شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

ڀڳڙن ڀوڃو ۽ داد گجراتي

دوران ايم اي پريويئس پرائيويٽ ڪنڊيڊيٽ جي حيثيت سان مون سنڌ يونيورسٽي ۾ رجسٽريشن ڪرائي. منهجي اهڙي ڪوشش تي والده کي ڏاڍي خوشي ٿي. دوستن ۾ سائين غلام اللہ. بشير احمد شاد ۽ محمد يوسف شيخ به گهڻو خوش ٿيا ھئا. نور ٽيڪسٽائل ملز جو مينيجر خوجي محمد يوسف جو ننڍو ڀاءُ هو پر هو پڪو ڪميونسٽ پر اسان جي نظرن ۾ هيرو ماڻھو هو. اڳتي هلي جڏهن مون کي اها خبر پئي ته منيجر سليم احمد سنڌي ادب جو عالم ۽ اديب آھي ته آئون هن جي دل سان عزت ڪرڻ لڳو هئس. هو ان وقت ڇڙوڇانڊ هو ۽ هن پنهنجي رهائش مل ۾ ئي رکي هئي. شام جو ٺهي سنڀري سائيڪل تي چڙھي پاڪستان چوڪ تي ڪيفي المدينه ۾ چانھ پيئڻ ويندو هو.
ڪيفي المدينه جيتوڻيڪ شھر جي مصروف جاءِ پاڪستان چوڪ تي هو ۽ هتي عالمن، اديبن ۽ سماجي شخصيتن جي اچي ويهڻ ڪري شام جي پهر ۾ وڏي رونق لڳندي هئي. ھن ڪيفي ۾ ڪي سياسي ۽ واپاري مزاج جا ماڻھو به ملڪ روز ۽ چانھ جون چسڪيون اچي وٺندا هئا. اهڙين شخصيتن لاءِ جو ڪيفي جي مالڪ جنهن کي شھر جا ماڻھو ميان صاحب ڪوٺيندا هئا. اڪثر ٻاهر ڪرسيون ۽ ٽيبل رکائي ڏيندو هو. انهن ماڻھن جي انهن آرامده ڪرسين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ محفل ۽ ڪچهري ٿيندي رهندي هئي. ڪيفي جا بيرا وارث ۽ غلام سرور انهن جو خاص خيال رکندا هئا. هوٽل جو مالڪ ميان صاحب هندوستان کان لڏي آيلن جي نسل مان هئو پر هن جي سڀاءَ، آداب ۽ اخلاق مان معلوم ٿيندو هو ته ماڻھو وڏو مردم شناس آهي ۽ وڏو خانداني آھي. سندس هوٽل جي چانهن، ملڪ روز ۽ شاھي ٽڪرا وغيره جن شوقينن کاڌا هوندا منهنجي خيال ۾ انهن کان وسريا نه هوندا. سواءِ ازين پراڻي ڪيفي المدينه جي ماني جون لذتون، معياري ڪراڪري ۽ صفائي سٿرائي جيڪا هن ننڍي ڪيفي ۾ هوندي هئي، تنهن جو ڪو جواب ڪونه هوندو هو. چانهن شربت کان سواءِ هن ڪيفي ۾ ماني ڀاڄي به لاجواب تيار ڪئي ويندي هئي. ٻاڪري گوشت ۾ اهڙو ته لذيذ اسٽو تيار ڪيو ويندو هو جو چئي کڻي بس ڪر. ماڻھو مٽن اسٽو گهر به پارسل ڪرائي کڻي ويندا ھئا. اسان جو استاد سائين غلام اللہ به ان ڪيفي تي ڪچهري ڪندڙن مان هڪ هئو. بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ، غلام سرور شيخ، محمد يوسف لغاري عبدالخالق شيخ ۽ مان به روزانو شام جو ڪيفي تي پوڻيا چانهن پئيڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئاسين.
