پروفيسر منور علي چانگ
هن خوبرو ۽ صحتمند نوجوان جو تعلق حيدر آباد جي جڳ مشھور پاڙي هيراآباد سان هو. سندس والد صاحب جو نام گرامي محمد يعقوب هو، جنهن جو تعلق ڪاري موري تي آباد چانگ بلوچ قبيلي سان هو. جنهن زماني ميان محمد يعقوب چانگ سان منهنجي ملاقات ٿي هئي، تڏهن هو وڪالت جي پيشي سان منسلڪ هو. سنڌي ادب جو عالم ۽ اديب هو پر هاڻي پيري واري دور مان گذري رهيو هو.
مسٽر منور علي چانگ لياري ڪاليج ڪراچي کي جوائن ڪرڻ کان اڳ حيدرآباد جي ڪنهن مشنري اسڪول ۾ ٽائپسٽ هو. هي باصلاحيت نوجوان انگريزي ۾ ڊرافٽنگ ڪري ان کي ٽائپ ڪرڻ ۾ خاص مهارت رکندو هو. دل جو صاف ۽ طبع جو رلڻو ملڻو هو تنهن ڪري ڪاليج جي اسٽاف ۾ هن جو اميج جلد ئي بهتر ٿي ويو. ڪلريڪل اسٽاف ۽ هيٺين اسٽاف سان ملڻ ڪرڻ ۾ ڪو عيب نه سمجهندو هو بلڪه پنهنجي همدرداڻي سڀاءَ جي ڪري انهن سان پنهنجا واسطا ۽ تعلق سٺا رکندو هو. ڪاليج ۾ رهندي هڪ ليڪچرار توڙي پروفيسر کي پنهنجي مضمون پڙھائڻ کان سواءِ ڪاليج انتظاميا سان نصابي توڙي غيرنصابي سرگرمين جي سلسلي ۾ هٿ ونڊائڻو پوندو آھي ۽ اسٽاف ۾ رهندي ڪن سماجي ڪمن ۾ به هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو آھي.
سائنس ڪاليجن ۾ ادب، دينيات ۽ پاڪستان اسٽڊي جي استادن جا پيريڊ گهٽ هوندا آھن ڇاڪاڻ جو هنن جي مضمونن جا پريڪٽيڪل ڪونه ٿيندا آھن، تنهن ڪري انهن کي ڪاليج ۾ ٿيندڙ غيرنصابي ڪمن جهڙوڪ اسپورٽس، نعت، قرائت ۽ تقريري مقابلن لاءِ شاگردن کي تيار ڪرڻ جو ڪم مليل هوندو آھي. ان کان سواءِ بورڊ ۽ يونيورسٽي جي ٿيندڙ سالياني امتحانن ۾ جن ڪاليجن ۾ امتحاني مرڪز قائم ٿيندا آھن تن ۾ به ڪوشش ڪري. ادب، دينيات ۽ پاڪستان اسٽڊي پڙھائڻ وارن کي رجهايو ويندو آھي. اسان جي ڪاليج ۾ منور علي چانگ ۽ مون کي اسپورٽس، امتحانن جي انعقاد ۽ شاگردن کي واڌو نصابي سرگرمين لاءِ تيار ڪرڻ جا فرض سونپيا ويندا ھئا. ان زماني ۾ ڪاليجن ۾ هلڪي ڦلڪي فوجي سکيا لاءِ اين سي سي ڪورس رکيل هو، جنهن ۾ به ڪاليج انتظاميا کي شاگردن جي سنڀال ۽ نگراني ڪرڻ لاءِ اسٽاف مان هڪ انچارج مقرر ڪرڻو پوندو هو. منور علي چانگ پاڻ کي آفيس جي ڪيترن ڪمن ۾ رجهائي رکندو هو. امتحانن جي ڪمن جي نگراني ۽ انتظام جي ڪمن ۾ اسان ٻنهي جو هڪ ٽيم ورڪ هوندو هو، جنهن ۾ هو هوشياري ۽ مستعدي سان پنهنجو مليل ڪم سرانجام ڏيندو هو. پنهنجي مضمون پڙھائڻ ۾ ڀڙ هو، اسڪول مان آيو هو ٻارن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي هنر کان واقف هو. مردم شناس، نيڪ طبع ۽ نيڪ دل انسان هو. تنهن ڪري ڪاليج ۾ هر ڪو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو.
