روشنيءَ پٺيان هلندي هلندي (سائنڻ سلطانہ وقاصي جي نظمن وچان جپسي ٽريولاگ): حبيب ساجد
سانئڻ !
منهنجي گهر ۾،
خدا جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي،
سواءِ تنهنجي....! (اياز گل)
خاص طور تي محبوب شخصيت پارس حميد جي نظمن ته منهنجو سڄو ويزن ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ مان به نظم لکڻ لڳس. چوڻ جو مقصد ته سانئڻ سلطانہ وقاصي اُها شخصيت آهن جن مون کي ڪاميابيءَ سان نظم جي هوش وڃائيندڙ دنيا طرف موڙيو.
سانئڻ سلطانہ وقاصيءَ جي نظمن جو ڪتاب “سوال”هن مهل منهنجي آڏو آهي، ۽ مان جيئن، جيئن ان ڪتاب جي نظمن جي جهان ۾ پيهجندو وڃان ٿو ته مون کان منهنجي ئي سڌُ ٻڌُ گم ٿيندي ٿي وڃي. ڪافيءَ جو ڪپ عابده رکي ويئي هئي پر مون کي خبر ئي نه پئي ۽ هو ٻه دفعا ڪافي وري گرم ڪري رکي ويئي. هن ڪتاب جو انتساب زندگي جي نانءُ آهي، هيءَ اُها زندگي آهي جيڪا سانئڻ سلطانہ گذاري آهي. انهن ستن سٽن ۾ ئي سانئڻ سلطانہ پنهنجي جيون جوليکو چوکو، ريڪارڊ ڪري ڇڏيو آهي. گلزار جي ڪنهن نظم جهڙي زندگي ، ظاهر آهي سڀني جي نصيب ۾ ناهي هوندي پوءِ به جيڪا زندگي سانئڻ سلطانہ گهاري آهي اُها به ڪنهن نظم جيان مختلف ڪيفيتن جا سواد رکي ٿي...!
ڪتاب جو پنو اُٿلايان ٿو ته سانئڻ مهتاب اڪبر راشدي جي مهاڳ ۾ وڃائجي وڃان ٿو. ميڊم مهتاب اسان جي سنڌ جي اُنهن بولڊ ۽ اولد هستين مان هڪ آهي جن سنڌ جي عورت جي ويزن ۾ اُٿلائي ڇڏيندڙ تبديليون آنديون آهن. ضياءُ جي ڪاري دور ۾ P.T.V جهڙي سرڪاري اداري ۾ روايتن سان ڇتي لڙائي مئڊم مهتاب جهڙيون هستيون ئي وڙهي سگهن ٿيون. مئڊم مهتاب مهاڳ جي مُهڙ ۾ بلڪل صحيح لکيو آهي ته نظم لکڻ اڌ پيغمبريءَ جيان آهي جنهن ۾ خيال غيب کان لهي ايندا آهن. ۽ شاعريءَ جو روپ وٺندا آهن. مون کي مرزا غالب جو هڪ شعر اُنهن ڪيفيتن جو ڪمال محسوس ٿيندو آهي، جنهن ۾ هن شعر جي الهام جي ڪيفيتن کي ڪمال سان غزل جي بند ۾ رچيو آهي.
آتي هين غيب سان مضامين خيال مين،
غالب صرير خامه، نوائي سروش هي.
غالب چواڻي ... شاعري غيب کان لهندي آهي ۽ جڏهن مان ڪِلڪَ کي مس ۾ ٻوڙي پني تي لکڻ لڳندو آهيان ته پني جي سطح تي ڪِلڪَ جي چُرڻ سان جيڪو کرڙ، کرڙ، جو آواز اچي ٿو اهو ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ جبرائيل شعر کڻي منهنجي مٿان نازل ٿئي ٿو..... ته..... شعر لکڻ ۽ نظم رچڻ به ائين ئي هوندو آهي.....! مان مئڊم مهتاب جي ان راءِ سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته سائنڻ سلطانہ هر ان موضوع تي لکيو آهي جنهن هن جي ذهن ۽ دل کي جنجهوڙيو آهي. عورتن جي وارتا ڪا عورت ئي لکي سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان سانئڻ سلطانہ جو نالو، سئفو، بلائٽس، ادا جعفري، پروين شاڪر ۽ سارا شگفته واري لائين ۾ سنڌيءَ جي سچيت شاعره طور لکي سگهجي ٿو...!
