پروفيسر محمد يوسف شيخ
زماني ۾ جڏهن مون کي پنهنجي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل ۾ مدد درڪار ٿيندي هئي ته دوستي لاءِ منهنجو پهريون انتخاب بشير احمد شاد هوندو هو ۽ نصيبن سان ٻيو دوست هوندو هو محمد يوسف شيخ. انهن دوستن جي آئي منهنجي زندگي ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ مشڪلات جون سنگينيون ويون هلڪيون ٿينديون. محمد يوسف شيخ هڪ محبتي انسان، دل جو صاف شفاف، مزاج ۾ شائستا پر سنجيده، کلڻ ڳالهائڻ ۾ عمده، ڀوڳ ۽ شرارت ۾ ڳهجو، ملنساري ۾ محتاط طبع جو محبتي، مخلصي ۾ درياهه دل. ذھانت ۾ تيز ترار ۽ ڀاڳ نصيب ۾ قدرت کيس هن دنيا ۾ اسان کان ٻه هٿ مٿي رکيو هو. حيران آھيان ته ڀاڳ ونڊيندڙ ڪٿان جون ڪميون ڪٿان ٿو پوريون ڪري. حقيقي معنيٰ ۾ ڪاليج ۾ پهرين سال دوران اسان جي دوستي جي شروعات ٿي، هونئن مان کيس ننڍي هوندي کان سڃاڻندو هئس. ان ڄاڻ سڃاڻ جو پسمنظر پرائمري اسڪول تائين هليو وڃي ٿو. منهنجن يادگيرين ۾ ان جو نقشو واضح ۽ چٽو آھي پر مان هن جي باري ۾ نٿو چئي سگهان ته هن جي ٻاروتڻ جي يادگيرين ۾ منهنجي شخصي تصوير ڪيتري قدر واضح هوندي.
هن کان اڳ مان هڪ هنڌ ذڪر ڪري چڪو آھيان ته جڏهن مان علي گوهر آباد جي مسلم ملان اسڪول ۾ پڪو پهريون پڙھندو هئس ته محمد يوسف منهجي ڪلاس جي لڳو لڳ ڪلاس ۾ ٻيون درجو پڙھندو هو. تقريبن 1953ع ڌاري جي ڳالھ آھي ته ڪلاس پهرين ۾ جنهن بئنچ تي مان ويهندو هئس، تنهنجي دري مان ڪلاس ٻئين جا شاگرد صاف نظر ايندا هئا. انهن شاگردن ۾ محمد يوسف لوهه جي شيخن پٺيان حرڪتون ڪندي نظر ايندو هو. هو اڪثر ويهندو به دري جي ڀرسان هو. وري سائين وڏي مولوي عبدالرشيد جي اڇي مسجد ۾ سيپارو پڙهڻ دوران به مان کيس اڪثر ڏسندو هئس. ٻاروتڻ جون اهي ڌنڌليون يادگيريون آھن جيڪي محمد يوسف متعلق ذھن ۾ نقش آھن. پر جڏهن اسان جي اصل ۾ ڄاڻ سڃاڻ شروع ٿي ته اها بشير احمد پٺاڻ جي معرفت ان وقت شروع ٿي جڏهن منهنجي دوستي جو آغاز بشير احمد سان ٿيو ۽ هن لاڙڪاڻي جي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ پڙھڻ ۽ داخلا وٺڻ لاءِ مون کي همٿايو. هڪ سال کان مان بشير احمد شاد کي يونيفارم ۾ ڪاليج ايندو ويندو ڏسندو هئس ته هو مون کي ڏاڍو سٺو ۽ پسنديده شخصيت لڳندو هو. جنهن جي ريس تي مان پاڻ کي اهڙو ڏسڻ چاھيندو هئس.
