سلطانہ وقاصي ڪميٽيڊ ۽ حقيقت پسند شاعر: عزيز قاسماڻي
هِڪ جِئَن کُورِي کانئيان، ٻيو ڌُوڌي مَنجهه ڌڳَنِ
اڃان گهَارنِ، هيڙي رَکِئا مچ کي.
(شاهه لطيف)
حقيقت پسندي هن دور جي ضرورت آهي، هن وقت تمام ٿورڙا بلڪه آڱرين تي ڳڻڻ وارا اديب جيڪي حقيقت پسند آهن، حقيقت پسندي کي پسند ڪرڻ وارن جو تعداد نه آهي پر حقيقت پسند هجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
لاڙڪاڻي ڄائي سلطانہ وقاصي پنهنجي زندگي ۽ ادب ۾ هميشه حقيقت پسندي واري نظريي سان هلي ٿي. جنهن وٽ ماٺ رهڻ وارو منحوس لفظ پيدا ئي نه ٿي سگهيو آهي. ڀاڳ تي بيهي رهڻ وارن ماڻهن مان به ناهي. هن ڪرب واري دور ۾ سلطانہ وقاصي جهڙا انسان بنهه نه هجڻ جيترا آهن. جيڪي وڏي واڪي سچ چئي ڏين. جڏهن به سوچي ٿي ته پاڻ سڀ ڪجهه هجڻ واري سوچ کي ڇڏي ان کان اڳتي سوچڻ لڳندي آهي. هن جي سوچڻ جو انداز به نرالو آهي. جنهن ۾ ڪيئي سڀاويڪ، مڌر ۽ چنچل حقيقتون آهن. وقت جي رفتار کي روڪي نه ٿي سگهي پر هُن جو ڌيان هن طرح ڇڪرائي وٺندي آهي.
”ڌڻ واري،
ننڌڻڪي سنڌ،
جنهن جا والي ته آهن،
پر وقت جي پيچرن تي
باسجندا آهن.
انهن جي ضمير کي جاڳائڻ لاءِ شاهه لطيف جا شعر اهڙي طرح هن مضمون ۾ آندا اٿس جو ڌڻي هوندي به پاڻ کي ننڌڻڪا ٿا سمجهن جو ڪنڌ کڻڻ جي لائق به نه ٿا سمجهن. هن جي سمورن ادبي ڪالمن ۾ هڪ سُرت ڀري ڳالهه سلوڻي انداز ۾ ٿيل آهي. جنهن جا پيرا حقيقت ڏانهن ويندا هجن ٿا.
شاهه لطيف سان هن جو بي انتها انس آهي هن جي هر ليک ۾ هن وٽ رفرنس ۾ شاهه جو شعر آهي ۽ سنڌ امان جي جهوليءَ ۾ تاريخ جي پختي تاريخ نويس هن سپوت جهڙو ڪو ٻيو ڪو به شاعر نه آهي جنهن کي پنهنجي تاريخي حيثيت سان ڳڻائي سگهجي.
سلطانہ وقاصي جيتري نثر ۾ پُختي آهي، اوتري ئي پُختي شاعريءَ ۾ آهي. هڪ نظم جيڪو هن ئي نئين ڇپيل ڪتاب ”سوال“ ۾ موجود آهي.
”ڪيوليءَ جو ڏُک“
ڪيترائي سال اڳ،
هڪ ڪيوليءَ مون کي،
چڪ هڻي زور سان چيو،
مان هاڻي ڪراچيءَ جي،
رت ڀريل رستن تي هلي نه ٿي سگهان،
توهان بي همت آهيو...
بي لڄا، بي شرم آهيو!
مون کي وٺي هلو،
سڳوري عدالت ۾،
مان سڀن کي ٻڌائينديس،
ته هي رت وهائڻ وارا،
ڪير آهن؟
توهان بي شرمو وڃي ٻُڏي مرو!!
