درد جي ديس جي فاتح: سلطانہ آپا: ياسر قاضي
مون کي آپا سلطانہ (يا اهڙن ٻن ٽن ماڻهن جن سان گهٽ گڏ رهندي به گهڻي ويجهڙائپ آهي.) کي ڏسي فراز جون هي سٽون نسورو ڪُوڙ لڳنديون آهن:
آنکھ سے دور نہ ہو دل سے اتر جائیگا،
وقت کا کیا ہے، گذرتا ہئے گذر جائیگا۔
آپا سلطانہ سان منهنجي آمهون سامهون پهرين ملاقات 90 ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي هُئي، خط و ڪتابت جو سلسلو اُن کان به اڳ جڙيو هو ۽ سندس نالي سان وابستگي انتهائي ننڍپڻ ۾ ئي ٿي هُئي، جڏهن اسان جي گهر جي لائبريريءَ ۾ آپا جو شاعريءَ جو مجموعو ”دونهاٽيل درشن“ پهريون دفعو آيو. مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ جڏهن آرٽ سان رغبت جي اظهار طور اُڀتيون سُڀتيون تصويرون ٺاهڻ شروع ڪيون هيون. تڏهن شروع شروع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي، بينظير ڀُٽو ۽ سلطانہ آپا جي اُها تصوير منهنجي پهرين تخليقن ۾ شامل هيون، جيڪا سندس ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ جي پويان ڇپيل آهي. جيڪا مون پينسل ڪلر ۾ ٺاهي هئي. اُها تصوير اڄ به منهنجي رڪارڊ ۾ موجود آهي. اڄ جڏهن مان اُنهي ٻالڪپڻي واري معصوم رغبت بابت سوچيان ٿو ته منهنجي آپا سان انهيءَ وقت جي انهيءَ اڻ ڄاتل تعلق تي پيار ٿو اچي. ڇو ته تڏهن سندس مقام منهنجي نظر ۾ فقط هڪ شاعر ۽ ليکڪ وارو هو. پر اڄ جڏهن هو مون لاءِ وڏن وانگر احترام جو مقام رکي ٿي ته سوچان ٿو ته آپا سان منهنجي ننڍپڻ واري اُها پنهنجائپ بي جا نه هُئي.
جڏهن مون عقل جون منزلون اُڪريون جڏهن شعور ۽ آگهيءَ جو اُهو وکر پلئه پيو جنهن مون کي هن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وکريل اڪيچار دردن کي پُرجهڻ جو گيان ڏنو. تڏهن مون محسوس ڪيو ته اُهي شاعر، جن تي غير (Non-Practical) هئڻ جو الزام لڳندو آهي. انهن جي قطار ۾ آپا سلطانہ وقاصي به بيٺل آهي. جنهن سموري زندگي عورت جي مضبوطي ۽ اڏولتا ۽ متحرڪ هئڻ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي، جنهن پنهنجي اک حيدرآباد جي اهڙي وڏ گهراڻي ماحول ۾ کولي، جتي کيس ڪک ٻيڻو ڪرڻ جي به زحمت نه ڪرڻي پوندي هئي. ۽ چئن پنجن ڏهاڪن ۾ سندس جيون ۾ اهڙا انقلاب آيا، اهڙيون تبديليون آيون، جو هن زندگي۽ جي هر درد جو ذائقو چکي ڏٺو، ۽ جيون جو ڪوبه اوکو باب هن لاءِ اوپرو نه رهيو. هن زندگيءَ جا اهڙا وهه جا وٽا پيتا.