شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

مزاحمتي شاعر ۽ ليکڪ: سلطانہ وقاصي: نواز ڀٽو

جڏهن به سلطانہ وقاصيءَ جو نالو ذهن تي اچي ٿو اُن وقت ڪنهن نازڪ عورت جا عڪس اکين آڏو ڦرڻ بدران هڪ اهڙي ارڏي عورت جو ڪردار آڏو اچي ٿو، جنهن هميشه قلم جي تيز ۽ تکي ڌار سان معاشري جي بدبودارن ڪردارن جي چهرن تي پيل نقاب کي ڇڪي لاٿو آهي. جڏهن به ادب سان جڙيل ڪنهن به عورت جو نالو اچي ٿو ته چوڻ وارن جي واتان پنهنجو پاڻ اهو نڪري ٿو ته ”ها هن عورتن جي حقن بابت مٿس ٿيل ظلمن، زيادتي ۽ نااصافي خلاف زبردست لکيو آهي.“ پر سلطانہ وقاصي بابت اهو نه ٿو چئي سگهجي، هن جي تحرير جو محور رڳو عورت ناهي رهي هوءَ ته اها ليکڪ آهي، جنهن ناانصافي، اڻبرابري، ڌاري يلغار، قومي بقا تي به لکيو آهي ته هن مارئي جو سڏ به ورنايو آهي ته هن سنڌ جي سورن تي به قلمي ويڙهه ڪئي. محترمه شهيد بينظير ڀُٽو جي شهادت تي هن قلم کنيو ته هن جا لفظ به ماتم ڪرڻ لڳا، فرانس جي سفات خاني ان جو فرينچ ۾ ترجمو ڪري اُن تي ٽيبلو پيش ڪيو. جنهن ۾ هر اک آلي ٿي ويئي.

اي سج! اڄ تون نه اڀرجان!

اکيون کُليون ٿڌو ساهه ڀريم،
رات جو پويون پهر،
هلڪو ڦُلڪو پکين جو آلاپ،
خاموشي ۾ ڪنهن ويل، هلڪو ڌماڪو!
وڃي بيٺس دريءَ وٽ،
هٿ مٿي کڻي عرش ڏي ڏٺم!
اندر مان سُڏڪن ڀريل آواز نڪتم
اي 28 ڊسمبر جا سج!
اڄ تون نه اڀرجان!
ڪجهه خيال ڪجان، ڪجهه حيا ڪجان!
ڇو ته اڄ سنڌ جي ماروي، سهڻي،
ٻاگهل ٻائي، نوري
سنڌ جي راڻي، سونهن جي شهزادي
اڄ توکي نه ڏسندي، اڄ هوءَ ساهه نه کڻندي!
اي 28 ڊسمبر جا سج!
اڄ تون نه اُڀرجان!
ڇو ته جي تون اُڀري پوندين!
ته پوءِ تنهنجي الهڻ جي وقت تائين
سنڌ جي راڻي جيڪا چنڊ وانگر
سنڌ ڌرتيءَ تي چمڪي پئي.
هلي ويندي گُم ٿي ويندي.
مڻن مٽي جو هيٺان لٽجي ويندي.
اي 28 ڊسمبر جا سج!
مان هٿ ٿي ٻڌانءِ ۽ پيرين ٿي پوانءِ!
اڄ نه اڀرجان! اڄ نه اڀرجان!

هن ٻٽي بلدياتي نظام خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪئي، ايستائين جو هوءَ اديبن ۽ دانشورن سان گڏ پنهنجي قومي فرض کي محسوس ڪندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو اچي پهتي.
سلطانہ وقاصي رڳو شاعري وسيلي پنهنجو مزاحمتي يا انقلابي ڪردار ناهي ادا ڪيو، هن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جا سور ڳالهائين ٿا، هن جا ڪالم مظلومن جي سڏڪن، پيڙائن ۽ اذيتن جا داستان بيان ٿا ڪن، توڙي جو سلطانہ وقاصي بهترين ڪالم نگار آهي پر هن جي سڃاڻپ هن جي شاعري آهي، هن ارڏي عورت جو انداز بيان ته ڏسو.

