شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

حاجي محمد عمر سومرو

محمد عمر سومرو ولد رسول بخش سومري 1928ع ڌاري ڳوٺ عاقل تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، هن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ عاقل جي ٻاراڻي اسڪول ۽ مدرسي ۾ شروع ڪئي. جڏهن سندس وڏا لاڙڪاڻي شھر ۾ لڏي آيا تڏهن وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ کيس ديني مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو ڇھين درجي سنڌي ورنيڪيولر تائين پڙھيو.
محمد عمر سومرو منهنجي وڏي چاچي جو پٽ هو ۽ مون کان عمر ۾ اٽڪل 17 يا 18 سال وڏو هو. وڏن جي هڪ شھر کان ٻئي شھر ۾ لڏپلاڻ ڪري اسان ننڍپڻ جي وستا جو ڪو وقت هڪ ٻئي کان پري رهياسين. ورهاڱي کان پوءِ جڏهن منهنجو والد صاحب سکر ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو تڏهن اسان جا خانداني ناطا وري ڳنڍيا ۽ اسان علي گوهرآباد سامٽيا روڊ تي هڪ واڻڪي جاءِ ۾ گڏجي رهڻ لڳاسين. ڀانيان ٿو ته اهو زمانو 1951ع وارو هو. ادا محمد عمر جي مون سان گهڻي ميٺ ۽ محبت هئي ان جو سبب اهو هو ته ھن جي والد صاحب جي وفات بعد سندس ويڳي ماءُ ۽ ڀائر لاڙڪاڻي کي خيرآباد چئي درياهه جي هن پار خيرپور ميرس ۾ وڃي ويٺا. منهنجو والد صاحب به پنهنجي ڀائٽي سان گڏ رهندي خانه بدوشي واري زندگي کان آجو ٿي ويو. ٻيو سبب اهو به هو ته بابا سائين کي پنهنجي وڏي ڀاءُ جو جوان اولاد پيري واري زماني ۾ هڪ اڀل ٿي محسوس ٿيو. ان زماني ۾ منهنجي والد صاحب ۽ ادا محمد عمر ڪو وقت گڏجي روزگار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ايئن زندگي جو گاڏو پئي گڙڪايائون. پر هڪ ڳالھ واضح طور تي مون کي نظر آئي ته چاچي ۽ ڀائٽي جي مزاج ۾ وڏو فرق هو. تنهن ڪري هلندي هلندي ٻنهي جي روزگار جا ذريعا جدا جدا ٿي ويا. تنهن هوندي به اسان جي گهر ۾ هنڍي هڪ ئي پچندي هئي. اڳتي هلي جڏهن آئون ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيس ته مان پنهنجي والد جي ڌنڌي ڌاڙي ۾ هٿ ونڊائڻ لڳس ۽ پنهنجي پيءُ سان اهو سلسلو مون مرڻ گهڙي تائين نڀايو.
ادا محمد عمر 1954ع ڌاري قاضي عبدالمنان وڪيل وٽ وڃي سندس منشي گيري ڪرڻ لڳو. ڪورٽن جي ڪمن ڪارين کان واندي ٿيڻ کان پوءِ به هو قاضي عبدالمنان جي بنگلي تي سندس خانگي ڪمڪار ۾ رڌل رهندو هو. رات جو دير سان گهر ايندو هو ته پاڻ سان گهڻي ئي کاڌي پيتي جون شيون جهڙوڪ ڪيڪ، پڊنگ، مڱيرا ۽ لايون وغيره کڻي ايندو هو. هن جي اهڙي هلت ۽ سڀاءَ جي ڪري اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي.
