سلطانہ جا ڪالم: درد جي ڪهاڻي: ڊاڪٽر فهميدہ حسين
نوري جي ڏهاڪي ۾ ”جاڳو“ اخبار شروع ٿي ته مون ان ۾ هفتيوار ڪالم لکن شروع ڪيا. ساڳئي دور ۾ سلطانہ ”عوامي آواز“ ۾ عورتن جو صفحو سنڀالڻ شروع ڪيو. جڏهن مرحوم ف-م لاشاريءَ جو هڪ حادثي ۾ دکدائڪ نموني وفات ٿي ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ جاڳو به بند ٿي وئي. ان دور ۾ مون به ”عوامي آواز“ ۾ هفتيوار ڪالم ”منهنجون سوچون“ جي نالي سان شروع ڪيا. اهڙيءَ ريت صحافتي دنيا ۾ ڪراچيءَ ۾ اسان جو هڪڙو ٻيو سڱ شروع ٿيو. انهيءَ ساڳئي دور ۾ مون ڪراچيءَ جي ڊفينس علائقي ۾ ۽ سلطانہ به ڪلفٽن ۾ رهائش اختيار ڪئي ته پوءِ ويجهو رهڻ سبب هر ادبي، علمي ۽ سياسي تقريب ۾ اسين گڏجي وڃڻ لڳيون سين. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ مرحوم ارشاد قمر جي عورتن جي تنظيم ”مارئي فورم“ مرحومه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي تنظيم ”اسوا“ مرحومه رشيده عبدالله شاهه جي تنظيم ”سرتين سٿ“ ۽ سنڌ ڌگريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) وغيره جي مختلف گڏجاڻين ۾ وڃبو هو. جن سڀني جو گهڻو ڪري ميمر خواتين ساڳيون هيون ته مقصد به ساڳيا هئا. انهن تنظيمن ۾ سلطانہ تمام گهڻي فعال هوندي هئي ۽ ڪن ۾ عهديدار به هُئي. جڏهن ته آئون صرف ميمبر طور شرڪت ڪندي هُيس.پوءِ ايئن ٿيو جو محترم ڊاڪٽر سُليمان شيخ ۽ مرحوم مظهر ميمڻ جي صلاح ۽ مشوري سان انهن سڀني کي گڏ ڪري هڪ تنظيم طور سگا خواتين شاخ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جنهن جو پهرين صدر مرحومه رشيده عبدالله شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري آئون ٿيس. جڏهن ته انفارميشن سيڪريٽري سلطانہ وقاصي بڻي- اهڙي ريت اسان جو هڪڙو نئون تعلق جڙيو. مطلب ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم طرفان ٿيندڙ امدادي سهڪار تقريب يا علمي ادبي گڏجاڻيءَ، سيمينار، ڪانفرنس ۾ اسان جي موجودگي لازمي هئي ۽ ڪابه سرگرمي اهڙي ڪانه هئي جتي اسين ٻئي گڏنه هجون. بعد واري دور ۾ اسان جي دوستي ڀيڻ انيس گهانگهرو سان ٿي جيڪا پڻ اسان سان گڏ هوندي هئي. اسان گڏجي انهن تنظيمن جي پليٽ فارم تان گهڻو ئي ڪم ڪيو ۽ سنڌي عورت جي ڀلائيءَ ۽ سجاڳيءَ لاءِ علمي ۽ قلمي پورهيو ڪيو.
سلطانہ جي قلمي پورهيي جو ذڪر نڪتو آهي ته ان ۾ سڀ کان اول سندس نثري نظمن جو ڪتاب ”دونهاٽيل درشن“ ڇپيو. هاڻي سندس ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪالمن جو ڪتاب به جلد ڇپجي رهيو اهي. چوندا آهن ته اخباري ڪالم يا مضمون ۽ فيچر وغيره جي حياتي صرف هڪ ڏينهن جي هوندي آهي. ان کي جيڪڏهن اخبار ۾ ئي ڇڏي ڏجي ته پڙهندڙ جلد وساري ڇڏيندا آهن. اخبار ۾ ڇپيل سموري ادب لاءِ ايئن چئي سگهجي ٿو. مون 1972ع کان 1979ع تائين ستن سالن ۾ هلال پاڪستان اخبار جي سگهڙين سٿ جي انچارج طور هفتيوار ڪالم کان سواءِ سوين ليک لکي ڇاپيا هوندا جن ۾ انٽرويو، فيچر، تاثر، شاعري، ڪهاڻيون گڏ ڪجن ته هزارين صفحن تي مشتمل هوندا، پر اڄ خود مون وٽ انهن جو ڪو رڪارڊ ڪونهي. ساڳيءَ طرح جاڳو ۽ عوامي آواز جا ڪالم پڻ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن جن جو ڪو حساب ڪونهي. اڄ جي نسل کي ته شايد ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر ڪانهي. اهائي ساڳئي ڳالهه محسوس ڪندي سلطانہ اهو چڱو فيصلو ڪندي پنهنجا ڪئي سالن جا ڪالم سهيڙي ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس چواڻي هوءَ پاڻ به اهو ڏسي حيران رهجي وئي ته انهن جو تعداد ايترو هو جو هڪ جو هڪ نه پر ڪيترائي ڪتاب سهيڙي تيار ڪري سگهجن ٿا.