جيتريون ننڍڙيون خواهشون اسان جون،
اوترا! ننڍڙا ماڻهون اسين،
جيترا گهڻا غم اسان کي،
اوترا! ارڏا ماڻهو اسين،
لُڙڪن کي به مُرڪ ٿا ڀانيون،
پيار به اسان جو پُور به اسان جا،
اسان کي نه پرک او پاپي،
وقت جا واچوڙا آهيون،
ويل وقت جي واڳ ورائينداسين،
چوڏهينءَ جي چڙهيل وير آهيون.

هن جو قلم جيترو بيگم نصرت جي موت تي رُنو ايترو ئي هو هر سنڌياڻيءَ ۽ هر سنڌي ۽ هر انسان جي بي مهلي موت تي پنهنجي لڙڪن کي مس طور استعمال ڪري ٿي ۽ جڏهن سندس جذبا لفظن جو لباس پائي ڪوري ڪاغذ تي ظاهر ٿين ٿا ته سڄو ماحول سوڳوار ٿي وڃي ٿو.
تون مان ۽ هو سڀ هن،
چوواٽي تي بيٺل هيڪل،
وياڪل هڪ ٻئي کان پري،
محبت پنهنجائپ،
احساس، ڪجهه به ته نه رهيو،
پوءِ به اسان سڀ هن،
چوواٽي تي؟ ڏسون ته ڪير،
ٿو هن چوواٽي تان هٽي،
ڪير ٿو پنهنجي واٽ مٽائي:
ٿي سگهي ٿو هيءَ واٽ،
مٽائڻ واري مان ئي هجان.
سهپ ۽ برداشت جي قوت،
هڪ حد کان پوءِ،
جواب به ته ڏئي ويندي آهي.

