لاڙڪاڻي جي سماجي تاريخ جا امُلهه ڪردار فجر علي ۽ بشير مسيحي
فجر علي نيڪ نمازي ماڻھو هو ۽ ايمپائر سنيما جي سامهون قافلي سراءِ ۾ رهندو هو. صبح جو بهشتي مسجد ۾ رب سائين جي سجدي سجود کان پوءِ نيرن پاڻي ڪري پخال ڪلهي ۾ وجهي پنهنجي روزي سان لڳندو هو. اول پنهنجي ۽ پاڙي جي گهرن جو پاڻي ڀري، سامٽيه روڊ جي ڇيڙي تي جليل جي چانھ جي دڪان وٽ رکيل بئنچ تي اچي ويهندو هو. ايتري ۾ بشير مسيح به نالين کي صاف ڪرڻ وارو خاص تيلن وارو ٻھارو کڻي اچي فجر علي سان ملندو هو. جليل جي دڪان جي سامهون ڪنڊ تي سرڪاري برمو لڳل هوندو هو، جتي پاڙي جا ماڻھو پڻ تڙ پاڻي ڪري سگهندا هئا. فجر علي قد بت جو هلڪو ماڻھو هو پر هن جي چال چلت ۾ خفيف قسم جي نسواني جهلڪ نظر ايندي هئي. نلڪي مان مشڪ ڀريندي ۽ مشڪ کي ڪلهي تي چاڙھيندي ٻانهن ۽ چيلھ کي اهڙا چٻ ڏئي ناٽ ڪري اٿندو ۽ جهڪندو هو جو ماڻھو کيس ڌيان سان ڏسڻ بنا رهي نه سگهندا هئا.
فجر علي رب جو نالو وٺي ۽ بشير يسوع مسيح جو منڌيڻو منهن اڳيان ٺاهي نالي صاف ڪرڻ کي لڳي ويندا هئا. فجر علي ڊانس جون ڪي جهلڪيون، ڦيرا ۽ روپ ڏيکاريندي مشڪ جو منهن کولي نالي ۾ پاڻي وجهندو ويندو هو ۽ بشير پنهنجي هٿن جي هڪ خاص ردم سان ويندو هو نالي کي صاف ڪندو.
عبدالقيوم ۽ عبدالحي صديقين جي گهر واري چوڪ تائين پنهنجي نالين جي حد پوري طرح صاف ڪري وري عبدالغني سومري ۽ ڊپٽي الھ ڏتي سامٽيي مرحوم جي بنگلي اڳيان ناليون ڌوئي جڏهن اسان جي گهر واري چوواٽي تي پهچندا هئا ته کين ڏينهن جا ٻارهن وڃي ويندا هئا. اتي اچي همراهن کي چانهن جي ٻاڙ لڳندي هئي.
بشير پنهنجي جهاڙو کي نالي جي وٽ تي سمهاري رکندو هو. باقي فجر علي ٻه ڦيرا ڏئي پنهنجي مشڪ پنهنجي ڪلهي تي کنيو جليل چانھ واري جي دڪان تي اچي کارن بسڪٽن ۽ چانهن جو آرڊر ڪري هڪ پاسي ويهي رهندو هو. هن مزاحيه جوڙي جي چانهن پيئڻ وارا ڪوپ ساسر جدا رکيل هوندا هئا. جليل کين چانهن هٿن ۾ ڏئي ايندو هو. چانهن نوش ڪري وري هي جوان اسان جي گهر واري چوڪ کان پنهنجو ڪم شروع ڪندا هئا. هي ٻئي پنهنجو ڪم وڏي ايمانداريءَ سان ڪندا هئا جڏهن ته ڪم جي نوعيت کان هو هڪ ڪرڀائتي قسم جي ڪم تي مامور هئا پر انسان جي پنهنجي پورهيي کي پوءِ اهو کڻي ڪهڙي به قسم جو ڇو نه هجي ان کي سچائي واري جذبي سان انجام ڏيڻ فرض آھي ۽ حقيقت ۾ اهو به عبادت جو هڪ روپ آھي. منهنجي نظر ۾ فجر علي ۽ بشير پنهنجو ڪم وڏي دلچسپي ۽ سچائي سان ڪندا هئا. اهوئي خاص سبب هو جو پاڙي جا ماڻھو انهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ آئون انهن کي سچن ماڻھن ۽ سماج جي سچن ڪردارن ۾ شامل ڪندو هئس. ٻئي پاسي جيڪڏهن ڪو ويهين گريڊ جو آفيسر پنهنجي فرض جي بجا آوري ڪندي ڪمي، ڪوتاهي ۽ کوٽ ڪري ٿو يا ڏوڪڙ کائي ٿو ته اهو چڱو سڏائڻ جي قابل ته ڇا پر ماڻھو سڏائڻ جي قابل به ناهي.
ڪم جي سرانجامي واري پوئين حصي ۾ هي ٻئي مڙس پنهنجو ڪم ڪندي ڪندي اهڙي ته ترنگ ۾ ايندا هئا جو بشير پنهنجن هٿن جي فنڪاري سان تبلي جي وڄت تڪ ڌنا ڌن... ۽ ڀم چڪ ....ڀم چڪ جا آواز ڪڍندو هو. فجر علي ان کان به ٻه هٿ مٿي پنهنجي پخال سوڌو بشير جي ڇيڙيل گاني جي ڌن ”جیا بے قرار ہے، چھائی بہار ہے، آجا مورے بالما، تیرا انتظار ہے۔“ تي اهڙي ته ڊانس ڪندو گهٽي جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي هليو ويندو هو. وري جڏهن موٽ کائيندو هو تڏهن سندن اهڙي قسم جي نٽ کٽ ۽ سر سنگيت واري مچايل ڊرامائي انداز کي ڏسڻ لاءِ پاڙي جون مايون، ٻار ۽ ايندو ويندو ڏسي پيو خوش ٿيندو هو. ماڻھن جي چهرن تي جڏهن زماني جا اهڙا زخم خورده ڏکايل ۽ ستايل ڪردار، مسڪراهٽون ونڊيندا آھن ته مون کي اهي سماج جا املھ ۽ امر ماڻھو لڳندا آھن.
فجر علي ۽ بشير مسيحي ڀم چڪ ڀم چڪ... ڌم چڪ ڌم چڪ ۽ ناٽ نخرن سان پنهنجي روح کي قرار وٺائي ۽ ٻين جو من به ريجهائي آخر ۾ نالين جي وٽين تي چونو هاري پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪري فقير محمد انڙ جي اوطاق لڳ باغيچي ۾ ميونسپل جي جمعدار جي رجسٽر ۾ حاضري ڀرائي گهر روانا ٿي ويندا هئا.
**