خوابن جو صورتگر
محمد يوسف منهنجي خوابن جو صورتگر هو، محبوب دوست اسان کان وڇڙي ويو آ. جنهن جو وڇوڙو هن وقت هن عمر ۾ صفا ماري ٿو. هن پياري دوست ۽ مان پرائمري کان مسجد، مدرسي، هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تائين ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي تعليم پرائي هئي. گذريل ڇنڇر ڏينهن هن مون ڏانهن الودائي صبح جي سلام ۽ دعائن جي گلن جي ٽوڪري جي صورت ۾ پوسٽ ڪئي هئي. محسوس ٿو ٿئي ته زندگيءَ جي پنجهٺ سالن جي سفر جي دوستي ۽ ڀائپي جو وڇوڙو هاڻ اسان کي ڏکيو جيئڻ ڏيندو؟
اسان جي سموري سنگت ۽ سٿ جي زندگي جا انيڪ خواب هئا جن جو هو صورتگر هو. حقيقت ۾ اسان هن جي ننڍي ڀاءُ وانگر ته ڪونه هئاسين پر سڄي عمر سندس محبت جو انداز اهو رهيو ته هو اسان کي اهڙي شد مد ۽ انداز سان زندگي جا معملا ۽ مسئلا سلجھائيندو رهيو، صلاحون ۽ مصلحتون ڏيندو رهيو، ڄڻ اسان هن جا ڪي ننڍا ڀائر هجون ۽ اها به حقيقت آهي ته اسان به هن کان وڏي ڀاءُ واري حيثيت هيٺ پنهنجي حياتيءَ جا راز ۽ سچائين جي باري ۾گھڻو ڪجھه ٻڌائيندا هئاسين ۽ کانئس سکندا هئاسين. اڄ صبح جو ڪافي پئي پيتم ته محمد يوسف جي ياد آيم. اسان جو هي دوست ڪافي ٺاهڻ جو آوائل کان ماهر هو. مان سمجھان ٿو ته ستر واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. سياري جي ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ هن سنگت کي ڪٺو ڪيو ۽ پنهنجي ڪافي تيار ڪرڻ جي سکيل جديد ڏانءَ ۽ ڪاريگري جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ امام بخش شيخ جي سارين ڇڙڻ ۽ چانورن کي پالش ڪرڻ جي ڪارخاني تي رتيديري روڊ تي نارائڻداس جي سرن جي بٺي کان ڪجھه پرڀرو وٺي ويو. اها اسان جي سنگت جي هڪ قسم جي پڪنڪ هئي. همراهه پاڻ سان نيسڪيفي انسٽنٽ جو دٻو کنيو آيو هو. کير جو بندوبست اڳواٽ ئي امام بخش شيخ ٻهراڙيءَ مان ڪري رکيو هو. محمد يوسف پهريان کير جو ٻاٽلو گرم ڪرايو. ڪافي جي تيار ڪرڻ جي مرحلي کي شروع ڪندي اسان کي چوڻ لڳو ته ڏسو ۽ سکو ته هڪ بهترين ۽ اعليٰ فليور واري ڪافي ڪيئن تيار ڪبي آهي.
محمد يوسف هڪ خالي ڪپ ۾ اڌ کان ڪجھه گھٽ کير اوتيو ۽ ان ۾ ست اٺ چمچا ڪافي جي پائوڊر جا وڌائين ۽ پوءِ اچي ان کي ڦيٽڻ ۽ مهٽڻ لڳو. پندرهن ويهن منٽن جي محنت کان پوءِ جڏهن ڪافي پنهنجو سٺو رنگ ۽ فليور ڪڍيو، تڏهن همراهه ان تيار ڪيل محلول کي گرم اٻريل کير جي باٽلي ۾ ملائي ڇڏيو. ان ڏينهن اسان جي هن ڀاءُ اهڙي ته مزيدار ۽ بهترين ڪافي تيار ڪئي هئي، جنهن جي لذت اڄ ڏينهن تائين به وسري نٿي. مان سڄي عمر سندس ڏسيل طريقي تي ڪافي ٺاهي پيئندو رهيو آهيان. هو واقعي اسان جو استاد به هو، زندگيءَ جي هي سچي ڪهاڻي منهنجي هن جي محبت جي سلسلي ۾ هڪ ڀيٽا آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اسان جي زندگين جي خوابن جو هڪ صورتگر هو.