شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سنڌي سماج جي اوسر ۽ زوالي نظام جا مدي خارج قدر: جامي چانڊيو

قابل احترام ڀيڻ سلطانہ!

توهان ڏانهن هي کليل خط لکڻ وقت منجهي پيو آهيان ته ڳالهين جي شروعات ڪٿان ڪجي؟ تمام گهڻيون ڳالهيون آهن جي آئون اوهان سان اورڻ چاهيان ٿو. ڳالهيون جيئن ته رڳو اوهان جي ذات سان لاڳاپيل ناهن، اُهي سنڌي سماج ۽ ان جي هاڻوڪين پيچيدگين متعلق آهن. ان ڪري ضروري ٿو سمجهان ته اُهي ائين ۽ اهڙي انداز ۾ ڪيان جيئن اُهي نه رڳو اوهان تائين پهچن پر عوام تائين پڻ.
ڪجهه عرصو اڳ مون اوهان جو هڪ مضمون عوامي آواز ۾ پڙهيو هو. جنهن ۾ اوهان سنڌ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي متعلق اوهان پنهنجي جذبن ۽ ڪيفيتن جي عڪاسي ڪئي هئي. اوهان جي اُن پُر اثر تحرير مون تي ايترا ته گهرا اثر ڇڏيا هئا جو مون اُن تي تفصيل سان قلم کڻڻ جو ارادو ڪيو هو. پر افسوس جو انهن ئي ڏينهن ۾ انڊيا ۽ نيپال جي دوري تي وڃڻ ڪري اهو ارادو ڪا عملي شڪل نه وٺي سگهيو. ڪالهه 23 سيپٽمبر 1990ع واري عوامي آواز ۾ اوهان جو مضمون ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ پڙهيم. اوهان پنهنجي گذريل مضمون وانگر هن ۾ به هڪ نهايت اهم معاملي/مسئلي متعلق قلم کنيو آهي ۽ مون کي پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته اوهان فرط جذبات کان بي قابو ٿي اهو مضمون لکيو ۽ پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن. جي سنڌي سماج جي ترقيءَ جي راهه ۾ حائل هڪ اهم مسئلي جي نشاندهي ڪن ٿا. اوهان جي هن مضمون ۾ به هڪ دعوت فڪر آهي. اوهان جو هي مضمون به سماج جي روشن ضمير، غيور ۽ باشعور ماڻهن جي ذهنن جي دروازي تي شعور جي دستڪ ڏني آهي. آئون سمجهان ٿو ته اسان جي اديبن کي روائيتي موضوعن کان هٽي ڪري اهڙن ڪارائتن موضوعن تي قلم کڻڻ گهرجي ۽ سوچڻ جون نيون راهون کولڻ کپن ته جيئن هن جمود ۽ بي حسيءَ جي بت کي پاش پاش ڪجي. اُن تي خيال کان مون ضروري سمجهيو ته اوهان جي ويچارن جي حوالي سان اوهان ۽ عوام جي آڏو هڪ صحتمند ۽ ڪارائتي بحث جو آغاز ڪجي، جنهن جو نتيجو يقينن بهتر نڪرندو.
منهنجي خيال ۾ ڏاڍو بهتر ٿيندو، جيڪڏهن اوهان جي مضمون ۽ ان ۾ اٿاريل نڪتن تي مان پنهنجا ويچار (جيڪي اوهان کان مختلف به ٿي سگهن ٿا) ترتيب وار پيش ڪيان.