سانئڻ سلطانہ جا هي لفظَ جيڪي هن پنهنجي ڪتاب ”سوال“ جي مهاڳ ۾ اظهاريا آهن، وڏي معنيٰ رکن ٿا، ته منهنجي زندگيءَ ۾ منهنجي جيئڻ جا ٻه سهارا هئا/آهن هڪ منهنجا ٻچا جن کي مون هڪ هٿ ۾ پڪڙيو هيو ۽ ٻئي هٿ ۾ قلم ۽ ڪاغذ هئا، ۽ انهن ٻني هٿن جي وچ ۾ هيو منهنجو ٽٽل ڀُريل وجود. بس ائين گذري ويئي منهنجي زندگي.. اُن ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جي ٽهي سانئڻ سلطانہ وقاصيءَ جي ٽهيءَ کان موسٽ جونيئر ٽهي آهي پر نظم جي جيڪا حُسناڪي ۽ خوبصورت تي هن مهل اسان جا نوجوان نظم ۾ رچي رهيا آهن اُهو تسلسل سانئڻ سلطانہ جي روپ ۾ اسان آڏو هڪ ” لائيٽ هائوس“ جيان کڙو ٿيل آهي، جنهن سان نظم جا کوڙين کِوَيا پنهنجي نظم جي ٻيڙين کي پنهنجي اصلي “طرف” سان ڳنڍيو هلي رهيا آهن.
سانئڻ سلطانہ ۽ ان کا پوءِ وارين ٽهين ۾، جنهن ۾ اسان شايد آخري ٽهي آهيون جن هڪ ٻئي کي خط لکيا هئا ۽ انهن خطن جي جواب جو هفتا نه پر مهينن تائين انتظار ڪيو هو.. ۽ جڏهن خط جو جواب ملندو هو ته ڪي ڏينهن اُنهيءَ جواب جو سرور دل ۽ ذهن تي نشي جيان طاري رهندو هو.
موبائيل اسان جي روايت ۽ اسان جي انهيءَ سِڪَ جو بيهمانه قتل ڪيو آهي. هاڻ ته اُهي خط لکڻ ٿين ٿا نه ئي انهن جي جواب لکڻ جي سُرور مان گذر ٿئي ٿو... سانئڻ سلطانہ وقاصيءَ جي شاعري جو سفر ڪڏهن به گلن جي سيج جيان نه گذاريو آهي، ۽ نه ئي پاڻ ، بس قلم کنيائون ۽ لکي ورتائون، پر ان جي پويان انهن جو ۽ سنڌو ماتا جي محرومين ۽ حادثن جو هڪ طويل ۽ ڊگهو داستان آهي. اسان ته ان مهل صفا ننڍڙا هياسين پر سانئڻ سلطانہ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ، “ٺوڙهي ڦاٽڪ” وارو خوني واقعو ۽ “ٽنڊي بهاول” وارو سانحو ذاتي طور وٽنيس ڪيو ۽ ان کي ڀوڳيو هو. حيدرآباد جي خوني واقعن جو تسلسل به سندن اکين آڏو گذريو، بي گهر ٿيڻ ۽ دربدريءَ جون سزائون به سندس حصي ۾ آيون.... ۽ اڄ اسان جيڪو سڪون سان پنهنجي گهرجي ڪنڊ ۾ آرام سان T.V ۽ انٽرنيٽ جي سهولت واري راند کيڏي رهيا آهيون ته ان پويان به انهن اداس نسلن جي ڀوڳنا ۽ جدوجهد جو ڊگهو داستان رقم ٿيل آهي. مون سدائين سانئڻ سلطانہ کي درخواست پئي ڪئي آهي ته انهن جهڙي نموني سنڌ جي اُٿل پٿل جا لڳ ڀڳ سمورا داستان ذاتي طور ڏٺا ۽ مشاهدو ڪيا آهن ته هو انهن کي سيبتائيءَ سان قلم بند ڪري سگهن ٿا. اها اڻ ڇپيل ۽ اڻ چيل تاريخ اسان کي پاڪستان جي ڪورس جي ڪتابن ۾ ڪڏهن به ڪا نه ملندي.
