محبت جا رشتا
چندران ماءُ سامٽين جي گهرن مان ونڊ جي لسي ۽ پنهنجي هٿن جا پچايل ڦلڪا ڦٽي مکڻ جي وٽي ۾ رکي مٿان ديسي کنڊ وجهي پنهنجي مڙس بلند مل جي اڳيان رکندي هئي. باقي وڏي پٽ ناريمل تنهن کان بعد انند مل ۽ پنهنجي ڌيءُ چندران جي اڳيان ٻه ڦلڪا ڪاڪي قادن جي تيار ڪيل مڱن جي گهوٽيل دال چٽڻي سان رکندي هئي. ڇاڪاڻ جو چندران جيڪا واقعي چنڊ جهڙو ڏيک ڏيندي هئي تنهن کي روزانو لسي ڪا نه وڻندي هئي. چندران ماءُ کي اسان انند ماءُ به سڏيندا هئاسين ۽ ان نالي پٺيان پاڙي ۾ هوءَ گھڻو مشهور هئي.
انند ماءُ جي گهر جو اهو نيرن پاڻي وارو لقاءُ مون کي ان ڪري ڏسڻ لاءِ ملندو هو جو مان سوير اٿي چانھن ٽوسٽ کائي انندمل کي اسڪول وٺڻ لاءِ سندس گهر ويندو هئس. انند ۽ مان 1950ع ڌاري علي گوهر آباد واري ملان مسلم اسڪول ۾ پهريون پرائمري پڙھندا هئاسين. انند جو پيءُ بلند مل صبح جو گهر ۾ هوندو هو. سندس وڏو ڀاءُ ناري مل سيئو بازار لاڙڪاڻي ۾ ٽانگا اسٽينڊ لڳ نيڻو مل جي مشھور هوٽل تي (جيڪو پوءِ ڳهڻي جتوئي خريد ڪئي، ان جي هيٺان دڪان ۽ مٿان ايئرڪنڊيشن هوٽل ٺاهي). وڃي ماني پچائيندو هو ۽ شام جو نيڻو مل کي پٽاٽن جي چاپن تيار ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائيندو هو. بلند مل جو ڌندو شام جو شروع ٿيندو هو. هو پنهنجي وقت جو مٺائي ٺاهڻ جو ڀڙ ڪاريگر هو. هاڻي به هو پنهنجي مٺائي ٺاهي کپائيندو هو ۽ شادين مرادين جا آرڊر الڳ ملندا هئس. هي گهراڻو سکي زندگي گذاريندا هو پر ورهاڱي سبب جوان پٽ رام بنا ٻڌائڻ جي پيءُ ماءُ ۽ گهر ڇڏي بمبئي ڀڄي ويو. جنهن ڪري بلند مل جي جوان پٽ جي ايئن ڇڏي وڃڻ سبب چيلھ ڀڄي پئي. جنهن سبب ھو جلد ڪمزور ۽ ڪراڙو ٿي پيو. تنهن هوندي به بھترين مائو ٺاھي موڙو ڪڇ ۾ ڪري مائي جو ٿالھ مٿي تي رکي پاڙي جي چوڪ چوڪ تي مائو کپائيندو هو. سانوڻ جي مند ۾ ڇولن جو ٿالھ کڻندو هو. سندس ليمي ۽ ٻارهن مصالحن وارا ڇولا ايترا ته مزيدار هوندا هئا جو سندس ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ ٿالھ خالي ٿي ويندو هو. بلند مل جو مقابلو پاڙي جي ڪاڪي قادن سان هو، جنهن جو مائو ۽ ڇولا پڻ نهايت لذيذ ھوندا هئا. ٻنهي جي مال ۾ ڪمي يا ڪو مقابلو ڪونه هو. ٻئي پاڙي جا باعزت، باروزگار ۽ باوقار ماڻھو هئا، بس ٻنهي جي شخصيت ۾ فرق هو.
ڪاڪو قادن اڍائي مڻ وزن جو هو ته ڪاڪو بلند مل پنجاهه سيرن جي وزن جو مس هو. بلند مل نفاست پسند هو، ململ جي اڇي رنگ جي ڪالر واري قميض پائيندو هو ۽ هيٺ تي ڌوتي ٻڌندو هو ۽ ڪاڪو قادن نيري يا ڪاري رنگ جي قميض پائيندو هو ۽ هيٺ تي پٽا پٽي گوڏ ٻڌندو هو ۽ پنھنجي وڏي پيٽ هجڻ ڪري سڄي پاڙي ۾ قادن پيٽي جي نالي سان مشھور هوندو هو. اسان جي پاڙي علي گوهر آباد جا اهي انمول ڪردار هئا جيڪي وسريو نٿا وسرن.