ڳالھ نڪتي آ پراڻي ڪيفي المدينه تي ڪچهري ڪندڙ شوقينن جي، هونئن ته اتي ايندڙ سڀئي ماڻھو سهڻي سڀاءَ جا هوندا هئا پر هوندو هرڪو پنهنجي پنهنجي خيال جو هئو پر جيڪي شوقين بنا ناغي چانھن پيئڻ ايندا هئا تن ۾ ڪي شخصتون ته نرالي طبيعت ۽ نرالي رنگ روپ ۾ نظر اينديون هيون. جن کي ڏسي ايئن لڳندو هو ڄڻ هو ڪنهن فينسي شو ۾ شرڪت ڪرڻ آيا آھن. اهڙن مان ٻه ماڻھو قابل ذڪر آھن جن جي آمد جيلس بازار کان ٿيندي هئي. جتان هو ايمپائر روڊ تي اچي نگار ۽ ايمپائر سنيمائن کان ٿيندا مڇي مارڪيٽ لتاڙي اچي پاڪستان چوڪ کڻندا هئا. ٻئي جدا جدا نسل جا هوندا هئا پر انهن مان هڪ ايئن لڳندو هو ڄڻ همراهه بريلي جي بازار مان تازو لڏي آيو اهي. ان ڪاڪي جو ڪم ڪاروبار ڀڳڙن کپائڻ جو هو. آئون کيس تڏهن کان سڃاڻندو هئس جڏهن هو صحت ۽ جوت ۾ چڱو ڀلو هوندو هو. هو جنهن وقت ڀڳڙا ڀڃندو هو تنهن مهل کيس سڃاڻڻ مشڪل ٿي پوندو هو، ته هي ماڻھو اهو ساڳيو آھي، جيڪو شام جو ڪيفي المدينه تي چانهن پيئڻ ايندو آھي. هو جيلس بازار جو مشهور ڀوڃو ۽ ڀڳڙن جو واپاري هو، جنهن جا ڀڳڙا لاڙڪاڻي جي پسگردائي وارن ڳوٺن ۽ ٻھاڙين جا دڪاندار وٺي ويندا هئا. ورهين جا ورهيه مون کيس ڳڙ بازار ۾ پير جي مزار لڳ ڀڳڙن ڀڃڻ وقت ڏٺو هو. ڪم دوران وات ۾ پان هوندو هئس، هيٺ تي پٽاپٽي گوڏ ٻڌندو هو ۽ مٿي تي ٽنگن واري ڇٻي واري ٽوپي پائيندو هو ۽ بدن تي اهڙي بنڊي پائيندو هو جهڙي گاه لڻڻ وقت ٻھراڙي جا ماڻھو پائيندا آھن. پر جڏهن ڪيفي المدينه تي چانهن پيئڻ لاءِ گهران نڪرندو هو تڏهن سندس روپ، رنگ ۽ ڏاهه نرالا هوندا هئا. ايمپائر روڊ تي هن جي چال ڏسي اسان پارا محو حيرت هوندا هئا. پيرن ۾ بهترين پالشڊ بوٽ پائيندو هو، هيٺتي سفيد رنگ جو پائجامو هوندو هئس ۽ ڳچي کان گوڏن تائين اڇي رنگ جو سادو پهراڻ پائيندو هو، وات ۾ پان مٿي تي اها ساڳي ٽنگن واري ڇٻي ٽوپي هوندي هئس. همراهه گهران نڪرندو هو ته شايد ڳچي کي ڪلف هڻي نڪرندو هو. اڪثر روڊ جو هڪڙو پاسو وٺي هلندو هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجو ٽريڪ نه مٽائيندو هو. ڏسندو به رڳو سامهون هو. هلندو به خرامان خرامان ۽ خالص روبوٽي چال ۾ هو. اڪثر ڪيفي ۾ اندر ويهندو هو ڏاڍي مزي ۽ اطمينان سان چانھ جون چسڪيون ڀريندو هو. وري واپسي ۾ سيئو بازار کان لوهرن واري مسجد وارو پاسو وٺي هليو ويندو هو.
ٻيو همراهه گجراتي هو، شھر جا ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي ماڻھو کيس داد سڏيندا هئا. اهو به ايمپائر روڊ تي اچڻ لاءِ شاهه محمد اسڪول کان پنهنجي اينٽري ڏيندو هو. هلڻ ۾ ان جي چال بلڪل سڌي هوندي هئي، ايئن لڳندو هو ڄڻ هيڏي هوڏي ڏسڻ جي همراهه کي ڪنهن پير فقير کان منع ٿيل آھي. پيرن ۾ پالش ٿيل آڪسفورڊ اسٽائل وارو اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو بوٽ پائي نڪرندو هو. اهو به هيٺ تي اڇي رنگ جو پر چوڙيدار تنگ پاجامو پائيندو هو. بدن تي سفيد پهراڻ ۽ مٿي تي ڳاڙھي رنگ جي ڪاري ڦندڻ واري ترڪي ٽوپي پائي ڳچي ۾ اڇوڳاڙهي رنگ وارو پشمي مفلر ويڙھي هلندو هو، جيڪو هن جي شخصيت جي خاص نشاني هوندو هو، جنهن کي سياري توڙي سانوڻ هو پنهنجي ڳچي ۾ پائي رکندو هئو. لاڙڪاڻي جو ھي گجراتي دادا به ايمپائر روڊ لتاڙي مڇي مارڪيٽ کان ٿيندو ڪيفي المدينه پهچندو هو ۽ ڪيفي جي ٻاھران رکيل ڪرسين تي ويهي پنهنجي دوستن جو انتظار ڪندو هو. ايمپائر سنيما سامهون جڏهن ميراڻين برف جو ڪارخانو ٺيڪي تي کنيو هو تڏهن ميراڻي برادرز جو وڏو ڀاءُ محمد بچل پڻ ڪيفي المدينه جي ٻاھر رکيل ڪرسين تي اچي دادا گجراتي سان ڪچهري ڪندو هو. ڪچهري دوران هو سيپريٽ چانھ گهرائي پيئندا هئا. ٻئي واپاري خيالن جا هئا، سو ٻنھي جي پاڻ ۾ ڏاڍي لڳندي هئي.
ڪيفي المدينه تي اسان جي مل جو مئنيجر سليم احمد به اچي روزانو سيپريٽ چانھن پيئندو هو پر شھر ۾ نووارد هئو ۽ کيس پنهنجي پسند جي ماڻھن جي ڳولا رهندي هئي، هونئن به حد درجي جو لبرل ماڻهو هو، تنهن ڪري ڪنهن سان بي تڪلف ٿيڻ ۾ ڪجھ وقت لڳس پر هئو وڏي سنگت وارو، هن جي سنگت جا گهڻا ساٿي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهندا هئا. وٽس دعوت تي رسول بخش پليجو، نسيم کرل، ڀڳوانداس چاولا، روشن علي کهاوڙ ۽ ٻيا اهڙا مارڪسوادي ۽ لبرل خيالن جا پوئلڳ اديب ۽ دانشور ايندا رهندا هئا.
**