هي نظم ناهي گار آهي هن سماج جي اڻبرابريءَ تي. پر هي سماج برابر ڪٿي آهي؟ سماج پنهنجي خمير ۾ٿيندو ئي اڻ برابر آهي. جنهن کي برابر ڪرڻ جي لاءِ جيڪي سوچيندا آهن، انهن کي چريو سمجهيو ويندو آهي. ڇا سماج کي تبديل ڪرڻ وارا چريا هجن ته پوءِ اُن سوچ کي بدلائڻ هن حقيقت پسند اديب کي پيدا ٿيڻ گهرجي.
هن جي نظمن ۾ درد چوماسي مينهن وانگر آهي. درد پنهنجي وجود ۾ ايترو ته ڀاري آهي، جنهن جو وزن ڪير سنڀالي نه سگهندو آهي، سوچ لوچ درد هن جي نظمن جي داخلي اظهار جو وسيلو آهي. درد هن وٽ قوم جو آهي. درد هن وٽ قومي شعور سان ڀرپور آهي، هن وٽ درد آهي ديس جو هن جي شاعري فڪري ڌارا ۾ ڏاڍي پُختي آهي، جنهن ۾ پنهنجي قومي ڏينهن سميت هن ديس جي انهن سڀني ڪردارن سميت، حيدر بخش جتوئي، محترمه بينظير ڀُٽو سميت سنڌ جو هر اهم امر ڪردار جنهن کي تاريخ جي سيني ۾ جاءِ مليل آهي، اُن کي نه وساريو آهي. هن جي نظمن جا عنوان ئي پنهنجي فڪري ڌارا ۾ حسين ڌرتي رکن ٿا. هي نظم حقيقت پسنديءَ جي فڪر ۾ انمول آهي، جيڪو پڙهڻ مان ضروري سمجهان ٿو.
”اڄ جو مرثيو“
هو جا مومل هُئي،
ڪاڪ محل جي،
راڻيءَ کي سڌاري نه سگهي.
هوءَ جا مارئي هئي ملير جي،
عمر جي فطرت مٽائي نه سگهي.
هوءَ جا سهڻي هئي، سنڌ ڌرتيءَ جي،
ميهار کي ڪناري تي بيهاري وئي.
هوءَ جا نوري هُئي ڪينجهر جي،
تماچي کان پاڻ بچائي نه سگهي.
هوءَ سسئي هئي ڀنڀور جي،
مري سڀني کي مات ڏئي وئي.
اُن جي وڃن کان پوءِ حيف آ توکي،
او راڄ ڌڻي؟
سنڌ تي تو ڪارنهن ملي ڇڏي.
ايڪهين صديءَ ۾ جيڪي شاعرائون منظر عام تي آهن، انهن ۾ سلطانہ وقاصي پنهنجي شاعراڻي اسلوب سان سڃاتي وڃي ٿي. هن ڏهاڪي ۾ لکندڙ سنڌي عورتن تي جيڪي الزام سوزد آهن انهن مان ڪيترن کي بچائي سگهبو، اهو فيصلو ته وقت ڪندو، جيڪي شهرت جي لالچ ۾ اچي ڪتابن جا ڪتاب مرد حضراتن کان تحفن ۾ وٺي پنهنجي نالي سان ڇپرائڻ ۾ عار نه ٿيون سمجهن. محترمه سلطانہ وقاصي انهن نام نهاد ليکڪائن لاءِ مثال آهي. جنهن جو نثر توڙي نظم پنهنجي اسلوب ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان سينگاريل آهي. جنهن وٽ هڪ فطري سگهه آهي ۽ فن به آهي. جنهن جي شاعريءَ جا ڪردار ۽ موضوع پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳيل آهن.
سلطانہ وقاصي هڪ باشعور اديب ۽ شاعر آهي.
**
(روزاني ”صدقو“ لاڙڪاڻو آچر 16 اپريل 2017ع)