1) اوهان ڏاڍي سهڻي ۽ احساساتي انداز ۾ اُن حقيقت جا پردا چاڪ ڪيا آهن ته اسان جي عورت ڪيئن نه ”پنهنجن“ جي وچ ۾ اوپري، غير محفوظ ۽ هيسايل آهي! اُها ڪيئن نه اسان جي مدي خارج ۽ غليظ تصورن، قدرن ۽ روايتن جي ور چڙهيل آهي...! مانواري ڀيڻ سلطانہ ...! ان حوالي سان مان اوهان جي خيالن ۽ احساسن سان سهمت هوندي به ان سڄي معاملي کي ڪجهه ٻي طرح ڏسان ۽ محسوس ڪيان ٿو. جيتوڻيڪ اسان جي سوچن ۽ احساسن جو محور ۽ مقصد ساڳيو آهي ۽ اهو آهي عورت زاد جي آزادي. آئون سمجهان ٿو ته بدقسمتي سان اسين سنڌي ماڻهو سائنس، سچ ۽ سونهن جي هن عظيم ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ به هڪ اهڙي غليظ، مدي خارج، اُڏوهي کاڌل ۽ عوام دشمن جاگيرداري سماجي سرشتي جي قدرن/روايتن جي بدبودار ۽ ڪوڙهيل سماج ۾ رهون ٿا، جنهن اسان جي قومي (سياسي، سماجي، اقتصادي، ثقافتي) اوسر جي عمل کي به سست، ڪمزور ۽ نستو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان بدترين سماجي غلامي جو ڀي سموري عوام سان گڏ سڀ کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪو شڪار ٿيو آهي ته ان جو نالو آهي سنڌي عورت. توهان جنهن مسئلي جي نشاندهي پنهنجي مضمون ۾ ڪئي آهي اها ته تمام وڏي ڳالهه آهي. پر مان سمجهان ٿو ته عورت اسان جي سماج ۾ ڌيءَ جي روپ ۾ هجي يا ماءُ جي روپ ۾، زال جي روپ ۾ هجي يا ڀيڻ ۽ محبوب جي روپ ۾ اها مرد ۽ انهن مٿي ذڪر ڪيل مدي خارج عوام دشمن جاگيرداري ڪلچر جي بدبودار قدرن جي بدترين غلام آهي. اُهي سڀ قدر ڄورن وانگر سموري عوام ۽ عورت زاد جي مجموعي مفادن ۽ اوسر جي عمل کي جهٽيا پيا آهن. اسان جي عورت پنهنجي چوڌاري سمورن گهيرن کي ٽوڙي جرئت ۽ بهادريءَ سان اڳتي وڌي به ٿي ته اُهي ازلي نظام جا بدبودار ۽ مدي خارج قدر کيس کوراڙيون ۽ بلائون بڻجي ڏنگين ٿا. سندس چوڌاري اُهي غلاميءَ جا مشڪوڪ ۽ بدنيت ۽ بدغمان نگاهن جا، الزام ۽ تهمتن جا، ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جا، ناانصافين ۽ محرومين جا ڪمتري جي احساس ۽ ڪوڙهيل روايتن جا اڪيچار گهيرا آهن. هوءَ هن جديد سائنسي ۽ ترقي يافته دور ۾ به سماج جي هڪ خودمختيار فرد بجاءِ هڪ ”جنس“ بڻيل آهي. اڃا به سنڌي عورت ”ڪاروڪاري“ جهڙي ظلم ۽ غير انساني رسم جو شڪار آهي. اڃا به اها رڍن ٻڪرين وانگر پيسن تي وڪامجي ٿي...! ان ڪري جنهن ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي، ان جو سماجي بنيادي اهو آهي، اسان جي جنهن قابل احترام ڀيڻ جو ذڪر اوهان پنهنجي مضمون ۾ ڪيو آهي ۽ جنهن ”احترام آدميت“ کان وانجهيل هڪ ڪريل ذهنيت جي ”سنڌي فرد“ جو ذڪر اوهان ڪيو آهي، اُهي ڪي رڳو ٻه فرد ناهن، پر هن سماج جا ٻه ڪردار آهن. اُهي علامتون آهن، پنهنجن پنهنجن مخصوص طبقاتي/سماجي پسمنظرن جون، جنهن ”سنڌي فرد“ جي دل ۾ نياڻيءَ لاءِ احترام ناهي، اهو ڪو رڳو هڪ “مخصوص فرد“ ناهي، اهو علامت ۽ اهڃاڻ آهي. انهي مٿي ذڪر ڪيل جاگيردار نظام جي بدبودار ۽ عوام دشمن قدرن ۽ روين جي، جن وٽ عورت ڪو سماج جو خود مختيار ۽ باعزت فرد هجڻ بدران رڳو هڪ “جنس“ آهي. جنهن کي هو، جنهن وقت ۽ جيئن به چاهين خريد ڪري سگهن.
