پيارو دوست غلام مصطفيٰ بولاڻي
غلام مصطفيٰ بولاڻي به اسان جي سنڌي سڄڻن سٿ ۽ سنڌ اسٽڊي سرڪل جي بنيادي ميمبرن مان هو. آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي هئائين پر پنهنجي گهرو حالتن جي ڪري ڪاليج ۾ ڪونه ايندو هو. پهريون پنهنجي چاچي سان درزڪي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو، پوء جيلس بازار لاڙڪاڻي ۾ هڪ فروٽ ڪميشن ايجنٽ جي آفيس جو ڪم سنڀالڻ تي مامور رهيو. پڙھڻ ۽ حساب ڪتاب جو ڀَڙ هو. بلا جو حافظو هوندو هئس. بيت بازي به سندس هابي هئي، جنهن ۾ اسان سڀني کي مات ڏئي ڇڏيندو هو. شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي مان پنهنجي پسند جا بيت ڳولي ڳولي ياد ڪندو هو، جڏهن سٿ ۽ سنگت جي ڪچهري ۾ شاهه سائين جي بيتن پڙھڻ جو دور هلندو هو ته اهڙي قسم جي بيت بازي ۾ هو هميشه سرخرو رهندو هو. سٿ جي سينئر ساٿين بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف لغاري، محمد يوسف شيخ جو ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ڪلاس ميٽ هو. سندس ڪلاس جي هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو. اسڪول ۾ سائنس ۽ ميٿ ميٽڪس کان سواءِ مڙني مضمونن ۾ ڀڙُ هو پر سندس پسنديده مضمون ڊرائنگ هوندو هو. پينٽنگ ۽ ڊرائنگ سکڻ جي غرض سان هو استاد ناصر حسين صاحب جي ويجهو رهندو هو. اسڪول جو سينيئر ڊرائنگ ٽيچر ناصر حسين نيڪ نمازي هوندو هو. تنهن ڪري سڀني شاگردن کي ٻيپهري جي نماز پنهنجي امامت ۾ پڙھائيندو هو. غلام مصطفيٰ پڻ استاد صاحب جي اثر هيٺ رهي پڪو نمازي ٿي پيو هو.
غلام مصطفيٰ بولاڻي سان منهنجي ملاقات پنهنجي پاڙي جي سائين عبدالرشيد واري اڇي مسجد ۾ ٿيندي هئي پر هڪ دوست جي حوالي سان اسان جو ملڻ ڪرڻ سٿ جي پليٽ فارم تي ٿيو. هي دوست پنهنجي سڀاءَ ۾ نهٺو، رِلڻو ملڻو ۽ کلڻو هوندو هو. جسم ۽ ڪپڙن کي پاڪ صاف رکڻ جي عادت ننڍپڻ کان هئس. دين مذهب جي لحاظ کان ايمانداري، سچائي ۽ سچ ڳالهائڻ وارا گُڻ منجهس موجود هئا.
اسان جو هي پيارو دوست جيتوڻيڪ قسمت جو ماريل هو، سندس ماءُ پيءُ ٻالڪ پڻي ۾ ئي مفارقت ۽ جدائي ڪري راهه رباني وٺي چڪا هئا. جڏهن اسڪولي شاگرد هو تڏهن پنهنجي چاچي جي نگراني هيٺ رهندو هو. سندس چاچو به هڪ نيڪ نمازي ۽ پرهيزگار شخص هو. پاڻ وڏو ڪاريگر درزي هو. ورهاڱي کان اڳ سيئو بازار ۾ ڪنهن ماهر درزي جي دڪان تي ڪوٽ پينٽ سبڻ جو ڪم ڪندو هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ٻين گهڻن ڪمن سان گڏ درزڪو ڪم به زوال پذير ٿي ويو ته غلام مصطفيٰ جي چاچي پنهنجي گهر جي ننڍي اوطاق ۾ درزڪو ڪم شروع ڪيو. هندستاني فلمن ۾ دليپ ڪمار، راج ڪپور ۽ ديوآنند کي پينٽ سوٽ ۾ ڏسندا هئاسين ته اهي ڏاڍا سهڻا لڳندا هئا. مون کي به ريچڪ چڙھيو مون به پنهنجو پهريون فل سوٽ غلام مصطفيٰ جي چاچي کان سبرايو. جيڪو هن منهنجي پسند موجب سٺو سبي ڏنو، هن سلائي جو اجورو پنج رپيا ورتا هئا.
