شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

مهاڳ: آنءُ نه جيئندي ان ريءَ

ستي سيج هياس، مون کي آهه اٿاريو،
جنين جاڳياس، آنءُ نه جيئندي ان ري.

انسان ڪائنات ۾ واحد مخلوق آهي، جيڪو پنهنجي جيون کي سڦل بڻائڻ لاءِ هميشه فطرت سان ڪڏهين جنگاڻ ۾ ته ڪڏهين هم آهنگ رهيو آهي. هو پنهنجي عقل، تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي پنهنجي حياتيءَ کي آسان ۽ ڪارگر بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ هو سائنسي عمل جنهن کي ارتقا جو نالو ڏنو ويو آهي، سندس ساٿ ۾ رهيو آهي. انسان اونداهي جهنگلي دور کان اڳتي وڌندو جبلن ۽ غارن واري حياتيءَ کي ڪراس ڪندو ڳوٺن ۽ شهري زندگيءَ ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکيو آهي ۽ اهو سفر اڃا به جاري آهي. انسان پنهنجي ڄاڻ ۽ جستجو واري جبلت سبب ڪائنات ۾ موجود ٻين وجودن جهڙوڪ سج، چنڊ، ستارن، سيارن، طوفانن، زلزلن، سمونڊن جي تسخير جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جهنگي جيوت واري دور ۾ وحشي جانورن جو ڀالي کان وٺي بندوق جي ايجاد تائين مقابلو ڪندو رهيو آهي. گذريل ڪجهه صدين کان وٺي انسان کوجنائن جي ذريعي ڌرتيءَ کان تسخير ڪائنات ڏانهن وڌندو رهيو آهي.
انسان جي اهم ضرورت هئي ته انسان پنهنجي عقلي ڪاوشن ۽ پنهنجي کوجنائن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ته جيئن هو پنهنجي عقلي ڄاڻ ۽ جدوجهد مان حاصل مطلب ڪو لاڀ حاصل ڪندو رهي. ان لاءِ هن لکت جو هنر ايجاد ڪيو. اها لکت پهريائين جانورن جي کَلن، پٿرن ۽ وڻن جي پنن ۽ مٽيءَ جي ڦرهين تي ڪئي ويندي هئي. اڄ ڪلهه جي ترقي يافته دور ۾ پنو لفظ جنهن کي اسان ڪاغذ به چئون ٿا سو ان جي پنن جي باقيات آهي. اڄ ڪلهه جي ترقي به ڪتاب ۽ ڪتب خانن جي مرهون منت رهي آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌو تهذيب، واديءِ نيل، دجله ۽ فرات جي سميري تهذيبن مان هٿ آيل مهرون ۽ باهه ۾ پڪل مٽيءَ جون ڦرهيون به ڪتاب جي ابتدائي شڪل هيون. سنڌو تهذيب جي ماڳن موهن جو دڙو، هڙپا ۽ مهرڳڙهه مان لڌل پٿر تي اڪريل تصويرون، لکت ۽ مهرون شروعاتي ڪتاب جي شڪل جا اهڃاڻ آهن. وادي دجله ۽ فرات جا رهواسي سميري نسل جا هئا، جن وٽان لکت واريون جيڪي مٽيءَ جو ڦرهيون مليون آهن اهي اوڀر وارن علائقن مان لڏپلاڻ ڪري اتي اچي آباد ٿيا، اهو اوڀر وارو علائقو سنڌو تهذيب وارو علائقو هيو ڇاڪاڻ ته انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ واديءِ سنڌ جا واضح اهڃاڻ ملن ٿا. هو جنهن علائقي ۾ رهندا هئا، انهن جي پاڙن کي قدوم چوندا هئا جيڪو لفظ ڪڙم جو بگڙيل اچار آهي. وادي سنڌ جا ماڻهو ان (اناج) جي پوڄا ڪندا هئا يعني انو ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا تنهن ڪري انهن لاءِ لفظ ”انس“ استعمال ڪيو ويندو هيو، يعني ان يا انو ديوتا جي پوڄا ڪندڙ، اڳتي هلي عربي ٻوليءَ ۾ اهو لفظ ”انس“ سڌريل انسان لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. ”ار“ لفظ ”هر“ لفظ جو تبديل ٿيل اچار آهي، ڇو ته سميري لوڪ ڪپڙو اُڻڻ ۽ زراعت کان واقف هئا، سميري لوڪن جي زوال کان پوءِ عڪادي نسل جي سامي باشندن انهن جي جاءِ والاري. تحقيق ۽ مطالعي جي روشني ۾ هن ڳالهه جي آگهي ملي ٿي ته باهه ۾ پڪل لکت واريون ڦرهيون، ڪتاب جي منڍ واري شڪل سنڌو تهذيب جي پراڻن لوڪن سميرين جي ايجاد آهي.
هن وقت منهنجي سامهون ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب جو ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ آهي، جنهن جو مهاڳ مان ڪتاب جي نالي جي مناسبت سان ”آنءٌ نه جيئندي ان ريءُ“ عنوان هيٺ لکيو آهي. ڊاڪٽر سومرو صاحب ”ليکڪ پاران“ واري پنهنجي عنوان ۾ لکي ٿو ته ”سماج ۾ رهندي هر ذي شعور پنهنجي پر ۾ ڪنهن نه ڪنهن انسان کان ضرور متاٿر ٿئي ٿو، مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي سماج جي ڪيترين ئي شخصيتن ۽ ڪردارن کان متاثر رهيو آهيان. خاص طور تي جن زندگيءَ جي اوکي توڙي سوکي ويل ۾ مون کي ڪنهن سڦلي دڳ لائي منهنجي حياتيءَ کي سنواريو آهي. زندگيءَ جي ڊگھي سفر ۾ ڪي اهڙا به سماجي ڪردار مون سان گڏيا جن پنهنجي چڱائي، ڀلائي ۽ بي عرضي جي مطلب سارو مون منجھه سهڻا گڻ پيدا ڪري پنهنجو ڀاڳ نڀايو.“ ڊاڪٽر غلام رسول جي ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ جي ورقن کي اهڙن ڪردارن سونهن بخشي آهي. اهي ڪردار زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ شامل هجڻ ڪري سندس لاءِ ضروري هو ته انهن جي جيون جي سونهري پلن کي هن ڪتاب جي زينت بڻائي، ضروري ناهي ته اهي ڪنهن سماج جي مٿاهين ڪلاس جا ماڻهو هجن.