64- 1963ع جي گرمين ۾ ڪاليج ۾ داخلائن جي سيزن شروع ٿي چڪي هئي. لاڙڪاڻي جي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ پهرين سال ۾ رجسٽريشن لاءِ مان هيڏي هوڏي واجهايان پيو ته منهنجو اهو خواب محمد يوسف ۽ بشير احمد جي ساٿ سان پايه تڪميل تي پهتو. هي ٻئي دوست منهنجي تعليم حاصل ڪرڻ لاء فڪرمند هئا. ان ڏينهن منهنجي والد صاحب جو وصال ٿيو هو، انا اللہ و انا اليہ راجعون. توڙي جو کڻي ان زماني ۾ آئون پاڪ مسلم ميڊيڪل اسٽور تي هڪ معمولي پگهار تي ڪم ڪري رهيو هئس پر والد محترم جي وفات کان پوءِ اسان جي زندگي اوچتو سنگين حالتن سان دوچار ٿي چڪي هئي. گهر جون گهرجون ۽ خرچ گهڻا هئا پر انهن سان منهن ڏيڻ لاءِ مالي وسيلا تمام گهٽ ها. ڪاليج جون فيون، يونيفارم جي لاءِ پئسا ۽ ڪتابن جو بندوبست اهو سڀ ڪجھ منهنجي لاءِ ڏکيو ڪم هو پر ان ڏکي وقت ۾ هي ٻئي دوست مون سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا هئا. ٻئي سال ۾ جڏهن اسان سيڪنڊ ايئر ۾ پهتاسين ته بشير احمد بي اي پهرين سال ۾ گورنمينٽ ڊ گري ڪاليج ھليو ويو. پر محمد يوسف مون سان گڏ سيڪنڊ ايئر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فارم ڀري چڪو هو. هن دوست کي منهنجي حال جي خبر هئي ته مان ڪهڙي سبب داخلا فارم ڀرڻ جي سلسلي ۾ پس و پيش کان ڪم وٺي رهيو آھيان. بشير احمد به منهنجي معمولات زندگي کان بي خبر نه هو. شايد هن معاملي ۾ ٻئي هڪ جهڙو سوچيندا هئا ته منهنجي داخلا فارم ڀرجڻ ۾ پس و پيش ڇو پئي ٿئي. بس مون کي ايترو ياد آھي ته محمد يوسف منهنجو فارم ڀري مون کان صحيح ڪرائي هئي ۽ منهنجي سيڪنڊ ايئر ۾ داخلا ٿي وئي هئي پر ايترو به ياد اٿم ته ان قرض حسنه کي اڳتي هلي مون ادا ڪيو هو.
ياد نٿو اچيم ته تعليمي خرچ هئا يا ٻيو ڪو گهرو سنگين مسئلو، مون کي پئسن جي ضرورت پئي، دوستن سان ذڪر ڪيم، پئسن جي بندوبست اڳيان ڪجھ رنڊڪون درپيش هيون. ان معاملي ۾ سوچ ويچار کان پوءِ محمد يوسف ان جو هڪ حل ڳولي لڌو ته پئسا قرض حسنه طور جماعت اسلامي جي رڪن عبدالمجيد شيخ کان حاصل ڪجن. مون چيو ته عبدالمجيد صاحب جي مون سان ته ڪا ڏيٺ ويٺ آھي ڪونه تنهن ڪري هو مون کي ڪهڙي بنياد تي قرض حسنه ڏيندو؟ محمد يوسف چيو اهو منهنجو ڪم آھي ته مان هن کي تنهنجي لاءِ خاطري ۽ ضمانت ڏيان. ياد ناهي ته مسئلي جو حل ڪيئن نڪتو، بهرحال ايترو ياد آھي ته دوست منهنجي زندگي ۾ ايندڙ مڙني ڏکيائين وقت نه رڳو فڪرمند هوندو هو پر انهن جي حل لاءِ به هما وقت ٿيار هوندو هو. زندگي جي ڊگهي سفر ۾ اسان جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ ساٿ رهيو آھي.
