شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

مون زماني کان پنهنجي زندگي گهارڻ جو حق کسي ورتو آهي: سلطانہ وقاصي

زندگي بس گذري وئي، ڪيئن گذري. اگر اُن جو ويهي حساب ڪتاب ڪندس ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو جيون جو هي سفر. ها ائين ضرور چونديس ته مون اها ڪوشش ضرور ڪئي آهي ته مان بهتر ۽ سُٺي زندگي گذاريان، اُن ڪوشش ۾ مان ڪامياب به ٿي آهيان. اڄ کان ڪيترائي سال اڳ مون هڪ فيصلو ڪيو هو ته سلطانہ تو وٽ نه اکيون آهن نه ڪن آهن ۽ نه وري زبان اهو سڀ ڪجهه سوچي مان پنهنجي زندگيءَ ۾ برداشت جي حد تائين هر ڳالهه صبر سان درگذر ڪئي آهي. ها باقي ڪي اهڙيون ڳالهيون جيڪي برداشت نه ڪرڻ جهڙيون هيون، اُن لاءِ وڙهي به ضرور هونديس. هڪ عجيب فطرت آهي منهنجي ته جن کي مان نه ٿي وڻان يا وري جيڪي مون کي نه ٿا وڻن، انهن کان مان ڪنارا ڪش ٿي ويندي آهيان.خاموش ٿي ويندي آهيان. حالاڪه اها خاموشي منهنجي وجود کي جهوري ڇڏيندي آهي. ڪي اهڙا پيارا وجود هوندا آهن جن جي محبت ۽ واسطن جي ضرورت هوندي آهي. جن کان هڪ پل به الڳ گذارڻ مشڪل هوندو آهي، انهن کان پري رهڻ جو عذاب به مون ڀوڳيو آهي. سڄيون سڄيون راتيون ۽ ڏينهن مان انهن کي ياد ڪري ڳوڙها به وهايا اٿم. ڪڏهن ته اهڙو حال ٿي ويندو اٿم جو اها به خبر نه پوندي اٿم ته مان رستي تي هلان پئي، بس ۾ ويٺي آهيان يا شاگردن کي پڙهايان پئي.بي اختيار اکين مان ڳوڙها ڪري پوندا آهن. جو ڏسندڙ حيران ٿي ويندا آهن. هڪ دفعو بس ۾ ويٺي هيس اهڙي ڪيفيت ۾ ته هڪ عورت ٻي عورت کي چيو: لڳي ٿو ويچاري زماني جي ستايل آهي پر مان اُن کي اهو نه ٻڌايو ته مان پنهن جن جي ستايل ۽ ڏکايل آهيان.
ها سائين مان ڳالهه پئي ڪئي پنهنجي زندگي جي جيڪا مون سُٺي گذاري آهي. ٻه ٻار اٿم، انهن کي سُٺي تعليم، سُٺو ماحول ڏنو اٿم، دعويٰ ته نه ٿي ڪيان پر اُهو يقين اٿم ته اُنهن کي سُٺو انسان ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. نوڪري ڪندي آهيان، مزدور وانگر سڄو ڏينهن جسماني پورهيو ڪندي آهيان، پيسا بچائي ميلن جا ميل پنڌ ڪندي آهيان. مون کي پيسي جو قدر آهي. ڏهه هزار هجن يا ڏهه رپيا. بي مقصد ضايع نه ڪندي آهيان. لکڻ ۽ پڙهڻ جو بي حد شوق اٿم، زندگيءَ جي شروعات واري شعوري دور ۾ گهڻو پڙهيو اٿم، پر اُن کان پوءِ وقت جي گهٽ هجڻ سبب پڙهڻ جو وقت گهٽ ٿو ملي. پر جيڪو به ڪتاب هٿ چڙهندو آهي. اُن کي ضرور پڙهندي آهيان. لکڻ سان تعلق اڃا تائين نڀائيندي پئي اچان، لکڻ منهنجي ضرورت آهي، نه لکنديس ته مري وينديس.