هن ڪتاب ۾ سندس هم ڪلاسي، سندس استاد، دوست ۽ مختلف سماجي ڪردار شامل آهن، سندس ڪتاب جي فهرست ۾ پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، پروفيسر غلام الله شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ کان ويندي مارڪس وادي دانشور سليم احمد خوجا، سوڀي گيانچنداڻي، مزدور اڳواڻ صاحب خان شيخ ۽ جمعو فقير ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن جن جي ساٿ ۾ سندس جيون جا پل گذريل آهن. ”جيءُ جياريو جن“ ڪتاب جي شخصيتن جي فهرست ۾ ڪافي اهڙا به محسن دوست آهن، جن سان مون پڻ حياتيءَ جون قيمتي گهڙيون گهاريون آهن. پروفيسر بشير احمد ”شاد“ ۽ پروفيسر غلام الله شيخ صاحب منهنجا ڪاليج جا ساٿي ۽ محسن رهيا آهن جن سان منهنجون ڄاڻ ۽ قرب ڀريون ڪچهريون رهيون آهن. پروفيسر غلام الله شيخ صاحب مون کي عمر خيام جي رباعين تي مشتمل ڪتاب گفٽ ڪيو هو جنهن ۾ رباعين جو اردو ۽ هندي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هو، پروفيسر محمد يوسف شيخ صاحب سان لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج جي پرنسيپل شپ واري دور ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون، بعد ۾ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جي گڏجاڻين ۾ ساٿ ۾ رهيا سون، هو سخت ڊسيپلين جو قائل هيو. هسٽاريڪل سوسائٽي جا سڀ ميمبر سندس احترام ڪندا هيا.
”جيءُ جياريو جِن“ جي فهرست ۾ ڏنل ڪردارن مان ڪافي سارن دوستن سان ته منهنجو سڌي طرح ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستيءَ وارو ناتو هيو ۽ ڪن جي ڄاڻ سندن علمي حوالي سان ڪتابن مان ملي. پروفيسر مولا بخش ڀٽو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح سومري سان به منهنجي ڪافي شناسائي رهي. صاحب خان شيخ منهنجو ڳوٺاڻو نئين ديري جو رهواسي مزدور اڳواڻ آهي جيڪو نئين ديري جي شگر مل مزدور يونين جو عهديدار ۽ اڳواڻ رهي چڪو آهي، هو هن وقت رٽايرڊ لائيف پيو گذاري، پر ورچي ڪڏهين نه ويٺو آهي، هو نئين ديري جي ادبي، سياسي ۽ سماجي پليٽ فارمن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. سموري زندگي مزدور يونين ۾ گذارڻ ڪري مزدور دوستي سندس جيون تي حاوي رهي آهي. هو هر سال مزدورن جو عالمي ڏينهن ”پهرين مئي“ باقاعدگيءَ سان تقريب جي صورت ۾ ملهائيندو رهي ٿو. پروفيسر عبدالمنان چانڊيو ڪافي وقت ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسيپل رهيو، بعد ۾ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پرنسپل جا فرائض انجام ڏنائين. هو نهايت عالم شخص هيو. پروفيسر اياز حسين قادري سنڌي ادبي سنگت جي شروعاتي لائق اڳواڻن مان هيو. سوڀو گيانچنداڻي پهريون سنڌي ماڻهو هيو جيڪو رابندر ناٿ ٽيگور طرفان قائم ڪيل ”شانتي نڪيتن“ ۾ تعليم پرائڻ ويو. اتي جڏهن سندس ملاقات ٽيگور سان ٿي ته ٽيگور کيس ميار ڏني ته توهان سنڌين اسان جي بنگالي آرڪيالاجسٽ اين ڪي معجمدار جا قاتل آهيو، ياد رهي ته معجمدار کي ڪاڇي جي ڪوهستاني ڦورن ان علائقي ۾ تحقيق دوران ڦر جي خيال سان قتل ڪيو هو. بعد ۾ جڏهين ٽيگور سوڀي گيانچنداڻيءَ سان وڌيڪ ڪچهريون ڪيون ته هو سوڀي کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس ”مين فرام موهن جو دڙو“ سڏڻ لڳو.
ادب جي کيتر ۾ شخصيتن ۽ ڪردارن تي مشتمل تمام گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن، جن مان مائيڪل هارٽ جو ڪتاب ”دنيا جا هڪ سو عظيم ماڻهو“ جڳ مشهور آهي. ان ڪتاب ۾ پيغمبر اسلام حضرت محمد صلعم کي سرفهرست رکيو ويو آهي. ڪردارن ۽ شخصيتن تي مشتمل هڪ ٻيو ڪتاب ”علم و دانش کے معمار“ جيڪو احمد عقيل روبيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ يوناني فلاسافرن، شاعرن هومر، سقراط، افلاطون، ارسطو، وربل، مائيڪل اينجلو، شيڪسپيئر، ميڪسم گورڪي، دوستيو فسڪي، لارڊ بائڊن، شيلي، جان ڪيٽس، وليم ورڊ ورٿ سميت کوڙ سارن عظيم ڪردارن جو ذڪر آهي..... هومر نالي چيو ويندو آهي هومر يونان آهي ۽ يونان هومر آهي. اهڙي طرح سارتر لاءِ به چيو ويندو آهي ته سارتر فرانس آهي ۽ فرانس سارتر آهي پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سهڻو لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ لطيف آهي. شخصيتن ۽ ڪردارن جي حوالي سان محترم رسول بخش پليجي صاحب ”تارخ تراشيندڙ (شخصيتون)“ نالي سان ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ هن پڻ حضرت محمد صلعم کي پهرين نمبر تي رکيو آهي. ان سان گڏ ٻيون شخصيتون آهن چندر گپت موريا، ڪوٽليه چانڪيه، سنڌ جو سورهيه ڄيٺو واڻيو، مائوزي تنگ، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، فاضل راهو (صدين جي جدوجهد جونچوڙ)، مير علي بخش ٽالپر، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيا ڪافي ساڃاهه وند ڪردار آهن جيڪي ادب جي ميدان جا شهسوار آهن جن جي واکاڻ سان ادبي داستان ڀريا پيا آهن.