سانئڻ سلطانہ وقاصي جي ڪتاب سوال جي صفحي 29 کان نظمن جي هڪ اهڙي کيرڌارا آڏو اچي بيهي ٿي، جنهن جي هر اسرار تي دل ۽ اکين کي نيون نيون حيرتون ويڙهي وڃن ٿيون پهريون نظم ”سوال“ آهي جنهن جي پويان نظمن جو هي پورو منڊل جڙيل آهي.
سوچ....؟
نه ٿي سوچيان....؟
گهر....؟
نه ٿي گهران....؟
آس پاس....؟
سڀ اجنبي....؟
ڇو ۽ ڇا جي اُڻت ۾ لکيل هي نظم عالمي فورم تي رچيل ڪنهن به نظم مشاعري ۾ سنڌ جي نج ۽ سليس ٻوليءَ طور فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو. اهڙو ئي هڪ نظم تُرڪيءَ جي اسان جي گروديو ۽ نظم جي بادشاهه “ناظم حڪمت” به پنهنجي وني “ويرا” لاءِ لکيو هو.
هن چيو... اُٿ...!
مان اُٿي پيس،
هن چيو مسڪراءِ....!
مان مسڪرائي اُٿس..
هن چيو... مري وڃ!
۽ مان مري ويس...
سانئڻ سلطانہ جي ڪتاب جي ٻئي صفحي تي نظم “سُڪل ٽاري” جنهن کي دياوان نالو ڏجي ها ته اڃا سُندر لڳي ها.
گُل جهولي ۾ کڻي،
هر کائين پيو مون کي...!
مان اڳتي وڌيس...
تنهنجي جهوليءَ مان،
ڳولهي ڦولهي،
هڪ سُڪل ٽار کنيم...!
اُن کي پوکي،
مون هڪ گلستان ٺاهيو.
واهه ، هن نظم جي دنيا ئي الڳ آهي ڄڻ مون خليل جبران جي ڪا ڪهاڻي پڙهي ورتي هجي. هونءَ به هر نظم هڪ ڪهاڻي ئي ته هوندو آهي، جيئن اڃا ٻي ڪهاڻي به اڳيان موجود آهي “دڙن مٿان دڙا” هن نظم ۾ سانئڻ سلطانہ وقاصي اسان جي آثار قديمه (آرڪيالاجي) جو ٽچ به ڏنو آهي ته هڪ اهڙو “سوال” به کڙو ڪيو آهي، جنهن جو جواب شايد ئي ڪنهن وٽ هجي پر في الحال ته خاموشي ڇانيل آهي. هن نظم جي پهرين پورشن ۾.
هاءِ ڪو ويٺو هو،
ويٺي پور پچايائين!
اُڀ ڦاٽندو....؟
يا ڌرتي ڌُٻندي،
اُڀ مان وسندا نوٽ...
