شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

مزدور رهنما، صاحب خان شيخ

مون کي نور ٽيڪسٽائل ملز ۾ ڪم ڪندي زندگيءَ جا اهم تجربا ٿيا، هتي مون اهو ڪجھه سکيو، سمجھيو ۽ پرايو جنهن تي زندگي ڀر مون کي ناز رهندو. هتي رهي اسان وارپ نٽنگ جي مزدورن ٽريڊ يونين جي باري ۾ جيڪي سوچيو تنهن کي عملي جامون پهرائيندي اسان لاڙڪاڻي ۾ يونائيٽيڊ ليبر يونين جو بنياد رکيوسين. مزدورن جي اها گڏيل جدوجهد اڳتي هلي. لاڙڪاڻي ۾ يونين سازي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي. هن ڪم ۾ منهنجي ذاتي ڪوشش ۽ جدوجهد جي پٺيان منهنجو هڪ نماڻو مقصد هو ته لاڙڪاڻي ۾ مزدورن جي ٻڌي ۽ شعور جي وسلي مزدورن جي يونين جو هڪ سگھارو نظام کڙو ڪري سگھون، جنهن تحت اسان وارپ نٽنگ ٽيڪسٽائل جي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ ميٿڊ وارين تيز ترين پيداواري ٽولز سان مزين آٽوميٽڪ مشين جو ڪم لاڙڪاڻي جي لوڪل مزدورن ۾ منتقل ڪريون. ٽن چئن سالن جي لاڳيتي ڪوشش سان آئون پنهنجي دوستن جي مدد سان ان سلسلي ۾ ڪجھه ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ وارپ نٽنگ جو اسڪل ڳوٺاڻن، نوجوانن ۾ وڌائيندي ڏهاڪو کن هيلپرس کي ڪم سيکاري مون انهن کي باصلاحيت آپريٽر جي صورت ۾ علي ٽيڪسٽائل، غفور ٽيڪسٽائل ۽ نور ٽيڪسٽائيل ملز ۾ ڪم تي لڳائي پنهنجي روزي روٽي لائق بڻايو. منهنجي لاءِ هيءَ ڳالهه خوشي جو سبب هئي ته سنڌ سمال انڊسٽري اسٽيٽ لاڙڪاڻي ۾ اسان جي کڙي ڪيل ٽريڊ يونين سسٽم هيٺ هاڻي مل مزدور پنهنجي حقن جو تحفظ ڪرڻ سکي ويا هئا. آئون جڏهن 1972ع ۾ ملز جي ماحول ۽ مزدورن جي مانڊاڻ کي الوداع چئي زندگيءَ جي نئين موڙ تي هڪ نئون سفر شروع ڪيو تڏهن ان زندگيءَ جي سفر دوران خبرون پڙهندو هئس ته منهنجي ساٿي شاگرد صاحب خان شيخ لاڙڪاڻي شگر ملز جي ليبر يونين جون واڳون سنڀاليندي مل جي يونين ۾ صدر جي پوزيشن سنڀالي آهي. ته آئون خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پي ماپيس.
صاحب خان شيخ جو لاڙڪاڻي جي ٽريڊ يونين ۾ هڪ وڏو ڪردار رهيو آهي. هن جو ڳاڻيٽو انهن ماڻهن ۾ ٿي سگھي ٿو جن جي باري ۾شاعر عظيم فرمائي ٿو ته ”ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه، اچي بوءِ بهار جي.“ اها حقيقت آهي ته هزارن ۾ ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو نڪرندو آهي. اصل ۾ هيءُ موتيءَ داڻو به مون رائيس ڪئنال جي ڪپ تان ڳولي لڌو هو، مون کي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي ته ڪنول جا گلابي سرها گل هر موسم ۾ هر مند ۾ ڍنڍن جي ڪنارن سان ٿيندا آهن ۽ سپون جن مان موتي لڀندا آهن سي به گپ ۾ لڀنديون آهن.
