شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

هڪ عورت جي جدوجهد جي ڪهاڻي: ڊاڪٽر فهميده حسين

ستر واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ اُهي ڇوڪريون جيڪي مون کي ”سُگهڙين سٿ“ ذريعي خط لکنديون هيون ، پنهنجا ليک موڪلينديون هيون ۽ مون سان هر طرح جو سهڪار ڪنديون هيون ۽ جيڪي پوءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سبب تخليقي ادب ۾ پاڻ مڃائي ويون، انهن مان نورالهُديٰ شاهه، تنوير جوڻيجو، عطيه دائود يا سلطانہ وقاصي سان پوءِ به ڪيتري وقت تائين ساٿ رهيو. جن مان سڀني کان وڌيڪ ويجهڙائپ، دوستي ۽ ڀينرن جهڙو تعلق سلطانہ وقاصيءَ سان رهيو آهي. سلطانہ وقاصيءَ سان غائبانه تعارف يا قلمي ڏي وٺ ته هئي پر ساڻس ملاقات کي به ادبي حوالو آهي. ٿيو ايئن جو مان ”سگهڙين سٿ“ ۾ ليکڪائن جي انٽرويوئن جو سلسلو شروع ڪيو ته سڀ کان پهرين ڪهاڻيءَ جي خاتون اول ثميره زرين جو نالو تجويز ٿيو. پر مون وٽ سندس ائڊريس نه هئي، منهنجي ڀيڻ انيس ڳالهه ڪئي ته منهنجي ڪاليج ۾ هڪ ڇوڪري پڙهندي آهي، انور سلطانہ جي نالي سان ان کي سنڌي ادب سان گهڻي دلچسپي آهي، سو ٿي سگهي ٿو ته اُن وٽان ائڊريس ملي پوي... پوءِ هڪ ڏينهن مون کي ٻڌايائين ته ثميره زرين اڪرم سلطانہ جي گهر جي ويجهو ٿي رهي، سو چوي ٿي ته منهنجي گهر اچجو ته توهان کي وٽس وٺي هلان، اسين مقرر ڏينهن تي لطيف آباد ۾ اڪرم جي گهر ويون سين، وڏو شاهي بنگلو، جنهن جي پورچ ۾ نئين ماڊل جون گاڏيون بيٺيون هيون. چوڪيدار نوڪر چاڪر، گهر اندر نوڪرياڻين، بورچاڻين جي لانڊ کي منهن ڏئي اسان ٻئي ڀيڻيون اندر پهتيون سين، اڪرم تڏهن هن ٻڌايو ته سلطانہ وقاصيءَ جي نالي سان لکندي آهيان. پوءِ ويڇو ئي ڪونه رهيو جو اسين اڳ ئي قلمي دوست ته هيونسين. هو پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هلي. سهڻو سجايل ڪتابن سان ڀريل ڪمرو هيس ۽ زميداراڻي نموني جي رهائش هين. جنهن ۾عورتون/وڏيرياڻيون پاڻي به اُٿي ڪونه پين... اسان کي ٿڌو پياريو ۽ پوءِ نوڪرياڻيءَ کي چيائين ته ڊرائيور کي چئو ته گاڏي تيار ڪري اسان کي وڃڻو آهي. اسين گڏجي ثميره زرين جي گهر ويون سين، جيڪو ساڳئي گهٽي ۾ ڪجهه گهرن کان پوءِ هيو پر هوءَ اسان کي گاڏيءَ ۾ وٺي وئي. بهرحال ايئين ثميره زرين جو ڀرپور انٽرويو وٺي آيون سين.... ان پهرين ملاقات کان پوءِ اسين اڪثر فون تي ڳالهائينديون هيون سين. اچڻ وڃن گهٽ هو جو اُن کي گهر کان ٻاهر گهڻو نڪرڻ جي اجارت ڪانه هئي. پوءِ شادي کان پوءِ آئون ڪراچي مستقل شفٽ ٿي ويس ۽ اُهو فون وارو تعلق به ختم ٿي ويو. سالن کان پوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ هڪ ڀيري ڪنهن ادبي گڏجاڻي ۾ ساڻس ملاقات ٿي. ۽ پوءِ ٻيهر اُهو تعلق فون تي تعلق قائم ٿيو.... پر هن جي دنيا بدلجي چڪي هُئي، هوءَ وڏگهراڻي زندگي گذارڻ واري، موٽرن، ڪارن ۾ هلڻ گهمڻ واري، نوڪرن چاڪرن جي خدمت جي عادي، تحفظ واري ماحول ۾ رهندڙ گهر مان بنا اجازت ٻاهر نه نڪرندڙ ڇوڪري زندگيءَ جي اهڙي موڙ تي بيٺي هئي، جتي هوءَ جيڪب لائينز هڪ هيٺين وچولي طبقي جي آبادي ۾ هڪ ننڍڙي فليٽ ۾ پنهنجن ٻن ننڍڙن ٻارن سان اڪيلي سر رهندي هئي، پيرين پنڌ هلندي جيون کي سفلتا ڏيڻ لاءِ نوڪري ڪري گذارو ڪري رهي هئي. اُهو هڪ وڏو انقلاب هو. ڪنهن وڏي طوفان هن کي پنهنجي محفوظ گهر مان کڻي اچي هتي ڪراچيءَ جي غير محفوظ ماحول ۾ اڇليو هو. هوءَ روزانو ٻارن کي اسڪول ڇڏيندي، پيرين پنڌ يا بس ۾ ڌڪا کائيندي نوڪري ڪرڻ ويندي هئي، واپسي ۾ پنهنجي گهر لاءِ ڀاڄي ڀُتي وٺندي، ٻارن کي اسڪول مان وٺندي، گهر اچي پنهنجي ۽ هنن سان پاڻ رڌي پچائي کارائيندي هئي.