شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

محمد برادي

1910ع ڌاري ڳوٺ وارث ڳنڀير ۾ مختلف ذاتين جي ماڻھن جا ڪچا پڪا ٽيهارو کن گهر هئا، وچ ڳوٺ ۾ مائي ڪوڙي سندس مڙس محمد برادي ۽ پنج ٻار رهندا هئا، ٻھراڙي جي هن گهراڻي جو گذر سفر زمين جي چئن ٻارن جي اپت ۽ آمدني تي ٿيندو هو پر ڳوٺ ۾ اسڪول نه ھجڻ ڪري محمد برادي ۽ مائي ڪوڙي کي پنهنجي ٻارن جي تعليم جو گهڻو اونو رهندو هو، تنهنڪري هي گهراڻو ڳوٺ وارث ڳنڀير مان لڏي پهريون اچي پير ڳوٺ ۾ رهيو جتان ستت ئي وري لڏي غريب آباد سکر ۾ رهيو، سکر جي هن پاڙي ۾ محمد برادي جا ٽي پٽ اسڪول وڃڻ لڳا هئا، جنهن ڪري مائي ڪوڙي ۽ گهر جا سڀ ڀاتي مطمئن ٿي پرسڪون زندگي گذارڻ لڳا. محمد برادي ڳوٺ جي مدرسي مان قرآن ناظران پڙھيل هو مائي ڪوڙي به ساڃاهه وند ۽ نهٺي مزاج جي مائي هئي. زال مڙس جو نيم هوندو هو ته هر سال سائين لطيف جي چوگان تان چڪر لڳائي چائٺ چمي ايندا هئا. ڳوٺ واري زمين جي چئن ٻارن مان جيڪو ان ايندو هو ان تي هو مطمئن ۽ قانع رهندا هئا. مرشد جي در جو ڪارو وڳو، ڪاري پڳ، ڪجھ سڳا ڌاڳا وٽن موجود هوندا هئا ۽ گنج جا ڪجھ چڱا بيت کين ياد هوندا هئا، جنهن جو فجر جي وقت ورد ڪري هنن جو من شانت رهندو هو. لطيف سائين جا بيت، هن جهوني جوڙي جي فڪر جي ڪل ڦرهي هوندي هئي. محمد برادي ۽ مائي ڪوڙي فجر جي آذان کان به اڳ ان وقت اٿندا هئا جڏهن آسمان تي اڃا ڪاراڻ ڇانيل هوندي هئي ۽ تارن ۾ رمق باقي هوندي هئي. ان سمي هو وضو ساري منهن مونن ۾ وجهي اللہ هو جي ذڪر ۾ ايئن محو ٿي ويندا هئا جو کين پنهنجي وجود جي به ڪا خبر باقي نه رهندي هئي.
محمد برادي ۽ مائي ڪوڙي سان منهنجي پهرين ملاقات 1947ع جي شروع واري مهيني ۾ ٿي هئي، جڏھن اڃا پاڪستان ڪو نه ٺھيو هو. ساڻن ٻي ملاقات لاڙڪاڻي واري گهر علي گوهرآباد ۾ 1952ع ۾ ٿي جڏهن هو پنهنجي پٽ ۽ ڌيءُ جي شاديءَ جي موقعي تي منهنجي والد محترم ۽ والده کي شادي جو سڏ ڏيڻ آيا هئا. اسان جي گهر ۾ هو ٽي ڏينهن ٽڪيا هئا. انهن ڏينهن مون کي پهريون ڀيرو ادراڪ ٿيو هو ته ھو فجر جو سوير اُٿي گڏجي ”هُو هُو“ جو ذڪر ڪن ٿا. مائي ڪوڙي کي انهن ڏينهن کان پوءِ مان ناني مٺي سڏڻ لڳس ۽ ميان محمد برادي کي نانا برادي. منهنجي واتان اهڙن نالن وٺڻ تي هو ڏاڍو خوش ٿيا ھا.
