تعليم، تربيت، خيال ۽ تجربا
مون ان ڳالھ کي ڳنڍ ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن رب سائين مون کي اولاد سان نوازيو ۽ مون انهن جي تعليم ۽ تربيت جو خيال ڪندي پنهنجي رفيق حيات جي خيال ۽ سهڪار سان سهڻي تربيت ڪئي، پر هنن کي پنهنجي زندگي جي باري ۾ سوچ ۽ سمجھ رکڻ جي آزادي پڻ ڏني ته جيئن هو پنهنجي ذھن، طبيعت ۽ خيال موجب ڀل هلن ۽ پنهنجي ارادي موجب جنھن قسم جي تعليم پرائڻ گهرن ته ان جي مناسبت سان مضمونن جي چونڊ ڪري اڳتي هلن.
اسڪول جي تعليمي مرحلن مان نڪري جڏهن ٻار ڪاليج جي منزل تي پهتا ته رب سائين مون کي ان لائق بڻايو هو ته هنن جي من پسند مضمونن ۾ ڀڙ ٿيڻ لاءِ ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ايڪسٽرا ٽيوشن حاصل ڪرڻ لاءِ به هنن جي مدد ڪري سگهان. منهنجي وڏي ڌيءُ جو رجحان اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ ڏانهن رهيو آهي. تنهن ڪري ڪاليج مان امتيازي گريجيوائيشن کان پوءِ هنَ يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ اسلامڪ لرننگ فيڪلٽي ۾ داخلا ورتي ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڊگري حاصل ڪيائين.
وڏي پٽ امجد رسول جو ننڍي ڄمار کان مان تجزيو ڪندو رهندو هئس. هن جي سڀاءَ، ذھني ۽ طبعي لاڙن مان مون کي جيڪي نتيجا ملندا هئا تن جي آڌار تي مان سمجهندو هئس ته ھو سلڇڻو، نهٺو ۽ هر ڪم ۽ ڳالھ ۾ گهڻو سهڪاري آھي ۽ پکين ۽ جانورن سان رحمدلي سان پيش اچي ٿو، تهن ڪري اهو ضرور ڊاڪٽر ٿيندو، ڪاليج ايجوڪيشن شروع ٿي ته معلوم ٿيو ته ھو پنهنجي آئيندي جي تعليمي چونڊ ۾ پاڻ کي انجنيئر ڏسڻ پسند ڪري ٿو. توڙي جو سندس ان قسم جي خواهش منهنجي مرضيءَ موجب نه هئي پوءِ به کيس آزادي هئي ته هو پنهنجي لاءِ جيڪي بهتر سمجهي اهو ڪري. وڏي کان پوءِ ٻيون نمبر ننڍي پٽ فرحان رسول بابت خيال ھوندو هو ته هو اڳتي هلي هو ميڪينيڪل نه ته اليڪٽرانڪس جو شعبو چونڊي انجنيئر ضرور ٿيندو. ان خيال پٺيان گهڻا سبب هئا، هو اڪثر گهر جون ٽٽل ڀڳل شيون ٺاهي جوڙي ڪارآمد بڻائيندو رهندو هو. ريڊيو، ٽيپ رڪارڊر، ٽيليويزن ۽ اليڪٽرانس توڙي بجلي تي هلندڙ شين جي انسٽاليشن ۽ مرمت سرمت ڪندو رهندو هو. ذھني طور گهڻي ڀاڱي سندس لاڙو ٽيڪنيڪل ڪمن ۾ هو پر انٽرميڊيئيٽ ۾ هن پنهنجي لاءِ بائيولاجي جا مضمون کنيا ۽ پنهنجي زندگي جي ڊوڙ ۾ هو ڊاڪٽر ٿي ويو ۽ اهڙي طرح اسان جون اميدون اسان جا خيال ۽ اسان جا تجربا اسان وٽ ئي رهجي ويا.