ڌرتيءَ مان نڪرندو اَنُ،
پوءِ ٿي ويندي لئي،
هڪ ڏينهن ٿيو به ائين،
اُڀ ڦاٽو، اُلا نڪتا،
ڌرتي ڌُٻي، ڏار پيا،
هو اُن ۾ گم ٿي ويو،
سڙي ويو دفن ٿي ويو،
هر دور ۾ اهڙا،
ٺهندا ويا دڙا،
۽ ان نظم جو جواب ان جي ٻئي پورشن ۾ آهي....ته:
هاڻ هن دور ۾،
اڄ جو سنڌي،
ويٺو آ چپ چاپ،
اُنهن دڙن مٿان،
سوچي ويٺو!
پڙهون نه،
ملي وڃي ڊگري،
قابليت نه هجي!
پر ملي وڃي نوڪري،
نه همت آ، نه وري ٻَڌي،
پر اچي وڃي ڪو انقلاب،
ڏنڊو جي اچي وڃي هٿ ۾،
ته پوءِ،
مٿا به هوندا پنهنجن جا،
پوءِ ٿي ويندي لئي.
هن نظم ۾ سانئڻ جو سوال بيحد اهم آهي. هڪ سوال ته اهو آهي ته موهين جي دڙي، ڪوٽ ڏيجي جي دڙي ۽ هڙپا جهڙن تهذيبن جا وارث سنڌي، ترقيءَ جو اُهو اوج قائم نه رکي سگهيا ۽ اڄ به اونداهه ۾ ويڙهيل رهجي ويا آهن. جنهن مان نڪرڻ لاءِ روشني جو ڪو ترورو نظر ئي ڪو نه ٿو اچي.
ته دوستو اوهان جيئن جيئن هن ڪتاب کي پڙهندا ويندئو، اوهان کي سوالن ۽ انهن جي جوابن جي هڪ ڦول ـــ مالا پوئيل ملندي. پاڻ کي مان بي وس محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ من ڪري پيو ته هر نظم تي تفصيلي ڊسڪس ڪيان پر ائين ڪرڻ سان ته هڪ ٻيو ڪتاب جُڙجي ويندو. جنهن جي ضرورت به آهي ۽ اها وقت جي گهرج به آهي ته اسان پنهنجي ادبي ديوين ۽ ديوتائن کي هڪ نئين نظر سان ڀيٽائون ۽ ارپنائون ڏيون. سلام آهي، جو سنڌي ماڻهن جي ڪتاب نه پڙهڻ واري روش جي هوندي به هو ڪتاب ڇپرائين ٿيون/ٿا ۽ پنهنجي قوم جي اونداهين آڏو ننڍڙو ئي سهي پر هڪ ڏيئو ٻارڻ جي ڪوشش ضرور ڪن ٿيون/ٿا.
اسان جي سنڌ ۾ ماشاالله هاڻ کوڙ يونيورسٽيون ۽ انهن جا ڪيمپسز آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جا شعبا به آهن. انهن ۾ هزارين شاگردَ سنڌي ادب ۽ شاعري پڙهي رهيا آهن. انهن مان ڪنهن به اڄ تائين نظم جي هن “بادشاگر” راڻي سانئڻ سلطانہ وقاصي تي ڇو ڪو ٿيسز يا مونوگراف نه لکيو آهي. اگر نه لکيو آهي ته پوءِ اُهي ڪنهن تي لکي ۽ ڪنهن کي خوش ڪري رهيا آهن.
مان دل سان اها اڳڪٿي ڪيان ٿو ته ڀلي هن دور ۾ رڳو حبيب ساجد ۽ ان جهڙا ڪجهه ٻيا سانئڻ سلطان جي ارپيل نظمن کي اهميت ڏيندا هجن پر اسان جون ايندڙ ٽهيون اسان کان هزارين ڀيرا وڌيڪ سُڄاڻ ۽ Aware هونديون ۽ سانئڻ سلطانہ وقاصي ۽ هن جي نظمن کي اها مڃتا ضرور ملندي جنهن جي هو هزارين ڀيرا حقدار آهن ۽ ان حوالي سان “مانُ” Deserve ڪن ٿيون.
**