جيتري تائين مون کي ياد پوي ٿو ته ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب جو ”ضلعي لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ“ پهريون ڇپيل ڪتاب هو، جيڪو سندس پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ لکيل مقالو آهي. جيئن مشهور آهي ته انگلينڊ کي سمجهڻ لاءِ شيڪسپيئر کي پڙهو، هندستان کي سمجهڻ لاءِ ڪاليداس کي پڙهو ۽ سنڌ کي سمجهڻ لاءِ لطيف سرڪار کي پڙهو، تيئن چئي سگهجي ٿو ته لاڙڪاڻي کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر غلام رسول سومرو جو ڪتاب ”ضلعي لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ورهاڱي کان اڳ“ پڙهڻ گهرجي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب جو ڪتاب ”سنڌوءَ جي ڪناري ساروڻيون“ سندس ساروڻين تي مشتمل ڪتاب آهي. اها حقيقت آهي ته زرخيز ذهنن ۽ تهذيبن درياهن جي ڪنارن تي ئي جنم ورتو آهي. لاڙڪاڻي سان ته اها حقيقت بلڪل ٺهڪي ٿي اچي، ڇوته لاڙڪاڻي مٿان تهذيب جو سج تابناڪ ئي رهيو آهي. موهن جو دڙو ان تهذيب جو سرواڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب جو نالو ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ جڏهين اسان جي ذهن ۾ اچي ٿو ته اسان جي تصور ۾ وادي ڪيلاش کان وٺي مانسرور ڍنڍ کان وٺي کاروڇاڻ تائين سنڌوءَ جون جنت الفردوس جهڙيون ٻئي ڪنڌيون اچي ٿيون وڃن. ڪتاب ”سنڌوءَ جي ڪناري ساروڻيون“ سنڌوءَ جي ساراهه سان ٽمٽار آ، ابن حنيف پنهنجي ڪتاب ”سات دريائون ڪي سرزمين“ ۾ ٻڌائي ٿو ته سنڌو تهذيب پنج لک چورس ميلن ۾ پکڙيل هئي. افغانستان ۾ بدخشان جي ڀرسان هڪ اهڙو قديمي ماڳ لڌو ويو آهي جيڪو سنڌو تهذيب جو آئنه دار آهي. ان ماڳ جي لڀجڻ کان پوءِ سنڌو تهذيب جون حدون اڃا گهڻو وڌي ويون آهن. ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ چيل رگ ويد جا شلوڪ به ڏنل آهن. مذهبي ڪتاب رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ٻٽيهه دفعا ذڪر آيو آهي جڏهن ته گنگا جو نالو صرف هڪ دفعو آيو آهي. سومري صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري ساروڻيون“ ۾ لاڙڪاڻي جي سماجي تاريخ سان گڏ ڄڻ ته جاگرافيائي وضاحت به پيش ڪئي آهي. هن ڪتاب کي سومري صاحب جي آتم ڪٿا ڀلي کڻي نه چئجي پر سندس جيون ڪٿا ضرور آهي.سندس لکڻ جو انداز ڪٿي به اڻ چٽو ۽ جهڪو نظر نه ٿو اچي، سندس ساروڻين ۾ سنڌو درياهه ۽ گهاڙ واهه ڇانيل نظر ٿو اچي. کيس سنڌوءَ ۽ گهاڙ واهه سان بي انداز محبت ٿي ڏيکارجي. حافظ شيرازيءَ کي عراق، عرب ۽ هندستان جي حڪمرانن سندن درٻار ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي حافظ شيرازي جواب ڏنو ته پنهنجي ڳوٺ جي فرحت بخش هوا ۽ رڪناباد جي پاڻيءَ جون دلفريب لهرون مون کي پنهنجو وطن ڇڏڻ جي اجازت نه ٿيون ڏين. سومري صاحب جو سنڌوءَ جي مست ڇولين ۽ گهاڙ واهه جي ڪنارن تي آباد باغن سان ساڳيو انس نظر ٿو اچي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب ”ڳالهيون ڪئناڊا جي وڻ وڻڪار جون“ جي عنوان هيٺ 2021ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هي ڪتاب ڊاڪٽر سومري جو ڪئناڊا جو سفرنامو آهي. سفرناما دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ وسيع معلومات جو ذريعي رهيا آهن، ڇوته پيشيور سياح جتي به پنهنجي وک رکندا آهن اتان جي سموري معلومات قلم بند ڪندا آهن. دنيا ۾ جن ماڻهن جا سفر ناما مشهور ٿيا، اهي آهن فاهيان، يانگ سوانگ، ابن وضلان، ابن بطوطا، البيروني، مارڪو پولو، هيرو ڊولٽس وغيره جن پنهنجي سفرنامن کي ڪتابي شڪل ڏني ۽ انهن سفرنامن جي صورت ۾ دنيا جي ملڪن، بادشاهن، ريتن رسمن ۽ تعليمي ادارن جي ڄاڻ پڙهندڙن ڏانهن اماڻي. سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا سفرناما الطاف شيخ صاحب جا آهن، شايد ڪنهين به ٻوليءَ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ جا ايترا سفرناما نه ملندا جيترا الطاف شيخ صاحب جا آهن. ڊاڪٽر سومري جي هن ڪتاب ۾ ڏنل ۽ فهرست جي عنوانن جي ذريعي ڄڻ ته پڙهندڙن کي ڪئناڊا جو مشاهدو ڪرايو آهي.