محمد يوسف جڏهن فوج ۾ سيڪنڊ ليفٽينينٽ ٿي ويو هو، تڏهن به اسان جي وچ ۾ قرب، محبت ۽ دوستي جا ڳانڍاپا قائم رهيا. ڪيپٽن ٿيو ۽ سندس حيدرآباد ۾ تعيناتي ٿيس ته مان انهن ڏينهن ڳوٺان ڪهي وڃي وٽس ڀيرو ڪري ايندو هئس. دراصل بشير احمد شاد ۽ محمد يوسف سان منهنجو پيار ۽ محبت جو روحاني رشتو قائم ٿي ويو هو. ٻنهي سان ڪچهري ڪرڻ ۽ دل جو حال احوال اورڻ ۾ عجيب سرور ۽ راحت ملندي هئي. اڪثر ٻنهي کان پري ٿيڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. گريجيوئيشن ڪرڻ کان پوءِ اسان پنهجي استعداد موجب شعوري منزلون پئي طئي ڪيونسين. محمد يوسف ڪنهن لحاظ کان اسان ٻنهي کان وڌيڪ سمجھ ۽ شعور وارو هوندو هو. منهنجي ليول ته انهن ٻنهي دوستن کان ڪوهين هيٺ هوندي هئي.
محمد يوسف ڪاليج ۾ هو ته بهترين مقرر هو، اسٽيج روسٽرم ۽ ماڻهن جا اجتماع ۽ انهن سان خطابت هن جي ڏائي هٿ جو کيل هوندو هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ ويو ته اتي به هن جو شمار يونيورسٽي جي ذھين شاگردن ۾ ٿيندو هو. ان ڏس ۾ بشير احمد شاد به هن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلندو هو. ان ۾ به ساڳيون صلاحيتون موجود هيون. ھو اڪثر ڪاليج جي اسٽيج تي براجمان رهندا هئا. ڪاليج ۾ تقريري مقابلا، ڊراما، فوٽوگرافي جون نمائشون، موسيقي، ڳائڻ وڄائڻ، شعر بازي فينسي شو مطلب ته پڙھائي کان سواءِ جيڪي واڌو نصابي سرگرميون ڪاليج ۾ ٿينديون هيون تن ۾ هي ٻئي دوست هما وقت پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائيندا رهندا هئا. مون اڳ ۾ عرض ڪيو ته مان لکڻ پڙھڻ جي ليول ۾ کانئن گهڻو هيٺ هوندو هئس پر ڪاليج ۾ ٿيندڙ مڙني سرگرمين ۾ حصي وٺڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هئس ۽ ان سلسلي ۾ به مونسان دوست جو ساٿ رهندو هو ۽ انهن جي ڪوششن جو نتيجو هو ته مون ڪاليج جي اسٽيج تي ڊرامن ۾ پارٽ ادا ڪيا. ٻنهي سان گڏجي موسيقي جي پروگرامن ۾ شمولت ڪئي. فينسي ڊريس پروگرامن ۾ پرفارمنس ڏني، ڪاليج ميگزين ۾ حصو وٺي سگهيس. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن انهن دوستن جو ساٿ نه هجي ها ته مان ڪاليج ۾ پڙهائي توڙي ٻين سرگرمين ۾ ڪنهن پر هڪڙو قدم به اڳتي وڌي نه سگهان ها.
محمد يوسف ۽ شيخ بشير احمد منهنجي دوستيءَ جا رومانٽڪ پهلو ايئن هئا ته اسان گھمڻ ڦرڻ ۽ وندر لاءِ فطرتي ماحول کي اوليت ڏيندا هئاسين. گھاڙ واهه جا ڪنارا، رائيس ڪئنال جي باغ ۽ پاسن جا نظارا، لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۽ گيان باغ جي گلن ۽ ساوڪ جا منظر اسان کي سٺا لڳندا هئا، جن کي ڏسڻ لاءِ اسين اڪثر اتي ويندا رهندا هئاسين، مون کي ڪڏهن ڪڏهن اوڌر سوڌر جي ڪيميرا هٿ ايندي هئي ته انهن باغ جي سهڻن هنڌن ۽ گھاڙ واهه جي ڪنارن جون تصويرون ڪڍندو هئس، باقي محمد يوسف ۽ بشير احمد وٽ پنهنجون پنهنجون ڪئميرائون هونديون هيون. محمد يوسف وٽ مشهور جاپاني بهترين ياشيڪا ڪئميرا هئي، پنهنجي ڪئميرا جي ليول کان مٿي ڪو رزلٽ کپندو هئس ته محمد يوسف ۽ بشير احمد شاد سنڌ فوٽو اسٽوڊيو جي ماهر فوٽوگرافر محمد اڪرام کان بهترين لينسز وارا ڪئميرا مسواڙ تي وٺي ايندا هئا، جنهن سان هو دوست نيچرل ماحول وارين جاين تي گروپ فوٽ ٺاهيندا هئا. جڏهن ڪاليج ۾ فوٽوگرافي جي مقابلن جي نمائش لڳندي هئي ته فوٽوگرافرس کي انعام ۽ ايوارڊ ملندا هئا، محمد يوسف کي انٽر آرٽس گروپ ۾ فوٽو گرافي جي مقابلي ۾ پهريون نمبر انعام مليو هو. اسان ٽن دوستن کان سواءِ اسان جي دوستن جو حلقو وسيع هوندو هو. اسان جي سنگت جي ان وسيع حلقي جو اڳواڻ رهبر ۽ رهنما اسان سڀني جو اسڪول ٽيچر غلام الله شيخ هوندو هو. انٽر ميڊيئيٽ ۽ گريجوئيشن واري زماني ۾ اسان دوستن جي شام جو جناح باغ ۾ روزانون ڪچهري لڳندي هئي.
