شخصيتون ۽ خاڪا

سڳنڌ (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

سلطانہ وقاصيءَ جو شمار سنڌ جي بھادر، بيباڪ ۽ جذباتي ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو. ھن ڪتاب ۾ سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت، جيون، ڪتابن، شاعري، ڪالمن ۽ شخصيت جي مختلف پاسن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون تہ آهن ئي، پر ڪجهه خط، انٽرويو ۽ ٻيا ليک پڻ شامل آهن، جيڪي ان وقت اخبارن يا رسالن ۾ ڇپيا هئا.

Title Cover of book سڳنڌ  (سلطانہ وقاصيءَ جي شخصيت ۽ فن)

پيار جي کاڻ: تنوير جوڻيجو

اڪرم سلطانہ وقاصي جو نالو ڪو مون لاءِ نئون نه هئو. ادب ۽ سياست سان دلچسپيءَ هئڻ سبب، دادوءَ ۾ رهائش دوران سڀني قومپرست ايڪٽو ۽ ليکاري عورتن سان ون سائيڊ شناسائي رهي. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان قومي جدوجهد ۾ مصروف هيون. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا کان پوءِ ٻاهتر ۽ ٽيهتر ڌاري انهن سڀني نامور عورتن کي نه رڳو روبرو ڏسڻ جو موقعو مليو پر انهن سان ميل ملاقات جو سلسلو به جڙيو. ستر واري ڏهاڪي سنڌي ادب ۾ ليکڪائن جو وڏو انگ اسريو. جيڪو اڳتي هلي محبتن جي ڏور ۾ هڪ ڪُٽنب بڻيو ۽ اڄ سوڌو پيار جي انهيءَ ٻنڌڻن ۾ جڪڙيل آهي.
اڪرم سلطانہ سان روبرو ملاقات به اُن دور ۾ رهي ۽ اڄ سوڌو محبت جو اهو سلسلو قائم ۽ دائم آهي. اڪرم سلطانہ ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪ دانشور خاتون ، عينڪ جي ٿلهن شيشن سبب هڪ رعب دار شخصيت، ڳالهائڻ ۾ مڻيادار ۽ قربائتي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها پيار ڪندڙ، طبيعت ۾ بي حد جذباتي، آئوٽ اسپوڪن، سچي ۽ کري منافقي ۽ ڏيکاءُ کان سئو ڪوهه پري. سنڌ تي ڪو ڏکيو معاملو يا مهل آئي ته هيءَ ”جيتامڙي“ شينهن ٿي بيهندي ۽ مڙس ٿي مقابلو ڪندي. ستر واري ڏهاڪي دوران هڪ طرف لساني جهيڙا ٿيا ٻئي طرف سنڌي نوجوانن جي سهائتا لاءِ ڪوششون ايندڙ ٻوڏ ۾ ماروئڙن لاءِ خدمتون انهن سڀني سرگرمين ۾ اڪرم پيش پيش رهي. پوءِ اوچتو اڪرم جون تحريرون اچڻ غائب ٿي ويون پر اڪرم سان ملاقاتن ۽ ٽيليفون تي ڪچهريون جو سلسلو جاري رهيو، سرتين جي اُن دور واري سٿ ۾ منهنجي نسيم نوراني، اڪرم سلطانہ، ۽ خير النساءَ جعفري سان وڌيڪ دلي ويجهڙائي رهي.
اوچتو سنڌي ادب جي ميدان ۾ نثري نظمن جي حوالي سان سلطانہ وقاصي نالي شاعره جو ظهور ٿيو. جنهن جي شاعري نهايت بلاڪ باسٽر ۽ ڌماڪي دار هئي.سڀني کي ڏاڍو تجسس هئو ته هي خاتون ڪير آهي؟ پوءِ آخر راز کليو ته سلطانہ ڪا آسماني مخلوق نه پر سنڌ ڌرتيءَ جي ڌيءَ اسان جي پنهنجي اڪرم سلطانہ آهي ۽ پنهنجي خوبصورت تحريرن باعث سلطانہ وقاصيءَ کي نثري نظمن جي ”باني“ شاعر قرار ڏنو ويو آهي.
