پبلشر نوٽ
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو کلڻو ملڻو، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، اوطاقي، دوستن توڙي آيل مهمانن جو خود خدمتگار ۽ مانجهي مڙس آهي. لاڙڪاڻي کان ڪراچي، ڪراچيءَ کان ڪئناڊا تائين سندس سفر سنڌيت جو مثال آهي، توڙي جو هر ماڻهو مَشيني ۽ دنيا تڪڙي ٿي وئي آهي، ماڻهو ماڻهوءَ تائين پهچڻ کان وڌيڪ موبائيل ميسيج کي ترجيح ڏئي ٿو، پر اهڙا ماڻهو اڄ تائين دنيا جي جنهن به ڪُنڊ ۾ هجن، اُتي اوطاقون آباد رهن ٿيون، دوستن کي مانُ، مرتبو ملي ٿو، استادن کي عزت ۽ احترام ملي ٿو. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جو ڪتاب: ”جيءُ جياريو جِن“ هڪ مثال آهي.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ جن جن ماڻهن کان ڪجهه سکيو، اُنهن کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪاميابين ۾ ڀاڱي ڀائيوار سمجهيو، (سندس چواڻي ته مان اُنهن مانوارن دوستن ۽ رهبرن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهان، جن مون کي ماڻهپو ڏنو) هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري جا اُنهن اديبن دانشورن ۽ استادن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون آهن، جن نه رڳو ڊاڪٽر غلام رسول سومري کي اتساهه ڏئي سگهارو بڻايو پر سنڌ ۾ علمي ادبي ادارن جي بقا لاءِ پڻ جدوجهد ڪئي.
ڊاڪٽر صاحب علمي ادبي شخصيتن تي نه رڳو لکيو آهي، پر هڪڙا پوئٽريٽ ٺاهيا آهن. سندس لکڻي ۾ سُٺي رواني آهي، هن جو اسلوب نرالو آهي، هن نه رڳو شخصيتن تي لکيو پر هن لکڻين ۾ اُن وقت جون حالتون چٽيون آهن ۽ منظر نگاري پيش ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو هي هڪڙي تاريخ آهي، جيڪا ڊاڪٽر غلام رسول سومري سهيڙي، ۽ اداري پڙهندڙن تائين پهچائي آهي.