ڪڏهن ڪڏهن ڪير مون کي چوندو آهي ته سلطانہ تون گهڻو لکين پئي يا گهڻو لکيو اٿئي ته مان حيران ٿي ويندي آهيان ۽ سوچيندي آهيان جيڪڏهن پنهنجي زندگي ايتري مصروف نه هجي ها، مون کي ڪير دال روٽي کارائڻ وارو هجي ها ۽ مان ڪمرو بند ڪري سُک سان لکندي پڙهندي هجان ها ته اڃا ڪيترو گهڻو لکان ها...؟ پر منهنجي لاءِ اهو سڀ خواب آهي. حقيقت ته اها آهي ته مان اهڙين حالتن ۾ ڪڏهن به نه لکي سگهان ها.
پي ايڇ ڊي ڪرن جي ڏاڍي خواهش اٿم. گهڻا سال اڳ حيدر بخش جتوئيءَ تي ٿيسز لکڻ شروع ڪيم، سنڌ يونيورسٽي ۾ پر وقت نه هجڻ سبب اڌ ۾ ڇڏيم پير حسام الدين راشديءَ تي لکڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ شيخ اياز جي وفات تي پڪو فيصلو ڪيم ته شيخ اياز جي پي ايڇ ڊي ڪرڻ واري مان پهرين عورت هوندس پر نه ڪري سگهيس. اهو وڏو ڏُک اٿم.
دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ نٽهڻ اُس ۾ پيرين اگهاڙي هلندڙ پنهنجي وجود جي همدرد ۽ دوست به مان پاڻ آهيان. پنهنجا ڏُک به مان پاڻ سان اوريندي آهيان ته خوشيون به پاڻ سان ملهائيندي آهيان. مان خوش قسمت آهيان جو مون کي سُٺا دوست ۽ همدرد به مليا آهن. انهن ۾ فهميده حسين ۽ انيس الرحمان، مهتاب راشدي، خير النساءَ جعفري، تنوير جوڻيجو، قمر شهباز، ارشاد فخر، ڊاڪٽر سابحان شيخ، انيس گهانگهرو، الطاف شيخ، افروز آربي، سحر ۽ امداد حسيني، هدايت بلوچ، انعام شيخ غفار تبسم، انور پيرزادو ۽ ٻيان انيڪ نالا آهن. جن کي مان پنهنجو سمجهندي آهيان ۽ اُهي به سڀ مون کي ڏاڍو پيار ڪندا آهن. ڪالمن جي حوالي سان اڄ جي نوجوان ٽهي مون کي ايترو ته مان ڏنو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ته مان حيران ٿي ويندي آهيان. ايترا لاتعداد نالا آهن. جن کي ڏسي منهنجيون اکيون ٺرنديون آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا منهنجو استاد ۽ رهبر آهي، علي احمد بروهي صاحب شفيق ۽ مهربان آهي،بس ايئن هنن سڀني ساٿين وڏن ۽ ننڍن جي وچ ۾ زندگي گذاري اٿم. مان مضبوط ارادن ۽ احصابن جي مالڪ آهيان. زندگي گذارڻ جو حق مون زماني کان کسي ورتو آهي، مان پاڻ کي وساري هن دنيا ۾ هلڻ جي ڪوشش ڪئي. ها هاڻ تازو ٻن ٽن ڏُکن مون کي جهوري ڇڏيو آهي. ڪجهه سال اڳ بابا ۽ امان ٻئي هليا ويا اڃان انهن کي نه وساري سگهي آهيان ته گذريل مهيني منهنجو ننڍڙو ڀاءُ نادر گذاريو ويو . نادر منهنجو ڀاءُ اُن جو ڏک اُن جي جدائي ناقابل برداشت آهي. نه زمانو ٿو وڻي نه ننڊ ٿي اچي، نه ئي پيٽ ڀري ماني کاڌي اٿم. مڃان ٿي وقت سان اُهو ڏُک به گهٽجي ويندو، پر مون کان منهنجو نادر ڪڏهن به نه وسرندو. آخر ته مان ڀيڻ آهيان. ڀائر ڏاڍا ٿي سگهن ٿا، ڀينر هميشه ڀائرن لاءِ دعاگو هونديون آهن. باقي جيڪي آهن جيئرا هجن جهان ۾. شل لڳين نه ڪوسو واءُ.
شروع ۾ لکيو اٿم ته مون کي زندگي جو حساب ڪتاب ناهي رکڻو، ڇو ته حسابن ڪتابن سان زندگي ڏُکي ٿي پوندي آهي. بس زندگي گذارڻي آهي ۽ مون بهرحال ڏاڍي سُٺي زندگي گذاري آهي.
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع)