پروفيسر مولابخش ڀٽو
جيتوڻيڪ هو اسان جي سٿ جي ذھين شاگردن بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف شيخ، غلام مصطفيٰ بولاڻي، رسول بخش شيخ ۽ محمد يوسف جو ڪلاس ميٽ هو پر مون هن کي اسڪول جي ڪنهن به غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ڪو نه ڏٺو پر نصاب جي مضمونن خاص ڪري انگريزي ۽ ميٿميٽڪ ۾ ڀڙ هو. مون کان ڪلاس جي لحاظ کان هڪ سال سينيئر هو. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪو وقت هي گم هو، جن ڏينهن ۾ اسان علم ادب جي سيکڙاٽن جون شام جو ڏينهن ٺري جناح باغ ۾ ڪچهريون لڳنديون هيون تڏهن به هي جوان ان منظر کان ٻاهر هو. جڏهن اسان جي سنڌي سڄڻن سٿ قائم ٿي ۽ اسان سماجي طور متحرڪ هئاسين تڏهن هي همراهه ڪڏهن ڪڏهن محفل جو ڪنڊ پاسو وٺي ڪجھ فوٽ اسان کان پرڀرو اچي خاموش ويٺو هوندو هو پر سڄو ڌيان پنهنجي ڪلاس فيلوز ڏانهن هوندو هئس. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سائين غلام اللہ شيخ اسان جو ڌيان هن دوست ڏانهن ڇڪائيندي چيو هو ته مولابخش ڪجھ ڏينهن کان هتي اچي ٿو. توهان هن کي سڏي ڇو نه پنهنجي حلقي ۾ شامل ٿا ڪيو. سائين غلام اللہ شيخ جي چوڻ تي بشير احمد پٺاڻ ۽ محمد يوسف لغاري هن کي پنهنجي سنگت ۾ گڏجڻ جي صلاح ڪئي ۽ کيس ٻانهن کان وٺي آڻي ڪچهري ۾ ويهاريو.
اهڙي ريت مولا بخش ڀٽو اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيو. پنهنجي خاموش طبع يا ڪنهن نفسياتي مسئلي سبب هو محفل ۾ اڪثر ڪري چپ ويٺو هوندو هو. جڏهن دوستن اها ڳالھ نوٽ ڪئي ته کانئس سنگت خاموش ويهي رهڻ جو سبب پڇيو، هو ان وقت پنهنجي ڪيف ۾ هو ۽ هن ڪجھ ٻڌائڻ کان پئي نٽايو. سائين غلام اللہ آخرڪار سڀن جو ڪلاس ٽيچر ٿي رهيو هو ۽ هن کي اها ڄاڻ هئي ته مولا بخش ڪلاس ۾ به خاموش طبع شاگردن مان هو. چوندا آھن گدرو گدري کي ڏسي رنگ ڪڍندو آھي، مهيني اڌ کان پوءِ آهستي آھستي هن جي خاموشي ٽٽي ۽ هو سنگت جي ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. سنگت جي سوشل قسم جي سرگرمين کان سواءِ هو سٿ جي سنجيده گڏجاڻين ۾ به پنهنجي طبيعت سارو ڀاڳ وٺندو هو.
جڏهن اسان سنڌ اسٽڊي سرڪل جو بنياد وڌو تڏهن هو دوست سرڪل جي بنياد وجهندڙن ۾ شامل هو. اسان مان ڪن دوستن کي جن ۾ بشير احمد پٺاڻ ۽ مون کي سائين غلام اللہ شيخ ٽاسڪ ڏنو ته مولا بخش ڀٽي کان سندس ذاتي مسئلن جي باري ۾ پڇي هن جي دل جو بار هلڪو ڪيون. اسان باغ جي هڪ پاسي ۾ ويهي هن کان دل جا احوال ڪندي سندس ذاتي زندگي جي باري ۾ گفتگو ڪئي، ساڻس ڪجھ گنڀير مسئلا هئا پر وڏو مسئلو آمدني جو هو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي ساٿ مان ڪيترا دوست اهڙن مسئلن سان دوچار هئا.
مولابخش جي مسئلي جو حل سندس کيسي ۾ پيو هو، سڀني کي خبر هئي ته هو هڪ هوشيار شاگرد ٿي رهيو آھي، تنهن ڪري ٽيوشن پڙھائي پنهنجو مسئلو پاڻ حل ڪري سگهي ٿو. ٿيو به ايئن هن سائين غلام اللہ شيخ ۽ ٻين دوستن جي صلاح تي ٽيوشن پڙھائڻ جو اردو ڪيو. مراد واهڻ ۾ کيس ڪجھ ٽيوشن پڙھڻ وارا شاگرد ملي ويا، خدا جي ڪرڻي انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر جي نوٽيفڪيشن تي لاڙڪاڻي جي ايجوڪيشن آفيسر جي نگراني ۾ پرائمري سيڪشن ۾ پرائمري استادن جي انٽرويو ذريعي ڀرتي ٿي. جنهن ۾ مولابخش جي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان مقرري ٿي.
اسان جي سنگت ۾ اڪثريت غريب لڏي جي هئي، اسان جهڙن لاڙڪاڻي جي شاگردن لاءِ مسٽر عبدالفتاح ميمڻ هڪ وڏو تعليمي ۽ سماجي ڀلائي جو ڪم ڪيو جو لاڙڪاڻي جي غريب طبقي جي گهراڻن جي ٻالڪن کي پنهنجي آئيندي کي سنوارڻ جو موقعو مليو. دوستن سان گڏ مولابخش به پرائيويٽ طور آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج مان بي اي ڪئي. تنهن بعد هن بي ايڊ ۽ ايم اي ۾ ويهڻ جا سانڀاها ڪيا. انهن ڏينهن ۾ ايم اي پرائيويٽ جا امتحان اسلاميه ڪاليج سکر سينٽر ۾ پي هليا. مولابخش جي بي ايڊ جو سينٽر به سکر ۾ هو. هڪ لحاظ کان همراهه جي مٿان ٻٽو بار هو. سٿ ۽ سرڪل ۾ رهي همراھ هاڻي گهڻو سوشل ٿي چڪو هو ۽ منهنجي نظر ۾ اسان جو هي دلبر دوست مهمان نواز وري اهڙو هو جو پنهنجي هڙ ڦرائي به هر ڪنهن جي اهڙي خدمت ڪندو هو جو ماڻھو کيس عمر ڀر ياد ڪندو وتي.
سکر واري بي ايڊ ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ سنگت ۽ پاڙي جا ڏهاڪو کن شاگرد هئا. گهنٽا گهر لڳ مولا بخش جي ڪِن ويجهن مائٽن جو گهر هو، اتان مانيون تيار ڪرائي هو هوٽلن ۾ ٽڪيل دوستن جون خدمتون به ڪندو هو ۽ رات جو دير تائين جاڳي پنهنجي پيپرن ڏيڻ جون تياريون به ڪندو هو. سنگت سان گڏيل مطالعي جي بنياد تي پڙھي ڪري خير سان اهي سڀئي امتحان به هن سٺيون ڊويزنون حاصل ڪري اڪلايا.
انهن ڏينهن مولابخش جي بدلي شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٿي چڪي هئي. ڪورٽ ۾ هڪ ڀاڳوند نيڪ محمد ڀٽو نائڪ هوندو هو، ماڻھو کيس نالي بدران نائڪ ئي سڏيندا هئا. ان نائڪ پنهنجي گهر جي ٻارن کي سٺي معاوضي عيوض مولا بخش ڀٽي کي ٽيوشن ڏيڻ تي مقرر ڪيو. ان کان پوءِ اسان جي هن پياري دوست جي مالي حالت مستحڪم ٿي.