انسان جو جيون به جهد البقا جو هڪ عجيب پليٽ فارم رهيو آهي. هو ماضيءَ تي نظر رکندي، حال مان گذرندي مستقبل ڏانهن روان دوان رهيو آهي. ان صورتحال ۾ انسان جا ساٿي ۽ مددگار حال ۽ ماضيءَ جا ڪردار رهيا آهن. انسان نه صرف پنهنجي پر سنگت ساٿ جي تجربن ۽ يادگيرين مان گهڻو ڪجهه پرائيندو رهيو آهي. انسان جو ذهن تجربن ۽ يادگيرين جو ڀنڊار رهيو آهي جتي انسان وٽ لکيت ۽ ڪتاب جي سهوليت موجود نه هئي، اتي ڪردارن ۽ يادگيرين جي ڄاڻ جو ذريعو ڀَٽَ، ڀان ۽ چارڻ هوندا هيا. سنڌ ۾ به آڳاٽي دورن ۾ ڪردارن جي ڄاڻ، ڏاهپ، بهادري ۽ پيار ڀريل قصن جو ذريعو اهي ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ ئي هيا. اڄوڪي ترقي پذير دور ۾ کوڙ سارا ماڻهو اهڙا آهن جن پنهنجي ساٿ ۾ رهندڙ ڪردارن جي جيون ڪٿا قلمبند ڪري ايندڙ نسل جي ڄاڻ لاءِ ڇڏي آهي. ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جو مثال ڏيڻ ڪافي آهي. منهنجي سامهون اهڙو ئي ڪردارن جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ آهي، جنهن جو ليکڪ ڊاڪٽر غلام رسول سومرو صاحب آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب جن ماڻهن سان پنهنجو جنب گذاريو آ، جن مان ڪي پنهنجي زندگي جو سفر پورو ڪري پنهنجي مالڪ سان وڃي مليا آهن ۽ ڪي اڃا پنهنجي حياتيءَ جو سفر جاري رکيو پيا اچن، انهن سڀني جون يادگيريون ۽ انهن شخصيتن جا احوال هن ڪتاب ۾ ڪٺا ڪيل آهن. ڊاڪٽر سومري صاحب جو ”جيءُ جياريو جن“ چوٿون ڪتاب آهي. جيئن ته منهنجي نظر مان سندس سڀ ڪتابَ گذريا آهن، جن جو آئون مختصر طور مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، ان ڪري مان چئي سگھان ٿو ته ڊاڪٽر سومري صاحب جي زندگي سنڌو درياءَ ۽ ان مان نڪرندڙ هڪ قدرتي ڦاٽ ”گهاڙواه“ جي هنج ۾ گذري آهي ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي حياتي درياهن جي ڪنارن تي گذاريندا آهن، انهن جا ذهن فطرت جي ويجهون هوندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي سڀني ڪتابن ۾ ٻولي ۽ لهجو فطرت جي قريب، سادو ۽ رسيلو استعمال ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪا به بناوٽ نه آهي ۽ سندس لکڻين جي لفظن ۽ جملن مان سنڌي ٻوليءَ جو حسن پيو بکي ٿو. هن جي ٻوليءَ ۾ ٻهراڙيءَ واري لهجي جي خوشبو به محسوس ٿئي ٿي. ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ نجپڻو ۽ اصليت هوندي آهي ۽ شهرن جي ٻولي ملاوٽ ۽ بگاڙ جو شڪار هوندي آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول صاحب سان ڀل ته منهنجي ڪا روبرو ڪچهري نه به ٿيل هجي، پر سندس لکڻين جي اسلوب مان سندس شخصيت جي جهلڪ پسجي ٿي وڃي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته: A man is known from his company يعني ”ماڻهوءَ کي ان جي سنگت مان سڃاتو ويندو آهي.“
فارسيءَ ۾ به چوڻي آهي ته:
کند هم جنس باهم جنس پرواز،
کبوتر با کبوتر باز با باز.

يعني ”ماڻهو پنهنجي ڪردار سان مطابقت رکندڙ ماڻهن سان ئي گڏ رهي سگهندو آهي.“
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ ۾ پنهنجي صحبت ۽ ساٿ ۾ رهندڙ ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سومري صاحب مختلف طبقن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي. جيئن ته هو پاڻ استاد پيشي سان لاڳاپيل هيو، تنهن ڪري ڪتاب جي فهرست ۾ گهڻو تعداد استاد پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن جو تذڪرو آهي. انهن کان سواءِ سندس حلقي ۾ هاري، مزدور، حجم، ڌوٻي، موچي پڻ رهيا آهن. ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ ۾ ليکڪ جن ڪردار جو ذڪر ڪيو آهي انهن جي سماجي حيثيت کي نظرانداز ڪندي هن صرف انهن ڪردارن جي انساني گڻن ۽ سٺن لڇڻن کي ساراهيو آهي. ان جو مقصد به اهو ئي آهي ته سماج جا هي ڏتڙيل طبقي جا ماڻهو به پنهنجي ڪرت، فن ۽ ڏاهپ سان سماج کي ڪيتري نه سگهه بخشين ٿا. ڪتاب ”جيءُ جياري جن“ جي فهرست ۾ لڳ ڀڳ ٻٽيهن ڪردارن جو ذڪر ٿيل آهي.
فهرست ۾ هڪ ڪردار ماما بروهي آهي جيڪو هڪ محنت ڪش، پيرين اگهاڙو گهمڻ وارو سخت جان ماڻهو آهي، ڪنڊي کي مجال ناهي جو سندس پير ۾ چڀجي سگهي. ٻيو ڪردار آهي محمد برادي جيڪو لطيف سائينءَ جو شيدائي آهي. ان جي باري ۾ سومرو صاحب لکي ٿو ته مان کانئس لطيف سائينءَ جي بيتن جي تشريح ۽ ڄاڻ حاصل ڪندو هيس. اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ تمام گهڻن اهڙن ڪردار جو به ذڪر آهي، جيڪي عالمانه صلاحيتن جي ڪري سٺي شهرت جا مالڪ رهيا آهن. ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب پنهنجي استادن کي به هن ڪتاب جي سونهن بڻايو آهي. سائين عبدالمنان چانڊيو، سائين ولي محمد ڀٽي ۽ سائين غلام الله شيخ متعلق لکي ٿو ته هو پهريائين ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٽيچر هيا، جيڪي اڳتي هلي ڪاليجن ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيا. سائين ولي محمد ڀٽي آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. هو ڪاليج ۾ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي جي مٿان گلاب جو گل لڳائيندو هيو، جيڪا ڳالهه سندس سڃاڻ بڻجي وئي هئي. هو 1969ع ڌاري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار هيو، ان وقت به پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مٿان گلاب جو گل لڳائي ايندو هيو، سندس انگريزيءَ جو لهجو سنڌيءَ وارو هيو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو جنهن ڪري سندس هڪ ڄنگهه ۽ ٻانهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو بعد ۾ هو معذوريءَ واري حياتي گذارڻ لڳو، پنهنجي صحتمنديءَ واري دور ۾ هو انگريزي جو مشهور استاد ليکيو ويندو هيو.
