺڻ لاءِ آيا هئاسين ته ٻيا به چار کن جھاز: هندستان، سنگاپور ۽ ملايا وارن جا ٺھيا پئي ۽ ان جو عملو: هندستاني، چيني ۽ ملئي ماڻهو: آرڪيٽڪٽ انجنيئر، ڪنسلٽنٽ انجنيئر، انشورنس ڪمپنين جا ماڻهو رهيل هئا، يا اهي ماڻهو ۽ انهن جون فئمليون هيون جن جا جھاز ان شپ يارڊ ۾ مرمت ٿي رهيا هئا ۽ جھاز تي گوڙ هجڻ ڪري ٻارن کي ان هوٽل ۾ رکيو ويو هو. ڪجهه يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون، جن جو سبجيڪٽ نيول آرڪيٽيڪچر يا شپ ڪنسٽرڪشن هو ۽ مھيني کن جي پريڪٽيڪل لاءِ آيل هئا.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترن ملڪن جا ماڻهو، مختلف ڪمن لاءِ رهيل هئا، جن جي آخري ڏينھن تائين خبر پئجي نه سگهي ۽ ان ريت ٽوڪيو جي اوطاق_’ٽوڪيو ريو‘ سڄو سال رنگين ماڻهن سان ڀريل رهيو ٿي.