انهن ڏينهن مراد واھڻ ۾ هن جي پنهنجن مان شادي ٿي، جنهن ڪري هو پنهنجي زندگي ۾ گهڻو سرهو پيو نظر ايندو هو ۽ پنهنجي والد مرحوم کي ڏاڍو ساريندو هو. چوندو هو بابا سائين هجي ها ته ڪيڏو نه خوش ٿئي ها. قسمت جون ڳالهيون آھن هن جو والد کيس ان وقت اڪيلو ڪري ويو هو جڏهن اڃا هو کير پياڪ هو. اهي سڀ رنگيءَ جا رنگ آھن. چوندا آھن ڏکن پٺيان سک سو، ماشاءُاللہ هي دوست ڀاڳوند هو شادي کان پوءِ صاحب اولاد ٿيو، کيس پهرين اولاد پٽ جو ٿيو جنهن جو نالو محمد يوسف رکيائين. ٻيو پٽ ممتاز اٿس، جنهن ايم بي بي ايس ڪئي آھي ۽ هو هڪ مسيحا جا فرض انجام ڏئي رهيو آھي. وڏو پٽ محمد يوسف اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ سٺي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آھي. زماني جي لحاظ کان هن وقت سندس گهر ٻار خوش آھي ۽ خوشحالي واري زندگي گذاري رهيو آھي. هاڻي ته اللہ سائين جي فضل وڪرم سان سندس اولاد به صاحب اولاد آھي.
پنهنجي سنگت ۾ اسان ٻئي ڀلا تارون ۽ پکين جا شڪاري هوندا هئاسين. پنڌ جي لحاظ کان علي گوهر آباد ۽ مراد واهڻ ٻه ٻرانگهون پري هئا سو مان کارڪن جي مند ۾ ساڻس گڏجي وهين جي شڪار تي ويندو هئس. مٽي جي گليلن ٺاهڻ جو سٺو ڏانءُ هوندو هئس. هٿ جو ايترو سڌو هو جو چست وٺي پکي کي گليل سان ڳوڙھو هڻندو هو ته کجي تان پکي لمندو ايندو هو. شڪار جي غرض ۽ شوق ۾ ايترو محو هوندا هئاسين جو پنڌ ڪندا ڪڏهن گھاڙي ڪڏھن پير شير جا وڻ ته ڪڏهن وڃي ڦلن جو ڳوٺ وڃي کڻندا هئاسين. کارڪن، ڏوڪن ۽ انبن جي مند ۾ گرمي به چوٽ تي هوندي ھئي سو موٽ تي پير شير وارو ڇانورو ڏئي گھاڙ واهه جي بمبر ۾ وهنجي سهنجي پاڻ کي ٿڌو ڪري گهر موٽي ايندا هئاسين. مولا بخش ڀٽو منهنجو دلبر يار هوندو هو، هن جي سٺن گڻن جي واکاڻ لکڻ تي پوان ته هڪ داستان لکجي پوندو. 1971ع واري جنگ لڳڻ سان ئي اسان جي روزگار جا اڏا ڪارخانه بند ٿي ويا، اهڙي حالت ۾ ٻين سماجي حالتن سان گڏ ڪارخاني جي مزدورن جي روزي روٽي به متاثر ٿيندي آھي، مزدور جي گهر جي اٽي جا ٽين خالي، کيسو خالي ته پوءِ کيس گهر وارا به ناهن سڃاڻندا. سچ پڇو ته مون سان به اها ڪار ٿي، امان چوي جي گهر هلائڻ ۽ ماني ٻوڙ جو بندوبست ڪرين ته ماني ڏيندي مانءِ. ان وقت جيڪي ٻه ٽي ڏوڪڙ کيسي ۾ هئا، کٽاڻ بازار مان چئن آنن جي جوشي چانورن جي پليٽ مٿان فري ۾ مليل وڇير جي پاون جي گريبي سان پيٽ ڀري ايندو هئس. جڏهن کيسو خالي ٿي ويو تڏهن نائڪ جي اوطاق تي مولا بخش کي وڃي پنهنجو حال ٻڌايم. هن ٻارن کي ڏڌ پاڻي آڻڻ لاءِ چيو، اڍائي وڳي ڪلاس آف ڪري سائيڪل تي چڙھي پهريون مڇي مارڪيٽ آيو، اتان سلاد لاءِ بصر، ٽماٽا ۽ ليمان ورتائين. مولا بخش جي گهر اچي منجهد جي ماني ڍئو ڪري کاڌي ته مون کي اکين ۾ ننڍ اچڻ لڳي. مان سندس اوطاق تي سمهي پيس، گهر مان رسي آيو هئس، سو هن مون کي پنهنجي اوطاق ۾ پنج ڇھ ڏينهن رهايو ۽ قرب سان منهنجي خدمت ڪيائين. علي گوهر آباد ڇڏي جڏهن اسان لاهوري محلي ۾ رهندا هئاسين ته هو پنهنجي سڪ لاهڻ لاءِ هفتي ۾ ٻه ڦيرا ضرور ڪندو هو. رائيس ڪئنال جي درن کا ٽاپ تائين سائي ڇٻر هوندي هئي، اتي ويهي هن جو من پسند ميوو ڪينو کائيندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي سان دل جون ڳالهيون ويٺا اوريندا هئاسين.