مان سمجهان ٿو ته سلطانہ وقاصي اها قومي مجاهد آهي، جنهن کي اسين سالن کان ڪنهن نه ڪنهن محاذ تي وڙهندي ڏسي رهيا آهيون.هن جي هر تحرير مان اهو محسوس ٿو ٿئي ته هو ڄڻ ڌرتيءَ جو قرض لاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هجي، پر اهو قرض ته اهو قرض آهي، جيڪو ضرب به ٿيندو آهي پر ڪٽ جو قانون هن تي لاڳو نه ٿو ٿئي.
تون...
مڌر آلاپ،
پيو ٻڌين،
مان ڌرتيءَ تان
پٿر پئي چونڊيان...!
شيخ اياز کي مرشد مڃيندڙ سلطانہ وقاصي جنهن جو اصل نالو اڪرم سلطانہ آهي. 20 مئي تي سنڌي ساهت سان سينگاريل شهر لاڙڪاڻي ساه سيباڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٽنڊي آدم مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان بي اي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ۾ ايم اي ڪري سنڌ مان ٽئين پوزيشن کڻندي پاس ڪيائين.
سلطانہ وقاصي 73ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. سندس نثري نظمن جو ڳٽڪو .دونهاٽيل درشن“ آگم پبليڪيشن ايجنسيءَ پاران پڌرو ٿيل آهي. ان کان سواءِ لاتعداد ڪهاڻيون ۽ ٻيا بيشمار ليک/ تحقيقي مقالا لکي ساهتي سنسار ۾ چوڦير سڳنڌ ڦهلائي آهي. هن وقت هو ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج ۾ ايسوسي ائيٽ پروفيسر پڻ آهي.
سلطانہ جي شاعري عورت جي مسئلن انهن جي خوشين، ڏکن، پيڙائن سان سٿي پئي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اسان کي پنهنجو پاڻ ملي ٿو، پنهنجو عڪس پسي سگهجي ٿو، پنهنجون خوشيون پنهنجيون پيڙائون ملن ٿيون. هن جي ڪوتائن ۾ اسان کي سنڌي سماج ۾ گهُٽ ۽ ٻوساٽ واري ماحول ۾ ساهه کڻندڙ ذهني طور مفلوج ۽ قيدي عورت به ملي ٿي، ته سماج جي سختين آڏو بهادر ٿي بيهندڙ عورت جو روپ به ملي ٿو. هن اهڙي عورت کي به بحث هيٺ آندو آهي جيڪا پڙهيل هجڻ باوجود به ٻٽيءَ غلاميءَ جو شڪار آهي.
پڙهيل ۽ باشعور عورت لاءِ سختيون ڏسي هڪ اهڙي عورت سان ريس ٿا ڪن ڄڻ ته سندس جذبا، جيڪا عقل کان خالي ۽ سوچ ۽ ساڃاهه کان خالي هجن، اهڙين حالتن تي هن جو قلم ڪڙهي تڙپي اُٿي ٿو. سلطانہ پنهنجي ڪوتائن ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ سنڌ جي سماجي قدرن سان بغاوت ڪري ٿي. پنهنجي اصولن تي قائم رهڻ جو عزم سلطانہ جي شاعريءَ ۾ جهجهو ملندو، ورائي ورائي چوي ٿي:
ڪيئن ڪريان،
مان ڇا ڪريان،
دل ضد تي آهي.
ڀري هيءَ بندوق توکي هڻان،
۽ مون دل کي،
زنجيرن ۾ قابو ڪيو آهي.
هن پنهنجي سوچ نگر ۾ عورت کي اُها آزاديءَ ڏئي ڇڏي آهي ته هوءَ جيئن محسوس ڪري تيئن چئي سگهڻ جي صلاحيت به ڌاري!!
پنهنجي هر جذبي ۽ اُڌمي ۾ احساس جو اظهار ڪري ڇڏي، ڀلي پوءِ اهڙي جرئت ڀري اظهار سماج جي روائتي ٺيڪيدارن کي برو محسوس ٿئي چوي ٿي:
هن جڳ ۾
لاشا سڀ ڄاتل سڃاتل،
جيئرا ماڻهو،
سڀ اجنبي، اڻڄاتل،
پري پنڌ،
جاڏي تاڏي،
واسينگ واٽ،
ڀنڀٽ متا باهه جا،
ڪيئي پيا ڪاٺ،
آهي اڄ اڻاٺ
ڏهڪائيندڙ ڏيهه ۾...
جو ڪري حق جي بات.
