شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

وفا جو پيڪر, مامو بروهي

منهنجي وڏي چاچي وٽ ھڪ بر منهن ٿيل محمد جمعو بروهي رهندو هو، جيڪو چاچا سائين جي وفات کان پوءِ منهنجي سوٽ محمد عمر وٽ علي گوهرآباد واري گهر ۾ رهيو پيو هو. جڏهن اسان گجڻ پور کان لڏي علي گوهر آباد ۾ سوٽ محمد عمر جي گهر اچي رهياسين ته اسان جي به ان وفا جي پيڪر جمعي خان سان ملاقات ٿي ۽ اسان کيس مامو سڏڻ لڳاسين.
مامو بروهي اسان جي گهر جا سڀ ڪم ڪندو هو، مثلن گهر جون ڪاٺيون ڏارڻ، ڪڻڪ جو ٽين بهاؤالدين شيخ جي ان پيهڻ واري مشين تان پيهائي اچڻ. بابي کي يا ادا عمر کي بازار مان خريد ڪيل ڳرو سيڌو سامان کڻائي اچڻ وغيره. هڪ ڀيري اسان مينهن ڌاري سين ته مينهن جو گهربل چارو وغيره به مامو بروهي تيار ڪندو هو. مطلب ته سواءِ کير ڏهڻ ۽ مينهن کي چارڻ جي سڀ ڪم اهو سرانجام ڏيندو هو.
هن اڻ پڙهي انسان ۾ اڻ ڳڻيا گڻ موجود هئا، هن جو نيم هو ته هو ماني گھڻي ڪونه کائيندو هو. جيڪو گهر ۾ پچندو هو سو کائيندو هو. سڄي عمر ڪنهن من پسند ۽ سٺي طعام جي طلب ڪا نه ڪيائين. سندس هڪ عجيب عادت هوندي هئي، جڏهن به اسان جي گهر ۾ ڪا تقريب ٿيندي هئي ۽ پلاءَ جي ديڳ لهندي هئي ته سمورا ڪم ڪاريون انجام ڏيندو هو پر جڏهن ماني ڪڍڻ ۽ کائڻ جو وقت ايندو هو ته مامو بروهي غائب ٿي ويندو هو، سڄو گهر اوڙو پاڙو ڳوليندا هئاسين پر هو ڪٿي به لڀندو نه ھو ۽ اها ڪار مرندي گهڙي تائين ڪيائين. بس ڇا چئجي خدا جو پراسرار ٻانهو هو.
سياري ۾ اسان اندر ڪوٺين ۾ سمهندا هئاسين، هو دالان ۾ هڪ پاسي زمين تي پنهنجو بسترو پٽ تي وڇائي آرامي ٿيندو هو. اسان وٽ ورهين جا ورھيه رهيو، ڪڏهن کٽ تي نه ستو ۽ نه ڪڏهن کٽ طلبيائين. سياري جي رات جو ڪجھ دير ڀرو سمهندو هو. پاڻ کي مصروف رکڻ جي هڪ عجيب ڪرت هوندي هئس. رات جو بورچي خاني ۾ باهه تي ويهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪو مٺڙو گيت جهونگاريندو رهندو هو ۽ گهر ۾ ڏاڪڻ جي ڇپٽي تي رکيل پنهنجا ڪهوءَ جا ڳن کڻي پنهنجي ڀرسان رکندو هو ۽ انهن مان هڪ هڪ کڻي ان کي سرهن جو تيل مکي باهه تي سيڪيندو ويندو هو ۽ انهن جا ڏنگ ۽ ڦڏ ڪڍندو رهندو هو. تنهن کان پوءِ پنهنجي ڪهاڙين جي ڳنڍ کوليندو هو ۽ ان ۾ رکيل مختلف قسم ۽ مختلف سائيز جي ڪهاڙين ۾ اهي ڳن فٽ ڪري پنهنجا اندازا لڳائي وري انهن ڪهاڙين ۽ ڳنن کي وڃي ڇپٽي تي رکي ايندو هو، تنهن کان پوءِ وڃي سمهندو هو، هن جي اها ڪرت به سڄي عمر جاري رهي.
مامي بروهي جو وڏو ڀاءُ ھٽڙي جي ڀرسان حيدر بروهي ڳوٺ ۾ پنهنجي ٻارن ٻچن سان رهندو هو ۽ سندس هڪ ڀيڻ قمبر ۾ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان گڏ رهندي هئي، جڏهن قمبر پنهنجي ڀيڻ ڏي ڀيرو ڪرڻ ويندو هو ته هڪ ٻه ڏينهن گهر ۾ هر هڪ ڀاتي کي جهيڻي ٽون ۾ پنهنجي من جي مراد يعني وڃڻ جو پروگرام ٻڌائيندو رهندو هو. سندس مطلب هوندو هو ته ھن جو زاد راهه تيار ڪرڻ جو بندو بست ڪيو وڃي. نيٺ آخري ڏينهن بابي کي کليو کلايو چئي ڏيندو هو ته سمائل مان صبح جو ڪونه ھوندس. بابو پڇندو هو ڪاڏي ويندين؟ وراڻيندو هو قمبر ڀيڻ ڏي. پروگرام جو پڪو هوندو هو. صبح جو سوير اٿي امڙ مامي بروهي لاءِ ماني جا ٽي چار ڊڳڙ گھڙي وٺندي هئي. امان چوندي هئس پٽاٽا. آنا يا ٻوڙ تيار ڪري ڏياءِ پر هو سفر ۾ اهڙي ڪا به شيءِ پاڻ سان کڻي وڃڻ پسند نه ڪندو هو.
