شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

هر مصنوعيت کان آجي ليکڪا: سلطانہ وقاصي: رکيل مورائي

سنڌي شاعريءَ تي هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن آزاد نظم کي شاعري سمجهڻ وارن کي ادب کان تهذيب کان ۽ مذهب کان ٻاهر جا الزام به مڙهيا ويا. ڇاڪاڻ ته انهن ڪن مغربي شاعراڻين صنفن تي لکڻ شروع ڪيو هو.
جيتوڻيڪ الزام هڻندڙن کان اهو سڀ وسري ويو هئو ته هو جيڪو ڪجهه پاڻ لکي رهيا آهن، اهو پڻ صنفي طور سنڌ جو ڪو نه هئو پر اڳتي هلي وقت اهو ٻڌايو ته اهو سمورو کٽراڳ ادب کان ٻاهر جو هئو، جنهن جو نه شاعريءَ سان واسطو هئو ۽ نه ئي ادب سان! تهذيب سان ۽ نه مذهب سان، وقت آڏو سچَ، وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ فتح ماڻي، قدامت پرستيءَ ۽ قنوطيت شڪست قبولي ورتي.
ائين ان وقت ۾ جنهن ادب ۽ سنڌي شاعري سميت اَپکنڊ جي شاعريءَ توڻي شاعراڻين صنفن کي ادب جي فورم تي تحفظ ڏنو، اهو ڪتاب سنڌ جي يگاني اديب ۽ عالم مولانا غلام محمد گرامي صاحب جو هئو، جنهن جو نالو آهي ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ ۽ مان ڀايان ٿو ته اسان جي ڏيهي شاعراڻي ادب تي اهڙو اهم ڪتاب اڄ تائين ٻيو ڪو به نه اچي سگهيو آهي. ٻين ڪتابن ۾ ڀل ٻيو گهڻو ئي ڪجهه آهي.
گرامي صاحب جي ڪتاب جي اهيمت اڄ ان ڪري اڃا به وڌي وڃي ٿي، جڏهن اسان وٽان فارسيءَ جا ڄاڻو گهٽجي رهيا آهن ۽ مٿيون بحث الڳ الڳ نظرين کانسواءِ اهو به هئو ته جن فارسيءَ جي شاعراڻين صنفن تي زور ٿي ڏنو، انهن فارسيءَ کان پوءِ ايندڙ ٻولين جي ڪِنِ صنفن کي شعر قبولڻ کان ئي نابري ٿي واري پر جيئن ته گرامي صاحب پاڻ به فارسيءَ جو دلداده هئو، ان ڪري سندس لکڻ مضبوط هئو ۽ ان پنهنجي لکڻ ۾ جيڪي حوالا آندا، اهي گهڻي ڀاڱي فارسيءَ جا هئا. ڪيئن به هجي اڄ اهو دور گذري چڪو آهي، مغرب جا ادبي (تخليقي توڻي تنقيدي) حوالا اوڀر ۾ پڙهجڻ لڳا ۽ انگريزيءَ جي معرفت اولهه جو جيڪو به ادب دنيا ۾ پهتو، ان دنيا ۾ ساڳي اهميت ماڻي ورتي، جيڪا اهميت ڪنهن وقت فارسي ٻوليءَ جي ادب کي هئي. انگريزي ٻوليءَ معرفت جيڪي نيون صنفون سنڌي شاعراڻي ادب ۾ داخل ٿيون، انهن مان آزاد ”نظم“ به هڪ صنف هئي، جنهن کي غزل لکندڙن شاعري ئي نه ٿي قبوليو. حيرت جي حد اها آهي ته جڏهن آزاد نظم به شاعريءَ طور قبول نه پئي ڪيو ويو، ان وقت ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ نثري نظم لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي سرحد جي هُن پار سٺ واري ڏهاڪي ۾ ئي سنڌي اديبن شاعرن نه فقط قبول ڪري ورتو هئو پر تيزيءَ سان لکڻ به شروع ڪيو هئو، جنهن جو باني هريش واسواڻيءَ کي قبوليو ويو آهي.
