مارڪسوادي سليم احمد خوجو
مسٽر سليم احمد لاڙڪاڻي جي خوجا قبيلي جو نوجوان هو ۽ نسلي اعتبار کان پنجابي خوجو هو. سندس ڀيڻ جي شادي لاڙڪاڻي جي مشهور ۽ معروف سياسي ۽ سماجي شخصيت عبدالغني خوجي سان ٿيل هئي. هي ڪراچي سنڌ جو پڙهيل لکيل نوجوان هو. شروع کان ئي سندس دوستي سنڌي ادب جي خدمتگذار دوستن سان رهي هئي، هڪ ڀيري ڊاڪٽر اياز حسين قادري سان سليم احمد جي باري ۾ ڳالهه نڪتي ته هن صاحب ٻڌايو ته هو ڏاڍو ذهين ۽ ڏاهو نوجوان هو ۽ انگريزي لکڻ پڙهڻ ۾ ڀڙ هوندو هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي آرام باغ ۾ منهنجي جاءِ تي سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون ته اهو دوست گھڻو متحرڪ هوندو هو. جڏهن اسان کي انگريزي ۾ لک پڙهه جي ضرورت پوندي هئي ته سموري لک پڙهه ان کان ڪرائيندا هئاسين.
1960ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن حيدرآباد سنڌ مان مسٽر طارق اشرف ماهوار روح رهاڻ رسالو ڪڍندو هو تڏهن سليم احمد سندس ٻانهن ٻيلي هوندو هو. سليم احمد سنڌي ڪتابن جو مترجم به رهيو آهي. ايچ تي ليمبرڪ جي ڪتاب سنڌ جي هڪ جلد جو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ کانئس ڪرايو هو، هڪ لحاظ کان هي ڪتاب سنڌي ادب جو سرمايو آهي. لاڙڪاڻي مان روشن علي کهاوڙ ۽ ڀڳوانداس چاولا سندس دوست رهيا.
سيپٽمبر واري جنگ جي اگرن نتيجن سبب انڊسٽري سيڪٽر تي جيڪي خراب اثر پيا تن کان نور ٽيڪستائل به بچي نه سگھي هئي، اهڙين حالتن کي ڏسندي ڪارخاني کي مالي خساري مان ڪڍڻ لاءِ ڪارخاني جي مالڪ محمد يوسف خوجي پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد سليم کي ڪراچي مان گھرائي نور ٽڪيسٽائل جو مينيجر ڪري رکيو. هو ڏاڍو اورچ ۽ محنتي هوندو هو ۽ ڪارخاني جو سمورو ڪم بنا ڪنهن سهڪاري جي اڪيلو سنڀاليندو هو. شام جو شهر جو چڪر لڳائي جڏهن مل ۾ ايندو هو ته هٿ ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور هوندو هئس، سڄو ڏينهن ملڪ جي حساب ڪتاب مان جڏهن واندو ٿيندو هو ته ڪتاب جو مطالعو ڪري پوءِ سمهندو هو. مون پهريون ڀيرو ليو ٽالسٽاءِ جو ڪتاب وارو اينڊ پيس ان جي هٿ ۾ ڏٺو هو.
شهر کان واپسي تي پنهنجي نيم موجب پهريان مشين سيڪشن ۾ ايندو هو. ورڪنگ اينڊ ٽول ڪائونٽر تي ڪتاب رکي پهريون پراڊڪشن رجسٽر جي چڪاس ڪندو هو، تنهن کان پوءِ ڊيوٽي رجسٽر ۽ رپورٽنگ رجسٽرن جو معائنو ڪري پوءِ مشين آپريٽرس کان مشينن جي چال چلت بابت معلوم ڪري پنهنجو ڪتاب کڻي مشين سيڪشن مان روانو ٿي ويندو هو.