جو وٽس زندگيءَ جي خوشين جو قدر سو سيڪڙو موجود آهن. هن ڏٺو ته وڻجارا ڪهڙي ريت چيئن تي چاڙهي جوڀن ڏينهن ۾ سفر سنبهي اوهيري هليا ويندا آهن. ۽ پوءِ ڪڏهن به ناهن ورندا. هن ڀٽائيءَ جي سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊيءَ جي هر بيت جي اکر ۾ موجود درد جي هر رنگ کي اکين سان پسيو، دل سان چکيو ۽ ذهن سان محسوس ڪيو آهي. ان ڳالهه جو احساس آپا سلطانہ کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي هوندو ته زمانو ۽ اُنهي زماني ۾ پنهنجا جڏهن بگهڙن جي وچ ۾ اڪيلو وچ سير ۾ ڇڏي ويندا آهن ته ڪيئن نه وقت جون ويرون اڪيلي ٻُڏندڙ تي حملي آور ٿينديون آهن. هن اُهي سڀ حقيقتون اکين سان ڏٺيون ۽ سٺيون، جيڪي فقط خيالي افسانن جا موضوع ئي هوندا آهن. ۽ ڪنهن آئيڊيل ڪردار کي وڏو ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ساڻس لاڳو ڪيون وينديون آهن. آپا سلطانہ اڪيلي سر پنهنجي ٻن ٻارن جي مستقبل جي ڏڍ تي هن ظالم معاشري سان سچي سورمي جيان مقابلو ڪيو، هن جمعي بازار تان ان ۽ اٽي جون ٻوريون گهلي پنهنجي گهر تائين پهچائڻ، ٻاڄيون ڀُتيون وٺڻ، ٻارن جي ضرورت جون شيون، ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺڻ کان وٺي، ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ ۽ واپس وٺي اچڻ تائين جون اُهي سڀ ذميواريون نڀايون، جيڪي ٻارن جي لاءِ سندن پيءُ کي پوريون ڪرڻ گهرجن. آئون ته حيران ٿيندو آهيان ته اهو سوچي ته هن وحشي معاشري ۾ آپا سلطانہ اڪيلي عورت ٿي ڪري ڪيئن مهاڏو اٽڪايو آهي، ڪيئن نه اڏول ۽ مضبوط بيٺي آهي دنيا جي ظلمن ۽ ستمن جي آڏو!!
سلطانہ وقاصيءَ جون لکڻيون سندس زندگيءَ جي تلخ تجربن جون ترجمان آهن. هن جڏهن پنهنجي نثر ۽ نظم ۽ سچائيءَ جا رنگ اوتي لکيو ته لوڪ جي دل جي تارن کي ڇيڙي ڇڏيائين. هن ڇڏهن ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ڪالمن ۾ پنهنجي اوکي جيون جي سچن واقعن جا عڪس اتاريا. تڏهن پڙهڻ وارن جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي پيا. هن جڏهن پنهنجي نثري نظمن ۾ پنهنجين وارتائن جا مختلف روپ چٽيا ته حساس دلين کي لرزائي ڇڏيائين. آپا سلطانہ جون لکڻيون پڙهي پڪ ٿيندي اٿم ته جڏهن سچا رنگ ڀري درد جي تصوير ٺاهجي ٿي ته اها ڪيئن نه دلين جا ساز ڇيڙي ٿي ڇڏي.
اسان توڙي جو جيون جي مُني صديءَ به پوري ناهي ڪئي ۽ عقل واري سفر جا ته ٻه ڏهاڪا به ناهن پورا ڪيا، تڏهن به ماضيءَ جون ڪجهه تلخ يادون جيءَ جهوري ٿيون وجهن. ۽ جڏهن ڪنهن اهڙي نغمي جي مخصوص ڌُن ٻڌون ٿا جيڪا ڪنهن خاص واقعي سان منسوب ٿيل آهي ته هانءُ ڏري ٿو پئي ته سوچيان ٿو ته آپا سلطانہ جو دُکن جو تلخين سان ڀرپور هيڏو سارو جيون ۽ اُن جيون جو ڳڻن کان تلخ يادون کيس ڪيئن سُک سان ساهه کڻڻ ڏينديون هونديون. تڏهن ته هوءَ ٽي ويءَ تي ”رٺا ئي رهن، پر هجين حياتي...“ جا آلاپ ٻڌندي، سراپا سارنگ بڻجي ويندي آهي. ۽ ڄڻ ته سندس يادگيرين جي ڇت سمهي پوندي آهي. **
(روزاني عوامي آواز ڪراچي، اڱارو 20 مئي 2003ع)