دراصل جناح باغ واريون ڪچهريون ۽ محفلون هڪ لحاظ کان اسان جو تربيت گاهه هوندو هو، جنهن ۾ اسان جي تعليمي، سماجي ۽ علمي ادبي تربيت ٿيندي هئي پر ان سان گڏوگڏ انهن ڪچهرين ۾ مالي، معاشي ۽ زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي غور ڪري انهن جو حل پڻ ڳوليو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ جناح باغ ۾ اسان هڪ مطالعاتي اداري جو بنياد رکيو هيوسين جنهن جو نالو سنڌي سڄڻن سٿ هو جيڪو بعد ۾ سنڌ اسٽڊي سرڪل ۾ تبديل ٿي ويو. هن تنظيم جي تشڪيل سائين غلام الله شيخ، محمد يوسف شيخ ۽ بشير احمد شاد ڏني هئي پر ان اداري جو دائريڪار رڳو سنڌي سڄڻن سٿ جي دوستن تائين محدود هوندو هو. تنهن ڪري ان جو ڪمڪار، گڏجاڻيون ۽ استفادو به جناح باغ جي حدن تائين محدود هوندو هو.
اسٽڊي سرڪل ۾ مختلف علمي ادبي ۽ تعليمي موضوعن تي تقريرون ۽ مذاڪرا پڻ منعقد ٿيندا هئا، جن جي ذريعي اسان جي تعليمي ۽ سماجي شعور ۾ اضافو ٿيندو رهندو هو. جن دوستن کي ڪتابن جي خريد ڪرڻ جي سگھه نه هوندي هئي تن کي دوستن جي حلقي مان گھربل نصابي ڪتاب سهنجائيءَ سان ميسر ٿي ويندا هئا. اسٽڊي سرڪل جو وڏي ۾ وڏو فائدو اهو ٿيو ته اسان جي ڏهن پندرهن دوستن جي گروپ اسٽڊي جناح باغ ۾ ان وقت تائين جاري رهي جيستائين گروپ جي سمورن دوستن ماسٽرس جون ڊگريون حاصل نه ڪيون. ڪنهن وقت اسٽڊي سرڪل جي مڙني دوستن جي بيٺڪ مسٽر محمد خان شيخ صحافي ايڊيٽر پاڪستان لاڙڪاڻو جي آفيس ٽائون هال ۾ قديم ميونسپل لائبريري لاڙڪاڻي واري روم ۾ ٿيڻ لڳيون هيون، جنهن ۾ محمد خان شيخ به تقريبن سرڪل جو همدرد ميمبر بڻجي چڪو هو ۽ دل و جان سان اسان جي هن سوشل سرڪل جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. انهن سوشل پروگرامن ۾ اسان جا ڳائڻ وڄائڻ، کل ڀوڳ ۽ کاڌي پيتي جا شغل پڻ هلندا رهندا هئا، جن جا خرچ گڏيل طور مڙئي دوست گڏجي ڪندا هئا پوءِ به ميجر شيئرز سائين غلام الله، محمد يوسف ۽ بشير احمد شاد ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو انتظامي معاملن جون ذميواريون اهي دوست نڀائيندا هئا.
