ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيو
ڊاڪٽر عبدالڪريم ننڍي توڙي وڏي سان نهايت پياري انداز سان گفتگو فرمائيندو هو پر جهيڻو ٻڌندو ۽ جهيڻو ڳالهائيندو هو. سندس پياري ۽ قربائتي شخصيت جي ڪري علي گوهر آباد جي پاڙي ۾ کيس هر ڪو عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. سندس پيشو ڊاڪٽري هو. منهنجي خيال ۾ ايم بي بي ايس ڪونه ھو. ورهاڱي کان اڳ جو پڙھيل ڳڙھيل هو ۽ ان زماني ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڊسپينسر وغيره جي ڪا سند هجيس. پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ بحيثيت ڊسپينسر رهيو. اسان کيس رٽائرمينٽ واري زماني ۾ پنهنجي گهر جي اوطاق ۾ ڪلينڪ هلائيندي ڏٺو. 1960ع جي شروعات واري وقت عبدالڪريم تنيو صاحب اسان جي پاڙي جو محسن، مربي ۽ نرم لب لهجي رکڻ وارو ڊاڪٽر سڏبو هو، صاحب ڪردار هو کيس رب سائين هٿ ۾ شفا رکي هئي، تنهن ڪري اسان جي گهر سميت پاڙي جي سموري گهرن ۾ مريضن کي ڏسڻ ايندو هو. ان زماني ۾ پاڙي جون دايون گهرن ۾ ئي ويم ڪرائيندون هيون. جڏهن داين کي ٻار ڄڻائڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿيندي هئي ته اهي سور تڪڙا ڪرائڻ لاءِ پچيوٽوري انجيڪشن ڪرائينديون هيون. ان ڏکي وقت ۾ اڪثر اوير سوير رات جي وڳڙي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم جو وڃي در کڙڪائبو هو ته ھو ڪڏهن منهن نه گھنجائيندو هو، بلڪه جود جلد ڪري رستي ۾ به وڏيون ٻرانگهون ڀري مريض وٽ پهچندو هو. ڄڻ ته ڪي مريض سندس گهر جو ڀاتي هجي. اهڙي وقت ۾ هو غريب غربي کان ڪا في به طلب نه ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو کيس في ڏيندو هو ته واهه نه ته ٺھيو.
ڊاڪٽر عبدالڪريم جي ڪلينڪ صبح کان رات تائين کليل هوندي هئي. پاڻ جي مريضن کي ڏسڻ ويندو هو. يا ڪنهن گهر جي ڪم سان ڪيڏاهن نڪري ويندو هو، تڏهن به ڪلينڪ جو در بند نه ڪري ويندو هو. اسان دوستن جا پنهنجي قربدار دوست بشير احمد ”شاد“ وٽ صبح شام ڦيرا هوندا هئا. خاص ڪري پياري دوست مرحوم پروفيسر مولابخش ڀٽي جي ادي بشير احمد سان ملاقات ڪرڻ کان سواءِ سرندي ڪا نه هئي. مهيسر گهٽي ۾ محمد نواز مهيسر جي اوطاق ٽپي بشير احمد جي گهر ڏانهن رخ ڪندا هئاسين ته پهريان منهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ پوندي هئي. اسان کي پنهنجي اڳيان لنگهندي ڏسندو هو ته ڪرسي تي اٿي بيهي رڙ ڪري سڏيندو هو. ”اڙي سائين ڪاڏي، ڪاڏي؟ ايئن ايڏي رکائي ته ٺھي ڪا نه ٿي. بشير احمد سان به ملجو پر پهريون مون سان ته ملو..“ سچ پڇو ايڏي ته اڪير ۽ محبت سان ملندو هو جو اسان وٽس ٻه گهڙيون ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويهي رهندا هئاسين. ڊاڪٽر صاحب جي ڳالهائڻ جو قرب ڀريو پيارو انداز دلين کي ڏاڍو موهيندڙ هوندو هو. اسان سندس وسيع سماجي ۽ گهري علمي معلومات مان گهڻو فيضياب ٿيندا هئاسين. هڪ ڏينهن مسٽر مولابخش ڀٽو جيڪو ان وقت شاهه محمد پرائمري اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر هو، صبح جي وقت منهنجي گهر آيو ۽ چوڻ لڳو ته هل ته هلي ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ڪيون. ٿوري جهٽ ۾ اسان ڊاڪٽر عبدالڪريم سان سندس ڪلينڪ تي ملڻ وياسين. وڏي مسڪان سان مرحبا مرحبا چوندي آجيان ڪندي چوڻ لڳو. ”اڄ ته وڏي ڀلائي ڪئي اٿو!