جيتوڻيڪ هند جي سنڌي نقادن اها ڳالهه به قبول ڪئي آهي ته هند ۾ پهريون نثري نظم/نئين ڪوتا، سنڌي شاعر گوورڌن ڀارتيءَ جي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”سينيٽوريم ۾ هڪ رات“ پوءِ به نئين ڪوتا جو پهريون ڪتاب لڳاتار نئين ڪوتا/نثري نظم لکندڙ هريش واسواڻيءَ صاحب جو ”چاليهه ڇاهتر“ (1976ع) آهي ۽ ان کي ئي ان جو سرجڻهار قبول ڪيو ويو آهي. سنڌ جي عورت ليکڪائن ۾ شايد اهڙي حيثيت محترمه سلطانہ وقاصيءَ جي جڙي پوي.
سنڌ ۾ سلطانہ وقاصي صاحبه جو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ (1984ع) نئين ڪوتا/نثري نظم جو هڪ اهم ۽ شايد ڪنهن به عورت ليکڪا جو پهريون ڪتاب آهي ۽ نثري نظم جو هڪ روپ آهي، اهڙو ئي ڪتاب محترمه پشپا ولڀ جو ”دري کان ٻاهر“(1985) به آهي. چڱي عرصي کانپوءِ اهڙو ئي ڪتاب سنڌي ادب کي ارم محبوب صاحبه، ”منهنجي ڌرتي “ (1991ع) ۽ ميڊم نور الهديٰ شاهه”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ“ (1992ع) ڏنو اڳتي هلي عطيه دائود صاحبه ”شرافت جي پلصراط“ 95-1994 ڏنو، جنهن جو مهاڳ مها ڪوي شيخ اياز لکيو، ڀل ان جي ٽيمپرامينٽ الڳ آهي، جيئن ميڊم نور الهديٰ شاهه جي ڪتاب ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ 1992 ۽ امر سنڌو صاحبه جي ڪتاب ”اوجاڳيل اکين جا سپنا 2014 جي ٽيمپرامنٽ جدا آهي. سنڌي عورت ڪوتا ڪارن ۾ هي ٽئي ڪتاب (سلطانہ وقاصي، پشپا ولڀ ۽ عطيه دائود جو) سنڌي ڪوتا جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهن، جيڪي اڄ به پنهنجي اهميت ۽ سڃاڻپ جو مرتبو برقرار رکي بيٺا آهن، پوءِ ايندڙ خواتين ڪوتاڪار هنن ڪتابن کي ڪراس نه ڪري سگهيون آهن، اهو سنڌي نقاد اڳتي هلي قبوليندا شايد!
سلطانہ وقاصي صاحبه ڪهاڻيون به گڏوگڏ لکڻ لڳي هئي، جن ڪهاڻين جي چونڊ تي ٻڌل هڪ ڪتاب ”جانور“ نالي سان به تازو ئي شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ سندس ٽيهه مختصر ڪهاڻيون آهن، جن جو تعارف محترمه تنوير جوڻيجو لکيو آهي، هنن ڪهاڻين جا ڪردار ماحول ۽ موضوع پڻ آس پاس جا ۽ مشاهدي هيٺ آيل آهن. ساڳي وقت ڪهاڻين جي ٻولي به سادي سلوڻي ۽ صاف شفاف آهي، ضرور نقادن جي قلم هيٺ ايندي، ڇو ته هي ڪهاڻيون پڻ هڪ اڀياس جون گهرجائو آهن.
وقت بوقت هُن ڪن اديبن تي علمي، ادبي ۽ شخصي/سوانحي خاڪا به لکيا آهن، جن کي سهيڙي هن هڪ ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنو آهي، جنهن جو نالو ”پنهوارن پاٻوهيو“ آهي.
هي لکڻ ان ئي ڪتاب جي حوالي ۾ آهي پر محترمه سلطانہ وقاصيءَ وچ ۾ جيڪو وڌيڪ لکيو آهي، اهي ڪالم آهن، جن کي هُن عنوان ڏنو آهي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“، جن ڪالمن کي سهيڙي چونڊي سوڌي سنواري سندس ٻن جلدن ۾ ڪتاب پڻ گذريل سال آيل آهن ۽ اڄ تائين هوءَ مسلسل لکي رهي آهي، جنهن ڪري هوءَ ڪنهن به مهم جوئيءَ يا شارٽ ڪٽ جو حصو نه بڻي آهي، مون کي لکڻ ائين گهرجي ته هن پنهنجي لکڻ ۽ پاڻ بابت جيڪو ادب ۾ شفافيت جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ کيس الڳ مرتبو ڏئي ٿو. هوءَ جيترو پنهنجي ويچارن ۽ ان جي اظهار تي يقين رکندي آهي، اوترو ئي پنهنجي شخصيت تي پڻ، ان ڪري سندس ادب ڪنهن ڪنهن موقعي تي مقدس پڻي جون حدون ڇهندو آهي، ان ۾ نماءَ جو ڪو به حصو نه آهي، خوشامد کيس لکڻ وقت اچي ڪانه، مهذبپڻو سندس آدرش آهي، اجائي رک رکاءَ کان هوءَ پري رهڻ واري آهي، هوءَ جيئن سوچيندي آهي، ائين ئي نهايت معصوميت سان اظهاريندي آهي، ان ۾ ڪيترو سچ آهي، ڪيترو غصو آهي، ڪيترو احترام آهي، ڪيترو پيار آهي، اهو سڀ نجو پجو ۽ ڪنهن به مصنوعيت کان آجو هوندو آهي، اهو سڀ اظهارڻ جو حوصلو اسان جي عورت ليکڪائن ۾ جيترو به آهي، انهن جي پهرين نالن ۾ محترمه سلطانہ وقاصيءَ جو نالو به آهي، اهو منهنجو يقين به آهي ۽ اعتماد به.
سلطانہ وقاصي صاحبه جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڄ تائين جيترو به لکيو آهي، اهو جن صنفن ۾ آهي، ان سڀ تي سندس ئي ڇاپ آهي، اها ڪيتري منفرد آهي، ڪيتري سادي آهي، ڪيتري معصوم آهي پر ان مان چهرو سندس ئي ظاهر ٿي رهيو آهي، اهڙو نج پڻو اڄ جي لکندڙ وٽ ڳوليو نٿو لڀي، ڌنڌلايل آهي، دونهاٽيل آهي ان ڪري اڄ جي غير شفاف ادبي ڪلچر جو حصو نه بڻي آهي، ۽ ان کان هوءَ ڪوهين ڏور رهي آهي.
سندس تازي ڪتاب ” پنهوارن پاٻوهيو“ ۾ آيل خاڪا پڙهي اهڙو اندازو هر پڙهندڙ ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس لکڻ ۾ ڪي به ٻوليءَ جا ڪرشما ڏيکاريل نه آهن، نه ئي جن شخصيتن تي هن لکيو آهي، انهن کي هن افسانوي بڻايو آهي، اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ ادب ۾ جيئن آهن، هن ڪتاب جي خاڪن ۾ به بلڪل ائين ئي آهي.