انند جي ماءُ جو ڪم شروع ٿيندو هو صبح جو ڏهين بجي ڌاران. هو هٿ ۾ تغاري کڻي گهران نڪرندي هئي. پاڙي ۾ جيڪي سامٽين، انڙن، پيرزادن ۽ علي خان سومري وان جي گهران مينهون جهنگ چرڻ نڪرنديون هيون ته انهن جا رستي ۾ لاٿل ڇيڻا ميڙي پنهنجي گهر اڳيان ويندي هئي سٿيندي. سندس ڌيءُ چندران اهي ڇيڻان کڻي گهر اندر ڪندي ويندي هئي ۽ گهر جي هڪ پاسي جي ڀت تي ٿڦيندي ويندي هئي. جڏهن ڇيڻا سڪي ويندا هئا ته انهن کي کرپي سان لاھي گهر جي چلھ لڳ گهر جي ڏاڪڻ ھيٺان هڪ ننڍي هريءَ ۾ جمع ڪندي ويندي هئي. علي گوهر آباد ۾ غلام علي سامٽيي جي والده جي نگراني هيٺ ڇوڪرين جو سرڪاري اسڪول تعليم لاءِ کليل هو پر انهن مسلم اسڪولن ۾ 50ع واري ڏهاڪي ۾ هندو ڀائي بند پنهنجي نياڻن کي پڙھڻ لاءِ ڪونه موڪليندا هئا. تنهن ڪري چندران باقي وقت گهر ۾ ويٺي ويهاڻن جي ڇون ۽ چادرن تي هرمچو ڀريندي رهندي هئي. جنهن مان انند ماءُ کي چار پئسا اڳڙي پوندا هئا.
منهنجي والده ۽ انند جي ماءُ جي پاڻ ۾ گهري دوستي هئي، نه رڳو ڏکي سکي وقت ۾ هڪ ٻئي کي پئسي پنجڙ ۾ مدد ڪنديون هيون پر روز مرهه ڪم ايندڙ گهرو شين جي مٽ سٽ به ڪنديون هيون. خوشي جي خاص ڏڻن ۽ عيد برات تي گهر ۾ پڪل کاڌا وغيره به هڪ ٻئي ڏي منجنديون هيون. هڪ ڀيري جو ذڪر آھي ته اسان جي گهر ۾ ڪنهن ٻار کي منهن تي ٻه چار ڪڻا ماتا جا نڪتا. بس پوءِ امڙ کان وڌيڪ بيقرار انند جي ماءُ هئي. اسان جي گهر ۾ پينگهو هوندو هو. ڏينهن ۾ ٽي چار ڀيرا ڪري ٻار کي لوڏي ويٺي لولي ڏيندي هئي. اسان جو ٻار ته ڌڻي سائين جي ٻاجھ سان نوبنو ٿيو پر انند ماءُ جي پاٻوهه، پيار ۽ سندس مٺڙي لولي جو آواز اڃا دل تي نقش آھي.
تاريخ جي ڪن پاسن کي ڏسجي ٿو ته پاڪستان هندستان جي ورهاڱي نه رڳو سرحدن جا ليڪا ڪڍيا هئا پر ان ورهاڱي سبب سنڌ جي هندو مسلم آبادي جي دلين ۾ روايتي سنڌي سماج واري ايڪتا ۽ ڀائچاري جي وچ ۾ وڏا ويڇا وجهي ڇڏيا هئا. اهڙي ماحول جي برپا ٿيڻ ڪري ٻنهي ڪميونٽيز جي وچ ۾ اڻ ڳڻيا شبا ۽ شڪ پيدا ٿي پيا هئا. اسان جي گهر هندن جي ڏڻن تي جيڪا مٺائي، مکڻ ۽ ولايتي کنڊ لڳل مٺا ڍوڍا، مال پڙا، پوريون ۽ آچار جا وٽا ڀرجي ايندا هئا، تن سان وڏو حشر ٿيندو هو. امان اهي سموريون شيون وٺي بورچي خاني جي نعمت خاني ۾ رکي ڪرف هڻي ڇڏيندي هئي. رات جو وڳڙو ٿيندو هو ته خبر ناهي ته انهن کي ڪيئن تلف ڪري ڇڏيندي هئي ۽ اهو پتو به ناهي ته اسان پنهنجي عيد تي جيڪو حلوو انند ماءُ، پمي ماءُ ۽ سدارنگ جي ماءُ کي سهڻين چيني جي بسين ۾ سينگاري ڏئي ايندا هئاسين ان جو ڪهڙو حال ٿيندو هو؟
هڪ ڀيري انند ماءُ مٺا ڍوڍا امڙ کي اچي هٿ ۾ ڏنا، امڙ اهي بورچي خاني جي تخطي تي رکي بيٺي انند ماءُ سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون پئي ڪيون، مان بورچي خاني مان ٿالهي مان هڪ ڍوڍو کڻي وڃي ڪمري ۾ کٽ جي پيراندي وٽ رکيل سوڙن ۾ لڪائي ڇڏيو. ٻه ٽي ڏينهن لڪي ڇپي ان مٺي ماني کي پئي ڪرٽي کاڌو. ان ڪم ۾ ڪيترو مٿان ڏوهه چڙھيو، رب ٿو بهتر ڄاڻي. جنهن گهٽي جي لنگھ سامهون اسان جو گهر هو، ان جي سامهون واري گهٽي ۾ 1950ع ۾ هندن جا ڏهاڪو کن گهر هئا. هندن جا ٻار ۽ اسان اسڪولن ۾ گڏ پڙھندا هئاسين. پاڻ ۾ دوستيون به هيون. هڪ ٻئي کي عام طور تي شيون ڏيندا وٺندا ۽ کائيندا پيئندا هئاسي. انند مل گهر سان لڳ هجڻ ڪري ۽ اسڪول ميٽ هجڻ هجڻ ڪري ٻين هندو دوستن کان منهنجي گهڻو ويجهو هو. ايتري قدر جو اسڪول کان موٽ تي هو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گهران ماني کائي پوءِ پنهنجي گهر ويندو هو. هو مون سان اڪثر گهاڙ واهه تي وهنجڻ لاءِ گڏ هلندو هو، بس ايئن سمجهو ته مون جهڙو رولاڪ ٿي ويو هو.
هڪ ڀيري پاڙي جي ٺاري خان کهاوڙ پنهنجي واڙي تي جيڪوورهاڱي کان اڳ ڪنهن هندو سيٺ جي انَ ڇڙڻ جو ڪارخانو هو، ان تي مڪمل قبضي کان پوءِ ڪنهن خوشي جي موقعي تي ٻه ڦنڊران ڪهي پاڙي جي عام ۽ خاص جي لاءِ هڪ وڏي خيرات ڪئي هئي. منجهند جو اسڪول کان موٽ تي انند مل ۽ مان به ان دعوت تي وياسين. ان زماني ۾ واڙي جي ڏکڻ پاسي کان ننڍن ننڍن ڪمرن جي قطار هئي، جنهن ۾ زمين تي پلال وڇائي اسان جهڙن پاڙيسرين کي لٺ ڀت کائڻ لاءِ ويهاريو ويو. انندمل منهنجي ڀر ۾ موسان لڳ سوڙھو ٿي ويٺو رهيو. جڏهن ديڳ جي ڀت جا گرم گرم پاٽوڙا اڳيان آيا ۽ منجهن وڏا وڏا ٻوٽ به پئي ظاهر ٿيا ته ماحول ۾ انهن جي پکڙيل خوشبو محسوس ڪندي انند مل جي دل سٽ ڏني ته اڄ ماس کائي ڪو مزو ڪجي. هن آھستي سس پس ڪندي چيو ”چانورن سان گڏ هڪ اڌ ٻوٽي به کانوان؟“ ”مون چيومانس تنهنجي مرضي.“ همراھ مڙسي ڪري ٻه ٽي ٻوٽيون کائي ته ويو پر ڏينهن ٻن تائين پيو مون کان پڇندو رهيو ته ”مان ناستڪ ته نه ٿي ويو آھيان؟“ مان کيس آٿت ڏيندو رهيس ته ”هاڻي به تون انند مل آھين، ڪنهن قسم جي ڳڻتي نه ڪر.“
ٻن ٽن سالن اندر نهرو لياقت ميثاق جي ڀڄ ڪڙين سبب سنڌ جي ڊيموگرافي ۾ وڏي ڦيرڦار اچي وئي، سنڌ مان هندو قطار در قطار ويا هندوستان لاڏاڻو ڪندا ۽ انهن جي جاين تي ميواتين، ناگورين، ڀوڄ پورين ۽ دهلي وارن اچي سنڏ ۾ پنهنجا خيما کوڙيا. پر انند ماءُ ۽ ان جو خاندان اتي سنڌ ۾ ئي رهي مري کپي ويو. ڪنهن پاسي کان ايتري سڌ پئي اٿم ته چندران پنهنجي ٻچڙن سان ساڳي پاڙي ۾ حال حيات آھي، ناري مل ۽ انند مل ديهانت ڪري ويا آھن. باقي انند مل جا ٻار جيلس بازار ۾ ريوڙين ۽ کٽ مٺڙن جي ڪارخاني تي ڪم ڪار ڪري پنهنجي زندگي لاڙڪاڻي ۾ گذارين ٿا.
**