منور علي چانگ حيدر آباد نور محمد هاءِ اسڪول جي ڀرسان رهندڙ هڪ راجستاني فيملي مان پنهنجي پسند جي شادي ڪئي هئي، سندس سهرو فقيري ۽ صوفي خيالن جو ماڻھو هو. ٻار ٻچا هئس تن کي هن ڪراچي ۾ آڻڻ جي خواهش ڏيکاريندي مون سان صلاح مشورو ڪندو هو. ڪاري موري تي اباڻو ڳوٺ هين. اتي سندس وڏن جا چا ٻارا زمين به هئي. هيراآباد ۾ گهر به سندن پنهنجي ملڪيت هو، جنهن ۾ هن جي والد سان گڏ پنهنجو هڪ وڏو ڪٽنب رهندڙ هو. کيس ٻه ڀائر هئا. وڏو ڀاڻس مسٽر انور علي بلوچ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروگرام پروڊيوسر هو. سندس ٻيو ننڍو ڀاءُ پنهنجا ذاتي ۽ خانگي ڪم ڪندو هو. ڪراچي جهڙي وڏي شهر جا لوڏا به وڏا آھن، تنهن ڪري زمين تي پنهنجا پير پختا ڪري هلڻ ۾ ماڻهو کي وقت ٿو لڳي. منور علي چانگ کي پٺيان جي ڪا سپورٽ ڪا نه هئي. غريبي حال هئس، اسان جي مشوري تي ڪراچي ۾ ٻار وٺي آيو جن کي ڪاليج جي ڀرسان ٻه ٽي گهٽيون ڇڏي هڪ مسواڙي جاءِ ۾ رهائڻ لڳو. ذات جو بلوچ ۽ هڪ شريف فيملي وارو ماڻھو هو، تنهن ڪري ڪراچي جي بلوچن جي وچ ۾ سولائيءَ سان آرامي ٿي رهڻ لڳو.
انهن ڏينهن ۾ هن جي مون سان گهڻي لڳندي هئي، اڪثر زور ڀري منجهند جي ماني تي گهر وٺي ويندو هو. مان لنوائندو هئس ته چوندو هو سومرا صاحب ڪهڙو گهر وارن کي تڪليف ايندي؟ هتي جا ماڻھو ماني ٻوڙ هوٽل تان وٺي کائيندا آھن، بس اسان رڳو ڏهي وٺي ٿا هلون. ان ڳالھ جو مون کي اڳ ۾ مشاهدو هو ته لياري ڪواٽرس جي مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس جا ماڻھو ماني ٻوڙ هوٽل جو واپرائيندا آھن. اهو سمورو لقاءُ مون چاڪيواڙي ۾ ڏٺو هو. هي ڪلاڪوٽ جو علاقو هو ۽ ان جون حدون چاڪيواڙي سان ملن پيون، تنهن ڪري سماجي ۽ ثقافتي طور لياري جا بلوچ هڪ جهڙن سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئا. هتان جا ماڻهو صدي سوا کان ڏتڙيل زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن، پهريان انگريز سرڪار جي چڪي ۾ پيسبا رهيا ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اقتدار ۾ ايندڙ سرڪاري گروهه سان سلهاڙيل ليڊرشپ هنن جي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو. تنهن ڪري هيٺين طبقي جا ماڻھو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي گودين، ڪراچي جي ليمارڪيٽ، پيپر ماڪيٽ ۽ موٽڻ داس مارڪيٽ کان ويندي سولجر بازار تائين حمالي جو ڪم ڪندا هئا. تن پنهنجي غريبي کي منهن ڏيڻ لاءِ ورهاڱي کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سادي رهڻي ڪرڻي ۽ سادو کائن پيئڻ کي رواج ڏنو هو. لياري ڪوارٽرس ۾ هوٽل ۽ تندور گڏ گڏ هوندا هئا. هوٽل وارا وڏين ديڳين ۽ ڪنسترن ۾ ٻڪرن جون منڍيون ۽ پاون جو ٻوڙ تيار ڪندا هئا، خاص ڪري ان ۾ اسي نوي سيڪڙو مزيدار ۽ لذيذ لاس ۽ گريوي ٺاهيندا هئا. ڇاڻ واري اٽي جون وڏي سائز واريون مانيون ۽ نان پچايا ويندا هئا. ٻوڙ ماني گهڻو سستو ملندو هو. ماڻهو وٽن ۽ ٿالهن ۾ رس لاهي ان ۾ ماني جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻن ٽن منٽن لاءِ ڀڄائي ڇڏيندا هئا. ان سريت قسم جي کاڌي ۾ جيڪا لذت هوندي هئي تنهن جي اڳيان قورمي ۽ برياني جو ڇا مقابلو. چاڪيواڙي ۽ ڪلاڪوٽ ۾ اهڙي سريت کائڻ جو مون کي ڪافي موقعو نصيب ٿيو آھي.