اسان جڏهن به سڪ لاھڻ سکر ويندا هئاسين تڏهن پڦي ۽ پڦاٽن جي ڪهول کان وڌيڪ انهن جي گهر ۾ وقت گذاريندا هئاسين. مون کي خاص طور هنن جي الستي گفتن، پرسڪون لهجي ۽ مطمئن قسم جي زندگي گذارڻ تي رشڪ ايندو هو. جڏهن گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ مان هنن سان ملاقات لاءِ سکر ويو هئس ته مون ٻنهي کي عمر جي هيڻي دور ۾ ڏٺو. ان زماني ۾ هنن جي نياڻن ۽ ٽنهي پٽن جون شاديون ٿي چڪيون هيون. سندن ٻه وڏا پٽ ڇڏي هڪ ڀاڳ ناڙي ۽ ٻيو خيرپور ميرس وڃي ويٺو هو. هنن جي گرد ضعيفي ۽ غريبي پنهنجو گهيرو تنگ ڪري چڪي هئي. ان زماني ڳوٺ وارث ڳنڀير واري زمين جا چار ٻارا به سندن ٻچن جي شادين مرادين ۾ وڪامجي چڪا هئا. ٻي مهاڀاري جنگ تنهن سان گڏوگڏ هيضي ۽ سلھ جي وبا، هند سنڌ جي سماجي حالتن کي صفا نهوڙي ڇڏيو هو. ملڪان ملڪ ڏُڪر جهڙيون حالتون پيدا ٿي چڪون هيون، غريب اڳ کان ويتر غريبي ۽ مسڪيني وارين حالتن کي پهچي چڪا هئا. اهڙي زماني ۽ اهڙي حال ۾ جڏهن مون ناني مٺي ۽ ناني برادي کي ڏٺو ته دل ۾ هڪ درد محسوس ٿيو. مان هفتو کن هنن سان گڏ رهيس. انهن ڏينهن ۾ هنن عظيم آدرشن جي مالڪ جوڙي جو پنهنجي رب سان لڳاءُ، پنهنجي مزاج ۽ سڀاءَ تي ضابطو، صبر ۽ شڪر سان گڏ انسانذات سان محبت وارا گڻ ڏسي مان محو حيرت رهندو هئس ۽ دل ۾ خيال ٿيندو هو ته اهڙي غريبي ۽ اهڙي مسڪيني ۾ اهڙا اعليٰ آدرشن وار گڻ انسان پاڻ ۾ ڪيئن پيدا ڪري ٿو.
هڪ ڏينهن وجھ وٺي ناني براديءَ کان معلوم ڪيم ته اوهان جي صبر ۽ شڪر ۽ سڪون واري زندگي گذارڻ پٺيان ڪهڙو راز آھي؟ هن مسڪرائيندي فرمايو ته: مرشد لطيف فرمايو آھي ته ”صبر جنين جي سير، تير نه گسي تن جو.“ مون چيونانا سائين صبر جي طاقت جو آئون قائل آھيان ته جيترو صبر ۽ شڪر کان انسان ڪم وٺندو، اوترو مٺو ڦل پائيندو پر نانا سائين تير نه گسي تن جو. اها ڳالھ مون کي سمجهايو. منهنجي سوال جو جواب ڏيندي ناني برادي فرمايو ته ابا لطيف سائين جي بيتن جو اڀياس ڪندو ڪر، زندگيءَ جا مڙئي راز توتي کلي پوندا. پوءِ توکي هر ڳالھ سمجھ ۾ ايندي ۽ سهنجي لڳندي، مطلب ته جيئڻ به سھنجو ته مرڻ به سھنجو لڳندو. نانا سائين تير واري ڳالھ... مون کيس مُدي ڏانهن آڻيندي چيو، ٿورو ساهه پٽي وڏي اطمينان سان چوڻ لڳو، ابا تير آھي نشاني ڏانهن اشارو ۽ نشانو وري آهي زندگي جو مقصد... منهنجي ڪجهه چوڻ کان اڳ ۾ چوڻ لڳو بابا اهو تير ته آھي جيڪو