نامور ليکڪا سلطانہ وقاصيءَ جون ڳالهيون پيٽ ورن ۾: رکيل مورائي
اهو به سچ آهي ته سندس ان ڪتاب کان پوءِ سندس ڪو ٻيو ڪوتائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ نه آيو، البته سندس پاران لکيل جيڪو مواد مليو سي هئا ڪالم، جن جو عنوان هئو، ” ڳالهيون پيٽ ورن ۾“.
شاهه سائين جو ان سٽ سان لکيل الڳ الڳ ڪالم، ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جي اهڙي ميڙي چونڊي آهي، جيڪا هن سڄي ڄمار سانڊي آهي ۽ هاڻ اها ڪتابي صورت ۾ ٻن عاليشان جلدن ۾ ظاهر ٿي آهي.
پڪ سان سلطانہ وقاصيءَ صاحبه ايترو گهڻو لکيو آهي جيترو ڪن ٻه ٻن ڪتاب اچڻ کان گهڻو آهي، تنهن ڪري هن پنهنجي لکڻين مان چونڊ ڪري ، ڪي اهم ڪالم هنن ڪتابن جي ٻن جلدن ۾ اسان کي آڇيا آهن، سندس ڪوتا کان ڪالمن جي سفر تي لکڻ لاءِ ته گهڻائي پنا کپن، پر هت سندس ڪالمن جي ڪتاب تي ڪي اکر جيڪي سندس ڪالمن کي ٻين ڪالمن کان الڳ ڪري بيهارڻ جي ڪوشش ۾ آهن.
هر حساس اديب/عورت جيان ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جيڪي ڀوڳيو آهي اهو ئي اظهاريو آهي، شخصي طور مون کي لڳو آهي ته هن جو ڀوڳيل، جيڪو اظهار پائي ٿو اهو اصل ۾ ڪهاڻيءَ جو اظهار آهي، ڪالم شخص جي ٻاهر جو اظهار آهي، پر ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جا ڪالم هن جي اندر جي وارتا به ٻڌائي ٿا وڃن. جيڪو ساڻس گذري ٿو. سندس ٻولي ايتري سولي آهي، جو ڪو به پڙهندڙ سندس اظهار کي ويجهو محسوس ڪري ٿو. ها البته ڪڏهن سندس لکڻيءَ ۾ سندس اکين جا ڳوڙها به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جيڪي ڪو به ليکڪ هونئن ته جڳ کان لڪائيندو آهي پر، سندس تخليق اُهي لڪائي نه سگهندي آهي.
“ڳاهيون پيٽ ورن ۾“ ڪتاب جي ٻن جلدن ۾ ڪيترائي اهڙا ڪلام آهن، جن ۾ ليکڪا جو اٻاڻڪو اظهار ۽ سماجي دٻاءُ جي بيوسي آهي، ڪيترن ڪالمن ۾ هن جو غصو آهي، ڪيترن ۾ ادبي مامرا، انهن تي تنقيدي راءِ سان گڏو گڏ ڪي سُجهاءَ پڻ ڏنل آهن جيڪو ليکڪ جو نهايت شفي پاسو آهي. سنڌيءَ ۾ تخريب بابت لکڻ آسان بڻجي پيو آهي، تعمير بابت ڏکيو آهي، پر ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ وٽ تعميري سُجهاءُ آهن. هوءَ پنهنجي تخليق سان گڏ سنڌ کي، ان جي سماج کي، نئين سر اڌڻ جي آشا رکندڙ آهي. هن کي سنڌ عزيز آهي پر وڪڻڻ جي مراد سان نه، اڏڻ جي مراد سان.
هن سنڌ بابت جيڪي ڪالمن ۾ اظهاريو آهي اهو جذبي جي سچائيءَ سان آهي، جذبو جيڪو جذبات کان الڳ هوندو آهي، هونئن اسان وٽ جذبات ئي آهي، جنهن سنڌ کي سنڌي ٻوليءَ کي ۽ سنڌي ادب کي مسلسل نقصان ئي ڏنو آهي.
جيڪڏهن اهو قبول ڪجي ته ليکڪ پنهنجي لکڻيءَ ۾ موجود هوندو آهي ته پوءِ ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ پنهنجي سموري وجود ۽ ٻاجهه سميت پنهنجي لکڻين ۾ موجود آهي، سندس ٻاجهه ڀري شخصيت ۽ معصوم ٻوليءَ انهن مڙني لکڻين ۾ موجود آهي. جيڪي شخصي حوالي ۾ لکيون ويون آهن، يا ادبي حوالن ۾ لکيون ويون آهن، سياسي توڻي سماجي حوالن ۾ لکڻ لاءِ جيڪا ٻولي گهرجي ٿي اها الڳ آهي.
وڏن سان احترام وارو ۽ ننڍن سان ٻاجهه وارو سڀاءُ رکندڙ اسان جي ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ جو هيءَ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ شايع ٿيو آهي، گهڻي وٿيءَ کان پوءِ اڄ جي لکندڙ نسل مان شايد ئي ڪن نوجوانن ”دونهاٽيل درشن“ ڪتاب پڙهيو هجي، ممڪن آهي ته ڪن ڏٺو به نه هجي.
ڇا به هجي، سندس گهڻي وٿيءَ کان پوءِ آيل ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ پڪ سان ادبي حلقي ۾ پنهنجي حصي جي آبرو ماڻيندو، ڪتاب نه رڳو پڙهيو ويندو، پر اُن تي لکيو به ويندو، جيتوڻيڪ اسان وٽان ڪتاب پڙهي ان تي تڪڙو ڪجهه لکڻ جو اتساهه موڪلائي ويو آهي، جنهن عمل اڄ جي پڙهندڙ کي به ڪنهن حد تائين مايوس ڪيو آهي. پر لکندڙ لاءِ پنهنجي اندر جي تسڪين اهم هوندي آهي، جيڪا ئي هن کان لڳاتار لکرائيندي آهي، جيئن ڀيڻ سلطانہ وقاصيءَ کان لکرائي رهي آهي، ڪنهن به ليکڪ جو لکڻ، اُن جو جيئڻ آهي ۽ پڪ سان هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي جيئڻ جا به ڪي عڪس آهن. گڏو گڏ سنڌي ماڻهن کي جيئن جا گس پڻ ڏيکاريل آهن. هڪ ليکڪ جو ڪم اتي پورو ٿئي ٿو، اتان کان اڳتي پڙهندڙن ۽ ان مان پرائيندڙن جو ڪم شروع ٿئي ٿو.
ڇهه سئوٻاهتر صفحن تي ٻڌل ڪتاب جي ٻنهي جلدن جو ملهه ست سئو رپيا آهي. ڪتاب امبر پبليڪيشنز ڪراچيءَ پاران ڇپيو آهي. ڪتاب بابت الڳ الڳ حوالن ۾ ڪن ناميارن ليکڪن جا پڻ ڪجهه صفحا شامل آهن، جن جا نالا آهن، ڊاڪٽر فهميده حسين، هدايت بلوچ، زرار پيرزادو، ارشاد قمر ۽ محمد سليمان وساڻ وغيره. ٻڌي ليکي پڙهڻ جهڙو ڪتاب ۽ سانڍڻ جهڙو ڪتاب نالي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“
**
(آچر 12 اگسٽ 2015ع)