سلطانہ سنڌي ساهت کيتر ۾ ڪافي نوان رُجهان متعارف ڪرايا آهن. نيون روايتون قائم ڪيون آهن، رسمي ٺاهه جوڙ کان پاسيري ٿي پنهنجين امنگن ، پيار ۽ نفرت جي احساسن کي اهڙن لفظن جو لباس پارايو آهي، جيڪو هر عام ماڻهو سولائي سان استعمال ڪندو رهندو آهي، ڪجهه روايت پسند برک دانشور، شاعرن ۽ نقادن آزاد نظم کي رد ڪري توڙي جو ان کي شاعريءَ جي صنف مڃڻ کان ئي ماڳهين انڪار ڪيو آهي پر سلطانہ ڪنهن جي ڳالهه تي ڪن ڌرڻ بنان اڳتي وڌندي رهي آهي. پنهنجن احساسن کي اظهار جو روپ بخشيندي رهي آهي.
سلطانہ وٽ حقيقتن کي نروار ڪرڻ لاءِ چند رٽيل نعري بازيءَ وارا لفظ ڪونهن، هن جيئن ڏٺو آهي، تيئن لکيو آهي، جيئن محسوس ڪيو آهي، تيئن بيان ڪيو آهي، پُر خلوص، پنهنجائپ واري، مشڪ ڀريل روشن چمڪندڙ اکين واري سنڌي ساهت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، هردم، هر پل ڪم لاءِ تيار رهندڙ سلطانہ وقاصيءَ وٽ احساسن جا انبار سٿيا پيا آهن، جي هر گهڙيءَ اظهار بڻجڻ لاءِ اتاولا آهن.
ڪوئل ايترو نه ڪوڪ،
ڏکن ۾ ڀريل آ،
منهنجي ديس وارن جي
ڏکايل دل...
1975ع وارو سال سنڌي ساهت ۾ شاعريءَ جي حوالي سان گهڻو ترقي ڪندڙ سمجهيو ويندو آهي، ان عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڀينرون ادب جي ميدان ۾ لٿيون ۽ پنهنجي شاعراڻن احساسن ۽ اڌمن جي اظهار سان سنڌي ادب جي ڪوتا کيتر ۾ نوان رنگ روپ ڀري ڇڏيا. انهن ۾ سحر امداد ۽ ج ع منگهاڻي کي وڏي فخر سان شمار ڪري سگهجي ٿو، نه رڳو ڪوتا کيتر پر ڪهاڻيءَ واري حصي ۾ به ان دور ۾ ئي ڀيڻ نورالهديٰ شاهه ۽ خيرالنساءَ جعفريءَ جهڙيون بهادر ۽ ڇرڪائيندڙ خيال پيش ڪندڙ ڪهاڻيڪارائون ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿيون. سنڌو ماٿر جي مٺڙي ٻاجهاري ٻوليءَ جي سٻاجهي ساهت کي نئون ست پيئاريندڙن “ سانئڻ نذير ناز به اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ هڪ طرف ته پنهنجي ڪهاڻين ۽ ڪوتائن جي وسيلي سنڌي ساعت کيتر کي نوان رنگ روپ بخشي اضافو آڻيندي رهي آهي ته ٻئي طرف وري انهن سنڌي سرتين کي ادب جي ميدان ۾ ڪي نه ڪي ڏات جا ڪڻا موجود هجن. 70ع کان 80ع وارو دور سنڌي ساهت ۾ سرتين جي ساٿ جي حوالي سان سوچ، شعور ۽ جاڳرتا جي اوسر جو دور چيو وڃي ٿو. وقتي تبديلين معاشرتي جهالت وارين رسمن جو خاتمو آڻي ڇڏيو ۽ تعليم جي زيور سان سينگارجڻ سان گڏو گڏ ساهتي سوچ ۾ به نوان لاڙا پيدا ٿيا. سنڌي رسالن، مخزنن، اخباي پرچن، سرتين ۾ لکن لاءِ نئون اتساهه پئدا ڪيو. هن دور ۾ ڪيتريون ئي ساهتڪار سرتيون پنهنجين قلمي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي خزاني کي مالا مال ڪنديون رهيون. هن دور ۾ مهتاب محبوب، مهتاب راشدي، نورالهديٰ شاهه، خيرالنساءَ جعفري، نذير ناز، فهميده حسين، جيجي زرينه بلوچ، مريم مجيدي، تنوير جوڻيجو، ثريا سوز ڏيپلائي، نعيمه جمع تيجاڻي، ليليٰ بانو، رضيه کوکر، نور شاهين، سوسن مرزا، سحر امداد، سلطانہ وقاصي، رعنا شفيع وغيره، وڌيڪ نمايان ٿي اڀريون، انهن سان گڏو گڏ نين سرتين ۾ ساهتي سونهن پکيڙي.