هن کي زندگيءَ جي هڪ وڏي حادثي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو، پر هن ۾ ٻن شين جيئڻ جو ساهس پيدا ڪيو. هڪ سندس اولاد ۽ ٻيو سندس تعليم. ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ هن پنهنجي پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو، ۽ تعليم جي زيور ان کي ان قابل ڪيو هو جو هوءَ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ سينٽ جوزف ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿي هو انهن معصومن جي مستقبل لاءِ بهتر نموني سوچي سگهي. هن زندگيءَ ۾ پنهنجن پراون طرفان جيڪي به ڏُک سُور بيوفايون ۽ منافقيون مليون، هن اُنهن کي پنهنجي سيني ۾ سانڊي پنهنجي قلم جي قوت بڻايو. ۽ شاعري، ڪالمن ۽ ليکن ذريعي پنهنجي اندر جي اوٻر ڪڍي پان کي زنده رکيو... اهو ظاهر جو ذريعو ڄڻ ته هن لاءِ ڪٿارسس جو عمل هئو. جنهن هن اندر کي اجرو ڪري ڇڏيو... هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد پنهنجي اولاد جي بهترين نيپاج ۽ تعليم کي بڻايو ۽ ڪراچي جي بهترين اسڪول، ڪاليجن ۽ پروفيشنل ادارن ۾ کين پڙهايو. سوين سهولتون هئڻ باوجود سندس انهن شاهوڪار سيڻن سڄڻن مان ڪنهن جو ٻار آءِ بي اي ۾ نه پڙهي سگهيو، جن هن کي وچ سير ۾ ٻڏڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو هو، پر هن جي پُٽ اُتان ايم بي اي ڪئي آهي. ۽ سندس ڊاڪٽر ڌيءَ هن وقت جناح هاسپيٽل ۾ هائوس جاب ڪري رهي آهي. هن وقت هو گهڻي قدر مطمئن ۽ آسودي آهي ۽ ڪلفٽن جي پوش علائقي ۾ رهي ٿي. ۽ سڀ ڪجهه ان اڪيلي سر ڪيو. اها هڪ هيڪلي عورت جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي! هڪ اڪيلي عورت کي دنيا ۾ ڇا ڇا نه ٿو ڏسڻو ۽ ٻڌڻو پوي... پر هن پنهنجو دامن بچائي رکيو. ۽ پنهنجي تعليم کي پنهنجو هٿيار بڻائي، پنهنجي قلم کي پنهنجي ڍال بڻائي هوءَ دنيا سان مقابلو ڪندي اڄ سُرخرو آهي... ۽ اُها عورت منهنجي دوست آهي، جنهن هڪ اهڙو رشتو قائم ٿي ويو آهي جو هر طرح جي ڏُک سُک ۾ اسان هڪ ٻئي سان شامل حال هونديون آهيون ۽ ماڻهو اسان جي ٻارن کي ڪزن چوندا آهن. اتفاق اسان ساڳين ادارن ۾ پڙهڻ جي ڪري هو به پاڻ ۾ دوست ٿي ويا آهن. منهنجي دعا آهي ته شال اهي جلد پنهنجي علمي زندگيءَ ۾اهڙي مقام تي پهچن جو کين زماني جي بي رحم هٿن ۾ اڪيلو ڇڏيندڙ سمورا ڪردار کين پنهنجو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن، ۽ ماڻهن کي ٻڌائين ته هي اسان جا ٻار آهن... پوءِ هي ٻار کين سڃاڻڻ ۽ پنهنجو ڪرن کان انڪار ڪري ڇڏين. ”جيئن اڳ ۾ انهن سان ٿيو هو“ لڳي ته اها فلمي خواهش ٿي، جنهن ۾ اهڙو شاعراڻو انصاف ”پوئٽڪ، جسٽس“ ٿيندو آهي. پر سچ ته سلطانہ جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به بنا ڪنهن فلمي ڪهاڻي جهڙي آهي. جنهن ۾ ڪيئي اڻ ٿيڻيون ٿينديون آهن. ۽ ٿيڻيون ڪونه ٿينديون آهن... سچ ته اهو هڪ باهمت عورت آهي. هڪ سُٺي ليکڪا آهن، هڪ مثالي ماءُ آهي ۽ هڪ خاص مخلص دوست آهي!!
**

(روزاني عوامي آواز ڪراچي، اڱارو 20 مئي 2003ع)