“ مولابخش وراڻيس. ”سائين هتان لنگهئون پيا، دل چيو ته اڳ ۾ اوهان جو سلام ڀريندا وڃون“. اڌ منو ڪلاڪ ڪچري ڪندي مس گذريو ته ڊاڪٽرصاحب پنهنجي ڪرسي تان اٿيو ۽ مسڪرائيندي چيائين ”مان ڀلا اندران ٿي اچان“ 15، 20 منٽ گذريا ته ڊاڪٽر صاحب گهٽي واري دروازي کان چانھ جي ڪٽلي ۽ ڪوپ هٿ ۾ کنيو اندر داخل ٿيو. اسان اٿي بيٺاسين ۽ ڊاڪٽر صاحب کي چيوسين. ”سائين اوهان ويا ته گهر هئا پر هي هيڏانهن ڪيڏانهن چانھ کڻي آيا“ وراڻيو. ”پنهنجي يار سرائي وٽان کير پتي چانھ ٺھرائي آيو آھيان“. ٿورو مسڪرائيندي وري چوڻ لڳو. ”توهان جهڙن پيارن ماڻھن لاءِ ته کير پتي واري سٺي چانهن هجي نه!“ ڊاڪٽر صاحب اها چانھ ايمپائر سنيما تان سرائي جي هوٽل تان پنڌ وڃي ٺھرائي کڻي آيو هو. اسان کي ان ڏينهن اندازو ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب اسان سان ڪيتري محبت ڪري ٿو ۽ اسان جي ڪيتري عزت ڪري ٿو.
اسان جو دوست ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ سندس ئي گهر جي هڪ حصي ۾ پنهنجي والدين سان رهندو هو. اندازو آھي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم ۽ ڀاءُ بشير احمد جي والد صاحب چاچا سائين در محمد جو پاڻ ۾ ڪو ويجھو مائٽاڻو تعلق هو. جو هڪ ئي جاءِ ۾ گڏ رهندا هئا.
ڊاڪٽر صاحب زماني جو تجربيڪار ۽ پختن خيالن جو ماڻھو هو. ڀانيان ٿو ته بشير احمد جي تعليم ۽ تربيت ۾ ٿورو ڪي گهڻو هن جو هٿ ھو. مون کي ياد آھي ته جڏهن ڊاڪٽر صاحب وفات ڪئي هئي ته ڀائو بشير احمد گهڻو غمگين هو. ان موقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي بشير احمد منهنجي اڳيان هي لفظ چيا هئا. ”يار بس ڳالھ نه پڇ مرحوم وڏو ڏک ڏئي ويو. هو منهنجو محسن ۽ مربي هو.“
ڊاڪٽر عبدالڪريم سان ذاتي طور منهنجي گهڻي لڳندي هئي، رات جو جڏهن منهنجي ڊيوٽي هوندي هئي ته ڏينهن جو سوپو ننڍ ڪري منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ وقت گذاري لاءِ ڊاڪٽر صاحب جا سهڻا سخن ۽ نصيحتون ٻڌڻ لاءِ وٽس ويندو هئس. هو به گهڻو تڻو اڪيلو ويٺو هوندو هو، ڪچهري ڪندي ڊاڪٽر صاحب اڪثر پاڻ کي فقير چوندو هو ۽ هئو به واقعي فقير منش ماڻھو. منجهس ڪا لالچ يا ڪا لوڀ هوندو ئي ڪو نه هئو. سٻاجهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ، سٻاجهڙو انسان، سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ هو. جي مريض اچي تڏهن به خوش، جي نه اچي تڏهن به چهري تي اهي ئي مسڪراهٽون. پاڻ ذات جو تنيو هو سندس تعلق ميروخان وارن تنين سان هو. هونئن به ذات جا تنيا پاڻ کي فقرائي لڏي ۾ شمار ڪندا آھن.