منور چانگ هن ڳالھ ۾ وڏو خوش نصيب هو، جو سندس گهر واري سگهڙ هئي ۽ رڌ پچاءُ ڪرڻ جي وڏي ڪاريگر هئي، تنهن ڪري ڪوشش ڪري ھو پنهنجي گهر ۾ حيدرآبادي ذائقي وارا کاڌا تيار ڪندي هئي. منور علي چانگ کي ٻارن کي پڙھائڻ جو اونو هو. جنهن جاءِ تي هو رهي پيو اتي اسڪول هئا پر انهن جو معيار ٻنهي زال مڙس جي سوچ موجب نه هو. ان کان سواءِ ڪلاڪوٽ جو ماحول ۽ آب و هوا سندس گهر وارن کي نه آئڙي. ڏک ۽ اهنجن جا ٻه ٽي سال هنن هيراآباد ۽ حيدرآباد جي هوائن جي هيراڪ ماڻھن وڏي ڏکيائيءَ سان هن ماحول ۾ گھاريا. منور علي چانگ نيٺ ٻارن کي ڳوٺ ڇڏي آيو.
هاڻي هو هن ڪواٽر ۾ اڪيلو رهندو هو. ڳوٺان پنهنجي قبيلي جو هڪ موالي ٽائيپ بورچي پاڻ سان وٺي آيو هو جيڪو هن جي ماني به ڪندو هو ۽ ٻي ٽانڊي ٽوپي به ڪندو هو.
گورنمينٽ لياري ڪاليج کي کولڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ مسٽر ذوالفقار ڀٽي جو ويزن هو. هن جي اڳيان هي به خيال هو ته اڳتي هلي ان کي هو يونيورسٽي بڻائيندو. پر زندگيءَ هن جو ساٿ نه ڏنو پوءِ به هن جي هوندي انٽر ڪاليج کي ڊگري سطح تي آندو ويو ۽ ڪراچي جي ناليوراي ڪاليجن مان پروفيسرن جي بدلي ڪري لياري ڪاليج ۾ آندو ويو. هن حاجي ڪيمپ واري نئين ڊبل منزل بلڊنگ ۾ آڊيٽوريم، سائنسي سامان سان مزين وڏيون وڏيون ليباريٽريون ۽ لائبريري قائم ڪئي وئي. ڪاليج ۾ زولاجي ۽ باٽني جا پروفيسر ڊي جي ڪاليج مان آيا هئا. انهن مان هڪ پروفيسر معين علي خان هو جيڪو سائنس جي سبجيڪٽيس تي ٻه ٽي ڪتاب لکي چڪو هو.
معين علي صاحب عثمانيا ڪاليج حيدرآباد دکن انڊيا جو پڙھيل هو. منهنجي نظر ۾ وڏو مخلص، خوش اخلاق، ايثار ۽ شرافت جو پتلو هو. منور علي چانگ لاءِ ته هو ڪاليج ۾ ڄڻ هڪ فرشتي جي صورت ۾ آيو هو. اسان وٽس باٽني ليب ۾ وڃي ويهندا هئاسين. اتي ساڻس ڪچهري کايا پيا ٿيندا هئا.
معين صاحب جي رهائش پنهنجي فيملي سان پي آءِ بي ڪالوني ۾ ٻه سوگز تي جڙيل جاءِ ۾ هوندي هئي، مالڪ مڪان ان جاءِ کي خالي ڪرائڻ چاهي پيو پر ڇاڪاڻ ته ڪيس رينٽ ڪورٽ ۾ هو تنهن ڪري جاءِ رولڙي ۾ هئي. هوڏانهن معين صاحب جو پنهنجو نئون گهر فيڊرل بي ايريا ۾ ٺهي تيار ٿي چڪو هو پر جيسين ڪيس نبري تيسين معين صاحب کي جاءِ خالي ڇڏڻي نه هئي. تنهن ڪري معين صاحب پروفيسر منور علي چانگ کي سٺو انسان ڄاڻندي کيس پي آءِ بي ڪالوني واري جاءِ ۾ ويهاريو. اهڙي طرح هن جو ڀلو ٿي پيو ۽ هن جي جان لياري ڪواٽرس مان ڇٽي. منور علي پير ڪالوني جي سٺي ماحول ۾ چوڌاري بوائز ۽ گرلس اسڪول ڏسي پنهنجي ٻارن کي ڪراچي وٺي آيو. هاڻي هتي هن جا ٻار اسڪول ۽ قرآن شريف جي تعليم پرائڻ لڳا. پير ڪالوني ۾ رهندي اسان جا هڪ ٻئي سان گهرو تعلقات به اڳي کان وڌيا. ڇاڪاڻ ته لياري وڃڻ اسان جي گهر وارن ۽ مون کي ڏکيو لڳندو هو.