هن جي لاءِ گهر ۾ هڪ وڏو پيالو چانهن جي پيئڻ لاءِ مخصوص هوندو هو، جنهن کي هو جرمن چوندو هو، بس صبح جي نيرن تي اهو چانهن جو جمن ڪڻڪ جي ماني سان نوش ڪري مٿي تي ڪهاڙين ۽ ڪهو جي ڳنن جي ڀري کڻي موڪلائي پنڌ قمبر ڏانهن اڏار ڪندو هو. رستي ۾ جاتي ٿڪ لاهڻو هوندو هئس ته ويهي ٿڪ ڀڄندو هو، باقي ڪنهن به جاءِ تي ويهي ماني ڪونه کائيندو هو، ماني پنهنجي انگوڇي ۾ ٻڌي رکندو هو ۽ ان مان ئي کولي ڪڍي پنهنجو پنڌ به جاري رکندو هو ۽ پيٽ جو سهارو به ڪندو ويندو هو. مان سمجهان ٿو ته هو اقبال جي شاهين کان چڙھيل هو. اسان جو هي شاهين سٺ سال جي ڄمار تائين ڪڏهن به بس يا ريل تي ڪونه چڙھيو. هڪ ڏينهن اسان ناناڻي سکر تياري ڪري رهيا هئاسين ته امان صلاح ڪيس ته ھل ته سکر گهمائي اچانءِ. وراڻيائين ته توهان وڃو مان سمائل سان پنڌ ويندس.
قمبر پهچڻ کان اڳ ٻيڙي چانڊيي ۾ پنهنجي هڪ دوست دڪاندار وٽ راتڙي گذاريندو هو. دراصل هو ڪهاڙين جو هلڪو واپاري هو، ان دڪاندار وٽ ڪهاڙيون ۽ ڳن پڻ امانتو يا ڏيتي ليتي ۽ واپار وڙي سانگي رکندو هو، پوءِ هو جيڪي کپائيندو هو تن جو حساب ڪتاب ڪري وري پنهنجي پنڌ کي ڇڪيندو هو.
قمبر پنهنجي ڀيڻ وٽ تقريبن هفتو کن لڳائيندو هو ۽ اتي به ڪهاڙين ۽ ڳنن جو وڪرو ڪندو هو ۽ پنهنجي گراهڪن سان مٽ سٽ ۽ ڏي وٺ ڪري چار ڏوڪڙ ڪمائيندو هو. جڏهن واپس ورندو هو ته پنهنجي ڀيڻ ۽ ان جي ٻارن کي خرچيون وغيره ڏئي پوءِ لاڙڪاڻي اسهندو هو. جڏهن گهر ايندو هو ته اسان ڀيڻ ڀاءُ کي اهو چئي ته شيءِ وٺندين ڇا؟ ٻياني ٻياني ڏيندو ھو. ان کان سواءِ جڏهن ڏسندو هو ته مان امڙ کان خرچي وٺڻ ۾ ناڪام ٿيو آھيان ته گھر کان ٻاهر اچي پنهنجي انگوڇي جي ڪنڊ مان پئسا ڇوڙي مون کي آنڪ ڪڍي ڏيندو هو ۽ چوندو هو وڃي شيءِ وٺ.
لاڙڪاڻي ۾ ٻه چار مهينا گذاري وري پنهنجي ڀاءُ جي گهر حيدر بروهي ڳوٺ جو چڪر لڳائيندو هو. جڏهن اوڏانهن اسهندو هو ته پاڻ سان ڳن ۽ ڪهاڙيون مٿي تي ڳنڍ جي صورت ۾ کنيو ويندو هو ۽ باقراڻي ۾ پهريون پنهنجن پراڻن گراهڪن سان واپاري ڪرت ڪري ڏيتي ليتي لاهي پنهنجن ڀائرن وٽ هڪ ٻه ڏهاڙا گهاري انهن جي ٻارن ٻچن کي خرچيون ڏئي پوءِ لاڙڪاڻي جي راهه وٺندو هو. سندس ڀائر ۽ ڀينرون سو وس ڪندا هئس ته ڪاڏي ٿو وڃين اسان کي ڇڏي؟ کين اهو چئي لاڙڪاڻي هليو ايندو هو ته وري ايندس.