1942ع واري زماني ۾ سنڌو جي اٿل پٿل ڪري وڏي ٻوڏ آئي هئي جنهن سنڌ ڏيهه جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا. فصلن جي تباهي سان گڏ انساني زندگي پڻ تباهي ۽ بربادي جي ڪنڌي سان وڃي لڳي هئي ۽ سنڌ جي سڄي معيشت ۽ سماج ڏڪار جي گهيري ۾ اچي ويو هو. مٿان ٻي مهاڀاري جنهن جو خاتمو 1945ع ۾ ٿيو تنهن جي اگرن نتيجن دنيا جي سماجي ۽ معاشي ڍانچي کي صفا ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو هو. مٿان هندستان جي ورهاڱي جو مامرو آيو ته ان به اسان جي هند ۽ سنڌ ۾ انساني جانين جي ڪوس ۽ سماجي زندگي جي بربادين جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. لڳاتار اهڙي قسم جي بربادين سبب انهن ڏينهن ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ وبائن ۽ بيمارين منهن ڪڍيو. سڀ کان پهريون هند سنڌ ۾ موذي ڪالرا منهن ڪڍيو. تنهن کان پوءِ چئو طرف ڏڪار جو راڪاس گهمي ويو. ٻوڏ ۽ جنگ واري زماني ۾ ڏسندي ڏسندي سلھ جي وبا به پکڙجي وئي. ان ظالم بيماريءَ 60-65ع واري ڏهاڪي تائين گهرن جا گهر ۽ ويڙھن جا ويڙھا اگهي چٽ ڪري ڇڏيا. اسان جي پاڙي علي گوهر آباد ۾ اسان جي استاد مولوي عبدالرشيد جا ٻه جوان پٽ، مهيسرن جي گهر جي ڀر واري پيرزادن جو سڄو گهر ۽ سامٽين جي گهرن مان ڪجھ ماڻھو ۽ اسان جي گهر مان منهنجو والد صاحب ان واهڙ ۾ وهي وڃي ابوبڪر مقام ۾ ستا. انساني زندگي جي ان ڏولاون واري زماني ۾ جيئڻ ڪو سهنجو ڪم ڪونه هو. اهڙي ڏکي وقت ۾ جڏهن بابا سائين دنيا ڇڏي ويو تڏهن منهنجي والده هڪ وڏي ڀيڻ ۽ اسان ٻن ڀائري لاءِ ادا محمد عمر هڪ وڏو سهارو ثابت ٿيو.
ادا محمد عمر سان منهنجي وڏي ڀيڻ جي عقد بابي سائين جي حيات هجڻ واري زماني ۾ ٿي چڪو هو. هاڻي اسان جي گهر ۽ سماجي سيٽ اپ جو نقشو ڪافي مٽجي چڪو هو. منهنجي تعليم ۽ ڪردارسازي ۽ منهنجي شخصيت سازي تي ادا محمد عمر جي ڪڙي نظر هئي. توڙي جو کڻي اسانجا چاچا ۽ ماما حال حيات هئا. پر ادا محمد عمر پنهنجي محبت. مخلصي ۽ مٽي جي ڪري اسان سان ايترو نڀايو جو اسان کي ڪڏهن اهو محسوس نه ٿيو ته اسان جو گهر هڪ ناهي.
ان زماني ۾ علي گوهر آباد پاڙي جا ٻار جيترو پڙھڻ ڪرڻ ۾ تکا هئا اوترو ڏنگائپ ۾ به چوٽ چڙھيل هئا. قافلي سراءِ ۾ پڙھيل لکيل ۽ سڌريل ماڻھن جو ريشو سٺو هو. قافلي سراءِ کان کچين جي پاڙي تائين گهڻي ڀاڱي شيخن. هندن، قادرين ڪيهرن، سومرن، انصارين ۽ ٻين گهڻين ذاتين جي مخلوق رهائش پذير هئي، جن جي اولاد جو توجه تعليم حاصل ڪرڻ ڏانهن هو. کچين جي پاڙي جي اڪثريت پڙھڻ لکڻ، وڻج