شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

روح ريجهي ٿو، من آ ماندو: ياسر قاضي

روشنين جي اونداهي شهر ۽ گاڏين جي دونهين ۽ فيڪٽرين جي آلودگيءَ کان وڌيڪ انساني ٻهروپ ۽ روين ۽ منافقين جي آلودگيءَ ۾ ويڙهيل وڏن ماڻهن جي شهر ۾ سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارين ۽ مصروفيتن کان پوءِ ، جڏهن ماڻهن سان ڳتيل بس ۾ چڙهان ٿو ۽ پگهر ۾ شل ٿيل سرير ڪجهه وقت ٽنگون ساهڻ کان پوءِ جڏهن ويهڻ جي جاءِ ماڻي ٿو ته هٿ جي ساڄي کيسي جي زپ کولي هڪ سائو ڪتابڙو ڪڍان ٿو ۽ پگهر ۾ پاڻي پاڻي ذهن تي هماليه جيڏو ٻوجهه هئڻ باوجود لاشعوري طور سلطانہ وقاصيءَ جو اهو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن “ کوليان ٿو. ۽ هڪ اڏول عورت جي عجيب ۽ مثالي زندگيءَ جا روپ نظمن جي دريچن مان ڏسي ۽ پسي ڪجهه پرائڻ چاهيان ٿو. اتفاق سان ڪتاب جو جيڪو صفحو سڀ کان پهريان کُلي آڏو اچي ٿو. انهيءَ تي لکيل نظم هر انهيءَ حساس شخص ۽ خاص طور حساس تخليقڪار جي سچي وارتا آهي.جيڪا ساڻس پيش ايندي رهي ٿي ۽ جنهن بابت انهيءَ واٽ سان لانگاهو ٻيا هزارين واٽهڙو محسوس ڪونه ٿا ڪن، پر اهو حساس ذهن ماڻهو دل تي سڌي تير وانگر ٿو ڀانئي. آپا سلطانہ به اهڙن ئي حساس تخليقڪارن مان آهي. جنهن روين جي ميٺاج تي به نير وهايا ۽ هي نظم لکيو ته:
واٽ ويندي،
صدر دواخاني جي اڳيان،
هڪ گهر جي دريءَ مان،
هڪ نيل چهري، سڏ ڪري مون کان پڇيو،
”واٽ از ٽائيم“
”ڪواٽر پاس نائين“
مان تڪڙ ۾ نظر وڌي ۽ هلي ويس،
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُن ئي رستي تي پُٺيان،
ڪُلهي تي رکيو ڪنهن هٿ ،
ڪنڌ ورائي ڏٺم،
اُها ئي پوڙهي ڪرسچن،
منهن ۾ انيڪ گهنج، ننڍڙيون گول اکيون،
گوڏي تائين فراق پيل،
ڏاڍي پيار مان چيائين” هائو آر يو“
”فائين فائين“
مون تڪڙ ۾ جواب ڏنو،
مان اُتي بيهي نه سگهيس،
تڪڙي تڪڙي هلي ويس،
واٽ تي روئي به ڏنم،
ڇو ته مان ،
اُن پوڙهيءَ جي اکين ۾،
پيار ۽ پنهنجائپ وارو انداز،
سهي نه سگهيس،
جيءُ جهُري پيو!!
ڏُک وچان دل ۾ چيم،
اي پوڙهي!!،
ڇو ڏٺئي مون کي پيار وچان!،
ڇا ڪندس تنهنجي پيار کي،
دُعا ڪر،
مون کي اُهي پيار ڪن،
جن مون کي نفرت کان سواءِ،
ڪجهه به ناهي ڏنو...!!
آپا سلطانہ جو هي نظم پورو ڪرڻ کان پوءِ ”دونهاٽيل درشن“ ڪتاب ته کُليل رهيو پر منهنجي يادگيرين جا ڪيئي ڪتاب تيز هوا جي زور تي کُلي ويا جن جي ميراجهڙن صفحن تي چٽيل ڪنهن دونهاٽيل چهرن جا درشن ڪرڻ لڳس ۽ ناصر ڪاظميءَ جي غزل وانگر ”عجيب مانوس اجنبي ٿا، مجهي تو حيران ڪر گيا وه“ ۽ مٿيون نظم ساڳيو تاثر پيش ڪرڻ لڳا. منهنجي آڏو يڪدم نواب شاهه جي “لال بلڊنگ“ بازار ۾ سدا منتظر بيٺل اُنهي ريڙهي وارن جون غم ۽ انتظار ۾ ٻڏل اکيون تري آيون.جنهن جي آڏو انهي شيشن واري عينڪ هئڻ جي باوجود سندس نيڻن مان انتظار، اوسيئڙو، بک ۽ منٿن جون هزارين ڌارائون نڪرندي نظر اينديون هيون، جن اکين سان هو هر ايندڙ ويندڙ ڏانهن اُن آسري ۾ ڏسندو هو ته من هو سندس ريڙهي تي رکيل سڙيل سُڪل ڪيلا خريد ڪري ۽ هو گهر وڃي پنهنجي منتظر ٻچن کي منهن ڏيکاري. آپا سلطانہ جو اهو نظم مونکي انهيءَ خوبصورت ۽ نوجوان نينگريءَ جو چهريو ياد ڏيارڻ کان به نه روڪي سگهيو جيڪا هيٺئين ڌڙ کان بلڪل معزور هُئي ۽ جڏهن کيس ايئرڪنڊيشن ڪوچ ۾ ٻن ڄڻن جي مدد سان چاڙهيو ويو هو. ۽ سندس اڌ موئل سرير ڪوچ جي گهٽيءَ مان مون ڀرسان گذريو هو ته منهنجي جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو هو ۽ خالق کان اُهو سوال ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس ڪانه ٿي هئم ته ”ههڙي خوبصورت پورٽريٽ نامڪمل ڇو؟؟ اُن نظم مون کي لاڙڪاڻي جو اُهو غريب اخبارن جو هاڪر به ياد ڏياريو جيڪو نائين ڏهين ڪلاس ۾ منهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ مون کي ادبي ڪتاب انتهائي رعايتي اگهه تي ڏيئي ساڻ اُن ڏينهن جي اخبار به فري ڏيندو هو ۽ ان ڏينهن ممتاز هوٽل لاڙڪاڻي ۾ هو انهيءَ ڳالهه تي روئي رهيو هو ته کيس مالڪ چپاٽ هڻي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، منهنجا نيڻ تنهن وقت سندس ڏڪندڙ هٿن ۽ قميص تي لڳل چتيءَ جي ٽاڪن ۾ اٽڪي پيا ۽ خوب برسيا. هي احساساتي نظم ڪيئن نه الڪرم اسڪوائر تي پنندڙ زارو زار روئندڙ پوڙهي فقيرياڻي ياد ڏياري يا صدر مان بس تي چڙهندڙ اُهو خوش باش نوجوان ياد ڏياريو. جنهن جو رشتيدار جناح اسپتال ۾ هو ۽ ايڏو بيمار هو جو پريشانيءَ مان هي شخص هلندڙ بس ۾ ڌڪا کائي رهيو هو ۽ نيٺ هي هيٺ ويهي رهيو هو ۽ جڏهن مون کيس سيٽ تان اُٿي مٿي ويهاريو ته سندس نينڻ مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا ۽ هو ٿورا مڃڻ شروع ٿي ويو. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”جيستائين اوهان جي اکين مان هڪ به لڙڪ وهندو رهي. اوهان مطمئن رهو ته اوهان جو احساس زندهه آهي، ڪنهن چيو:
حساس به ايڏو جو پرائي غم تي،
نيڻن مان وهيا نار غزل ويو سرجي.
يا لطيف سرڪار چيو: الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن!“
اهو احساس ئي آهي جيڪو اجنبيءَ لاءِ به سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. آپا سلطانہ وقاصيءَ جي سموري شاعري احساساتي ڀڄ ڊاهه جو مظهر آهي. سندس شخصيت احساس ميٺاس، پنهنجائپ، بي تڪلفي پيار پاٻوهه ۽ احترام جو مجموعو آهي. سندس عام گفتگو توڙي شاعريءَ ۾ سچن پچن جذبن جو اظهار به هن وٽ سنڌر سنئون آهن ۽ پيار جو مقرر ڪيل معياربه!
جنهن زندگي ءَ کي تو بڻايو هو،
زندگي،
اُتي تون،
فرشتو نه،
انسان ٿي رهه...
هونئن به ڳالهه اها اثرائتي هوندي جنهن کي بنا ڪنهن تنهيد ۽ تفصيل جي فقط اشاري ۾ چئجي ۽ اها پنهنجو پورو پورو اثر ڇڏي. سلطانہ جا مختصر نظم واقعي وڏي مفهوم وارا اونها آواز آهن. نفاست جو هي روپ ڏسو
پهڻ جهڙا ماڻهو،
گلن جي ڌڪ سان،
مري ويا.
يا پنهنجي ويراني، تنهائيءَ ۽ اداسيءَ جو هيءَ نظم هن نظم جي روپ ۾:
مان موهن جي دڙي جو کوهه..
هر آيل،
ڏول ڀري هٿن کي ڌوئي،
انسان جي اندر جو سچو سنگيت هنن سٽن کان وڌيڪ ڀلا ڪٿي ٿو ٻُڌي سگهجي.
منهنجو پاڇو،
تنهن کي ڇا سمجهايان،
مون ڇڏيو پيو وڃي،
منزل جي ڳولا ۾...
احساس جنهن کان زندگيءَ جو آغاز ٿيو اهو احساس ئي آپا سلطانہ جي دل ۽ قلم جي نوڪ مان نڪري پنا ڪارا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. جنهن ۾ ماڻهن (پڙهندڙن) جي جيءَ کي جهنجهڙيو آهي. بي حسن جي شهر ۾ رهندي سلطانہ جهڙي حساس شاعر جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪرڻ وارن لاءِ ڪيڏو سهڻو منظر چٽيو اٿائين:
تون مڌُر آلاپ،
پيو ٻڌين.....
مان ڌرتيءَ تان،
پٿر پئي چونڊيا...
۽ اها ڌرتيءَ تان پٿر چونڊيندڙ حساس شاعر سلطانہ ڪنهن شاعر جي غزل جي هن بند
آئون هيس گُمنام ائين جيئن
مڪليءَ جون بي نام مزارون.
وانگر معاشري جي اڻ برابرين زندگيءَ جي تلخين ۽ڏکن دردن تڪليفن کي بي نام مزارن ۾ دفن ڪندي وساريندي ٿي وڃي ۽ چئي ٿي:
اُهي قبرون
جن تي ڪو نه نالو آ...
اُهي سڀ منهنجون آهن.!!!
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي سومر 20 مئي 2002ع)