جذباتي ۽ بي باڪ ليکڪ جون کريون ڳالهيون: محمد سليمان وساڻ
منهنجو هڪ ڊگهي عرصي کان اخباري دنيا خاص ڪري سنڌي اخبارن ۽ رسالن سان پڙهڻ جي حد تائين تمام ويجهو ناتو رهيو آهي ان سبب ئي ادبي دنيا سان به لاڳاپو رهيو. ڪالم پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي. ڪراچيءَ ۾ اچي نوڪري ڪرڻ ۽ وري جڏهن کان سوشل ميڊيا سان تعلق رهيو ته ڪالم نگارن ۽ اديبن سان ويجهڙائي ٿيندي وئي ڪجهه سينيئر دوستن جڏهن ڪرم الاهي چنا وٽان پبليڪيشن جو ڪم ڪرايو ته ڪجهه ڪتابن جي پروف ريڊنگ جو ڪم دوستي ياري ۾ ڪرڻو پئجي ويو. تازو سنڌ جي نامياري ليکڪ سلطانہ وقاصي چيو ته سندس ڪالمن جي ڪتاب جي پروف ريڊنگ ڪيان. ڪالم ۽ شاعري جي پروف ريڊنگ سولي ناهي، جن کي اهو شاعر ۽ ليکڪ ئي بهتر سمجهندو آهي. پروف ريڊنگ پوري ڪيم ته مون کي ڪتاب لاءِ ڪجهه لکڻ جو به حڪم مليو. ڪتاب لاءِ گهڻو ڪري مهان يا ناليوارن ليکڪن کان لکرايو ويندو آهي. منهن جي خوش نصيبي آهي جو ميڊم سلطانہ چيو ته اوهان سوشل ميڊيا جا ماڻهو آهيو. اوهان پنهنجي راءِ ضرور لکو.
هن ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن، سي اسان جي ئي معاشري اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ڪيئي واقعا موجود آهن. تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن، هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي. اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪ تمام گهڻو لکيو آهي. ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن.هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. اُن جو هڪ سبب اهو به آهي هوءَ پاڻ به عورت آهي. هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءَ آهي، هڪ ڀيڻ آهي هن بلڪل صحيح لکيو آهي. اسان جو جيڪو مرداڻو معاشرو آهي، جتي عورت کي ايتري اهميت ناهي ملي سگهي. پر ساڳي وقت هڪ شئي جي گهٽتائي نظر اچي ٿي ته ڪٿي به اهڙن عورت ڪردارن جي خلاف لکندي نظر ڪانه آئي جيڪي به عورت تي تشدد ۽ ڏاڍ جو حصو رهيا آهن هوءَ وڏيرياڻي ظالمن ۽ پئسي وارن جي زالن تي به ڪجهه ڪانه لکي سگهي آهي. جيڪي پنهنجي مڙسن سان گڏ ظلم ۾ ڀائيوار آهن.
سلطانہ وقاصي جي ڪالمن جو هڪ وڏو حصو سنڌ سان عشق ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪيل وار تي لکيل آهي. پاڻ سنڌ کي سنڌ مُلڪ لکي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جي ثقافت، ٻولي ۽ وجود هزارين سال کان هلندو اچي. تنهن ڪري سنڌ وارن کي پنهنجي ڌرتي کي هڪ ملڪ طور ئي ثابت ڪرڻو پوندو. پناهگيرن ۽ مهاجرن جي گهيري ۾ آيل سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هاڻوڪي بيوسي تي ليکڪا جتي رنجيده آهي اتي سندس احساس، سندس سوچون ڀور ڀور ٿيندي نظر اچن ٿيون. پر پوءِ هوءَ ڪٿي به اميد جو دامن ڪانه ٿي ڇڏي. ننڍڙيون ننڍڙيون ڪوششون به کيس اميد جا ڪرڻا پيون لڳن. سندس نوي جي ڏهاڪي ۾ لساني وڳوڙن ۾ قتل ۽ تشدد ٿيل سنڌين ۽ ان وقت جي حالتن تي لکيل ڪيئي ڪالم پڙهڻ جهڙا آهن. سياست دانن جي مايوسين تي عوام کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿائين پر سنڌي عوام اگهور ننڊ مان اٿڻ کان قاصر ٿو نطر اچي هوءَ پناهگيرن جي روين ۽ سياست کان بيزار نظر اچي ٿي جو اسان جا سياست دان ٽڪي پيسي تي وڪامجي، ڪرسي جي پويان هلندي سنڌ جي مفادن جا پل پل تي سودا ڪندا رهيا آهن.
