سونن هٿن واري- سلطانہ: مهتاب اڪبر راشدي
سلطانہ کي ڏسندي منهنجي آڏو به اهو دهشت وارو سمنڊ سامهون تري ايندو آهي. پنهنجي قلم جي نوڪ سان ايتريون ته ڇوليون پيدا ڪندي جو پڙهڻ وارو پير نه جهلي ته هيٺان واري ايئن خاموشيءَ سان کسڪي ويندس جو خبر ئي نه پوندس. خبر تڏهن پوندي جڏهن خيال ۽ فڪر جو ڪو نئون نشتر سڌو اچي دل ۽ دماغ تي لڳندو.
سلطانہ وقاصيءَ جي قلم جي اها ئي خاصيت آهي پر سندس تاثير بلڪل جراح جي جراحي واري آهي. نشتر چڀندو تڪليف ڏيندو پر اُهو سڄو عمل مسيحائي جو ئي عمل هوندو. زخم کي ڦلوڙي ناسور کي صاف ڪري چاق چڱو ڀلو ڪرڻ جو عمل. سلطانہ ايئن ئي ڪندي آهي، گجگوڙ ڪندڙ، ڌرتيءَ سان عشق ڪندڙ، ٻوليءَ تي سر ڏيندڙ، اڙجي بيٺي ته بس اڙجي بيهي رهندي.۽ نفعي نقصان جي ڪٿ زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڪيائين. ڏوراپو ته انهن کي به ڪونه ڏنائين، جيڪي کيس پُٺي ڏيئي هليا ويا. زندگيءَ جي هر منزل تي پير کوڙي ائين بيٺي جو وقت ۽ حالتن جا تيز طوفان گرم ۽ سرد هوائون. کيس هڪ پل لاءِ به نه ڌوڏي سگهيون. هوءَ نرم ۽ آرام ده هنڌ تي مٿي هيٺان وهاڻو رکي سمهڻ واري عورت ناهي بلڪه سج جي اک کُلڻ سان جاڳڻ ۽ چنڊ کي سمهاري پوءِ سمهڻ واري محنت ڪش آهي.
سوچيندڙ دماغ حساس دل ۽ حالتن کي عمل جي تناظر ۾ تورڻ واري سلطانہ ڪنهن کان ڪا به اميد ئي ڪانه رکي. جيڪو ڪجهه ڪري پاڻ ڪري ٻيو ڪير ڪنهن جي لاءِ ڀلا ڪندو به ڇا آهي...؟
تتيءَ ٿڌي ڪاهڻ واري ، ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿي ويندس پر ڪنهن سان ملي سلڻ لائق ڪنهن کي سمجهي ئي ڪونه. بس هوءَ اهڙي ئي آهي. سڀ سهڻ واري ۽ درگذر ڪرڻ واري، پر زيادتي برداشت نه ڪندي ۽ وچڙي به پوندي. دل جي بيحد امير آ. سمنڊ جي سيني وانگر خزانن سان ڀريل سندس سينو آهي. خزانن سان ٽم ٽار سندس قلم سنڌ واسين جي ڏکن ڏوجهرن لاءِ ارپيل آهي. يا وري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ دوستن جي دوست، نڀائڻ واري، ساٿ ڏيڻ واري، ۽ پنهنجي روماسا ۽ امر لاءِ ساهه گهوريندڙ امڙ، باقي جڳ کي بيشڪ خبر نه هجي پر سندس ٻچن کي هن جي پل پل جي پروڙ هوندي. جو اُهي سندس صُبح ۽ شام جا گواهه آهن. سلطانہ ڪمزور ته ڪڏهن به ڪو نه هئي. وٽس سندس دماغ ۽ قلم جي طاقت هُئي پر هاڻي ته روماسا ۽ امر جون مضبوط ٻانهون کيس نصيب آهن.هڪ ڪامياب ماءُ جنهن طوفانن مان پاڻ کي ڪڍيو آهي. سا يقينن اطمينان ۽ سرخرو هئڻ واري ڪيفيت ماڻيندي هوندي. خوشي اٿم ته هوءَ منهنجي دوست آهي سونن هٿن واري سلطانہ! هيپي برٿ ڊي ٽو يو! خوش رهه آباد رهه.
(روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع)
**