اوهان جيئن ته باشعور سنڌي ليکڪ هئڻ سان گڏو گڏ هڪ استاد پڻ آهيو. ان ڪري اوهان کي ان معاملي ۾ فرق ڪرڻ کپي. آئون سمجهان ٿو ته اُهي سڀ مدي خارج روايتون ۽ قدر جيڪي هن وقت ڪنهن حد تائين اسان جي ثقافت جو حصو به آهن، اُهي اسان جي عوام جون پيدا ڪيل نه پر حاڪم طبقن جون پيدا ڪيل آهن ۽ اُهي انهن جي ئي مخصوص ڦورو ء۽ اصتحصالي طبقاتي مفادن سان لاڳاپيل آهن. حاڪم طبقن جي طبقاتي مفادن جي اها پوسل ئي آهي، جيڪا هنن عوام دشمن قدرن، روين جي جراسيمن کي جنم ڏئي ٿي. ان سان ئي مشروط آهن. ان ڪري اسان کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ته ڪو اسان جون روايتون ۽ قدر آهن، جيتوڻيڪ تاريخ جو ڳچ عرصو اُهي اسان تي مڙهجڻ ڪري اسان کانئن متاثر ضرور ٿيل آهيون، پر اساين اُن جا خالق ۽ نمائندا ناهيون، اُن ڪري آئون اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ڪندس ته ظالم اسين نوجوان نه پر اهو نظام، ان جا قدر رويا آهن ۽ جيڪي فرد سماج ۾ انهن عوام دشمن قدرن ، روين، مفادن جا امين آهن. اُهي اسان عوام مان ناهن جيئن سنڌ دوست هجڻ لاءِ اهو ئي ڪافي ناهي ته ماڻهو سنڌي هجي. اها ڳالهه آهي جيڪا اسان کي اتهاس جو طبقاتي اڀياس سمجهائي ٿو. جڏهن اسين چئون ٿا ته ”سنڌي ثقافت، تڏهن اُن جو مطلب هرگز اهو نه هجڻ کپي ته ڪو اسان کي پنهنجي سموري ثقافت، ريتن رسمن ۽ روايتن تي فخر آهي. نه هرگز نه! بلڪه ثقافت جا تمام گهڻا عنصر ته مورڳو عوام ۽ اُن جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ اقتصادي اوسر جي نه رڳو خلاف آهن پر اُن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. ثقافت جا فقط اُهي جُزا جيڪي عوام دوست ۽ ترقي پسند آهن. اسان کي انهن تي سچ پچ فخر ۽ ناز آهي، پر انهن مٿئين زوالي، مدي خارج ۽ عوام دشمن قدرن، روين، مفادن لاءِ نه رڳو نفرت ۽ ڌڪار آهي. پر ان خلاف سخت ويڙهه ۽ اورچ جدوجهد جي ضرورت آهي. مان گهڻو تفصيل ۾ نه ٿو وڃان پر مان اها ڳالهه واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته (سنڌي نوجوان) نه ته (اوهان جي چوڻ موجب) ظالم آهيون ۽ نه پنهنجي تحقيقي راهه ۾ رڪاوٽ، بلڪه ظالم اهو سرشتو آهي ۽ ان جا اُهي عوام دشمن قدر رويا ۽ مفاد آهن اُن ڪري اسان کي چٽيءَ طرح اُن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي تڏهن اسان جو تير صحيح نشاني تي لڳندو. مون کي احساس آهي ته اوهان نهايت حساس شاعر آهيو ۽ مضمون لکڻ وقت اوهان تي شاعراڻي ڪيفيت وڌيڪ حاوي ٿي ڏسجي. پيچيدگين کي رڳو شاعراڻا رويا به ته نه کپن. ان کي اهي ”ٻيا فهم“ به ته کپن. جن سان آزادي ۽ اوسر جي ”پرين“ کي پسي سگهجي. اُن ڪري خدارا ڏوهي ۽ ظالم سڄو سماج، قوم، عوام کي نه ٺهرايو وڃي، نه ته اهو تاريخ جي طبقاتي اڀياس جي ابتڙ ۽ حقيقتن جي منافي ٿيندو.
هن سڄي معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه جنهن هن خط، مضمون لکڻ تي مجبور ڪيو، اوهان کي يقينن انهن روين سخت صدمو ۽ ڏُک رسايو هوندو، پر مونکي اوهان جو مضمون پڙهندي محسوس ٿيو ته اوهان کي سخت مايوسي ٿي آهي. جيتوڻيڪ آئون سمجهان ٿو ته مايوسي پڻ ڪا قطعي ڪيفيت ناهي، اها به وقتي ڪيفيت آهي پر بدقسمتيءَ سان اُن جو ڪوبه نتيجو نه ٿو نڪري.