هو قد جو پورو پنو هو ۽ ٻڌڻ جي لحاظ کان ٿورو گھٻرو هوندو هو پر هلڻ جي چال ڏاڍي سهڻي هوندي هئس. مزدورن سان ڳالهائڻ ۾ نهايت سنجيده ۽ ڪمال درجي جو معدباڻو لهجو اختيار ڪندو هو، هر هڪ مزدور کي مالهي هجي يا بورچي هجي توڙي هيلپر تنهن کي مسٽر ڪري مخاطب ٿيندو هو. ايم اي سال پهرين جو منهنجو نتيجو نڪتو هو. جنهن جي مارڪس شيٽ مون کيس ڏيکاري هئي ته ڏاڍو خوش ٿيو هو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ منهنجي پوزيشن فرسٽ ڪلاس بيٺي هئي ۽ 62 سيڪڙو نتيجو بيٺو هو. مسٽر سليم مون سان مخاطب ٿيندي چيو ”ڪمال ڪيو اٿئي ڪهڙي وقت پڙهندو آهين؟“ وراڻيومانس ته ”هتي تنهنجي ڪارخاني ۾“،” اهو وري ڪيئن؟“ چيومانس ته ”جڏهن مشين سٺو هلندي آهي تڏهن ڪتاب جو مطالعو ڪري وٺندو آهيان، باقي جڏهن رات جي ڊيوٽي هوندي آهي ته ڪجھه ٽائيم ڪڍي ڏينهن جو پڙهندو آهيان.“
نور ٽيڪسٽائل ملز جي مينيجر محمد سليم سان ذاتي طور ڪيترا به کڻي سٺا لاڳاپا هوندا هئا پر ڪن ڳالهين ۾ هرڪو پنهنجي اصولن موجب هلندو ۽ فيصلو وٺندو هو. ملز جي مڙني معاملن ۾ هو ڪنهن سان به ڪنهن قسم جي رعايت جو قائل نه هوندو هو ۽ آئون به پنهنجن توڙي مزدورن جي حقن تي ڪنهن سوديبازي يا رعايت جو قائل نه هوندو هئس. هڪ ڀيري رفيق ڪرماني مزدور جو سوٽ جيڪو رحمت پور شاهنواز ڀٽو لائبريري جي پٺيان واري ڳوٺ کان مل ۾ ڪم ڪرڻ ايندو هو تنهن کي هڪ اڌ غلطيءَ تي ڪاوڙ ڪندي مسٽر سليم احمد بيٺي بيٺي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.
مون سليم صاحب کي پرسنلي گذارشون ڪيون ته مزدور جي غلطي معاف ڪري کيس موٽائي ڪم تي رکو ته هو توهان جو ٿورائتو رهندو پر منهنجي گذارشن جو ڪو کڙتيل نه نڪتو. مل جي ماستر کي پڻ گذارشون ڪيوسين ته هو مينيجر صاحب کي سمجھائي راضي ڪري ته هو مزدور کي معاف ڪري. ماسٽر جي چوڻ جو به هن تي ڪو اثر نه ٿيو.
ان وقت مل ۾ ڏهاڪو کن مزدور ڪم ڪري رهيا هئا. ڪاٽيج انڊسٽري کان نور ٽيڪسٽائيل جي حيثيت مٿي هئي ۽ ڪارخانو فيڪٽري ايڪٽ جي قانون ۽ ضابطن جي دائري ۾ اچي پيو. جنهن ۾ ڪنهن به مزدور کي ڪڍڻ کان اڳ ۾ نوٽيس جاري ڪرڻ ضروري ليکيو ويندو آهي. ان وقت آئون يونائيٽيڊ ليبر يونين جو جنرل سيڪريٽري هئس، تنهن ڪري مون تي فرض پيو عائد ٿي ته مزدورجو ڪو داد فرياد ٿيڻ گھرجي. ڪارخاني جي مزدورن جي اهائي گھر هئي. آئون پنهنجي رات واري ڊيوٽي پوري ڪري ڏينهن جو يارهين وڳي ليبر آفيسر وٽ سندس کٽاڻ بازار واري گھر ۾ ملڻ ويس. جنهن قاعدن موجب صلاح ڏني ته تازو سرڪار نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ته مزدورن جي ننڍن معاملن کي اڪلائڻ لاءِ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر جيڪو ساڳي وقت ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ به آهي تنهن کي آر بي ٽريٽر جا فرص انجام ڏيڻ لاءِ پڻ مقرر ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري توهان ۽ اسان هلي ٿا ان کان مسئلو حل ڪرايون.
ٻئي ڏينهن مان ليبر آفيسر کي گھران ٽانگي تي کڻي وڃي ڊپٽي ڪمشنر عبدالوهاب شيخ صاحب جي آفيس ۾ پيش ٿياسين. ڪمشنر اسان کي ٽن ڏينهن کان پوءِ اچڻ جو چيو، ٽن ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ اسان مسٽر عبدالوهاب جي آفيس ۾ پهتاسين جتي اسان کي عزت سان ويهاريو ويو، پنجن ڏهن منٽن بعد مينيجر سليم احمد به سلام ڪري اچي آفيس ۾ داخل ٿيو. ڪمري ۾ نظر ڦيريائين ته سندس نظر مون تي ۽ ليبر آفيسر تي پئي، ماجرو سمجي ويو.