جنهن زماني ۾ اسان ڊاڪٽر عبدالڪريم سان محفلون ۽ ڪچهريون ڪندا هئاسين تنهن زماني ۾ هڪ ايف ٽي فقير جي شھرت جو ملڪ ۾ وڏو گوڙ ۽ چرچو هو. ڪمالات، ڪرامتون ۽ گهڻيون جادوگريون هن جي نالي پٺيان مشھور هيون. اسان گريجوئيٽ نوجوان پاڻ ايف ٽي فقير جون ڳالهيون اخبارن ۾ پڙھڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين. اسان کي ايف ٽي فقير ابن صفي جي ناولن جو ڪردار لڳندو هو. بهرحال اسان جا ڪن ان پاسي هوندائي هئا ته هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي وڏي سنجيدگيءَ سان پر مسڪرائيندي ڊاڪٽر صاحب چوڻ لڳو ”ايف ٽي فقير ٿو چوي ته هن هڪ اهڙو بم تيار ڪيو آھي، جنهن جي قوت تباهي ناگاساڪي ۽ هيروشيما جاپان ۾ ڪرندڙ آمريڪي بمن کان سو ڀيرا وڌيڪ طاقت رکي ٿي.“ ڊاڪٽرعبدالڪريم جي واتان اها مزيدار ڳالھ ٻڌي مان ڪرسي کي ٿورڙو سوري اڳڀرو ٿي ويٺس، ان اميد سان ته شايد ڊاڪٽر صاحب اڃا وڌيڪ ايف ٽي فقير جا ڪي راز کولي. جڏهن ڊاڪٽر صاحب منهنجي چهري تي آيل حيرانگيءَ جا تاثر نوٽ ڪيا تڏهن هن خفيف انداز ۾ مسڪرائيندي مون کان سوال ڪيو. ”خبر اٿئي جنهن ايف ٽي فقير ماڻھن ۽ ملڪن جي ننڍ ڦٽائي ڇڏي آھي اهو ايف ٽي فقير آھي ڪير؟“ مون چيومانس ان جي باري ۾ گهڻو ڪجھ ٻڌو آھي پر خبر ناهي ته ڪير آھي. مون ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو. ”ڀلا توهان ٻڌايو اهو فقير صاحب ڪير آھي؟“ ٿورو ترسي پنهنجي مک تي ساڳوڻي مسڪراهٽ آڻيندي چوڻ لڳو ايف ٽي فقير جي باري اوهان کي ٻئي ڀيري ٻڌائينس.
ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيي سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون پر اهو نه ٻڌائي نه ٻڌايائين ته ايف ٽي فقير آھي ڪير ۽ ڪٿي رهندو آھي البته اسان کي ان جا قصا ۽ حيرت ۾ وجهندڙ فقرا هر ڪچهري جي موقعي تي ٻڌائيندو رهندو هو. هڪ ڀيري ادا بشير احمد شاد کان مون پڇيو ته ڊاڪٽر صاحب ايف ٽي فقير جي باري ۾ گهڻو ڪجھ ڄاڻي ٿو. ۽ اهو به چوي ٿو ته ايف ٽي فقير هڪ طاقتور بم تيار ڪيو آھي، جيڪو هو آمريڪا تي اڇلائي آمريڪا جو وجود ختم ڪري ڇڏيندو. ادا سائين لبن تي مسڪراهٽ آڻيندي چيو. ”يار توکي ڇا ٻڌايان؟“ مون چيومانس ”ادا ڪجھ ٻڌاءِ نه ته رات جو مون کي ننڍ ڪو نه ايندي ۽ فينو بار بيٽان کائڻي پوندي.“ نيٺ بشير احمد ايف ٽي فقير واري ڪوڊ کي ڊي ڪوڊ ڪندي چيو ايف معنيٰ فقير ٽي معنيٰ تنيو ۽ وري آخر ۾ پنهنجو لقب فقير رکندي پاڻ کي ئي ايف ٽي فقير ٿو سڏي.
**