اها حقيقت آهي ته اسان يقينن پنهنجي تاريخ جي نهايت ڏُکن ۽ پيچيده حالتن مان لنگهي رهيا آهيون، يقينن اسان جي ترقي ۾ اهي (مٿي ذڪر ڪيل) ۽ اهڙيون هزارين رڪاوٽون آهن. اسان چوڌاري انيڪ گهيرن ۾ بند ۽ مختلف ٻنڌڻن ۾ سوگها ٿيل آهيون يقينن اسان جي اجتماعي جياپي ۾ اوسر جون واٽون بند ڪيل آهن/ڪيون پيون وڃن/ ٿي رهين آهن...! پر حقيقت جو اهو رڳو هڪڙو پاسو آهي. اها حقيقت يقينن آهي پر اڻ پوري ۽ نامڪمل حقيقيت آهي. حقيقت جا ٻيا پاسا هي به آهن، اسين رڳو پوئتي نه پر اڳتي به وڌي رهيا آهيون، اسين رڳو شڪستون کائي نه رهيا آهيون، پر فتحون به حاصل ڪري رهيا آهيون، اسين رڳو گهيرن ۽ دائرن ۾ بند نه آهيون پر اسين زندگي جي انيڪ شعبن ۾ اڳتي به قدم رکيا آهن. جن عوام دشمن سرشتي ۽ ان جي بدبودار ۽ ظالم قدرن، روين، مفادن جي اسان ڳالهه ڪئي آهي ته زوال پذير آهن. اُهي ته پنهن جي منتقي انجام ڏانهن وڌي رهيا آهن. تاريخ جو ايندڙ هر لمحو کين پستي ۽ تباهيءَ جي ڪُن ۾ ڪيرائي رهيو آهي. اُهي ڏينهون ڏينهن مُدي خارج ۽ ڪمزور ٿيندا پيا وڃن، ان جي جاءِ تي نوان ۽ اڳتي وڌندڙ عوام دوست ۽ ترقي پسند سماجي، ثقافتي، سياسي، ۽ اقتصادي قدر مفاد سگهارا ۽ مضبوط ٿي رهيا آهن. تاريخ اُن جي موت جي مهر هڻي ڇڏي آهي. دنيا ويهين صديءَ ۾ قدم رکڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. ۽ ان جا اثر لازمي طور انسان تي به پئجي رهيا آهن. اسين ڪي انساني تاريخ جا رڳو اُهي پهريان ماڻهو ٿورئي آهيون، جن انهن سمورين پيڙائن کي ڀوڳيو آهي. دنيا جي سمورين قومن، عوام انهن پيچيدگين ۽ پيڙائن کي ڀوڳيو آهي. ۽ انهن پيچيدگين منجهان ئي اڳتي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا گس ڪڍيا آهن. دنيا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي قومون/عوام آهن، جن انهن مدي خارج قدرن /روين کي دنيا جي عجائب گهر ۾ سوڙهو ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته فراريت ۽ مايوسيءَ جو ڪو به انت ۽ مثبت نتيجو ناهي. اُهي جمود ۽ موت جي علامت آهن. اسان کي پنهنجين پيچيدگين مسئلن ۽ مونجهارن ڏانهن يقينن نهايت سنجيده ٿيڻ گهرجي. انهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي نزاڪت جو احساس رکن گهرجي. پر مايوس نه ٿيڻ گهرجي. مايوسي ٻين سان نه پر پنهنجي پاڻ سان دشمني آهي. اسان لاءِ لطيف جو ورچي نه ويهڻ وارو فلسفو ئي تمام گهڻيون ڳجهارتون ڀڃي ٿو. عمر ۽ ويساهه ئي نه روحاني قوت جا سرچشما آهن، جي اُهي به مايوسيءَ جي ور چڙهي وڃن ته پوءِ ڪنهن به شئي لاءِ اتساهه جو ته تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. اتساهه ئي ته ترقي ۽ بقا جو جوهر آهي. اچو ته گڏجي ترقي ۽ بقا جي ان جوهر جو تحفظ ڪيون.

اوهان جو ننڍو ڀاءُ
جامي چانڊيو
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
**
(هلال پاڪستان سرتيون صفحو 26 نومبر 1990ع)