1964ع ۾ منهنجي والد صاحب جي گرمين واري مند ۾ طبيعت ڪجھ وڌيڪ ناساز ٿي پئي، مامو بروهي ڪنهن پاسي ويل هو، عين ان ڏينهن صبح جو هو گهر پهتو هو، جنهن ڏينهن با با سائين جي طبيعت معمول جي ڏهاڙن کان وڌيڪ خراب هئي. تنهن ڏينهن شام جي وقت ۾ اسان گهر ڀاتين سان گڏ هو به بيقراري ۾ هو.
بابي سائين جون ڏکيون گھڙيون ڏسي اسان سيرانديءَ کان قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيا هئاسين ته ھو به پيراندي کان پنهنجي مٿي کي هٿ ڏيو غمگين حالت ۾ ويٺو ھو. سج لھڻ وقت جڏهن بابي سائين جا پساهه پورا ٿيا تڏهن مان تلاوت پوري ڪري مٿي ڪوٺي تي هليو ويس ته مامو بروهي منهنجي پٺيان آيو ۽ مون سان مخاطب ٿيندي پڇيائين ته ڀلا سمائل مري ويو ڇا جو ماڻھو سڀ روئن ٿا؟ مون وراڻيومانس ته ھا ماما، بابا سائين اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. موٽ ۾ بس ايترو چيائين ته اسان کي به هلڻو آھي. ان موقعي تي به ايئن ئي ٿيو، بابي سائين جو ڪانڌپو ٿيو ته سڄو ڏينهن ڪم ڪيائين، ماني رڌڻ ڪرڻ وقت ساڻ هو پر جڏهن ماني کائڻ ۽ کارائڻ جو وقت ٿيو ته مامو بروھي لڀي نه جڙي.
مامو بروهي خدا جو عجيب ٻانهو هو، بابي، امان ۽ ادا محمد عمر وس ڪيا ته ھو پهنجي پيرن ۾ جوتو يا بوٽ پائي پر سڄي عمر اگهاڙي پيرين پنڌ هلندو رهيو. توڙي جو کڻي پيرن ۾ ڪنڊا لڳندا هئس تڏهن به ڪا پرواهه نه ڪندو هو. مان اڪثر سندس پيرن مان ڪنڊا کوٽي ڪڍندو هئس. سٺ سال جي عمر ۾ پهچي سندس پير سخت ٿي ويا هئا ۽ سنها ڪنڊا مٿس اثر ڪونه ڪندا هئا. ان زماني ۾ ادا محمد عمر قاضي عبدالمنان وڪيل وٽ اردلي هو ۽ سڄو ڏينهن ان جي بنگلي تي گذاريندو هو، منهنجي ڀيڻ سان شادي کان اڳ اڪثر رات جو عبدالمنان صاحب جي بنگلي تي ٽڪي پوندو هو.
مامو بروهي به ساڻس ملڻ اتي ويندو هو. عبدالمنان صاحب جو بورچي جنهن کي اسان چاچو اللہ بخش سڏيندا هئاسين سو مامي بروهيءَ جي کاڌي پيتي جو خيال رکندو هو. هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته مامي بروهي عبدالمنان صاحب جي بنگلي تي به پنهنجي ڪهاڙين ۽ ڪهوءَ جي ڳنن رکڻ جي جاءِ ٺاهي هئي، کيس ڪهاڙين رکڻ جو وڏو خبط هوندو هئس. عبدالمنان صاحب وزير به ٿيو هو. وڪيل به ھو ۽ هلڪو زميندار به ھو پر طبعن سادو سودو ۽ فقير منش ماڻھو هو. دل چوندي هئس ته مامي بروهي سان به ڪچهري ڪندو هو ۽ هن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌندو هو. هو چاچي اللہ بخش کي مامي بروهي جي ماني ٽڪي جي پارت ڪندو رهندو هو. اسان 1969ع ۾ علي گوهر آباد واري جاءِ ڇڏي اچي لاهوري محلي ۾ رهياسين، انهن ڏينهن ۾ مامو بروهي پنهنجي ڀاءُ وٽ حيدر بروهي گهمڻ لاءِ ھليو ويو هو.
اسان کي پڪ هئي ته هو اسان وٽ لاهوري محلي ضرور ايندو پر هڪ سال گذرڻ کان پوءِ سندس وڏو ڀاءُ اسان جي پڇا ڪندو لاھوري محلي اچي پهتو ۽ اها ڏک جي خبر ڏنائين ته جمعو هاڻي دنيا ۾ ناهي رهيو.
ڏينهن ٻن کان پوءِ ادا عمر ۽ مان حيدر بروهي ڳوٺ وڃي سندس قبر تي قل پڙهياسين ۽ سندس گهر وارن سان رضا اللہ جي ڪئي سين. سندس ڀاءُ چوڻ لڳو ته جمعو شيءِ توهان جي هو، بس رڳو اسان جي عزت رکڻ لاءِ اسان جي در تي اچي دم ڏنائين.
اِناللہِ وَ اِنا عِليہِ راجِعُونِ.