غلام مصطفيٰ جڏهن جيلس بازار ۾ فروٽ جي ڀلاوڻي وٽ ڪم ڪندو هو تڏهن جناح باغ ۾ لڳندڙ اسان جي ڪچهرين ۾ هن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ٿي ويو، هن پياري دوست جي سڪ لڳندي هئي ته پاڻ وڃي دڪان تي يا سندس گهر وڃي ملي ايندا هئاسين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ هو ريلوائي کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو. سندس پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي، جنهن بعد سکر بدلي ٿي ويو، سکر ۾ نشاط سنيما جي سامهون گهٽي ۾ هڪ ڪمري جي مسواڙي جاءِ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سکر ۾ اسان جي پاڙي لڳ هو سو جڏهن منهنجو اوڏانهن وڃڻ ٿيندو هو ته مان وڃي ملي ساڻس ڪچهريون ڪندو هئس. انهن ڏينهن ۾ هن جو پينٽنگ ڪرڻ ڏانهن رجحان وڌي ويو هو. مان جڏهن هن جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سندس ڪمري ۾ هر پاسي بورڊ ۽ بينر رکيل نظر آيا. پڇيومانس ”هي ڇاهي؟“ چيائين: ”بازار ۽ سنيمائون ويجهيون آھن، تنهن ڪري هتي پينٽنگ جو ڪم گهڻو ٿو ملي ۽ پرديس ۾ پئسي جي گهڻي ضرورت پوي ٿي، سو ان ڪري مان پئسي خاطر اهو ڪم ڪيان ٿو.“
ريلوي کاتي ۾ اڃا نه ويو هو ته اسان هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو هئاسين. سائين فيض محمد سيال جي ڀرسان واري گهٽي ۾ گهر هوندو هئس، نماز لاءِ ان جي مسجد ۾ ايندو هو اتي اسان جي خير آفيت ٿيندي رهندي هئي. عيدميلادالنبيﷺ جي جلسن ۾ به شرڪت ڪندو هو. انهن ڏينهن هن کي ڪسرت ڪرڻ ۽ تنسازيءَ جو شوق جاڳيو، ٻي سنگت کان وڌيڪ هن جي مون سان لڳندي هئي، سو اسان ٻئي هڪ ته واڪ گهڻي ڪندا هئاسين ٻيو سياري وارن ڏينهن ۾ رائيس ڪئنال جو پيٽو پاڻي کان خالي هوندو هو. اسان اڪثر رسول آباد بروهين جي ڳوٺ کان اڳتي وڃ رائيس ڪئنال جي واري تي ڊوڙون ڀريندا ۽ ٽپا ڏيندا هئاسين.
ڪسرت ڪرڻ جو اسان کي ايڏو جنون هو جو جڏهن وليدن کان پنج پل واهه جو وهڪرو ڳوٺ کان پري ڪيو ويو. تڏهن ان جي نئين ٿيل کوٽائي جي جبلن جيڏي مٿي ٿيل واريءَ جي دڙن تي چڙھي وڏا وڏا ٽپا ڏيندا هئاسين ۽ ڪوڊڪ ڪيمرا سان هڪ ٻئي جون تصويرون ڪڍندا هئاسين. ريل جي بند تي تکو پنڌ ڪرڻ به اسان جي هابي هوندي هئي، اسان اها ڪسرت ايتري حد تائين ڪنداهئاسين جو ڪڏهن ڪڏهن دودائي ڳوٺ جا وڃي وڻ کڻندا هئاسين. اهڙي قسم جون ڪسرتون ڪري هڪ ٻئي کي پنهنجا ڏورا ڏيکاريندا هئاسين. جسم جي واڌ تي بظاهر ڪو اثر نظر ڪو نه ايندو هو، البته اسان جي صحت سٺي رهندي هئي. باغن بستانن جي گهمڻ جو شوق به اسان ٻنهي کي گھڻو هوندو هو. سو ٻئي گڏجي گهاڙ واهه جي ڪڙ تي گهمندي گهمندي اوسي پاسي جا حسين منظر ڏسندي ڏسندي پيرشير تائين پنڌ ڪري ويندا هئاسين.
نوجواني ۾ ئي غلام مصطفيٰ صوم ۽ صلوات جو پابند، صاحب ڪردار ۽ باحيا ماڻھو هو. هن جي اهڙين خوبين جو مان گهڻو معترف رهندو هئس، پنهنجي ذات ۾ هو ڪمال درجي جي شرميلي مزاج جو مالڪ هو. هن جي اهڙين خوبين جي ڪري منهنجي لاءِ هو هڪ متاثر ڪندڙ ڪردار هو، تنهن ڪري مان هن سان گهڻو پيار ڪندو هئس. مذھب جي معاملي ۾ مون کان وڌيڪ ڄاڻ رکندو هو، عملي طور به مان هن کان گهڻو پوئتي هئس، سچ پڇو ته پنهنجي اهڙين مڙني خوبين جي ڪري هن جي چهري تي جواني ۾ ئي بزرگيءَ جا چٽا آثار نظر ايندا هئا.