انهيءَ کان پوءِ اڪرم سلطانہ جي زندگيءَ جو ٻيو فيز آيو. اڪرم حيدرآباد ڇڏي ڪراچي وسائي. زندگي هن جي جهُول ۾ جتي بي پناهه خوشيون وڌيون اُتي ڏُک ۽ ڏولاوا به وڌا. پر هاڻ قُدرت واري هن لاءِ نهايت اعليٰ درجي وارو رتبو متعين ڪيو ”ماءُ“ جنهن جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي. هڪ بهترين ماءُ، جنهن ٻچن جي بهترين پرورش ڪئي ۽ ٻچن کي اعليٰ مقام ڏياريو ۽ ٻئي طرف ٻچن جي پيءَ لاءِ به احترام جو جذبو، جيڪو سندس اعليٰ ظرف جي نشاندهي ڪري ٿو.
فن ۽ فڪر جي حوالي سان جيڪڏهن اڪرم جي شخصيت جو جائزو وٺبو ته گهڻائي رُخ آڏو نظر ايندا. هوءَ هڪ سچي جاکوڙي عورت هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، هڪ اعليٰ پائي جي شاعر ۽ سماجي مسئلن کي باريڪ بيني سان ڏسندڙ هڪ ڪالم نگار/صحافي عورت آهي. بحيثيت هڪ ايڪٽوسٽ سندس اهو ڪردار نوجوانيءَ کان نظر اچي ٿو. جذباتيت، دردمندي، بهادري ۽ عمل جا جذبا جهڙوڪ هن ۾ ڄائي ڄم کان آهن.
جڏهن ون يونٽ دوران بوليءَ تي وار ٿيو ته سنڌي بوليءَ جي بقا لاءِ اڪرم به ميدان تي نڪتي.
سنڌ ۾ ٻوڏ اچي يا سوڪ اڪرم ڪيمپن تي وڃي ماڻهن جي سار سنڀال لَهڻ ۾ به اڳري ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ دوستي ۽ واقفيت پيدا ڪرڻ ۾ به اڪرم جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي. ڪراچيءَ جي عورت تنظيمن ۾ به اڪرم اهو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. ڪڏهن ميمبر ته ڪڏهن عهديدار جي حيثيت ۾.
اڪرم سلطانہ وقاصي جو پهريون عشق سنڌ ڌرتيءَ سان رهيو/آهي ۽ ٻيو عشق عورت جي احساسن ۽ مجبوريءَ سان رهيو ۽ انهيءَ جو اظهار پنهنجي تحريرن ۾ به ڪيو” دونهاٽيل درشن“ سندس خوبصورت نثري نظمن جو خوبصورت ڳٽڪو، جيڪو 1984ع ۾ پڌرو ٿيو. ۽ شاعريءَ جو مجموعو ”سوال“ جيڪو 2016ع ۾ شايع ٿيو. سلطانہ جي شاعريءَ ۾ احساسن ۽ جذبن جو غير روايتي اظهار آهي. اسٽائيل ۽ اسلوب نهايت منفرد ۽ دل کي ڇُهندڙ آهي. موضوعن ۾ رنگا رنگي ۽ ڏک واريون ڪيفيتون آهن. سماج ۾ ٿيندڙ المين جتي سندس ذهن کي جنجوڙيو آهي، اُتي قلم کي به روئاريو آهي.
اڪرم سلطانہ وقاصي هڪ سجاڳ، باصلاحيت بهادر صحافي/ڪالم نگار پڻ آهي. ۽ ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ عوامي آواز ۾ شايع ٿيل ٻه مجموعا آهن. نوي واري ڏهاڪي جي سموري سياسي سماجي صورتِ حال اُنهن ڪتابن ۾ تاريخ سان گڏو گڏ بيان ڪيل آهي. هي ٻئي ڪتاب سنڌي جي جديد اڀياس لاءِ رفرنس بڪس آهن ۽ رفرنس بُڪ جي عمر نهايت وسيع هوندي آهي ۽ انهن ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ سوچيان ٿي ته ڪاش اهي ڪتاب اڳ ۾ شايع ٿيل هجن ها ته منهنجي تحقيقي اڀياس ۾ به ڪم اچن ها.