ڊاڪٽر غلام رسول صاحب پنهنجي ٻئي استاد سائين غلام الله شيخ جو به مانائتو ذڪر ڪيو آهي. هو ڊاڪٽر بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ صاحب ۽ پاڻ متعلق لکي ٿو ته اسان سائين غلام الله شيخ کان وقت وٺي، ان وٽ وڃي کانئس ڪجهه نه ڪجهه پرائي ايندا هئاسون. هو لکي ٿو ته ”فطرت سان پيار جي سمجهه اسان کي سائين غلام الله شيخ صاحب جن ڏني.“ شيخ صاحب ڪجهه وقت ڪامرس ڪاليج ۾ به انگريزيءَ جو استاد رهيو، هو سُر سنگيت جو ماهر، اسٽيج ڊرامن جو فنڪار ۽ بهترين ڳائڻو به هيو. هو آخر ۾ ڊگري بوائز ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ به انگريزيءَ جو استاد رهيو. هو انگريزي، عربي، فارسي ٻولين جو به ڄاڻو هيو، هو اصل ۾ قمبر جي ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ جو رهائشي هيو ۽ لاڙڪاڻي پنهنجي والدين سان لڏي آيو هو. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو گهڻي وقت کان ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. ڊاڪٽر سومري صاحب سندس خاڪو نهايت دلپزير انداز ۾ لکيو آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب پنهنجي ڪتاب ”جيءُ جيارو جِن ۾“ ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول جي استادن سان گڏ پرائمري اسڪول جي استادن جو به ذڪر ڪيو آهي. سندس هڪ پرائمري اسڪول جو استاد مولوي عبدالرشيد پيرزادو هيو، جنهن جو اصل ڳوٺ دودو سنهڙي هيو. هو 1953ع ڌاري علي گوهر آباد واري مسلم پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هيو. هو سياست ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ وارا خيال رکندو هيو ۽ جميعت علماءِ هند ديوبند وارو نظريو رکندو هيو. ڊاڪٽر غلام رسول چوي ٿو ته ”1965ع ڌاري معمول مطابق سائين غلام الله شيخ، بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف شيخ ۽ مان ڪيفي المدينه تي شام جو چانهه پيئڻ ويندا هياسون ته اتي سائين عبدالرشيد سان به ملاقات ٿيندي رهندي هئي.“
پنهنجي هڪ ٻئي استاد فيض محمد سيال متعلق هو لکي ٿو ته ”سائين فيض محمد سيال سان گڏ ان وقت جا ٻيا به استاد اهڙا ئي هيا، جيڪي پنهنجي شاگردن جي ڪردار سازي ڪندا هيا. فيض محمد سيال جي سياست ۾ وڏي دلچسپي هوندي هئي. هو جمعيت علماءِ هند جي سياسي تحريڪن ۽ سرگرمين سان سلهاڙيل هيو ۽ ان سان گڏ هو سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندو هيو. اسان کيس شهر ۾ جتي به ڏسندا هياسيون ته کيس پيرن تي هٿ رکي ملندا هياسيون.“ هي پنهنجي دور جا مثالي استاد هيا جيڪي نه صرف ٻارن جي ڪورس جي ڪمن ۾ رهبري ڪندا هيا پر شاگردن جي اخلاق سازيءَ تي توجهه ڏيندا هيا، جنهن ڪري سندن جيڪي شاگرد هيا اهي سڀ استادن جي تربيت جي ڪري سلجهيل ۽ با ڪردار بڻجي ويندا هيا. ان ڪري اڄ به اسان کي اهي استاد ياد رهندا آهن. اڄ ڪلهه اسان کي اهڙا استاد ڳولهيا به نه ٿا ملن ان ڪري ئي واٽيئر جو قول ياد پوندو آهي ته:
“Give me a teacher, I shall given you a nation”
يعني ”مون کي بهتر استاد ڏيو مان توهان کي بهتر قوم ڏيندس“.
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو هن ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته ”سندس زندگيءَ کي چئن ماڻهن جي صحبت سنواريو ۽ علمي ادبي شعور بخشيو، سي هئا پروفيسر غلام الله شيخ، پروفيسر اياز حسين قادري، پروفيسر عبدالله جاويد ۽ پروفيسر عبدالمنان چانڊيو. انهن ماڻهن جي صحبت مون کي ايترو ته متاثر ڪيو جو اڌ صدي گذرڻ باوجود کين وساري نه سگهيو آهيان.“ ڊاڪٽر صاحب ٻڌائي ٿو ته پروفيسر عبدالمنان چانڊيو 1960ع ڌاري لاڙڪاڻي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ اسان کي انگريزي پڙهائيندو هيو، سندس انگريزي ادب ۽ اڪانامڪس ۾ پوسٽ گريجوئيشن ٿيل هئي. منان صاحب جو مطالعو ايترو ته وسيع هيو جو سڄو وقت فلسفيانه گفتگو ڪندو هيو. ڊاڪٽر سومرو صاحب لکي ٿو ”جڏهين اسان جي اسٽڊي سرڪل جون گڏجاڻيون جناح باغ ۾ ٿينديون هيون جن ۾ سائين غلام الله شيخ سان ملڻ لاءِ سائين عبدالمنان چانڊيو به شريڪ ٿيندو هيو ۽ اسان سان پنهنجي ڄاڻ ۽ ويچار ونڊيندو هيو. اڳتي هلي عبدالمنان صاحب آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسيپال ٿيو، ان وقت به محمد يوسف شيخ، بشير احمد شاد ۽ مان گڏجي وٽانئس ڪجهه سکڻ لاءِ ويندا هئاسون، سندس ڄاڻ جو ذخيرو گهڻو وسيع هوندو هيو، کيس انگريزي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ وڏي مهارت حاصل هيس. هو گهڻ پاسائي صلاحيتن جو مالڪ هيو، سندس شمار بهترين استاد بهترين منتظم ۽ عالمن ۾ رهندو پيو اچي. رٽائر ٿيڻ کان بعد ۾ هن پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پرنسيپل طور خدمتون سرانجام ڏنائين.“