ڊپٽي ڪمشنر صاحب کيس ڪرسي جي آڇ ڪئي ۽ هو اسان جي ڀرسان اچي ويٺو. ليبر آفيسر ڪمشنر صاحب کي سهڻي نموني اسان جو ڪيس پيش ڪيو، مون کا به ان سسلي ۾ بيان ورتو ويو. مون به پنهنجو سربستو موقف پيش ڪيو، جڏهن ڊپٽي ڪمشنر مسٽر سليم احمد کان جواب طلب ڪيو ويو ته هن پنهنجو سمورو بيان وڏي کڙڪي سان انگريزي ۾ پورو ڪندي عبدالوهاب شيخ کي چيو ته مان مزدورن جي معاملي کي پاڻ ڏسندس باقي توهان جي هٿ ۾ جيڪو آهي اهو اوهان ڪريو. ايئن چئي همراهه ڪرسي تان اٿي کڙو ٿيو.
ڊپٽي ڪمشنر صاحب ڪجھه گرم ۽ سخت لفظن ۾ چيس ته توکي منهنجي ڳالهه مڃڻي پوندي. هن وري به ساڳيو جملو وراڻيس ته قاعدن موجب جيڪو قدم توهان کڻي سگھو ٿا اهو کڻو. ايئن چئي همراهه دروازي ڏانهن وڌيو. پٺيان عبدالوهاب چيس ته مان توکي ڏسي رهندس.
ليبر آفيسر مون کي چيو ته توهان هلو. ٻاهر منهنجي ملاقات سليم صاحب سان ٿي، جيستائين ٽانگو ملي تيستائين رستي تي گڏ پئي هلياسين، مون کي خوف هو ته ڪجھه نه ڪجھه سخت لهجو مون سان به اختيار ڪندو پر نهايت سهڻي انداز ۾ چيائين، خبر اٿئي مون آخري جملو ڇا چيومانس. پاڻ ئي چوڻ لڳو ته چيومانس ته جيڪو وڻئي سو ڪر. وڌيڪ مون کي سمجھائيندي چوڻ لڳو ته اچڻ کان اڳ مان قاعدا پڙهي آيو هوس مون کي خبر اهي ته هن جي هٿ ۾ ڪجھه به ڪونهي.
سليم احمد لاڙڪاڻي ۾ پراڻي گاهه پڙي لڳ رهندڙ هڪ ديندار خوجن جي گھراڻي مان شادي ڪئي هئي. ڪارخاني جي مالڪ سليم صاحب جي وڏي ڀاءُ محمد يوسف جي وفات کان پوءِ به هو ڪارخاني جو انتظام سنڀاليندو رهيو پر لاڙڪاڻي ۾ ڪپڙي جي صنعت جي زوال پذير ٿيڻ بعد هي پرديسي پکيئڙو هميشه لاءِ ڪراچي واپس موٽي ويو.
1992ع ۾جنهن ڏينهن آئون ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي جي ڊگري ملڻ تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ الائونس جي اجراءَ لاءِ ليٽر جمع ڪرائڻ ويو هئس ته محمد سليم مون کي ان آفيس جي ڀرسان پنهنجي پراڻي رهائش گاهه وٽ مون سان مليو هو. مون کان حال احوال ورتائين، ٻڌايومانس ته مون ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو هو. چار پنج سال اڳ مون سان گلشن اقبال ڀياني هائٽ جي دروازي وٽ ساڻس اوچتو ملاقات ٿي هئي. مون کانئس پڇيو ته ڪيئن آهيو؟ وراڻيائين ڏس تنهنجي سامهون بيٺو آهيان. مون مٿانهس نظر وڌي، بلڪل ساڳيو جو ساڳيو نور ٽيسڪٽائل ملز وارو مئنيجر مسٽر سليم احمد پئي لڳو. مون کائنس پڇيو ته ڪاٿي ٿا رهو. وراڻيائين ته هتان مون کي A3 بس ملندي آهي، جيڪا گلشن معمار ويندي آهي، جنهن تي چڙهي ويندس. معدباڻو عرض ڪيومانس ته مون وٽ گاڏي آهي، هلو ته مان اوهان کي ڇڏي اچان ٿو. چيائين اڃا ڄنگھن ۾ ساهه آهي مان پاڻ ئي هليو ويندس تون تڪليف نه ڪر. سبحان الله ڪهڙو ماڻهو هو واقعي گھر جي در تي گھر ۾ ويهي به ڍڪ چانهن پيئڻ جي آڇ ڪئي مانس پر هن مانواي هڪ چانهن جو قرض لاهڻ جو موقعو به نه ڏنو. مل جي هڪ پراڻي دوست صاحب خان شيخ ٻڌايو ته سليم صاحب جي وفات جي خبر ٻڌي آهي ته هو ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو آهي.
**