محمد يوسف بي اي آنرس ۽ پوسٽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي، تنهن بعد هو حيدرآ باد لطيف آباد غزالي ڪاليج ۾ اڪانامڪس جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مون کي، بشير احمد شاد ۽ سٿ جي ٻين دوستن کي مزو ئي نه ايندو هو، ڇاڪان جو هن سان ملڻ جي اڪير رهندي هئي. هڪ ڀيري بشير احمد ۽ مان کيس خط ذريعي اطلاع ڏئي ملاقات لاءِ حيدرآباد لطيف آباد وڃي نڪتاسين، جتي هو پنهنجي دوست عنايت الله ميمڻ جي بنگلي تي رهندو هو. لطيف آباد ۾ ٻه ٽي ڏينهن اسان جون خوب ڪچهريون ٿيون ۽ اسان پنهنجون سڪون لاهي گھر موٽي آياسين.
هڪ ڀيري ٽيڪسٽائل ملز ۾ ٽريڊ يونين ازم جي قائم ڪرڻ جي پاداس ۾ مون کي نوڪري مان جواب مليو. ان زماني ۾ هڪ انشورنس ڪمپني ۾ مون کي نوڪريءَ جي آفر ٿي، جنهن ۾ ڪجھه ٽريننگ سان گڏ ڪجھه ريگيولر انسينٽوز ملڻا هئا. اسان جي ٽريننگ جو سينٽر حيدرآباد هو ۽ مان ڏاڍو خوش ٿيو هئس ته حيدرآباد ۾ دوستن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون. ڪمپني جوائن ڪرڻ واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ مان محمد يوسف وٽ حيدرآباد لطيف آباد پهچي ويس. دوست سان ميل ملاقات ٿي، ٻئي ڏينهن مون تلڪ چاڙهي تي انشورنس ڪمپني جي آفيس جوائن ڪئي.
پندرنهن ڏينهن کن جو تربيتي شيڊيول رکيل هو. محمد يوسف ڇاڪاڻ جو پنهنجي دوست ۽ ڪلاس فيلو جي گھر ۾ رهندڙ هو تنهن ڪري منهنجي 15 ڏينهن جي رهائش جو بندوبست هن پنهنجي ڪاليج جي هاسٽل لطيف آباد نمبر ڇهين ۾ ڪيائين، جتي ميس کان سواءِ هر قسم جون سهولتون ميسر هيون. پاڻ اڪثر شام جو ملندا هئاسين.
هو مون کي پنهنجن دوستن پروفيسرز ۽ عالمن، اديبن سان ملاقاتون ڪرائيندو هو. شام جي چانهن مسٽر عنايت الله ميمڻ جي بنگلي تي پيئندا هئاسين. 15 ڏينهن پنهنجي مٺڙي دوست سان ڏاڍيون روح رهاڻيون ڪري ڳوٺ موٽي آيس.
محمد يوسف شيخ سان سنڌ جي مصروف شهر ڪراچي ۾ تقريبن گڏ رهڻ، گھمڻ ڦرڻ ۽ روح رهاڻين جا گھڻا ئي موقعا مليا. رب جي فصل و ڪرم سان هاڻي به اسان جون محفلون ۽ ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. محمد يوسف ڪراچي ۾ رهائش دوران هڪ ڀيرو چنيوٽ اسلاميه پبلڪ اسڪول جو پرنسيپال ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته هو، منهنجي گھر جي ويجھو اچي رهيو هو، پاڻ اڪيلو رهندو هو تنهن ڪري اسان جون رهاڻيون هر وقت ٿينديون رهنديون هيون. هفتي ۾ هڪ اڌ ڀيرو ته آئون وٽس رات جو ٽڪي به پوندو هئس.
پروفيسر مولا بخش ڀٽو به ان وقت جامعيه مليه ملير ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو هو ۽ ويڪ اينڊ تي محمد يوسف جي فليٽ تي ايندو هو، جنهن ڏينهن هو ايندو هو ته ان سڄي رات اسان جا ٺڙا ٺشا ۽ ڪچهري جاري رهندي هئي.
**