غلام مصطفيٰ هڪ ڀيري ٽي پهري جي نماز پڙھڻ کان پوءِ چيو ”سڀاڻي مغفرت جي ڀلاري شب رات آھي.“ مون چيومانس”جي ها، اها رات ته جاڳي عبادت ڪرڻ جي آهي.“ اهو ٻڌي چوڻ لڳو. ”ٻڌو آ ته ان ڀلاري رات جو ڪنهن پهر سمنڊن، دريائن، ندين ۽ واھن جو پاڻي کير ٿي پوندو آھي.“ مون چيامانس پوءِ؟ هن ٻڌائيندي چيو ”ٻڌو آھي ته اهو کير ڪنهن کي نصيب ٿي ته اهو اللہ سائين جي دوستن ۾ شمار ٿيندو آھي.“ مون وراڻيو ”جي ها مون به پنهنجي امڙ جي واتان اهو ذڪر ٻڌو آھي“ ٻئي ڏينهن اسان يڪراءِ ٿي گهاڙ واهه جي ڪنڌيءَ واري مسجد ۾ شب بيداري جو پروگرام ٺاهيوسين. ڏينهن لڙي سج لٿي جي نماز سائين فيض محمد واري مسجد ۾ ادا ڪري پنهنجي دلي مراد کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ اسان گهران ماني کائي پاڻ سان هنڌ ويهاڻا کڻي گهاڙ واهه جي ڪڙ تي مسجد ۾ وڃي ديرو ڄمائي ويٺاسين. سج لٿي کان پوءِ هَئو مئو ٽري ته اسان گهاڙ واهه جي پاڻي مان وضو ساري پاڻ سان آندل ميڻ بتون ٻاري مسجد ۾ رکيل قران شريف کولي پنهنجي عبادت کي لڳي وياسين. ٿوري دير کان پوءِ رات جون آذانون شروع ٿي ويون. رات جي نماز مون غلام مصطفيٰ جي امامت ۾ ادا ڪئي. رب سائين جا شڪرانا ادا ڪري ڇوٽڪاري جي دعائن ۾ کير پيئڻ جون اميدون رکي وري قرآن شريف جي آيتن جي ورد ۾ لڳي وياسين. قرآن خواني ۽ دعائن جو اسان جو اهو سلسلو پئي هليو، انهيءَ دوران اسان مان ڪو اٿي گهاڙواهه جي پاڻي تي نظر وجهي وري اچي پنهنجي عبادت ۾ مصروف پئي ٿيو. ان وچ ۾ اسان پاڻ ۾ گهٽ پئي ڳالھايو.
اڌ رات گذري وئي، اسان جون ميڻ بتيون تقريبن ختم ٿيڻ تي هيون ۽ سيءَ به اچي ڪجھ سوڙھو ڪيو، ان کان سواءَ اسان کي اوٻاسيون به اچڻ لڳيون. اهڙي صورتحال ۾ پاڻ ۾ اهو طئي ڪيوسين ته هاڻ اسان مان هڪڙو ويهي عبادت ڪري ۽ هڪڙو جاڳي پاڻي تي نظر رکي. جڏهن پاڻي کير ۾ تبديل ٿئي ته جاڳيل همراهه ستل کي هڪدم اٿاري کير واري نعمت سان فيضياب ڪري. پهريون مان سوڙ پائي سمهي پيس، اڌ منو ڪلاڪ مس گذريو ته غلام مصطفيٰ مون کي جاڳايو، پهريون مون سمجهيو ته گهاڙ واهه کير ٿي ويو آھي پر ڀائو چوڻ لڳو ته هاڻي يار تون جاڳ ته مان ننڍ ڪيان. هڪ ٻه ڀيرا ايئين ڪيوسين پر خبر تڏهن پئي جڏهن صبح جو سج اڀرڻ بعد تڙ جي ڌوٻين اچي اسان کي ننڍ مان اٿاريو.
غلام مصطفيٰ جواني ۾ شادي ڪئي پر قدرت الاهي جي کيس ڪو اولاد ڪونه ٿيو. ريلوي کاتي مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ کچين جي پاڙي ۾ ايمپائر سنيما کان ايندڙ مين روڊ تي سيڌي، ڪتابن ۽ ڪاپين ۽ ٻارن جي شين جو دڪان کوليائين. انهن ڏينهن ۾ دڪان تي ايڊورٽائيزمينٽ جي پوسٽرن تي پينٽنگ جو ڪم به ڪندو هو ۽ شھر مان هينڊبل لکڻ ۽ تيار ڪرڻ جو ڪم به ملندو هئس. مان گرمين جي موڪلن ۾ يا جڏهن منهنجو لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيندو هو ته ساڻس ويهي ڊگهيون ڪچهريون ڪندو هئس. مان ڪراچي ۾ هئس ته ڀائو بشر احمد شاد اها ڏک ڀري خبر ٻڌائي ته يار غلام مصطفيٰ اسان جو پيارو دوست اوچتو هن دارالفاني مان ڪوچ ڪري ويو. اناللہ و انا عليه راجعون. غلام مصطفيٰ جي وفات جي خبر مون تي بجلي ٿي ڪري، وڃڻ وارن کي ڪير ٿو روڪي سگهي، قول قدرت به آھي ته قل شيءِ ذائقه الموت. ڪالھ غلام مصطفيٰ جدا ٿيو پراها راھ هر وقت کلي پئي آھي، سڀاڻي اسان کي به اهائي راهه وٺي وڃڻو آھي، شل رب سائين ان راهه تي هلڻ لاءِ تياري جي توفيق ڏي آمين.
**