سندس خاڪن ۾ اهو سڀ ڏسجي رهيو آهي ته هن جن به اديبن، شاعرن ۽ عالمن کي جيئن ڏٺو آهي، جيئن پڙهيو آهي، جيئن محسوس ڪيو آهي، ائين ئي اظهاريو آهي، ساڳئي وقت هن جيئن پاڻ سچ لکيو آهي، ائين انهن شخصيتن جي سچ کي ثابت ڪرڻ لاءِ هن سندن ئي پاڻ بابت پنهنجو اظهاريل، حوالن طور کنيو آهي، جيڪي حوالا آهن، انهن شخصيتن جا انٽرويو، انهن ڪردارن جو سچ هڪ اهو آهي، جيڪو نج آهي ۽ ٻيو اهو آهي جيڪو سلطانہ وقاصي صاحبه پاڻ محسوس ڪيو آهي، وچ ۾ اهڙو ڪو به شخص نه آهي، جنهن کي اسين شاهد طور وري وري پيش ڪندي لکندا آهيون ته فلاڻي خان هيئن چيو/لکيو آهي يا هونئن لکيو آهي. اول آخر يا ان ڪردار جو سچ آهي يا لکندڙ جو سچ آهي پوءِ اوهان سچ کي پيش ڪرڻ لاءِ ڀل ڪيترائي منصوعي لباس ان سچ کي پارايو يا هن کي اصل صورت ۾ رهڻ ڏيو! اهو هنن خاڪن جي لکجڻ جو وڏو ۽ ڳڻائڻ جهڙو سچ آهي. ان ڪري هن ڪتاب جي ڀيٽا ڪنهن به اهڙي ڪتاب سان نه ڪرڻ جڳائي جيڪو ڪتاب نثر جي اعليٰ افسانوي پد تي بيٺو هجي.نهايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيل هيءُ خاڪا جيڪا نجي سونهن ۽ سادگي پنهنجو پاڻ ۾ سانڍي بيٺا آهن اُها ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. اڄ جي ادب جي سڃاڻپ گهڻن رنگن واري ڪئنواس تي ڦهلجي گهڻ رنگي ضرور ٿي آهي، پر هر رنگ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڏئي ائين گهٽ ئي ٿي رهيو آهي، جنهن کان محترمه سطانه وقاصيءَ جو مجموعي نثر ۽ خاص طور هي ڪتاب ”پنهوارن پاٻوهيو“ ڪوهين ڏور آهي، اهڙي حاصلات ادب ۾ ماڻڻ هر لکندڙ جي نصيب ۾ نه هوندي آهي. شرط اهو به آهي ته جڏهن ڪو به پورهيو ڀٽائيءَ جي لفظن ۾، من ۾ محبت رکي ڪجي ٿو ته پوءِ اهو اڻ توريو اگهائجي ٿو وڃي، ان ڪري پنهنجي هر ڪم ڏانهن نيڪ خواهش بنهه ضروري آهي. ان سموري عمل ۾ مُهم جوئيءَ جي ڪا به گنجائش نه آهي، جيڪا محترمه سلطانہ وقاصيءَ جي ڪڏهن به ويجهو نه آئي آهي، اهڙي ثابتي سندس سنڌي ادب جي ڪيل رستي وارو سفر ڏئي رهيو آهي، جيڪو هن هڪ ايماندار اديب طور ڪيو آهي ۽ اڃا سندس اهو سفر جاري آهي.
سندس هن ڪتاب ۾ ويهه خاڪا آهن جن مان پهريون خاڪو سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ تي ۽ آخري اسان جي گهڻ رُخي لکندڙ هدايت بلوچ صاحب تي آهي، وچ وارا ارڙهن خاڪا سنڌ جي انهن شخصن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي آهن جيڪي سچ پچ نئين سنڌ جي اڏڻ واري سفرجا مسافر رهيا. پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري، هڪ سئو ٽيويهن صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جو مُهاڳُ/اَمهاڳُ/تاثر/ رايو ليکڪا سڀ پنهنجي پاران لکيو آهي، اهڙي ڪنهن به بار کان آجي هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر آفتاب ابڙي صاحب لکيو آهي. ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي ۽ ان جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي.
**

(نئين آس مئگزين ڪراچي فيبروري/مارچ 2020ع)