1973ع فبروري ۾ مون کي ڪراچي ۾ ليڪچررشپ ملي، هو به سکر واري سينٽر تي سنڌ گورنمينٽ جي قائم ڪيل بورڊ ۾ انٽرويو ڏئي مون ڏانهن ڪراچي سوا ڪنج هاسٽل ملڻ لاءِ آيو ۽ ڏينهن ٻه گذاري ڳوٺ موٽيو. بفضل تعاليٰ مون کان پوءِ ساڳئي سال هن کي به ليڪچررشپ جو آرڊر مليو. سندس پهرين پوسٽنگ ڪراچي جي سراج الدوله ڪاليج ۾ ٿي. مون وڃي کيس ڪاليج جوائن ڪرايو هو، جو منهنجو ڪاليج هن جي ڪاليج جي بلڪل سامهون هو. منهنجي گهر ۾ مونسان منهنجو ڀاءُ ۽ امڙ رهندي هئي. مون کي هن جي خدمت جو هي مناسب موقعو مليو هو، سو مون هن کي ايستائين پاڻ وٽ رهايو جيستائين هن جي رهڻ جو بندوبست جامع مليه ڪاليج ملير جي هاسٽل ۾ ٿيو.
ڪجھ سالن کان پوءِ جامع مليه ڪاليج ملير ۾ بدلي ٿيس، جتي ليڪچرر مان ترقي ڪري اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. ڪراچي ۾ رهندي هوٽلن جون مانيون کائي ٿڪجي پيو هو، تنهن ڪري منهنجي ۽ دوستن جي صلاح تي ڳوٺان ٻار وٺي آيو ۽ ملير جي علاقي الفلاح سوسائٽي ۾ هڪ سٺي مسواڙي جاءِ وٺي آرام سان رهڻ لڳو. ملير ۾ رهڻ دوران هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا اسان جي ملاقات ٿيندي هئي. ڪڏهن هو مون وٽ ايندو هو ۽ ڪڏهن مان هن وٽ ويندو هئس. سندس ٻارن جي ڪراچي ۾ رهائش کان پوءِ اسان جي وچ ۾ گهرو لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ پاڻ ۾ پهريان کان وڌيڪ ميٺ محبت وڌي وئي هئي. ايسوسي ايٽ پروفيسر ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ بدلي ٿي آيو. لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ٻچڙن، ساٿ سنگت ۾ موٽي آيو هو، تنهن ڪري ڏاڍو پيو خوش ٿيندو هو. هڪ ڀيري مان لاڙڪاڻي آيو هئس ته پاڻ ۾ ملي ڏاڍيون سِڪون لاٿيون سين. لاڙڪاڻي ۾ منهنجي هن پياري دوست کي اوچتو دل جي دورو پيو. جنهن مان هڪ ڀيرو چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو هو. ٻيهر کيس وري دل جو دورو پيو، ان مان به ٺيڪ ٿي ويو، اسپتال جي اسٽاف کيس تقريبن وارڊ مان ڊسچارج ڪيو هو پر ٻاهر اچي جڏهن گهر وڃڻ لاءِ بئنچ تي اچي ويٺو ته دوست کي وري دل ۾ سخت سور پيو، جنهن کي هو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ راھ رباني وٺي اسان کان ڏور، گهڻو ڏور هليو ويو.
**