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، پروفيسر اياز حسين قادريءَ بابت لکندي ٻڌائي ٿو ته ”مان جڏهين ڪراچيءَ پهتس ته منهنجي علمي، ادبي ۽ اخلاقي استداد وڌائڻ ۾ پروفيسر اياز حسين قادري صاحب وڏي مدد ڪئي. ان دوران دهلي ڪاليج جي پروفيسر حسن اڪبر جي معرفت مان پاڪستان رائٽرز گلڊ جو ميمبر ٿيس، جنهن دوران جميل الدين عالي، جناب سرشار صديقي، نسيم دراني ۽ مسٽر طارق امرائو اميد فاصليءَ سان ملاقاتون ٿيون. سنڌي اديب ۽ عالم اياز قادري، نواز علي شوق ۽ فهميده ميمڻ پڻ رائٽرز گلڊ جا ميمبر هيا. ڊاڪٽر سومرو لکي ٿو ته مان ايم فل جي موضوع تي لاڙڪاڻي جي تاريخ تي پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو ۽ مان ساڳئي موضوع کي سائين اياز قادريءَ جي مشوري سان پي ايڇ ڊيءَ لاءِ رجسٽرڊ ڪرائي ڇڏيو، جنهن لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ کان منظوري ورتي.“ قادري صاحب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي شاهه عبداللطيف چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن جو ذڪر به آندو آهي، جن جي صحبت جا مٿس گھرا اثر پيا. هو ٻڌائي ٿو ته زندگيءَ ۾ جن ماڻهن مون کي گهڻو متاثر ڪيو انهن مان هڪ اردوءَ جو ترقي پسند شاعر پروفيسر عبدالله جاويد به هيو. هو ذهني لحاظ کان جيترو بلند هيو، اوترو پاڻ کي ظاهر نه ڪندو هيو. هندستان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هو ڪميونسٽ خيالن جي حلقي ۾ شامل رهيو. هو لاڙڪاڻي جي ترقي پسند دانشور جمال الدين بخاريءَ جي گهڻي تعريف ڪندو هيو. لاڙڪاڻي وارو ڊاڪٽر امان الله سومرو سندس سنڍو هيو جو سندس شادي ڊاڪٽر امان الله سومري جي ساليءَ سان ٿيل هيس. هو هيو ته ڪميونسٽ اڳواڻ پر رٽائرمينٽ کان پوءِ گهڻو تبديل ٿي ويو هيو. اسان جا پوءِ به ساڻس لاڳاپا برقرار رهيا، سندس گهر واري ڊاڪٽر شهناز هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر هئي، هوءَ اسان جي فيملي ڊاڪٽر هئي هو اڄ ڪلهه پنهنجي ڪٽنب سميت ڪئناڊا ۾ رهي ٿو، پر خبر ناهي ته حال حيات به آهي يا نه؟
ڊاڪٽر غلام رسول جتي پنهنجي استادن ۽ ڪليگ پروفيسر صاحبان جو ذڪر ڪيو آهي، اتي هن پنهنجي پورهيت اڳواڻ دوست صاحب خان شيخ کي به اهم حيثيت ڏئي ياد ڪيو آهي. صاحب خان شيخ سان زندگيءَ جي سفر جون ڳالهيون ٻڌائيندي چوي ٿو ته ”صاحب خان شيخ سان مزدور اڳواڻ جي حيثيت ۾ مختلف ماڻهن کي مختلف ٽيڪسٽائل ملز ۾ روزگار سان لڳايو.“ ڊاڪٽر سومرو صاحب ٻڌائي ٿو ته لاڙڪاڻي سمال انڊسٽري جي ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ صاحب خان شيخ ۽ اسان يونائيٽيڊ ليبر يونين جو بنياد وڌو. ان مزدور يونين ۾ صاحب خان شيخ سندس شاگرد ٿي ڪم ڪيو. صاحب خان شيخ صرف ٻه چار درجا سنڌي مس پڙهيل هيو، ٿوري گهڻي انگريزي سکڻ لاءِ مان کيس ٻه ڪتاب ريڊر ۽ پرائيم وٺي ڏنا، کيس پڙهڻ سيکاريو. ڊاڪٽر غلام رسول ٻڌائي ٿو ته کيس جڏهين خبر پئي ته صاحب خان شيخ لاڙڪاڻي شگر ملز مزدور يونين جي صدارت سنڀائي آهي ته مان خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپيس. هو ٻڌائي ٿو ته مان جڏهن ليڪچرار ٿيس ته مزدور يونين کي صاحب خان شيخ ئي سنڀاليو، صاحب خان شيخ بهترين مقرر به آهي ۽ هو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ جوش خطابت جو مظاهرو ڪري آيو آهي. صاحب خان شيخ هن وقت رٽائرمينٽ واري زندگي نئين ديري ۾ گذاري رهيو آهي، سندس ذهن ۾ پورهيت اڄ به زندهه ۽ سلامت آهي.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري لاڙڪاڻي جي ڪردارن جو ذڪر ڪندي شهر جي مشهور ڪردار ڏاهي جمعي فقير جو به ذڪر ڪيو آهي، سندس ڏاهپ ڀري گفتگوءَ جي ڪري کيس لاڙڪاڻي جو ”وتايو فقير“ سڏيو ويندو آهي. هو سدائين گڏهه تي سوار ٿي گهمندو هو. اهو گڏهه ڄڻ سندس زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو هو. گڏهه جي سواريءَ وقت هو پنهنجا پير هٿراڌو ٺهيل رڪاب تي رکندو هيو، سندس پويان ڪتن جي لوڌ به ڪڍ هوندي هيس جن کي هو گوشت مارڪيٽ مان ڇڇڙا هٿ ڪري کارائيندو هيو تنهن ڪري ڪتا به کاڌي جي لالچ ڪري سندس پچر نه ڇڏيندا هئا. هو اکين ۾ سرمو ايترو ته گهڻو پائيندو هيو جو لڳندو هو ته ڄڻ ڏوڻن سان سرمو پائيندو هجي. جمعو فقير جوانيءَ ۾ حجامڪو ڪم ڪندو هيو تنهن ڪري اڪثر ماڻهو کيس حجم ئي سمجهندا هئا، پر ذات جو سومرو هيو ۽ قمبر جو ويٺل هيو، جتان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ ويٺو. مسٽر ذوالفقار علي قادري (قمبر وارو) هن جون ڪافي ڏاهپ ڀريون ڳالهيون قلمبند ڪيون آهن، جمعو فقير سندس ڳوٺائي هيو. سندس گفتا معنيٰ ۽ رمز ڀريل هوندا هئا. ڊاڪٽر سومرو صاحب پنهنجي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ”جمن فقير پنهنجي مزاج ۾ هڪ حسن پرست جيئڙو هيو، لڳي ٿو ته جوانيءَ ۾ ڪنهن جي مٿان دل هاري ڪا چوٽ کائي چڪو هيو.“ اڳتي لکي ٿو ته: ”70-1965ع واري زماني ۾ جنهن وقت اسان جي به ڦوهه جواني هئي، مون جمعي فقير کي ٻيجل واري سريلي ساز واري انداز ۾ سهڻن، خوبرو جوانن اڳيان جادوگري سان ڀريل گفتن ۾ کين چوندي ٻڌو ته: ”رب ڏسئي ٿو..... مٿان بيٺو اٿئي... بس خيال ڪري هل.“
جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به جمعي فقير سان سنگت رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ڀٽي صاحب کي ڪنهن ماڻهو ٻڌايو ته شهر ۾ گڏهه تي گهمندڙ هڪ فقير جا گفتا ٻڌڻ وٽان آهن. ڀٽي صاحب چيو ته ان کي المرتضيٰ هائوس گهرايو. جڏهن ماڻهن جمعي فقير کي ٻڌايو ته توکي ڀٽي صاحب گهرايو آهي ته چڙ ۾ چيائين ته ”مان ڪو ڀٽي صاحب جو نوڪر آهيان ڇا؟ وڃي چئوس ته مان نه ايندس.“ اها ڳالهه ٻڌي ڀٽو صاحب پاڻ وٽس ڪئنيڊي مارڪيٽ وٽ ملڻ آيو، ڀٽي صاحب کيس چيو ته ”مان تو وٽ حاضري ڀرڻ لاءِ آيو آهيان،“ تنهن تي جمعي فقير کيس چيو ته ”ابا مان ڪهڙو ماستر آهيان جو مان وٽ حاضري ڀرڻ آيو آهين.“ ڀٽي کيس چيو ته ”ڀلا دوستي رکئون،“ جمعي فقير کيس چيو ته ”دوستي رکڻ سولي آ پر نڀائڻ ڏاڍي ڏکي آ.“ ان کان پوءِ ڀٽي صاحب ۽ جمعي فقير جي پاڻ ۾ دوستي جُڙي.