وچين پٽ کان پوءِ وارو آيو ننڍي ڌيءُ جو، جنهن جي ٻالڪپڻي کان عادت هئي ٻارن کي ڪنٽرول ۾ ڪري، انهن کي شڪشا ڏيڻ. ننڍي هوندي ھن پنهنجي گهر جي گيلرين کي هڪ درسگاهه جي شڪل ڏني هئي. اسڪول کان موٽي اچڻ کان پوءِ گهر وارن سان ماني ٽڪي کائي جڏهن گهر جا سمورا ڀاتي منجهند جو سوپو ننڍ ڪرڻ لاءِ ڪمرن ۾ هليا ويندا هئا ته ھوءَ پنهنجي شاگردن کي سبق ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪلاس روم ۾ پهچي شاگردن کي سڌو ڪري پنهنجي اڳيان ويهاريندي هئي. سندس شاگردن ۾ گيلري ۾ رکيل گلن جون ڪونڊيون، بورچيخاني ۽ واش روم جون صندليون ۽ گهر ۾ رکيل ننڍا پاڻي جا ڊرم ھوندا هئا. بس شام جو پنجين وڳي تائين انهن کي سبق پڙھائي پڪا ڪرائي ڪپڙن ڌوئڻ واري سوٽي سان انهن جي ڇنڇري لاهيندي رهندي هئي پر پڙهائيندي ايڏو انهماڪ سان هئي جو سامهون فليٽن ۾ رهڻ واريون مايون به مڃينديون هيون ته اسان جي ڇوڪر اڳتي هلي ضرور ماسترياڻي ٿيندي.
اسڪول ايجوڪيشن ختم ڪرڻ کان پوءِ اسان هن کي پنهنجي مرضي تي سر سيد ڪاليج ۾ بائيولاجي پڙھڻ تي ويهاريو. هن جيئن تيئن ڪري سائنس ۾ انٽر پاس ته ڪئي پر اڳتي سائنس پڙھڻ کان انڪار ڪري ويٺي. پنهنجي اميدن کي دفن ٿيندو ڏسي سندس مرضي معلوم ڪئي سين ته ”ڀلا تنهنجي مرضي ڇا آهي؟“ وراڻيائين ته؛ ”مان ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي.“ تنهان پوءِ اسان به هن جي مرضي موجب کيس تعليم ڏياري. ان کان پوءِ وارو آيو سڀ کان ننڍي پٽ عمير جو، جنهن کي اسان ننڍي هوندي ئي ڪنڊر ڪارٽن سسٽم آف ايجوڪيشن ۾ پڙھڻ لاءِ ويهاريوسين. هو قدرتي طور ننڍي هوندي کان منهنجي فطرت ڏانهن لاڙو رکندڙ ھو. اسان جي زماني 55-1950ع واري ۾ انهن ٻارن کي جيڪي اسڪول ڪيٻائي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ کان نابري واري ويهندا هئا تن کي اسڪول طرفان آيل ٻار ٽنگو ٽالي ڪري کڻي ويندا هئا. اسان جو هي ٻار اسڪول ڏکيو ويندو هو، کيس مان پاڻ وڃي اسڪول جي در اندر ڪري ايندو هئس. سيڪنڊري ۾ جنهن اسڪول ۾ کيس داخل ڪيوسين ته سندس والده کي هن جو خاص خيال رکڻ لاءِ ان اسڪول ۾ ماستري ڪرڻي پئي. جڏهن ميٽرڪ پاس ڪري اتان نڪتو ته اسان کانئس اڳتي پڙھڻ جي مرضي پڇي ته ھن پنهنجي خواهش ٻڌائي ته ھو سائنس نه پر ڪامرس پڙهندو. اسان به باسم اللہ ڪري سندس مرضيءَ موجب کيس ڪامرس پڙهائي. ماشاءُاللہ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪري ڪجهه تجارتي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ آءِ بيڪس انٽرنيشنل ۾ سٺي پوزيشن تي فرض انجام ڏئي رهيو آھي. منهنجي ٻارن جون تعليمي ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۽ رب سائين جي مهربانين سان پنهنجي سٺي زندگي گذارڻ پٺيان رڳو اهو راز ڪارفرما آھي ته اسان انهن کي انهن جي خيالن ۽ انهن جي مرضيءَ مطابق زندگيءَ جا مقصد حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪياسين. باقي ساٿ ته سڀئي والدين پنهنجي ٻارن جو ڏيندا آھن، جيڪا هڪ عام ڳالھ آھي. ڏاهي خليل جبران جا قول اسان جي معاشري ۾ ٿورو ڪي گهڻو پڙهيل لکيل ماڻھن کي معلوم هوندا، جيڪي ڪاليج ۾انٽرميڊيئيٽ تائين پڙهيل هوندا. ڇاڪاڻ ته انٽر جي نصاب ۾ موجود هڪ مضمون ۾ خليل جبران جي اهڙن سماجي ۽ فيلسوفياڻن خيالن جو ڀليءَ ڀت اظھار موجود آھي.