1980ع کان پوءِ واري دور ۾ ماهوار نئين زندگي، ٽماهي مهراڻ، نئون نياپو، اديون، ٽماهي سنڌ، ماهوار لطيف (ڪراچي)، سنڌ سجاڳ (جيڪب آباد) پارس، برسات، پيغام، عبرت مئگزين، هلال مئگزين، پرهه ڦُٽي (سکر) پروڙ، ماهوار چانڊڪا (لاڙڪاڻو) ۽ سگهڙين سٿ کان سواءِ مخلتف پبليڪيشن ۽ هفتيوار سنڌ وعيره سنڌي ساهتڪار سرتين جي ساهتي سفر کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هن سجاڳيءَ واري انقلابي دور ۾ ڪٿي به ڀينرن کي اهو احساس نه ڏياريو ويو اهي ته هو ڪو پنهنجن ڀائرن ليکڪن کان انفرادي صلاحيت يا خوبي نه ٿيون رکن! ان سماجي وهنوار ۽ سهڪار سبب ئي سرتين جي ساهتي ساٿ جو سهه ڪٿي به اڌ ۾ ٽٽي ڇڄي ڌار نه ٿيو آهي پر هلندو رهيو آهي. هلندو رهي ٿو.
1982ع سنڌي قوم جي جاڳرتا جو دور ليکيو وڃي ٿو. سنڌ جي ارڏي قوم، تاريخ جي ڪنهن به موقعي تي ڪنهن به جبر ۽ ڏاڍ جي آڏو سِر نه نوايو آهي. پنهنجي عظيم روايت کي برقرار رکندي سنڌي قوم پنهنجي سياسي ۽ علمي شعور جو عملي ثبوت ڏيندي رهي. ذهني سجاڳيءَ جي ان دور ۾ جتي پراڻا رسالا، مخزن ۽ اخبارون پنهنجو سفر جاري رکنديون آيون. اتي ڪجهه ٻيا به نوان سلسلا ڳنڍجي ويا ته جيئن زهني جاڳرتا جي عمل کي گهڻي کان گهڻا وسيلا هجن ۽ اهڙا پيغام گهڻن ماڻهن تائين پهچن. انهن نون سلسلن ۾ جتي سنڌي ساهت جي سدا جرڪندڙ روشن سج جهڙن قلمڪارن کي جڳهه ملڻ سان گڏو گڏ نون ٽمڪندڙ تارن کي به روشن رکڻ لاءِ همٿايو ويو.
سلطانہ وقاصي، فهميده حسين، سحر امداد، زبيده ميتلو، عطيه دائود، نذيز ناز، پشپا ولڀ، سلميٰ سومرو، بلقيس عارباڻي، گوري ولڀ، تانيا ٿيٻو، ارم محبوب، سلميٰ پنهور، نجمه نور ڦلپوٽو. فرزانه شاهين مڱڻيجو وعيره هن دور جا اهم نالا آهن، جن پنهنجي قلم جي پورهئي سان سنڌي ادب کي نئون روپ بخشيو.
1980ع واري دور کان وٺي اچ تائين واري عرصي۾ قلمڪار ڀينرن جي قلمي ڪاوش/ ادبي خدمتن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته هن دور ۾ وقت بوقت ساهتڪار سرتين وک. وک سان ملائي ساهت جو سندر من موهڻو ۽ زور آور اهڙو زنجير اڏيو آهي، جنهن کي ڪا به وقتي طوفان جي ڪا تيزي ٽوڙي نه ٿي سگهي. سنڌي ساهت ڪار سرتين پنهنجي سفر جي دوران ڪيترو به قدم کنيو آهي، جا وک وڌائي آهي، اُن وک وک تي هن سنڌ ڌرتيءَ جي خوددار ذهين عورت کي ئي موضوع بڻايو آهي اُن عورت جو ئي ذڪر ڪيو اهي، جيڪا صدين کان معاشرتي ڏاڍ جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهي آهي. انهن ساهتي ساٿارين جي ڏنل عقل سوچ شعور ۽ ساڃاهه جي ڪري ئي هوءَ سطحي ڳالهين تي ڌيان نه ٿي ڌري. هر چمڪندڙ شئي کي سون نه ٿي سمجهي. موجوده دور ۾ اسان جون سڄاڻ سرتيون جيڪو به ڪجهه لکن ٿيون اهو اسان جي عورت جو بدلجندڙ ذهن ۽ مزاج آهي، اسان جي پوري قوم جي ذهني سڄاڳيءَ جو نشان آهي، اهڃاڻ آهي، هڪ نئين روشن ۽ اميدن ڀرئي انقلاب جو! ساهت جي ساٿياڻين جهڙي طرح پنهنجي سوچ مشاهدي ۽ تجزين کي کولي نروار ڪيو آهي، اهو رد عمل آهي، ان نظام جو، ان رويي جو، ان تلخ ۽ گهٽيل ماحول جو جيڪا هوءَ صدين کان ڏسندي /سهندي آئي اهي. سرتين قوت جي رفتار سان گڏو گڏ هلندي پنهنجي ڌرتيءَ جي ادبي خزاني کي پنهنجن سوچن/ صلاحيتن ۽ لکڻين سان مالا مال ڪنديون رهن ٿيون.
**

(روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ حيدرآباد 31 ڊسمبر 2012ع)