ڀٽو صاحب وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ جمعي فقير سان مليو ۽ کيس چيو ته ”جمعا فقير دعا ڪر“، تنهن تي جمعي فقير کيس چيو ته ”وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ به جي خوش ناهين ته ڀلا هڪڙو ڪم ٿا ڪيون تون مان وارو گڏهه سنڀالي جمعو ٿي وڃ ۽ مان وري ڀٽو ٿو بڻجان.“ ڀٽي صاحب چيس ”منظور آ مون کي ڏي پنهنجو گڏهه.“ ان وقت ڀٽي صاحب سان ڪافي وزير، مشير ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا. جمعي فقير انهن ڏي نهاري چيس ”نه ابا مان پنهنجو گڏهه ڪونه ڏيندس. ڀٽا صاحب! هن جهڙا ته تو وٽ اڳي ئي جام بيٺا آهن، تون پهريائين انهن کي سنڀال.“ ان تي ڀٽي صاحب کلي ڏنو ۽ وزيرن، ڪامورن جا منهن لهي ويا. چون ٿا ته جمعي فقير پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏينهن هڪ قبرستان ۾ گذاريا ۽ پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا هن اتي ئي پورا ڪيا.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري پنهنجي ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ ۾ لاڙڪاڻي جي مهان ڪردار سوڀي گيانچنداڻي جو به احوال لکيو آهي. سوڀي گيانچنداڻيءَ جو عملي رول هن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۽ ٿورو بعد ۾ وڏي اهميت وارو رهيو آهي. سوڀو گيانچنداڻي ان ڪميونسٽ پارٽيءَ جي يونٽ بيورو جو ميمبر هيو جنهن کي ڪامريڊ سجاد ظهير پاڪستان ۾ اچي آرگنائز ڪيو. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”جيئن ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي لائبريري ۾ انهن اديبن عالمن ۽ شاعرن جو علمي ادبي سرمايو موجود آ، جيڪي ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ڀارت هليا ويا ۽ ڪافي علمي سرمايو پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ان مان مستفيض ٿيڻ لاءِ مان پنهنجي دوست ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي گذارش ڪئي ته مونکي سوڀي گيانچنداڻي سان ملاقات ڪرڻي آ، پروگرام ٺاهيو ته ساڻس ملئون، ٻئي ڏينهن تي اسان ٻئي سوڀي گيانچنڊاڻيءَ جي گهر پهتاسين. اسان جڏهين سوڀي صاحب جي گهر پهتاسين تي اتي اسان جي سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڀاءُ آڌرڀاءُ ڪئي، اسان کيس اچڻ جو سبب ٻڌايو، سوڀو گيانچنداڻي به ايتري ۾ اسان وٽ آيو جنهن اسان کي صبحاڻي شام جو اچڻ جو وقت ڏنو. ٻئي ڏينهن اسان پروگرام موجب سندس گهر پهتاسين، هو پنهنجي لائبريريءَ مان ڀارت لڏي ويل سنڌي اديبن، عالمن ۽ شاعرن جا ڪتاب ڪڍي ڏيکاريندو کٽ تي رکندو ويو. گنگارام سمراٽ جو ”قديم سنڌ جي تاريخ“ منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين، هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي اوائلي تاريخ لکڻ ۾ توهان جو مددگار ٿي سگهي ٿو. مون کي احساس آهي ته گيانچنداڻيءَ صاحب ڪيڏو نه وڏو عالم، مفڪر، مقرر ۽ اديب آهي هو سخاوت جو مظاهرو ڪري مون کي فيض پيو پهچائي. هن ويهارو کن ڪتاب منهنجي هٿ ۾ ڏنا، جيڪي سمورا منهنجي ڪم جا هئا. مون سوڀي صاحب کي چيو ته مون کي هنن ڪتابن جا ڪجهه حصا فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻا پوندا، هن فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي مونکي اها اجازت ڏني.“
ڊاڪٽر غلام رسول سومرو ٻڌائي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي لاڙڪاڻي جي علمي، ادبي آسمان جو وهائو تارو هيو، سندس قدر و منزلت جا قائل پوري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ موجود آهن. هو ٻڌائي ٿو ته هڪ ڀيري ڀارت کان ڪيفي اعظمي ۽ ٻيا ڪميونسٽ مڪتبه فڪر جا عالم، اديب ۽ شاعر پاڪستان ۾ آيل هئا، ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون واري عمارت جي ٻئي فلور تي ترقي پسند سوچ رکندڙ اديبن جو هڪ مذاڪراتي پروگرام رکيل هو، ڊاڪٽر سومرو ٻڌائي ٿو ته هو پڻ اُتي موجود هيو، جتي سندس ملاقات پروفيسر مسلم شميم سان ٿي. ان تقريب ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي شرڪت هڪ مقرر جي حيثيت سان ٿي هئي. ڊاڪٽر سومرو ٻڌائي ٿو ته مان گهڻن عالمن، اديبن کي ٻڌو آ پر هن تقريب ۾ ننڍي کنڊ جي ريڊيڪل خيالن جي عالمن جي سامهون سوڀي گيانچنداڻي صاحب جي خيالن جو اظهار ٻڌي منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي ۽ فخر محسوس ڪيو ته لاڙڪاڻي واسي سنڌ جي ننڍي ڳوٺ ”ٻنڍيءَ“ ڄائو ڪيڏن نه وڏن خيالن جو مالڪ آ.
ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ ۾ جن به ڪردارن جو ذڪر آهي، سي سڀ ئي واقعي جيءُ جياريندڙ آهن، پر پوءِ به جي ڪڏهين ڪتاب جي ڪردارن تي ڀيٽائتي نظر وجهبي ته ان ڪتاب جي فهرست ۾ اسان کي هڪ اهڙو ڪردار ملندو جيڪو ادبي ۽ علمي لحاظ کان اسان کي سڀني کان مٿانهين جڳهه تي بيٺل نظر ايندو ۽ اهو ڪردار آهي ”ڊاڪٽر بشير احمد شاد“. جيڪڏهين ڏسجي ته جيءَ کي جيارڻ لاءِ اهو هڪڙو ئي ڪردار به ڪافي لڳندو. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو ذڪر هنن لفظن سان شروع ڪيو آهي:
”ڊاڪٽر بشير احمد شاد ٻين دوستن جو ڀلي دوست هجي پر منهنجو پيارو ڀاءُ آهي.“ سومرو صاحب ٻڌائي ٿو ته بشير احمد شاد جو اباڻو ڳوٺ شڪارپور آهي، جتان لڏي اچي هو لاڙڪاڻي ۾ ويٺا. ڊاڪٽر غلام رسول جي سنگت شاد صاحب سان ٻالڪپڻي کان ئي شروع ٿي. سومرو صاحب چوي ٿو ته روايت جي ابتڙ مان بشير احمد شاد صاحب کي سندس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ۽ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سومرو صاحب لکي ٿو ته بشير احمد شاد سان دوستيءَ کان اڳ مان کيس پنهنجي پاڙي ۾ ايندي ويندي ڏسندو هيس، ساڻس پهرين ملاقات ميونسپل هاءِ اسڪول جي ڊرائنگ هال ۾ ٿي، اسڪول ۾ پڙهڻ واري عمر جي دوران اسان يعني مان، بشير احمد شاد ۽ محمد يوسف شيخ، سائين غلام الله شيخ جي رهنمائيءَ ۾ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيو هو. 68-1970ع واري زماني ۾ بشير احمد شاد هڪ پڪي پختي شاعر، مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ گهڻو متحرڪ هو. هو سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ پنهنجا مقالا، مضمون ۽ شاعري شايع ڪرائيندو رهندو هو. 1970ع واري زماني ۾ جڏهين هو ايم اي پاس ڪري چڪو هو ته مون کي ٻڌائيندو هيو ته اردو ۽ سنڌيءَ ۾ منهنجا پنج سئو کن مضمون شايع ٿي چڪا آهن، شعرو شاعري ان کان الڳ هئي. سچل ادبي مرڪز جي قيام بعد بشير احمد شاد سڄي سنڌ ۾ هڪ اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان مشهور ٿي چڪو هو. لاڙڪاڻي ۾ سچل ادبي مرڪز جي قيام کان پوءِ اٽڪل 30 سال جي عرصي ۾ بشير احمد شاد پنهنجي شهر لاڙڪاڻي کي هڪ شاندار ادبي ماحول فراهم ڪيو آهي.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي جاکوڙي ۽ محنتي سڀاءَ جي نتيجي ۾ هن جي ساٿين ۽ اولاد کان ادب جي کيتر ۾ قابل فخر ڪم ٿيا آهن. 1985ع ۾ ريلوي ريسٽ هائوس جي باغيچي ۾ سندس نگراني ۾ منعقد ٿيل ”ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ جمعيت الشعراءِ لاڙڪاڻي جي ڪانفرنسن جون سڪون پئي لاٿيون. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت جي سفر ۾ منهنجو بشير احمد شاد سان پراڻو ساٿ رهيو آهي. هن وقت ٻاهٺ سالن جي اسان جي دوستي اهڙي ڌارا ۾ وڃي داخل ٿي آهي جو اسان سڀئي ٻارين ٻچين هڪ ٻئي جي گهر جا ڀاتي ٿي ويا آهيون. رب سائين کيس انيڪ نعمتن سان گڏ پاڻ جهڙي اولاد سان نوازيو آهي. سندس پٽ ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪمري ۾ وڃڻ ٿيندو آهي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي ته هڪ عالم جي پوک ۽ فصل ڇا ٿيندو آهي. ڪمري جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪتاب ئي ڪتاب ڏسڻ ۾ ايندا آهن. بشير احمد شاد جو گهر ڄڻ ته هڪ باغيچو لڳندو آهي جنهن ۾ سندس اولاد مان هر قسم جي گلن جو واس ايندو آهي. ڊاڪٽر احسان دانش ۽ رضوان گل پنهنجي والد محترم جيان ڪاليج ۾ پروفيسر آهن ۽ اهي به هن وقت سڄي سنڌ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي حيثيت ٺاهي چڪا آهن. شاد فيمليءَ جهڙيون سنواريل فيمليون سنڌ ۾ ورلي ئي ملنديون. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي اولاد به سندس نقش قدم تي پوريءَ ريت عمل پيرا آهي. اهڙو مثال گهٽ ملندو جو گهر جو وڏو به پروفيسر سندس اولاد مان پٽ به اديب، عالم، شاعر ۽ جج مطلب ته سڄو ڪٽنب علمي، ادبي، ماحول ۾ رنڱيل هجي.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي حيثيت جو مالڪ آهي. هن جو خاص طور سنڌي تحقيقي اب ۽ لطيفيات ۾ وڏو ڪم آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن جو انگ 20 آهي. خاص طور تي شاهه عبداللطيف جي مختلف سُرن تي سندس مختلف ڪتابن ۾ لاتعداد مقالا ۽ مضمون ڇپيل آهن. ڊاڪٽر شاد خاڪا نگاريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ڪتاب ”منجهان منهنجي روح“ ڇپائي واري مرحلي ۾ آهي. بشير احمد شاد پنهنجي جيون ڪٿا ”جيون ساگر“ جي عنوان سان لکي رهيو آهي. سندس ٻيا ٻه ڪتاب، ”اقباليات جا سو سال“ ۽ ”اورنگزيب عالمگير جي حياتيءَ جا نوان رخ“ جيڪي سندس ترجمو ٿيل آهن ڇپائيءَ جا منتظر آهن. ڊاڪٽر غلام رسول سومري جي ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد تي سڄا سرا چاليهه صفحا لکيل آهن، منهنجي نظر ۾ سڄي ڪتاب تي ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي زندگيءَ ۽ حاصلات تي ڊاڪٽر غلام رسول گهڻي عرق ريزي ڪئي آهي ۽ پنهنجي مڃتا جو اظهار ڪيو آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب ڄڻ ته ڊاڪٽر شاد جي مختصر ادبي جيون ڪٿا ئي لکي آهي. ان جي باوجود شاد صاحب جي ادبي جيون ڪٿا کي رڳو ايترن صفحن ۾ نه ٿو لکي سگهجي.
هن ڪتاب ”جيءُ جياريو جن“ جا کوڙ سارا اهڙا اُملهه ڪردار به آهن جيڪي منهنجي زير قلم نه اچي سگهيا آهن ۽ اهي منهنجي قلم جا محتاج به نه ٿا ٿي سگهن ڇو ته اهي ڪردار به پنهنجي فيلڊ ۾ ڪونه ڪو مقام رکن ٿا. مان ڊاڪٽر غلام رسول سومري صاحب کي هن اهم ڪتاب لکڻ تي دلي طور مبارڪون پيش ڪريان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته سندس هي ڪتاب خاڪانگاري جي سلسلي ۾سنڌي ادب جي اهم ڪتابن ۾ جاءِ والاريندو.

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر
نئون ديرو