مقصد تي پهچائيندو آھي مون چيو برابر. تنهن تي وري چوڻ لڳو بابا اهو صبرئي تير آھي. جنهن جي لاءِ مرشد لطيف فرمائي ٿو ته اهو گسندو ئي ناهي ۽ انسان کي پنهنجي مقصد تي پهچائيندو آھي. نانا محمد برادي آخر ۾ فرمايو ته مقصد ماڻھو جا هزارين آھن، ماڻهوءَ کي پنهنجي مقصد جو تعين سنڀالي ڪرڻ کپي ۽ پنهنجي زندگي لاءِ وکر اهڙو ڪٺو ڪرڻ گهرجي جو پئي پراڻو نه ٿئي. مون به نانا محمد برادي کان آخري سوال ڪندي چيو ته نانا سائين زندگي ۾ ڪهڙي قسم جو وکر گڏ ڪيان؟ مسڪرائيندي نهايت ٻاجهاري انداز سان چيائين بابا ايمان ٻيو وري ڪهڙو وکر وهائيندين.
سال کان پوءِ جڏهن مان اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ايم. اي سال پهرين جو امتحان ڏيڻ ويس ته ميان محمد برادي سان سٺيون ڪچهريون ٿيون. صبح جي ذڪر فڪر کان پوءِ ناني مٺي پنهنجي معمول موجب ناشتي لاءِ چانھ جا پيالا ۽ ٽوسٽ کڻي اچي ناني سائينءَ ۽ منهنجي اڳيان رکيا. چانهن پاڻي کان پوءِ منهنجي ۽ ناني سائينءَ جي وچ ۾ گفتگو جو دور شروع ٿيو. مون پهريون سوال کانئس پڇيو، نانا سائين توهان ڳوٺ واري زمين به وڪڻي ڇڏي، هاڻي گذر سفر ڪيئن پيو ٿئي؟ ڏاڍي پيار سان وراڻيو ته بابا مالڪ ته آھي نه، ٿورو ترسي پنهجي چهري تي مسڪراهٽ آڻيندي چيائين پٽ توکي هڪ راز جي ڳالھ ٿو ٻڌايانءِ. مون تجسس سان سندس ڏاڙھي جي اڇن وارن ڏانهن ڏسندي چيو، نانا سائين ڪهڙي راز جي ڳالھ؟ وري ڪو لطيف سرڪار جو بيت ياد آيو آھي ڇا؟ جي، جي سرڪار جا بيت انسان جي حياتي جا سهڻا گس آھن. نانا سائين ڀلا ڪيئن ٻڌايو؟ وراڻيائين بابا تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ واري مام ڪم آئي. نانا محمد براديءَ جي گفتن پويان به ڪي راز جون ڳالھيون، ڪي قصا ڪي داستان هوندا هئا، جن تي سوالن پٺيان سوال ڪري سمجهڻو پوندو هو. هو به گفتن ۾ مام ڪجھ اهڙي رکندو هو جو ڳالھ جي تري تائين پهچڻ ۾ کانئس سوال پٺيان سوال هلندو رهي. نانا سائين تتي ٿڌي ڪاهه، ناهي ويل ويهڻ جي. جي بابا هاڻي ڳالھ کي ويجهو پهتو آھين. مون چيو پر نانا سائين ڳالھ ته سربستي ڪيو. چوڻ لڳو بابا 1932ع کان اڳ اسان بيراج جي ڀر ۾ اچي ويٺاسين. ان سانگي ته بيراج تي ڪم گهڻو هو. نانا سائين، بيراج ٺھيو پئي ڪم گهڻو هو ته پوءِ توهان ڇا ڪيو؟ مسڪرائيندي وراڻيائين مان، بچل ۽ گلڻ سڀني گڏجي مزدوري ڪئي سين. نانا انهيءَ ڳالھ کي پنجاهه سال ٿيا آهن. وراڻيائين ته ڳالھ ته ٻڌ بابا....