۽ هاڻي ذڪر سلطانہ وقاصيءَ جي ڪهاڻين جو! اڪرم جي ڪهاڻين جو مجموعو ”جانور“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. قلم جي دنيا ۾ اڪرم جو پهريون حوالو ڪهاڻي آهي. ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ اڪرم جون ڪهاڻيون منظر عام تي آيون ۽ اڪرم سلطانہ جي نالي سان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون.
اڪرم سلطانہ، سلطانہ وقاصي ڇو بڻي، ان جو ذڪر هن پنهنجي ڪهاڻي ”عشق جا روپ هزار“ ۾ ڪيو آهي. عشق انسان جي فطرت ۾ آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو اوچتو حملو ڪندو آهي. عشق ڪرڻ کان پوءِ ڪن کي هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت نظر ايندي آهي.
اڪرم سلطانہ جا ڪردار حقيقي آهن، جيڪي سندس چوڌاري رهندڙ آهن جن کي هن هڪ طرف مشاهدي ۽ ٻئي طرف تحقيق جي اک سان جاچيو پرکيو ۽ ڏٺو آهي ۽ ڪردارن جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو وٺبو ته نهايت رنگا رنگي نظر ايندي بزرگ، جوان، عورتون، ڇوڪريون، ٻار وغيره.
ڪهاڻي ”جانور“ جو مرڪزي ڪردار ”سومر“ هڪ ٻار آهي، جيڪو گهر جي اڻ وڻندڙ حالتن سبب نفسياتي مسئلن جو شڪار آهي. اڪثر گهرن ۾ ڪي ڪي بدقسمت ٻار به هوندا آهن جن کي مائٽن پاران محبت ۽ پيار بدران ڌڙڪا ۽ دهمان ملندا آهن. ”سومر ذليل سومر واترادو بيغرت سومر سو اصل ۾ ڇا آهي؟ ڪنهن به اُن جي اندر ۾ جهاتي ڪا نه پاتي آهي. ڪنهن به اُن جي ڏُکن ۽ ڳوڙهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي.
کيس خدا به عرش کان ايئن زمين تي اُڇليو آهي جيئن هڪ بال هر ڪنهن جي هٿن ۾ نچندو ٽپندو رهندو آهي.... وجود جي اهڙن ڌڪن ٿاٻن ۾ سومر پاڻ کي هڪ انسان نه پر جانور سمجهندو هو. يا شايد جانور کان به بدتر!
اڪرم جي ڪهاڻين جو اسلوب بيانيه انداز به خوبصورت آهي. ”رت ۾ ٻڏل پوپريون“ ڪاريون ڪري ماريل نوجوان نينگرين جو دردناڪ داستان آهي، دل تي اثر ڪندڙ ڪهاڻي اڪرم جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي.
”مان ڪائنات جا سڀ قانون ٽوڙي انهن کي غسل ڏيئي ڪفن پهرائي، ڪائنات جون سڀ محبتون گلن وانگر اُنهن مٿان وِجهي شهادت جو ڳاڙهو وڳو پهرائي مان اِهو سوچي اُنهن کي قبر داخل ڪيان پئي. اهو سڀ منهنجي سوچ جو عمل آهي. ڇو ته بي ڏوهي ۽ شهيدن لاءِ نه ڪفن جي نه نماز جي ۽ نه وري قبر جي ضرورت هوندي آهي.“
اڪرم جي ڪهاڻين ۾ لفظن جي ڀرمار ۽ اجائي ڊيگهه ويڪر ناهي، سادي ٻولي، سادو انداز، ڪا بوريت ناهي. ڪهاڻي پڙهي ڪهاڻيءَ جو نياپو به هڪدم ذهن ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ هر ڪهاڻيءَ جو موضوع به مختلف ان ڪري پڙهندڙ يڪسانيت جو به شڪار نه ٿو ٿئي. پڇاڙيءَ ۾ اڪرم سلطانہ وقاصيءَ لاءِ کوڙ دعائون ته شال سندس قلم جي رواني قائم ۽ دائم رهي ۽ وڌ کان وڌ ڪتاب ڇپرائيندي رهي.