1989ع وارو زمانو اهڙو هو جنهن ۾ اسان گهرجا سڀ ڀاتي زير تعليم هئاسين. ننڍا ٻار پرائمري ۾ هئا، وڏن ٻارن مان ڪي سيڪنڊري ۾ زير تعليم هئا، ته ڪي ڪاليج ۾. منهنجي گهر واري يونيورسٽي آف ڪراچي مان بطور پرائيويٽ اسٽوڊينٽ ماسٽرس جي امتحانن جي تيارين ۾ مصروف هئي ۽ مان بحيثيت اسڪالر جي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايچ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي رٿابندين ٿي جاکوڙي رهيو هئس. اهو زمانو اسان جي زندگيءَ جو مصروف ترين زمانو هو. ڪاليج جون ڊيوٽيون، گهر سنڀالڻ، بيماري بڙي کي منهن ڏيڻ، آئي وئي جو خيال. مهمان داريون مطلب ته گھر جون سڀ ذميواريون اسان نڀائي رهيا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ منهنجي والده جي فطري پيس ميڪر جي خراب هجڻ ڪري منهنجي والده جي صحت مسلسل فڪر جوڳي رهندي هئي. ڪجھ وقت اڳ مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ غلام اڪبر جي شادي سکر جي ڳوٺ چڪ مان پنهنجي ماسڙ جي گهران ڪرائي هئي. تنهن ڪري شاديءَ کان پوءِ اهو به لاڙڪاڻي لڏي هليو ويو هو، جتان وري هن وڃي دادو ضلعو وسايو ۽ پنهجي زندگي گذارڻ ۽ پنهنجن ٻچڙن کي پڙھائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. خير سان منهنجي گهر واري پوليٽيڪل سائنس ماسٽرس پرائيويٽ امتحان ۾ ڪامياب ٿي. ان ڪاميابيءَ کان پوءِ هو يڪسوئي سان پنهنجي گهرو معاملن ۽ مصروفيتن کي منهن ڏيڻ ۾ لڳي وئي پر والده جي سيريس ڪنڊيشن جي هجڻ ڪري اسان گهر جا سڀ ڀاتي گهڻو فڪرمند رهندا هئاسين. آئون پنهنجي والده کي علاج لاءِ نيشنل ڪارڊيو ويسڪيولر اسپتال وٺي ويندو هئس، جتي ڪارڊيو ۾ پيس ميڪر جو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر حق کيس ڏسندو ۽ علاج ڪندو هو. جڏهن والده جي طبيعت لاڳيتو ڪرندي وئي ۽ هن جو بظاهر جيئڻ مشڪل ٿي پيو ته ڊاڪٽر حق هن جي پيس ميڪر تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏنو.
اسان ڊاڪٽر سان سهمت ٿي سندس آپريشن ڪرائي لائف ٽائم پيس ميڪر لڳرايو. تنهن کان پوءِ ڪو وقت والده صاحبه خوش هئي پر هڪ مرض ڇٽو ھو ته کيس وري ٻئي مرض اچي ورايو. جنهن جي شدت هن جي زندگي جا ڏهاڙا پورا ڪري ڇڏيا ۽ هوءَ هميشھ لاءِ اسان کي داغ مفارقت ڏئي هي جهان ڇڏي وئي. اِناللہِ وَ اِنا عِليہِ راجِعُونِ.
مون پنهنجي ٿيسز مڪمل ڪري ڊاڪٽر اياز حسين قادري کي پيش ڪئي، ڪجھ ڏيهن مطالعو ڪري مون کي چيائين ته هاڻي تنهنجو ڪم ميچوئر ٿي چڪو آ، بس ٽائپ ڪرائي اچ ته جمع ڪرايون. ٿيسز جي ٽائپ ڪرائڻ ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي مدد ورتم، جنهن سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ٽائپسٽ سان ملايو ۽ کيس پارت ڪيائين ته جيستائن سائين جي ٿيسز مڪمل نه ڪرين، تيسن ٻئي ڪنهن جي ٿيسز جو ڪم نه وٺجانءِ، هن همراهه مهنجو ڪم خاص ڌيان سان ڪري ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪري ڏنو ۽ مون ڪراچي يونيورسٽي مان جلد بندي ڪرائي ڊاڪٽر اياز حسين وٽ شاهه عبدالطيف چيئر کڻي ويس. ٿيسز کي مجلد ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو هاڻي وڌيڪ ڪم منهنجو آ، تون وڃي رلي پائي سمھي پئو.