، جي فرمايو. نانا سائين وڏي اطمينان ۽ فخر سان چوڻ لڳو، پٽ گنيون جمع ڪيون سين گنيون جيڪي اڄ ڏينهن تائين ويٺا کائون. مون سوال ڪيو نانا سائين ڇا انگريز سرڪار مزدوريءَ ۾ سون ڏيندي هئي ڇا؟ مشڪندي چيائين بابا نياءُ ھو نياءُ. مون ناني سائين کي ٿورو کوليندي چيو، ڪهڙو انصاف هو انگريز سرڪار وٽ؟ نانا سائين فرمائڻ لڳو، بابا ماني ٽِڪي ملندي هئي، ٽڪا به کرا... نانا سائين پوء ڇا ٿيو؟ بابا ڳالھ سمجھ... جي فرمايو، پٽ ماني اسان هضم ڪندا هئاسين ۽ پئسا ڪوڙي ويندي هئي جمع ڪندي. جنهن مان اسان گنيون خريد ڪري ويندا هئاسين رکندا... جنهن تي مون چيو واهه نانا چئبو مال جمع ڪيو اٿو.
سال گذرڻ کان پوءِ مان ايم. اي فائنل جو امتحان ڏيڻ سکر ويس، امتحان کان واندو ٿيس ته اچي ويٺس ناني محمد برادي جو مٿو کائڻ. نانا سائين پوڙھا ٿي ويا آھيو. مرشد جي در تي به نٿا وڃو، ڪيئن مزو اچيو ٿو؟ ٿڌو ساهه ڀريندي نانا صاحب وراڻيو. پيهي پاڻ پروڙيم ته پنهون آءٌ پاڻ. ڳالھ سمجهئي؟ نانا ڳالھ سمجهائيندا ته سمجھ ۾ ايندي، باقي مون کي ايتري ساڃاهه ڪانهي. بابا لطيف سائين جي بيت جو سنيهو مون کي وڃي پيريءَ ۾ سمجھ ۾ آيو آهي. ٿوري ساهي پٽي وري نانا سائين ڳالھ جاري رکندي فرمايو، وحدهُ لا شريڪ لهُ، جان ٿو چئين ايءُ. تان تون وڃي ڪيءُ نائين سر ٻين کي...، ڳالھ کي پٽ پڌرو ڪرڻ لاءِ مون نانا محمد برادي کي چيو نانا سائين ڪڏهن ڪڏهن توهان ايتريون ڏکيون ڳالهيون ڪندا آھيو جو منهنجيون وايون بتال ٿي وينديون آھن. بابا تڏهن ته چوندو آھيان ته لطيف سائين جا بيت پڙهه. ٿوري ساهي ڀري وري چوڻ لڳو، سڀ ڪجھ انهن بيتن ۾ اٿئي. مون چيو چڱو نانا سائين، هاڻي ٻڌايو ته درگاهه جو ڦيرو ڇو نٿا ڪيو. چوڻ لڳو اڃا توکي ڳالھ سڻائي ڪري ڏيان... مون چيو جي، نانا سائين تنهن تي چوڻ لڳو، بابا سرڪار پاڻ ئي جهلي ڇڏيو ته درگاهن جي چائنٺ تي سر نوائڻ ڇڏيو. مان سمجهي ويس ته مرشد مون کي سر نوائڻ واري هڪڙي چانئٺ باقي وڃي بچائي. نانا سائين ڪهڙي؟ بابا اها وحده لا شريڪ لڪ واري. مون سوال ڪيو پوءِ نانا سائين هاڻي مرشد جو در ويو. جي پٽ جڏهن مرشد ٻڌايو ته درن تي ڇا رکيو آھي ته پوءِ ھاڻي ڇا ڪيون؟ ٿورو تَرسي وري نانا سائين فرمائڻ لڳو. ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪَڻِس ڳڙکيون، جيڏانهن ڪريان پرک. تيڏانهن صاحب سامهون. وري مسڪرائيندي نانا سائين چوڻ لڳو بابا سائين مون کي منهنجي مرشد هڪڙي صاحب جي سامهون اچي بيهاري ڇڏيو آ. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ مان ڪلهي ڪينرو ڇو پايان. ان ڏينهن کان پوءِ مون نانا سائين کي پنهنجو مرشد ڪري ورتم. هڪ ڏينهن رمز ۾ ويٺو هو. مون کائنس سوال ڪيو ته نانا سائين هاڻي اهي لطيف سرڪار جي درگاهه وارا ڌاڳا سڳا مون کي پارايو ڇو ته هاڻي اهي توهان جي ڪهڙي ڪم جا؟ ٿورو سوچي چوڻ لڳو. بابا مرشد جا ڌاڳا سڳا ۽ ڪنٺا مالا سڀ هڪ وسيلو هوندا آھن ۽ ميهار سان ملڻ لاءِ انهن وسيلن جي ضرورت ڪونه ٿي پوي؟ ٿوري ساهي ڀري وري نانا سائين فرمائڻ لڳو. مرشد لطيف فرمائي ٿو ته؛ ”پاڻ ۾ کڻج پاڻ سين، وسيلا سڀ وڃاءِ“.
مون نانا سائين محمد برادي کي عرض ڪيو ته ڀلا هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ فورن فرمايائين ته... وٺ ڪنجڪ ڪريم جي جڳ جو والي جو. مون چيو معنيٰ وحده لا شريڪ لڪ. اهو ٻڌي چيائين. بابا هاڻي ته ڏوهه ٿا ڏڪن، ان کان سواءِ مون وٽ ڪو ٻيو چارو ڪونهي. ڇو ته پاڻان ڏوهه چڙھن جيئن جيئن ورق ورائيان. مون عرض ڪيو نانا سائين هاڻي توهان لاءِ ته ورق ورائڻ به ڏوهه برابر. معنيٰ مطالعوسڀ ختم، تنهن تي فرمائڻ لڳو، نه بابا، مطالعو ته هاڻي شروع ٿيندو پر سبق رڳو هڪ سٽ جو هوندو. مون تجسس وچان سوال ڪيو. نانا سائين ڪهڙي سٽ؟ پنهنجي روشن اکين ۽ روشن چهري تي مسڪراهٽ آڻيندي چيائين، مون مطالعو سپرين. جنهن تي مون پڇيومانس ته توهان ساري اها سٽ هڪڙي، پر مان ڇا ڪيان؟ ٿورو ترسي چوڻ لڳو ته تون به پنا پڙهندين ڪيترا؟ جڏهن طرف سڀ تم ٿيندئي ۽ ڪا ٻي واٽ نظر نه ايندئي ته توکي به ان هڪ سٽ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. وڌيڪ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن منهنجي ڪنٺن مالهن ۽ ڪولابن ۾ نظر اٿئي ته ٻئي سال اچي کڻي وڃجانءِ.
سال گذرڻ کان پوءِ سکر مان خبر آئي ته نانا محمد برادي هي جهان ڇڏي پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. جڏهن اسان هن جي ڪفن دفن مان واندا ٿياسين ته سندس وڏي پٽ گل محمد منهنجي اڳيان هڪ ڳنڍڙي آڏورکندي چيو ته بابا سائين تنهنجي لاءِ رکي ويو آھي. مون اها ڳنڍڙي کولي ڏٺي ته ان ۾ نانا محمد برادي جو فقرائي اثاثو ڪنٺا، مالائون، ڪولابا ۽ سڳا ڌاڳا پيا هئا، جن کي ڏسي مون دل ۾ چيو، وسيلا سڀ وسار ته ميهار ملئي.
**