سلطانہ وقاصي سنڌي ڪالم نگارن ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي هن جا دل جي خلوص ۽ جذبن جي سچائيءَ سان لکيل ڪالم پڙهندڙن ۾ تمام گهڻا مقبول رهيا آهن، انهن ڪالمن جي وڏي خوبي انهن ۾ موجود سنڌ امڙ جي لاءِ دل جو درد آهي جيڪو هوءَ ڪڏهن ڪاوڙ جي صورت ۾ ڪڏهن طنز (Satire) جي صورت ۾ ته ڪڏهن سڌو سنئون سچ جي صورت ۾ تکي تلوار وانگر وهائي ٿي ڪڍي. هوءَ هڪ اهڙي پُل صراط ي بيٺل ٿي ڀائنجي جنهن تي ثابت قدم رهڻ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ڪالم جو نالو هجي ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ جيڪي جڏهن وڌي وڻ ٿيون ٿين ته پوءِ اهي پَر ۽ پِر پروان ۽ پنهنجن اڳيان کولي رکڻيون ٿيون پون ته جيئن سنڌ جي سورن جو ڪو تدارڪ ٿئي ۽ ان مان جيڪي پنهنجا هجن اُهي گڏجي پون ۽ گهٽ ۾ گهٽ اُهي ته ڪا موٽ ڏين. اُهي ته ڪا جنگ جوٽين!
سلطانہ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿي، ڪراچي سنڌ جو سينگار، سنڌ جي مارئي، ڪراچي مورڙي جو ماڳ سان جڙيل آهن. محبتن جو خون ٿيل آهي ۽ صحبتون هڙتالن ۽ هنگامن جي ور چڙهيل آهن. اهو درد هڪ حساس دل لاءِ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ آهي. سلطانہ جا ڪراچيءَ جي ماحول، حالتن ۽ مسئلن جي پس منظر ۾ سنڌين جي صورت حال ۽ بيوسيءَ بابت لکيل ڪالم هڪ طرح سان سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي ۾ آيل وارداتون آهن جن کي آزاد ڪرائيندي جيڪو هر وقت ”آدم بو آدم بو“ ڪندو ٿو وتي. سنڌ جي هن سينگار ۽ ڪنوار ڪراچيءَ جي ماڳ کي اُجڙيندڙ مافيائن ڪنهن راڪاس وانگر ان جو گلو گهٽيندي ان کي رت ۾ وهنجارڻ جي جيڪا روايت وڌي آهي سلطانہ پنهنجي ڪالمن ۾ ان جو نوحو پڙهندي ٿي ڏسجي. سندس مخاطب سنڌي اديب به آهن. نوجوان شاگرد به آهن. ته عام ننڍڙا ننڍڙا ڪاروبار ڪندڙ، معمولي نوڪريون ڪندڙ ملام به آهن، اهي ئي ته اصل سنڌ جا وارث آهن. جن جي زندگين تي ڪراچيءَ جي حالتن جو اثر پوي ٿو، وڏيرا مير ، پير ۽ امير حالتن خراب ٿيڻ تي ڳوٺ ڀڄندا يا وري دبئي، آمريڪا، لنڊن- انهن جو ڪهڙو ڪراچيءَ سان جذباتي رشتو هوندو. هو ڪهڙو هتان جا مستقل رهندڙ آهن، جو مهل اچڻ تي بيهي مار کائيندا يا مقابلو ڪندا. ڪراچيءَ ۾ غريب ۽ وچولو طبقو نڌڻڪو آهي ان جا احساس اصل ماري ٿي وجهن. سلطانہ انهن لاءِ به سوچي ۽ لوچي ٿي.
سلطانہ جي ڪالمن کي آئون ته ان درد جي دانهن چوندس، جيڪو سندس دل کي گهايل ڪري ٿي ڇڏي. ۽ هوءَ بي اختيار قلم کڻي ڪاغذ تي اها دانهن تحرير ڪري ٿي.
منهنجي دعا آهي ته سلطانہ جي قلم کي الله سائين ايتري سگهه ڏي جو هوءَ پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيندڙ ڳالهين کي پنهنجي حوصلي ۽ همت سان ايئن ئي ڪندي رهي. سندس درد جي دانهن من ڪڏهن قبول پئجي وڃي.