واپار ۽ خاص طور سون جي ڌنڌي سان لڳل هئي. علي گوهر آباد وارو سامٽيا روڊ وارو پاسو پيرزادن ۽ سامٽين جي پڙھيل ۽ خوشحال طبقي سان تعلق رکڻ وارو علاقو هو پر سامٽيا روڊ کان پوءِ ٻنين تائين سولنگي، ماڇي، ميربحر، ميراڻي، ابڙا، انڙ، لاڙڪ، دايا، ڪنڀر ۽ هر قسم جي ڪامين ڪڙمين جي ججهي آبادي هئي. مطلب ته علي گوهر آباد جي ان حصي ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي ڪٺي ٿي هئي ۽ ويجڙ واري گذريل زماني جي تباهين ۽ بربادين جي اثرن جي نتيجي ۾ اها مخلوق اڪثر لاڙڪاڻي جي پسگردائي وارن ڳوٺن مان لڏي اچي اتي ويٺي هئي جن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو رجحان گهٽ هو. اسان ڇاڪاڻ ته علي گوهر آباد جي پڇاڙي واري ڇيڙي تي مقيم هئاسين، تنهن ڪري منهنجو گهڻو تعلق انهن ٻارن سان رهيو جن جو شوق ڪتابن کان وڌيڪ ٻني ٻاري ۽ باغن بستانن ۾ رلڻ ڪرڻ سان هو. ان سبب ڪري منهنجي پڙھائي ۽ ڪيريڪٽر ٻئي متاثر پئي ٿيا. اهڙي وقت ۾ ادا محمد عمر مون کي صحيح دڳ تي آڻڻ لاءِ موچڙي ۾ ڳن وجهي منهنجي پٺيان پيو.
هن دور ۾ ادا محمد عمر جو گهڻو تڻو رهڻ ڪرڻ ۽ واستو قاضي عبدالمنان ۽ قاضي فضل اللہ سان هوندو هو. اهي شھر جا مشھور وڪيل به هئا. زميندار به هئا ۽ ساڄي ڌر جي سياست به ڪندا هئا. اسان جو سوٽ به مسلم ليگي خيالن جو هو. هو حساب ڪتاب توڙي پڙھڻ لکڻ ۾ هوشيار هوندو هو. ان سان گڏ مولوي گهراڻي جو هئڻ ڪري روزي نماز جو پڻ سخت پابند هو. مٿي ذڪر ڪيل قاضين مامي ڀاڻيجن سان لھ وچڙ ۾ رهي ڪري ۽ زماني جي اونچ نيچ ۽ زماني جي لاهن چاڙھن مان گذرندي هو وڏو سماجي شعور حاصل ڪري چڪو هو. تنهن ڪري پنهنجي خاندان ۾ مون کي سڌارڻ لاءِ اهو هڪ ئي ڪافي هو پر پاڙي جي رولو ٻارن سان رهي مان ٽاپ جو ڏنگو ڇوڪرو ٿي پيو هئس. هڪ ڏينهن مون پنهنجي گهر ۾ ڪو نقصان ڪيو يا ڪا اهڙي ڏنگائپ ڪئي جو هو تلهڙ کڻي منهنجي پويان پيو. گهر ۾ پڪڻڻ جي ڪوشش ڪيائين پر وٺ ڪونه ڏنومانس. مان ڇا ڪيو جو وڏي ڦڙتي سان ڏاڪڻ چڙھي ڇپٽي واري ڪاٺ جي جهنگلي مان نڪري گهر جي آڳر جي ڀت تان ٽپي گهر کان ٻاهر کلندڙ دري جي شيخن جي سهاري گسڪي روڊ تي ٽپو ڏئي ٻنين ڏانهن سڌ ڪيو. هو در کان تڪڙو نڪري منهنجي پٺيان تکو ڊوڙندو آيو ۽ جلد ئي منهنجي اچي ويجهو پڳو.
منهنجي سامهون گوهين ڏيڻ لاءِ ٻنين جا ٻارا ۽ کليل پيچرا هئا، سو رفتار تکي ڪري مان ادا عمر جي پهچ کان گهڻو پري نڪري ويس. نتيجتن همراهه سهڪندو موٽي وڃي گهر پهتو، ان وقت منهنجي عمر 12، 13 سال هئي ۽ ادا عمر جي عمر ٻائيتاليهه سال کن هئي.
جڏهن مون چار درجا پرائمري پڙھي پورا ڪيا ته سال 1956ع ۾ ادا عمر مون کي انگريزي پڙھڻ لاءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرائي آيو. جڏهن مون ميٽرڪ پاس ڪئي تڏهن مون کي اڳتي پڙھائڻ ۽ روزگار سان لڳائڻ جو کيس اونو رهندو هو. 1964ع ۾ ادا عمر قاضي فضل اللہ وٽ هوندو هو. ان زماني ۾ هن قاضي صاحب جي دوست مظفر حسين صاحب کي منهنجي لاءِ روبرو سفارش ڪئي ته ھو مون کي پنهنجي ڪپڙي جي ڪارخاني تي ڪنهن ڪم سان لڳائي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته منھنجي والد صاحب جي وفات کان پوءِ هو اسان جي گهر جي مڙني ڀاتين جو خاص خيال رکندو هو. 1965ع واري جنگ کان پوءِ ڪارخانا بند ٿي ويا ۽ روزگار جو مسئلو سامهون آيو ته ادا عمر پنهنجي پان ٻيڙي جي پڙي منهنجي حوالي ڪئي. پنهنجي اهڙي عمل سان هڪ لحاظ کان ڄڻ هن مون کي پنهنجي بزنس ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو.
اسان کي زندگي ۾ جڏهن ڏکيو وقت ايندو هو ته هو اسان جي گهر ۽ اسان جي دل و جان سان مدد ڪندو هو. 70ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان کي پنهنجي گهر ٺاهڻ جي ضرورت پئي ته اسان ٻنهي گڏجي صلاح ڪري هڪ پلاٽ ورتوسين ۽ گڏجي علي گوهر آباد ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيسين. ان زماني تائين رب تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ادا عمر کي پنج ٻار ٿي چڪا هئا. 1973ع ۾ مان سرڪاري نوڪري ملڻ ڪري ڪراچي شفٽ ٿي ويس ته اسان جي گهر جو سمورو خيال ادا عمر رکندو هو ۽ پٺيان جو مون کي ڪنهن قسم جي فڪر ڪونه رهندو هو. ان لحاظ کان هو منهنجو وڏو محسن ۽ مربي هو. ڏيڍ ٻن سالن کان پوءِ مان مڪمل طور ڪراچي شفٽ ٿي ويس ته هو اسان جي غير موجودگي ڪري پاڻ کي ويڳاڻو سمجهندو هو. مهيني ماس ۽ عيد جي موقعي تي ڪڏهن ٻارن سوڌو ڪڏهن اڪيلو اسان وٽ ڪراچي هليو ايندو هو. اسان جي به ادا عمر جي گهر ۽ ٻارن کان سواءِ ڪا نه سرندي هئي. گرمين جي موڪلن ۾ مان پنهنجي ٻارن سان ٻه مهينا لاڙڪاڻي اچي رهندو هئس. اهڙي وقت هو منهنجو ۽ منهنجي ٻارن جو بي حد خيال رکندو هو. ان وچ ۾ منهنجا ٻه ٻار لاڙڪاڻي ۾ ڄاوا، هن منهنجي اهل و عيال جي اهڙي پرگهور ڪئي جهڙي پنهنجن ٻچن جي ڪبي آھي. اهڙن روين ۽ اهڙي ميٺ محبت جي ڪري لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جا ماڻھو اسان کي هڪ خاندان ۽ هڪ گهر جا ڀاتي سمجهندا هئا.
1980ع واري ڏهاڪي ۾ رب سائين جي ڪرم ۽ فضل سان ادا محمد عمر کي حج جي سعادت نصيب ٿي ته هو لاڙڪاڻي کان ٺھي سنڀري اسان جي گهر انچولي سوسائٽي ڪراچي آيو. وڏي خوشي ۽ ڌام ڌوم سان اسان کيس ويسٽ وارپ ۾ بحري جهازن جي شپ يارڊ واري حصي ۾ وٺي وياسين. ان زماني اڪثر حاجي بحري جهاز ”عابد“ ۽ ”شمس“ تي سفر ڪري وڃي جدي پهچندا هئا. جڏهن خير سان حج ڪري ادا عمر موٽيو ته اسان کيس ٽيڪسيون ڪري وڏي شان سان پنهنجي گهر وٺي آياسين ۽ سندس گهر ۾ آجياڻو ڪري خوشيون ملهايون سين. حج تي وڃڻ وقت ادا سائين مون کان پڇيو هئائين ته تنهنجي لاءِ سعودي مان ڇا وٺي اچان مون کيس هڪ وال ڪلاڪ ۽ پنهنجي لاءِ هڪ پارڪر پين جي خواهش ڏيکاري هئي. اهو وال ڪلاڪ ۽ پارڪر پين سندس نشانيون اڄ سوڌو مون پاڻ وٽ سنڀالي رکيون آھن.
منهنجي پياري ڀاڻيجي رسول بخش سومري کي سرڪاري نوڪري ملي ۽ جڏهن سندس ڪراچي ۾ پوسٽنگ ٿي تڏهن جلدي ادا محمد عمر پنهنجي ٻچن سوڌو ڪراچي هليو آيو ۽ مون به سڄي ڪهول کي پنهنجي گهر ۾ رهايو. ستت ئي مون ساڳي پاڙي ۾ پنهنجو فليٽ خريد ڪيو ۽ مان ان ۾ وڃي رهيس تڏهن جيڪا جاءِ منهنجي استعمال هيٺ هئي، تنهن کي مالڪ کي اعتماد ۾ وٺي اها جاءِ ساڳي مسواڙ تي مون ادا محمد عمر جي حوالي ڪئي. انچولي سوسائٽي فيڊرل بي ايريا ۾ هن جي گهر ۽ منهنجي گهر جي وچ ۾ هڪ روڊ جي مفاصلي جو فرق هو پر تنهن هوندي اسان ٻئي گهر هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا هئاسين ۽ ادا محمد عمر ۽ منهنجيون صبح توڙي شام ڪچهريون جاري رهنديون هيون. ڪجھ سالن بعد سندس وڏي پٽ رسول بخش ۽ مان گڏجي صلاح ڪري ابوالحسن اصفهاني روڊ گلشن اقبال ۾ هڪ ئي هنڌ پنهنجا فليٽ بڪ ڪراياسين. اتي به هن ۽ اسان جي وچ ۾ بس هڪ اسڪول ۽ هڪ ٻه بلڊنگ هئي. جيڪي ادا محمد عمر ۽ اسان جي گهر ۾ ڪا وري يا دوري وجهي نه سگهيا. ان کان پوءِ جڏهن ادا محمد عمر جن پنهنجي جاءِ گلستان جوهر بلاڪ چوڏهين ۾ ٺاهي ان پاسي شفٽ ٿي ويا ته اسان به هڪ ٻن گهٽين جي فرق سان هنن جي وڃي ڀرسان ويٺاسين.
زندگي جي ايڏي وڏي سفر ڪرڻ کان پوءِ ادا محمد گهڻو عمر رسيده ٿي پيو هو. منهنجي سامهون هن جي سڄي عمر گذري هئي. هو منهنجو وڏو سوٽ ۽ ڀيڻيو هو. پاڻ ۾ زندگي جو وڏو حصو پيار، ميٺ محبت ۽ سهڻي سلوڪ سان گذاريو هئوسين. انهن سڀني رشتن ۽ ڳالهين کي ڳڻيندي ۽ ويچاريندي هن پنهنجن پٽن لاءِ مون کان نياڻين جا رشتا گهريا. جيڪي خوشي سان مون قبوليا. ان نئين ناطي جي ڪري اسان جي اچڻ وڃڻ جا ڀيرا وڌي ويا هئا. هونئن به هو جهانگشت ۽ هڪ جهانديده ماڻھو هو. قاضي فضل اللہ ۽ قاضي عبدالمنان جي وزارتن دوران انهن سان سلهاڙيل هجڻ ڪري سندس ملاقاتون اميرن، وزيرن ۽ اعليٰ درجي جي آفيسر سان رهنديون هيون. توڙي جو کڻي هن جي اسٽيٽس واري ليول سماج جي اهڙي طبقي جي ماڻھن سان ميل نه پئي کائي. تڏهن به هو وڏي اعتماد ۽ ايمانداري سان پنهنجي زندگي گذاري آيو هو. زندگي جي پوئين ڏهاڪي ۾ جڏهن مون کي پنهنجي خاندان جي هسٽري ڄاڻڻ جو شوق جاڳيو ته مان هن جي سماجي ۽ معاشرتي اڀياس واري خزاني مان ڪجھ سکڻ لاءِ وٽس گهڻو اچڻ وڃڻ لڳس.