نور ٽيڪسٽائل ۾ هڪ شام جو آئون ڪيرولين شرٽنگ جي ٽٽل تندن کي رڇ جي سين ۾ پوئي رهيو هئس ته ماسٽر شفيع محمد جيڪو منهنجي مشين سيڪشن جو انچارج هو هڪ ٻار کي منهنجي سامهون ڪندي پنجابي ۾ چيو ته هي صاحب خان آهي، هاڻي هي تنهنجي حوالي اهي. هن کي ڪم سيکارج، ٻه ٽي ڏينهن آيا ويا، مون صاحب خان کان پڇيو ته هن بلا سان تنهنجي ڪيئن ڏيٺ ويٺ ٿي؟ صاحب خان وراڻيو ته مان ماهيڙو آهيان، هن جي گھر ۾ روزانو کير کڻي ايندو آهيان، صاحب خان جو والد محترم گاجي خان ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان ڳوٺ رسول آباد ۾ رهندو هو. گھر تي مينهون ۽ ٻڪريون پالي رکيون هئائين پر ڪٽنب وڏو هئس تنهن ڪري سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ۾ چوڪيداري ڪندو هو ۽ پنهنجي وڏي پٽ کي روزگار تي لڳائڻ لاءِ ماسٽر شفيع محمد جي حوالي ڪري ويو هو، صاحب خان کي ٿوري گھڻي ڪم ڪار جي سڌ سماءَ جي بنياد تي ٻن ٽن مهينن کان پوءِ هيلپر جي پوسٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، منهنجو ته مول متو ئي اهو هو ته لوڪل ماڻهن کي جلد کان جلد ڪم جي سکيا ڏني وڃي. تنهن ڪري صاحب خان کي ڪم جي سکيا جي سلسلي ۾ مون ذاتي طور تڪڙا قدم کنيا. هي ڇوڪرو نهٺو، مسڪين طبع ۽ سلڇڻي مزاج وارو پئي لڳو تنهن ڪري مون کانئس ٻه ٽي ذاتي سوال پڇيا جنهن تي هن پنهنجي تعليم جي باري ۾ ٻڌايو ته ٽي چار سنڌي درجا پڙهيل آهي. هن جي ڪم سکڻ جون لياقتون ڏسندي مون خيال ڪيو ته هن جي لاءِ انگريزي جي ڄاڻ سمجھه ضروري آهي. مون کيس چيو ته مان چاهيان ٿو ته تون انگريزي پڙهه. هن وراڻيو ته بابا اسڪول نٿو پڙهائي، چوي ٿو ته يا ڍور سنڀال يا ڪو ڪم سک. گاجي خان سان منهنجي عليڪ سليڪ هئي، مون کيس سمجھايو ته ڇوڪر کي پڙهڻ جو شوق آهي جي تون اجازت ڏين ته هن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايونس. وراڻيائين ته منهنجو حالتون اجازت نٿيون ڏين. صاحب خان کي مون دلجاءِ ڏني ته جيترو ٿي سگھندو اوترو مان توکي انگريزي سيکاريندس. ان وقت انگريزي سکڻ پڙهڻ لاءِ بنيادي ٻه ڪتاب هوندا هئا. هڪ پرائمر ٻيو ريڊر سو اهي ٻئي ڪتاب مون هن کي آڻي ڏنا. رات جي ڊيوٽي ڪري اسان رسول آباد ڳوٺ جي ڀر ۾ رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي ٽارين جي گھاٽي ڇانوَ ۾ ويهندا هئاسين. جتي مون صاحب خان کي پهريون پرائمر جنهن ۾ اي، بي، سي ۽ ٻن اکرن جي جوڙ جا لفظ سيکاري، هن کي سمورن سبقن جي مڪمل سکيا ڏني، تنهن کان پوءِ مون صاحب خان کي ريڊر پڙهڻ سيکاريو، جنهن بعد هو انگريزي اکر، جملا ۽ سائين بورد وغيره پڙهي ويندو هو ان سان گڏ پراڊڪشن رجسٽر ۾ پنهنجي ٺاهيل ڪپڙي جي پيداوار پاڻ ئي درج ڪري ويندو هو. خداداد صلاحيت جو مالڪ هو. هن گيان باغ ۾ جيڪي منهنجا يونين سازي ۽ يونين بازي جي سلسلي جا ليڪچر ٻڌا هئا سي سڀ رٽي ڇڏيا هئا. علاوه ازين مزدورن کي فائدا وٺي ڏيڻ ۾ اسان جيڪا گڏجي جدوجهد ڪئي تنهن ۾ ٻين سان گڏ هن وڏي سرگرمي سان منهنجو ساٿ ڏنو. جڏهن آئون 10 سال لاڳيتو ڪارخانن ۾ نوڪري ڪري ليڪچرار جي حيثيت ۾ مقرري ٿيڻ کان پوءِ هيءَ جوءِ ڇڏي ويس تڏهن مزدور يونين کي صاحب خان سنڀاليو، نه رڳو ايترو پر هن لاڙڪاڻي شهر ۾ يونين سازي جي عمل کي ايڏي هٿي وٺرائي جو ڪو زمانو اهڙو به آيو جو هن اڌ پڙهي انسان پنهنجي خداداد صلاحيتن جي بنيادن تي ڪيترن ليبر يونينز کي گڏي لاڙڪاڻي ۾ فيڊريشن جي پليٽ فارم تي آڻي بيهاريو. منهنجي لاءِ اهو لمحو وڏي خوشيءَ جو سبب هو، جڏهن منهنجي ڪارخاني جي دور جي هڪ ساٿي محمد صالح سومرو جيڪو ان وقت واپڊا جي يونين طرفان راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پاڪستان جي گڏيل مزدور فيڊريشن جي ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيو هو، ان هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته مون ان ڪنوينشن ۾ صاحب خان کي پرجوش انداز ۾ خطاب ڪندي ڏٺو آهي.
**