شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري

منهنجي ادبي اخلاقي ۽ علمي تربيت لاڙڪاڻي ۾ سائين غلام اللہ شيخ ڪئي هئي، ان سلسلي ۾ وڏي ڀاءُ بشير احمد شاد ۽ محمد يوسف شيخ جي پڻ سهڻون صلاحون شامل رهنديون هيون.مگر ڪراچي ۾ محترم اياز حسين قادري صاحب پنهنجي فڪري. فقيري ۽ صوفيانا سڀاءَ سان ادبي، علمي، اخلاقي استعداد کي وڌائڻ ۾ منهنجي وڏي مدد ڪئي. سواءِ ازين هن صاحب مون کي سماجوادي نظرين جي روشني ۾ پڻ وڏي ناليج ڏني. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو پنهجي رهنمائي هيٺ ڪم ڪندڙ ريسرچ فيلوز کي اڙانگن دڳن تي هلائيندي پنهنجي سخت مزاجي مان گذاريندو هو پر هر گهڙي هر وقت شاگردن کي پنهجي اولاد وانگر پڻ ڏسندو هو. هڪ سچي کري ۽ بي لوث انسان کان ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي.
اياز حسين قادري صاحب پنهنجي روين فڪر ۽ نظرين مطابق قائم ڪيل اصولن مطابق هلندو هو. سندس اهڙن روين جا اثر يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگردن تي ته مرتب ٿيندا هئا پر ريسرچ اسڪالرس انهن روين جي کهرائپ کي وڌيڪ محسوس ڪندا هئا. آءٌ پنهنجي استاد محترم جي ايثار و محبت کان 15، 20 سالن کان ڀلي ڀت واقف هئس. مسلسل رابطي ۾ رهڻ ڪري هن جي خاندان ۽ خانداني پس منظر متعلق ڄاڻ رکندي قادري صاحب جي شخصيت جي نفسياتي پهلو جو مطالعو ڪندو رهندو هئس. تنهن ڪري مون کي هن مان هر طرح ۽ هر لحاظ کان خير جي اميد رهندي هئي. مان پنهنجي سڀاءَ موجب قادري صاحب مان رڳو پنهنجو تعليمي ۽ علمي ادبي استعداد وڌائڻ جو خواهشمند ڪونه ھئس. هن جي اندر ۾ ويٺل معصوم، محبتي مخلص ۽ مخير انسان جيڪو ظاهري نظرن کان ڏور گهڻو ڏور ويٺل هو تنهنجي سڃاڻپ رکندو هئس. ان ڪري ڪراچي يونيورسٽي جي ٻين ريسرچ اسڪالر جي مقابلي ۾ مان هن جي نه رڳو ويجھو هئس پر قادري صاحب جي شخصيت سان محبت ڪرڻ جو پڻ قائل هئس.
دهلي ڪاليج ۾ پنهنجي ويجھو ايندڙ پروفيسر حسن اڪبر ڪمال جي خاص محبت ۽ نظر مهر جي ڪري منهنجي سڃاڻپ اردو ادب جي لبرل سوچ رکندڙ حلقي سان ٿي. هو محترم دوست اڪثر مون کي پنهنجي ويجهو رکندو هو. ادبي محفلن، آرٽس ڪائونسل جي گڏجاڻين، جاپان ڪائونسليٽ جي هائيڪو مشاعرن، ڪتابن جي نمائشن، پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرامن، موسيقي جي ايونٽس، موسيقار الھ ڏِتي جي اسٽوڊيو وغيره تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ اردو ادب جي مقتدر حلقي جي احبابن سان پڻ ملائيندو ۽ متعارف ڪرائيندو هو. هن مون کي پاڪستان رائٽرس گلڊ جي پليٽ فارم تي متعارف ڪرائيندي هڪ سنڌي اديب جي حيثيت سان رائٽر گلڊ جي ميمبرشپ لاءِ پنهنجي حلقي جي حمايت سان گلڊ ۾ آندو ۽ ٻن سالن جي عرصي ۾ ورڪنگ ڪاميٽي جي ممبر جي حيثيت ۾ چونڊن ذريعي نه رڳو ممبر چونڊرايو بلڪه رائٽرس گلڊ جو خزانچي به چونڊايو. ان زماني ۾ جميل الدين عالي، سرشار صديقي، اميد فاضلي، سيپ ۽ الفاظ ماهنامه رسالي جي ايڊيٽر نسيم دراني ۽ ٻين ناليوارن اديبن ۽ شاعرن سان منهنجي ميل ملاقات رهندي هئي. سنڌي عالمن اديبن مان محترمه فهميده ميمڻ اياز حسين قادري ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق پڻ رائٽرس گلڊ جا ميمبر هئا. پنجن سالن بعد رائٽرس گلڊ جون ملڪي پئماني تي چونڊون ٿينديون هيون ۽ هر پنجين سال هڪ صوبي پٺيان ٻي صوبي ۾ پاڪستان رائٽرس گلڊ جي عهديدارن جون چونڊون ٿيندون هيون. هڪ ٽينيوئر ۾ رائٽرس گلڊ جي چونڊن جو وارو پنجاب صوبي جو هو ته اسان کي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين عهدن لاءِ ووٽ ڪرڻ لاءِ بذريعي پي آءِ اي لاهور وڃڻو ھو. هي پهريون موقعو هو جڏهن مون اياز حسين قادري سان ڊگھو سفر ۽ ٽن چئن ڏيهن جي رفاقت جو لطف ورتو. چوندا آھن ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻھو جي شخصيت ۽ ان جي حقيقت کي سمجهڻ ۽ سڄاڻڻ چاھيو ٿا ته ان سان گڏ سفر ڪري ڏسو. لاهور ۾ پاڪستان رائٽرس گلڊ جي ميزبانن طرفان اسان جي ترسائڻ جا جوڳا انتظام ڪيل هئا. ڪراچي مان جيڪي به سنڌ صوبي جا ميمبر آيل هئا تن جي طعام قيام جو بندوبست هڪ ئي هوٽل ۾ ڪيو ويو هو. اياز حسين قادري مون کي چيو ته هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ ٻن ٻن ماڻھن جي رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آھي، جي توکي وڻي ته اسان ٻئي هڪ ڪمري ۾ رهون پر تو وٽ آپشن آھي جي تون چاهين ته نوازعلي شوق سان گڏجي رهه. مون کي قادري صاحب جي شخصيت ۽ نفسيات جو مطالعو گهربل هو تنهن ڪري مون ساڻس رهڻ جو ارادو ڏيکاريم ۽ گلڊ جي سيڪريٽري نسيم دراني کي چئي قادري صاحب ۽ پنهنجي لاءِ ڪارنر وارو هوادار ڪمرو حاصل ڪيو.
رائٽرس گلڊ جي پاڪستان جي مڙني صوبن جي ميمبرن جون گڌجاڻيون ۽ نشستون پئي هليون. گلڊ کي فنڊس ۽ آفيس جا مسئلا هئا. گلڊ جي لاهور ۾ برطانوي دور جي هڪ ملڪيت ۾ آيل هوٽل جي معاملي تي صوبن جي تحفظات تي گڏجاڻين ۽ بلوچستان جي گلڊ کي بنا ٽينيوئر جي گلڊ جي سربراهي سونپڻ جي مسئلي تي لابنگ ڪرڻ ۾ اسان اڪثر رڌل رهندا هئاسين پر قادري صاحب جي اها پئي پوندي هئي ته سومرا ٽائيم ڪڍ ته ھلون. مان چيو سائين ڪيڏانهن هلون؟ يار گهڻين جاين تي ھلڻو آهي. مون چيومانس سڀاڻي صبح جو ڪو به اسڪيجوئل ڪونهي پر مانجهاندي تي نقوش جي ايڊيٽر جي پاران دعوت طعام آھي. فجر جي نماز پڙھي قادري صاحب دير تائين مسلي تي ويٺي وضائف پڙھندو رهيو. اشراق پڙھي چوڻ لڳو هل سومرا. هوٽل کان هيٺ آياسين قادري صاحب رڪشو ڪيو ٻئي گڏجي سڌو داتا دربار وڃي نڪتاسين. مون رڪشي واري کي ڪرايو ڏيڻ جي سڌ ڪئي پر منهنجي هٿ کي پري ڪندي چيائين جي وڏا ساڻ هجن ته اهو ڪم ننڍن جو ناهي، اڳتي ايئن نه ڪجانءِ. گڏجي فاتحا ڪئي سين، تنهن کان پوءِ به ٻه ٽي ڪلاڪ هو مزار جي احاطن ۾ ڪجھ پڙھندو رهيو. ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ ساندا روڊ تي موٽي آياسين. منجهند جي ماني کان پوءِ شارٽ نوٽيس ذريعي اطلاع مليو ته لابنگ ڪامياب وئي آھي ته ايندڙ پنجن سالن جي گلڊ جي سربراهي صوبي بلوچستان کي ڏني ويندي. قادري صاحب کي خوشي ان ڳالھ تي ٿي ته شام جو وقت گهمڻ لاءِ ملي ويو. قادري صاحب ٻي پهري جي نماز هوٽل جي ڪمري ۾ ادا ڪري چوڻ لڳو سومرا بس هاڻي دير نه ڪر ٻڌ ٽپڙ ته هلون. هوٽل هيٺان رڪشا هر وقت تيار ملندا هئا سو نڪري وياسي لاهور جو عجائب گهر ڏسڻ ڪجھ دير ڪي خاص هنڌ ڏيکاري وري قادري صاحب مون کي پنجاب يونيورسٽي جي فارسي شعبي ۾ وٺي ويو. جيتري قدر ياد آھي ته قادري صاحب فارسي ۾ به ماسٽرس هئو. ان شعبي ۾ پنهجي دوست پروفيسر سان هلڪي ڪچهري ڪري وري اردو واري شعبي ۾ وٺي آيو، اتي به اسان جي سٺي آجيان ٿي، سج لٿي آڻي هوٽل ۾ ڪڍيائين.
ٻئي ڏينهن جي شيڊول ۾ ٽي پهري جو الودائي گڏجاڻي رکيل هئي. قادري صاحب حسب معمول فجر جي نماز وضيفا ڪري اشراق پڙهي تياري وٺندي اهائي ساڳي ڪار ڪئي. سومرا تيار ٿي ته نڪرئون. مان چيومانس سائين ڪاڏي؟ وراڻيائين وري ڏس پڇين ٿو نه! پاڻ ئي چوڻ لڳو پڇبو ناهي. اسان هيٺ هلي ڪو رلنداسين هلئون ٿا داتا درٻار. مون دل ۾ چيو ابا مري وياسين.. مون کي ڪالهوڪي ڪار جي خبر هئي ته سائين اتي هلي مون سان ڳالهائيندو ئي ڪونه. سائين جون ڪچهريون رڳو داتا جي قبر سان هلنديون رهنديون. داتا درٻار تي اچي گڏجي فاتحا ۽ دعا گهري سين تنهن بعد مون کيس ٻڌايو ته مان درٻار جي صحن ۾ ويهي توهان جي اچڻ جو انتظار ٿو ڪريان. درٻار جي ڪشادي اڱڻ ۾ ويهي چئني پاسن کان ايندڙ زائرين ۽ فقراءَ کي پيو ڏسندو رهيس. دعائون گهرڻ ۾ قادري صاحب ايڏو مشغول و محو رهندو هو جو نه ڏسندو هو ساڄي نه کاٻي نه اوڀر نه اولھ. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ سڀني کي رائٽرس گلڊ جون گاڏيون ايئرپورٽ ڇڏي ويون، رات جو اڌ رات ڪراچي اچي لٿاسين، ٽيڪسي ۾ نواز علي شوق صاحب چوڻ لڳو توهان ته ڄڻ اسان سان هليائي ڪو نه هئا، ايئن ڪبو آ؟ ماڻھو گڏجي آيو آھي ته گهٽ ۾ گهٽ ملڻ ڪرڻ ته ٿيندو آ نه!
ايم فل جي موضوع لاڙڪاڻي ضلعي جي ادبي تاريخ جي موضوع تي مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو هو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي صلاح مشوري ۽ سهڪار سان موضوع جي وسعت کي محسوس ڪندي ان کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ کان هڪ عرضي ذريعي منظور ڪرائي پي ايچ ڊي ۾ رجسٽر ڪرائي ڇڏيو. هاڻي پي ايڇ ڊي لاءِ مواد ۽ مٽيريل ڪٺي ڪرڻ لاءِ مون پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. ساڳئي وقت منهنجا دوست جيڪي مون سان گڏ پي ايڇ ڊي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا تن هڪ گڏيل مطالعي ۽ مٽيريل جمع ڪرڻ جو پروگرام تشڪيل ڏنو. منهنجن اهڙن اسڪالرس دوستن ۾ پروفيسر بشير احمد شاد، پروفيسر حافظ عبدالرزاق سومرو ۽ پروفيسر حافظ محمد ادريس سومرو شامل هئا. اسان هن سال جي گرمين جي ويڪيشن ۾ گڏ ٿي پنهجي ارادي کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ پنهنجي مطالعاتي دوري جي شروعات سنڌ يونيورسٽي جي مرڪزي لائبريري ۽ سنڌالاجي جي لائبريري کان ڪئي سين.
بشير احمد شاد ۽ محمد ادريس جو گائيڊ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب ھو ۽ عبدالرزاق سومري جو ڊائريڪٽر علامه غلام مصطفيٰ قاسمي هو. ان زماني ۾ سنڌيالاجي ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهيو هو. سندس رهائش به يونيورسٽي ڪيمپس ۾ هئي انهن ڏينهن ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ سنڌالاجي ۾ ڪن اهڙن پراجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيو هو جنهن ۾ نئين ٽهي جي تخليقڪارن، ادب سهيڙيندڙن ۽ سرجيندڙن نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ مقصود هو. خوش قسمتيءَ سان محترم درمحمد پٺاڻ ۽ اسان جي اسٽڊي سرڪل جا ريسرچ اسڪالر هڪ ئي شھر جا هئاسين ۽ تقريببن هڪ عمر جا پڻ. اسان جو پورو حلقو ڊاڪٽر درمحمد صاحب جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندو هو ۽ هو مانوارو به اسان جي محبت ