نثري نظمن جي اداس شاعره: غوث پيرزادو
اسان جي سماج ۽ ٻين انيڪ المين سان گڏو گڏ هڪ الميو اهو به آهي ته جيڪي شيون جيئن هونديون آهن. انهن کي ان صورت ۾ ناهي ڏٺو ويندو. هتي ڪي ماڻهو عظيم نه هوندي به عظيم ليکيا ويندا آهن. ۽ ڪي وري عظيم هوندي به اها مڃتا ماڻي نه سگهندا آهن، جيڪا کين ملڻ گهرجي.
سلطانہ وقاصيءَ شعوري دنيا جو هڪ اهڙو نانءُ آهي. جنهن کي ماڻهو هڪ ڪالم نگار ۽ اخبارن جي ادبي صفحن جي سرجيندڙ جي حوالي سان سُڃاڻين ٿا.
هوءَ ڪجهه سالن کان مسلسل عوامي آواز اخبار ۾ ڪالم ”ڳالهيون پيٽ ورن ورن ۾“ جي نالي سان لکيندي پنهنجي اندر جي احساس کي اظهاريندي پئي اچي. سندس ڪالمن جي خوبي اها آهي جو هوءَ نهايت ئي سادن لفظن ۾ اوچا خيال پيش ڪرڻ جي مهارت رکي پئي. ان ڪارڻ ئي پڙهندڙن جو هڪ حلقو سندس ڪالم دلچسپيءَ سان پڙهي ٿو. سلطانہ شايد ڄاڻي واڻي وڏا وڏا لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي، هتي ته ايئن ٿيندو آهي ته جيستائين شاعري، ڪهاڻي يا ڪالم ۾ اوهان عام ماڻهو جي سمجهه کان ٻاهر وارا لفظ استعمال نه ٿا ڪيو تيستائين سٺن ليکڪن جي قطار ۾ بيهڻ لاءِ اوهان کي ٽڪيٽ نه ملي سگهندي، پوءِ ڀلي اوهان ڇو نه کڻي ڪيڏو به اعليٰ خيال پيش ڪيو هجي. سلطانہ وقاصي ان قطار ۾ بيهڻ کان پاڻ پري رکيو آهي. هوءَ بنا ڪنهن پرواهه جي لکندي رهي آهي ۽ لکندي پئي اچي. ننڍي کان ننڍو واقعو به هن حساس ليکڪ جي من کي مروڙي رکندو آهي. ۽ پوءِ هوءَ ان کي نهايت ئي سادن لفظن ۾ قيد ڪري اسان اڳيان آڻي ڇڏيندي آهي.
صوفين وارو مزاج رکندڙ اسان جي هن شاعر ڀيڻ جو زور ان ڳالهه تي رهيو آهي ته پاڻ کي سڃاڻو ۽ پاڻ کي ڳولڻ جي جستجو ڪريو. هن جو خيال آهي ته سڀ کان پهرين اسان پنهنجي ميري من کي صاف ڪريون، جيستائين اسان پنهنجي اندر کي اجرو نه ٿا بڻائي سگهون ته پوءِ ڪيئن اسان ٻئي جي جيءَ ۾ جهاتي وجهي سگهنداسين. هن جي اظهار جو موضوع سنڌي ماڻهو ۽ سندن اندروني خاميون رهيون آهن. هن هڪ ڀيري پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته ڪنهن محفل ۾ هڪ وڏي سنڌي اديب سنڌي ٻوليءَ جي بقا واري سوال تي ڏاڍو جذباتي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو پر اتفاق سان هو جڏهن سندس گهر وئي هُئي ته اُتي اردو ڳالهائيندي ٻڌيو هئاسين. ۽ پوءِ اُن تي هڪ درد ڀريو ڪالم به لکي ڇڏيو هئائين.
سلطانہ وقاصيءَ جو هڪ ٻيو شاندار روپ آهي شاعر جو. سندس سڃاڻ آهي نثري نظمن تي آڌاريل مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ جنهن کي شايع ٿئي ڏهاڪو سال گذري ويا آهن. مجموعي طور تي سندس نظم انسان جي اندر جي ڀڄ ڊاهه جي عڪاسي ڪن ٿا. لفاظيءَ کان آري سندس اُهي نظم پڙهي اندر ۾ متل آنڌ مانڌ جو پني تي موجود هجڻ جو احساس ٿي ٿو.
سندس نثري نظم ”سڀاڻي لاءِ“ نهايت ئي متاثر ڪندڙ آهي. سڀاڻو جيڪو اميدن جو نشان هوندو آهي، جنهن جي آسري تي ماڻهو جبل جيڏن پهاڙن سان به مهاڏو اٽڪائي ڇڏيندو آهي، ڇالاءِ جو هو سمجهندو آهي ته سڀاڻي خوشيون منهنجيون منتظر هونديون سڀاڻي جي ٻَل تي ماڻهو اڄ جي جبلن سان جهيڙيندو آهي. سلطانہ به هن نظم ۾ اسان کي هڪ خوبصورت سُڀاڻو ڏيکاريو آهي. هڪ ٻئي مختصر نظم ۾ سلطانہ سنڌي ماڻهو جو پورو نقشو چٽيندي سندس واتان چورائي ٿي ته اسان ننڍڙن ماڻهن جون خواهشون به ڏاڍيون ننڍڙيون هونديون آهن پر انهن ننڍڙين خواهشن جي حاصلات لاءِ وڏي ويڙهه کان به ته نه ڪيٻائيندا آهيون. ڏُک اسان کي جهڪائي نه سگهندا. جيترا سُور ملندا. اسين ايترا ارڏا بڻجي وينداسين. هن نظم ۾ به جيڪا ڳالهه شاعر سنڌي سورمي کان چورائي آهي سان اها ته اسان جي لڙڪن کي هار جي علامت نه سمجهو اُن کي ته اسين مُرڪ سان ڀيٽيون ٿا. جيڪا مُرڪ اسان جي آزاديءَ جي علامت آهي. کيس يقين آهي ته اويل يا سويل اسان غلاميءَ جا زنجير ٽوڙينداسين ۽ جيجل جي سينڌ سنوارينداسين. هوءَ هڪ زماني جي ستايل کي هن معاشري جي پٿر هئڻ جي تصديق ڪرائي ٿي. ٻڌائي ٿي ته هتي ماڻهو پنهنجي ذات ۾ ايترو ته گُم ٿي ويو آهي، جو هو پاڻ کي ڀي ڳولي نه ٿو سگهي ته ڪنهن جا لُڙڪ ڪيئن اُگهي سگهندو. بهتر اهو آهي ته پنهنجي ٻانهن جي ٻَل تي رستو ٺاهڻ گهرجي. نه ته پهاڙن جهڙي بي درد لوڪ سان مٿو ٽڪرائي رتو راهه ٿيڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو. رڳو پنهنجي ئي دانهن جا پڙاڏا مقدر بڻجي ويندا.
شاعر هڪ آئينو ڏيکاري ٿي. جنهن ۾ انسان پنهنجو پاڻ سان پيار ڪندي نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ڪو طالب راتين جا اوجاڳا ڪري ٿو ڪنهن محبوب کي ڀاڪرن ۾ ڀريندي هڪ لطف ٿو محسوس ڪري ٻيو ته اُن لست حاصل ڪرڻ لاءِ ئي انسان هر دور ۾ تخت، تاج ۽ مال ملڪيتون قربان ڪندو رهيو آهي ظاهري طرح ته ماڻهو ٻي سان پيار ڪري ٿو پر حقيقت ۾ هو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت ماڻهو نفرت به پنهنجو پاڻ کان ڪري ٿو، هر ماڻهو ظاهري طور اهو ناهي جيڪو نظر اچي ٿو، ماڻهو پنهنجي مٿان خول چاڙهي اندر واريون بدصورتيون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
سلطانہ جي شاعريءَ ۾ پيار اڻ لڀ شئي آهي، جيڪا حقيقت به آهي، پر گڏو گڏ اها اميد به هن جي من ۾ سرگوشيون ڪندي نظر اچي ٿي، ته هڪ نه هڪ ڏينهن سنڌو ڌرتيءَ تي پيار جا ڪنول ڦٽندا ۽ هڪ سهڻو صبح هن ڏکويل ڌرتيءَ تي ضرور ٿيندو. هڪ هنڌ سندس وجود تي مايوسي ڇائنجي وڃي ٿي. کيس هر خوبصورت شئي ته نظر اچي ٿي پر ڌنڌلي ڌنڌلي ۽ جڏهن هوءَ سڀني خوبصورت شين کان منزل جو ڏس پُڇي ٿي ته ٺهه پهه جواب مليس ٿو ته ”وڃي سنڌوءَ ۾ ٻڌي مر“ جڏهن ته شاعر زندگيءَ جو علمبردار جيڪڏهن سماج کي مثبت روين ۽ قدرن کي پيدا ڪرڻو آهي، سماج کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته زندگيءَ سان پيار ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ مايوسيءَ کي هر حالت ۾ رد ٿيڻ کپي. هن جي هڪ نظم ۾ ماڻهوءَ جي ٻهروپيائي جو ذڪر هن ريت به ٿيل آهي.
هر قدم تي مليا
ڪيترائي خدا
سداسهڻا، ڳالهيون مٺيون
سوچون اعليٰ
پر
اوچتو ئي اوچتو
ظاهر ٿيو پوي
انهن جي اندر جو
ابليس.
نهايت ئي سادن لفظن ۾ شاعر هڪ طالب هي صدا بلند ڪري مطلوب کي سامهون نه اچڻ تي هيٺين ريت ڏوراپو ڏنو آهي:
تون سامهون
اچ يا نه اچ
اسان هريل آهيون
تنهائيءَ تي.
گهٽيل سماج جو پابندي کي ٿڏيندي جيڪڏهن ڪي به چاهيندڙ جيءُ جنمن ٿا ته اهو جيئري ئي گٽرن جي حوالي ٿي وڃي ٿو. يا گندگيءَ جي ڍير تي ڪُتا سندس ماس ڇڪيندا رهن ٿا. اُن صورتِحال جي اذيت ڪير ڀوڳي سگهندو، شاعر جا ٽهڪ به گهٽجي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن گندگيءَ جي ڍير تان نئين ڄاول ٻار جو سرد لاش ملي ٿو ته اهو گهٽيل سماج کي چئي ٿو سگهي ته ”کيس ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي آهي. مون ته اوهان جي خلاف ڪونهي ڳالهايو، مان ته اوهان تي دانهي عالمي ضمير کي جاڳائڻ جو حق محفوظ ٿو رکان.
جيستائين ماڻهوءَ جي پنهنجي من ۾ مانڌاڻ متل نه هوندو، تيستائين هو ٻئي جي درد جي گهرائيءَ کي نه سمجهي سگهندو. اها ئي انسان جي فطرت آهي. اسان کي هميشه دردن جا انبار پلئه پيا. پنهنجئي ئي ڌرتيءَ تي سالن جا سال ويڳاڻو ٿي رهڻو پيو آهي. ڌارين جون لوڌون هر دور ۾ مٿان ڪاهينديون آيون ۽ گوليءَ جي زبان ۾ گفتگو ٿيندي رهي ڏيهه واسين سان. ارغون هجن يا ترخان يا کڻي محمد بن قاسم جو سنڌ تي حملو هجي. سڀني سور ڏنا سنڌ وارن کي. گهڻو پري نه وڃجي ته هي مارشل لا جو يارنهن سالا اونداهون دور ته اڃان ڪنهن به نه وساريو هوندو. حق گهرڻ جي ڏوهه ۾ سنڌي ڳڀرُن جا بت جرنيلن جي بندوقن جو بُک بڻيا هئا. ٽامي جهڙي ڌرتيءَ تي رت ۾ وهنتل سنڌي سورما ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏيندا هئا، انهن سورن کي سلطانہ جڏهن شاعراڻو ويس ڍڪايو آهي ته دل ڌڙڪو وڌائي ٿي ڇڏي ۽ ساهه منجهڻ ٿو لڳي.
ڪوئل ايترو ڏاڍيان
نه ڪوڪ
ڏکن ۾ ڀريل آ
منهنجي ديس
وارن جي دل
هن هڪ نظم ۾ هڪ اٻهري انقلابيءَ سان مخاطب ٿيندي ڳالهايو آهي ته سر اڏيءَ تي رکي شهيدن ۾ نانءُ ڳڻائڻ ٿو چاهين پر اهو ڇو نه ٿو ڄاڻين ته جيئرو ماڻهو ئي ڪجهه ڪري سگهندو آهي. مئي جي ته مٽي به ڪم جي ناهي هوندي.
هڪ نظر ۾ شاعر منظر ڪشي ڪندي هڪ منظر ڏيکاري ٿي. جنهن ۾هتان جا هٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار هڪ انقلابيءَ کي هٿ ڪڙيون لڳايو وچ انبوهه مان گذرن ٿا ته هڪ آواز اڀري ٿو ته ”هي ڪير آهي؟“ ته بيٺل ماڻهن جو انبوهه هڪ آواز ٿي چئي ٿو “ هي ديس دروهي آهي، هن جاکوڙيو آهي، اونداهي سماج کي روشن ڪرڻ واري آزاديءَ جي ڏيئي جي حاصلات لاءِ“ شاعر پر اميد ٿي نظر اچي ته ماڻهن ۾ شعور اچي ويو آهي. هو پنهنجي محسن کي سڃاڻڻ لڳا آهن.
ڪنهن ڌارئي جي گولي جسماني طور ته زخم پهچائي سگهي ٿي، پر سندس روح کي رهنڊ به نه ٿي اچي سگهي، پر پنهنجي پيارن جو ڏاڍيان ڳالهائڻ به کيس هانءُ ۾ ٽُنگ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ من ماندو ٿي پوندو آهي. ان مٿئين ڳالهه کي سلطانہ اهڙن مختصر لفظن سان جنم ڏنو آهي جو پڙهندڙ خود بخود اُداس ٿيو وڃي.
پهڻ جهڙا ماڻهو
گلن جي ڌڪ سان
مري ويا.
**
(تخليق ادبي صفحو، روزاني عوامي آواز ڪراچي، ڇنڇر 12 نومبر 1994ع)