تعليم جي وڏن مرڪزن، وڏن ايوانن ۽ اعليٰ ترين ادارن يونيورسٽين ۾ جيڪي ڪجھ هلي ٿو، وهي واپري ٿو تنهنجي ذري ڪڏهن ظاهر ٿي ته روح ڪنبي ٿو وڃي. پاڪسستان ٽيليويزن تي منهنجي عزيز دوست بشير احمد سان هڪ واقعو پيش آيو. هو پنهنجي شعر ۽ شاعري جو پروگرام ڪري اچي پروگرام پروڊيوسر وٽ ويٺو ئي مس هو ته هڪ اسڪالر آفيس ۾ داخل ٿيندي پروڊيوسر کي چيو ته ”شاد“ صاحب کي ان پروگرم جو ڪو معاوضو نه ملڻ ڱهرجي، ڇاڪاڻ ته هن جيڪو شعر پڙھيو آھي اهو منهجو لکيل آھي.
”شاد“ صاحب جون هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي. مون کي سئو سيڪڙو پڪ هئي ته ”شاد“ ايئن ڪري نٿو سگهي. ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾؟ مون کي ٿيسز جمع ڪرائڻ کان پوءِ ڪيترا وسوسا ۽ خطرا لاحق ٿيڻ لڳا. يونيورسٽيون وڏي مان مريادي وارا ادارا جن ۾ ملڪ جا اعليٰ تعليم يافته پروفيسر اسڪالر ڊاڪٽر ڊين ويٺا آھن پوءِ به ڌڙا، گروپ، ذاتيات، ذاتي ويري بازيون اهو سڀ ڪجھ اتي موجود آھي، جيڪو عام ادارن ۾ آھي. مهيني اڌ گذرڻ کان پوءِ قادري صاحب سان ملاقات لاءِ ويندو هئس ته يونيورسٽي جي هوائن ۾ اهي هاواڻان پيا ٻڌجڻ ۾ ايندا هئا ته، سومري لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ لکي آ پر لاڙڪاڻي جو هڪ اسڪالر ته اڳ ۾ لکي چڪو آھي. بس اھڙي قسم جا شبهات پکيڙيا پئي ويا. ڪجھ اهڙيون ٻيون ڳالهيون منظر تي پکڙجڻ لڳيون. يونيورسٽين ۾ به”يے تيرے پر اسرار بندے“ رهن ٿا، جن جون ڳجهون پراسرار سرگرميون انهن جا پڙاڏا ۽ پاڇولا در و ديوارن ۽ ڪاريڊورس جي وراڪن ۾ لهرا ڏيندا وتن ٿا. اهڙي قسم جي حملن کان مون کي سدائين خوف رهندو هو. بهرحال انڌوڪار لٿو ته خبر پئي ته وڏي مار جي جاءِ تي ننڍي مار ملي آ. اسان شاگردن غريبن کي پنهنجي ڪن ڪرتوتن جي سزا نٿي ملي پر اها جنگ، جهيڙو اصل ۾ سانن جي وچ ۾ هوندو آھي، جن جي ڍينگا مستي ۾ اسان جهڙا ٻوڙا پٽجي زمين تي ڪرن ٿا. منهنجي ٿيسز ايووليشن لاءِ هڪ اهڙي فقرائن جي فقرا صوفين جي سردار ڏي موڪلي وئي جنهن سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ڪيترن اسڪالرس کي پنهنجي شعبي ۾ پير کوڙڻ مشڪل سان ڏنا هئا.
ڇهه مهينا رکي سينڊيڪيٽ نوٽس جاري ڪيو ته جنهن ممتحن ڏي ٿيسز موڪلي وئي هئي تنهن وٽ وقت ڪونهي. تنهن ڪري هاڻي ايندڙ ميٽنگ ۾ ڪنهن ٻي پير ڏي تنهنجي ٿيسز موڪلي ويندي. سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۽ اجلاسن جي ڪاررواين کي ڇهه ڇهه مهينا لڳي ويندا آھن. اهڙي طرح 1990ع ۾ جمع ڪيل ٿيسز اھڙي رولڙي واري پروسيس ۾ اچي وئي جو ان جي ٻئي امتحان جو وارو 1992ع ۾ آيو ۽ خير سان ساڳي سال مون کي ڊگري ايوارڊ ٿي.