سلطانہ وقاصي پاڻ اديب، ليکڪ ۽ شاعر هجڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ گهڻي متحرڪ رهي آهي. تنهن ڪري پاڻ ادبي سنگت ۽ اديبن جي سياست، ڪردار ۽ تحريڪن تي خوب لکندي رهي آهي. هوءَ ڪافي جاين تي اديبن ۽ ادبي سنگت جي ڪردار کان مايوس لڳي ٿي، اُهو ئي سبب آهي جو تنقيدي ڪالم لکيا اٿس. پر ساڳي ئي وقت هو تنقيد براءِ تنقيد بدران ڪيترائي حل پيدا ڪندي رهي آهي. پر جڏهن ويڪائو اديب سنڌ جي مفادن خلاف نظر اچنس ٿا ته اُنهن خلاف بغير خوف ۽ ڊپ جي لکندي رهي ٿي. اُهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي اديب کيس پسند ڪونه ٿا ڪن. ساڳي وقت هوءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن تي به لکي ٿي. انهن جي تبديلي تي لکي ٿي. اُتي موجود شخصيتن منفي ۽ مثبت ڪردارن تي لکي ٿي. هوءَ تعليم، هنر، چٽاڀيٽي ۽ ميرٽ تي يقين رکندڙ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن جاين تي هن ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ۾ به لکيو آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته ڪوٽا سسٽم بدران چٽا ڀيٽي ۽ قابليت جي بنياد تي اڳتي وڌجي. پر انهيءَ حقيقت کان به منهن موڙڻ ڏکيو آهي ته شهر ۽ ڳوٺن جي تعليمي سرشتي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي جنهن کي ڪيئن ختم ڪجي.
سياسي حالتن ۽ شخصيتن تي چِٽو موقف رکي لکندڙ سلطانہ وقاصي جا ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر تائن زيرو تي وڃڻ وقت محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڄام صادق علي جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي ڏنل ڍيل ۽ اختيارات بابت سندس ڪالم لاجواب آهن جن ۾ هن سانگهڙ، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي شخصيتن تي ڪمال جي تنقيد نگاري ڪئي آهي. ان وقت جي اخبارن جي ايڊيٽرن کي به جس ڏيڻ گهرجي جن اهڙا بولڊ قسم جا ليک اخبارن ۾ شامل ڪيا.
جيتوڻيڪ ڪافي سارن ڪالمن ۾ يڪسانيت به آهي جيڪا پڙهندڙ کي بور ڪندي پر پوءِ به هي ڪالمن جو ڪتاب هڪ تاريخ آهي، جيڪا سنڌ جي ان وقت جي حالتن جي شاهد آهي. ڪالمن جي پنهنجي افاديت هوندي آهي، ڪيئي ڪالم وقت ۽ حالتن وقت لکبا آهن، جيڪي پوءِ پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهن پر ساڳي وقت اهڙا لاتعداد ڪالم به موجود آهن جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته ليکڪ جو مشاهدو ڪيڏي ڪمال جو هيو جو اڄ جون حالتون ان وقت جي ڪالمن ۾ لکيون ويون آهن. سنڌ جي علمي ادارن، ادبي ادارن، درسگاهن، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن، سنڌي عورتن معاشرتي براين، ڪارو ڪاري جهڙي ريتن ۽ رسمن بدلي جي شادين، سنڌجي نوجوانن، سنڌ جي جوڌن ۽ قومي هيرن سنڌ جي سماجي خدمتن جي تنظيمن، ادبي تنظيمن، سياسي تنظيمن بهارين، بنگالين برمين ۽ افغانين سميت سنڌ ۾ آيل پناهگيرن سميت روز مرهه جي سڀني واقعن تي ليکڪا جا احساس ۽ سوچون پڙهڻ وٽان آهن.
جيتوڻيڪ اڄڪلهه سلطانہ وقاصي تمام گهٽ لکي رهي اهي پر پوءِ به سندس هي ڪتاب سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي لڏي ۾ ضرور مقبوليت ماڻيندو.
**
(25 جنوري 2015ع)