حقيقت ۾ زندگي ڀر هن جي قريب رهڻ ڪري هن جي مذھبي رجحان، پابند صوم ۽ صلاة وارين عادتن ۽ هڪ ايماندار ماڻھو هجڻ ڪري مان هن کي پنهنجو آئيڊيل سمجهندو هئس. حياتي جي پوين ڏينهن ۾ هڪ شام جو مان ساڻس ملڻ ويس. منهنجي ڀيڻ ۽ پاڻ گهر جي مٿين حصي ۾ رهندا هئا. ان وقت ادي گهر ۾ ڪا نه هئي، مون ڏٺو ته ادا محمد عمر انب جي وڻ جي ڇانو ۾ ڄنگھ ڄنگھ ٿي چاڙھي ڪاٺ جي صندل تي ستو پيو هو پر وڏي گهرائي وچان ڪنهن ويسوري ۽ ڪنهن خيال ۾ گم هو. مان سندس مٿن کان وڃي بيٺس پر ان ڳالھ جي کيس سڌ ئي ڪانه پئي. مان پاڻ حيران هئس ته ادا سائين الائي جي ڪهڙن ويچارن ۾ گم آھي. جڏهن مون ٿورو پير جو کڙڪو ڪيو تڏهن ڇرڪ ڀري اٿيو. سندس چهري ۽ اکين ۾ خوف جي علامت صاف ظاهر هئي. مون پڇيومانس. ”ادا ڇو ڪهڙن ويچارن ۾ آهيو“. وراڻيو. ”نه ڪجھ به ناهي خير آ.“ ڪجھ ڏينهن تائين هن جي اهڙي خوف جي عالم ۾ غلطان رهڻ واري ڪيفيت تي مان سوچيندو رهيس. بس مان ان نتيجي تي پهتس ته ھن جون هاڻي موت جي مارن سان ملاقاتون پيون هلن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ زماني جا گهڻا حوال نه ڪندو هو. شوڪارو ڀريندي چوندو هو. بس گذري وئي. مام ۽ مامري کي ته مان سمجهي ويو هئس. پوءِ به هن جي پسند ۽ مطلب جون ڳالھيون ڪرڻ ويندو هئس. پنهنجن هٿن ۽ هٿن جي آڱرين کي ڏسي انهن کي مهٽيندي گهڻين ڳالھين جو جواب رڳو هان هون ۾ ڏيندو هو. سردي جي موسم جي هڪ شام جو مان پنهنجي گهر ويٺو هئس ته گهر واري چيو. رابعہ (منهنجي ڌيءُ) جي فون آئي آھي ته ادا عمر جي طبيعت ناساز آھي. اسان ٻئي زال مڙس ان ئي مهل کيس ملڻ لاءِ وڃي پهتاسين، پلنگ جي ڀرسان کٽ تي اکيون ٻوٽيون پرسڪون ستو پيو هو. منهنجيون ٻئي ڌيئرون سندس مٿن کان ويٺيون هيون، ٻه ٽي ڪلاڪ ترسي اسان ٻارن ۽ ادي کي دلجاءِ ڏئي گهر موٽي آياسين، ٿوري جهٽ گذري ته وري فون آئي ته ھو ڀلو مانس راهه رباني وٺي پنهنجي سفر تي روانو ٿي ويو. اِنا لِلہ وَ اِنا عِليہِ راجِعون. سندس تاريخ وفات 27 نومبر 2011ع آھي، دعا آھي ته رب ستار منهنجي محسن ۽ مربي مرحوم محمد عمر جي مغفرت فرمائي کيس جت الفردوس ۾ جاءِ ڏي آمين.
**