هڪ ڀيري سندس والد گرامي لياري واري گهر ۾ آيو هو. آئون منور علي چانگ کي ۽ سندس والد محترم کي ڪراچي صدر جي الفاروق هوٽل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ وٺي ويو هئس. جنهن تي ميان محمد يعقوب بي حد خوش ٿيو هو. اسان کي به اهڙن باوقار ماڻھن جي صحبت ۾ دلي سڪون ملندو آھي، جڏهن مان منور علي سان حيدرآباد ويندو هئس تڏهن سندس والد صاحب سان ۽ انورعلي بلوچ سان هيرا آباد واري گهر ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. ميان محمد يعقوب جي وفات هتي پير ڪالوني واري گهر ۾ ٿي هئي. منور علي چانگ ۽ مان يڪ قالب ۽ دو جان هوندا هئاسي. سو هو مون کي پنهنجي ڏک سک ۾ شامل ڪندو هو. ڏک منهنجو هجي کڻي هن جو، بس پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا هوندا هئاسين. وفات کان ٽي ڏهاڙا اڳ سندس والد جي اوچتو طبيعت ناساز ٿي پئي، اسان کيس سول اسپتال کڻائي وياسين. ان وقت هو پنهنجي هوش ۽ حواس ۾ هو. ڊاڪٽر جڏهن هن جي هسٽري پئي ورتي ته هو کين پنهنجي متعلق گهڻو ڪجھ ٻڌائي پيو. ٻئي ڏينهن رات جي 12هين وڳي مان منور علي چانگ کان موڪلائي گهر ويس. صبح جو خبر پئي ته سندس پيءُ رات جي پوئين پهر فوت ٿي ويو. صبح جو اسان پير ڪالوني پهتاسين.
غسل ۽ ڪفن جو بندوبست ڪيوسين ۽ سندس ميت ايڌي جي ايبولينس ۾ کڻائي حيدرآباد وڃي پنهنجي وڏن جي قبرستان ڪاري موري ۾ دفن ڪيوسين. ان موقعي تي محمد يعقوب جي ميت سان مان گڏجي ويو هئس.
لياري ڪاليج ۾ محبتي ماڻھن جي کوٽ ڪا نه هئي، مسٽر امداد علي سولنگي ڪاليج ۾ ڊي پي او هو، سندس منورعلي چانگ ۽ مون سان گهڻي لڳندي هئس. ڪاليج ۾ اسان جي هڪ ٽياڪڙ دوستي ٿي.
منور علي چانگ، مان ۽ انگريزي جي سينيئر پروفيسر عبداللہ جاويد جي پڪي دوستي ٿي وئي. اڳتي هلي اها دوستي ايتري قدر وڌي جو اسان جي هڪ ٻئي کان سواءِ سرندي ڪا نه هئي. پروفيسر عبداللہ جاويد سان رٽائرمينٽ کان پوءِ به تعلقات رهيا.
اسان جو هيءُ پيارو دوست منور علي چانگ شگر جي بيماري ڪري صفا ڳري ويو.
ان کان گهڻو اڳ منهنجي لياري ڪاليج مان بدلي ٿي چڪي هئي، تڏهن به ٻارين ٻچي اسان جي گهر وارن جون دوستيون قائم رهيون. منور علي چانگ جي ڀيڻ جي شادي هيرا آباد جي تاريخي ليڊيز ڪلب ۾ ٿي هئي. منهنجي گهرواري ۽ مان وڃي نياڻي جي شادي ۾ شرڪت ڪئي هئي. حيدرآباد ۾ اسان کي منور علي چانگ جي گهر واري پنهنجي گهر ۾ رهايو هو. منور علي چانگ جهڙا يار ۽ دلبر انسان ورلي پيدا ٿيندا آھن.
ڪاليج جي ڪنهن دوست کان مون کي اها خبر پئي هئي ته هن کي پير ۾ گينگرين ٿي آھي، جنهن جي ڪري جسم ۾ زهر ڦھلجڻ ڪري سندس وفات ٿي. انهن ڏينهن هو گلشن حديد وڃي رهيو هو، اوچتو جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ هن جي وڏي ڌيءُ جي منهنجي گهرواري سان ملاقات ٿي. هڪ ٻئي کان ايڊريس پتا ورتاسين. ھفتي کن اندر منهنجي گهرواري ۽ مان وڃي گلشن حديد ۾ هن جي گهروارن سان ڏک جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت جون گڏجي دعائون ڪيون سين، هاڻي به رب سائين کي التجا آھي ته هن ڀلي مانس جون مورايون ۽ مدايون بخش ڪري کيس روز محشر ۾ سڄي هٿ ۾ اعمال نامو ڏي. اي وڃڻ وارا دوست تون ته وئين پر اسان به تهنجي پويان اچڻ وارا آھيون.
**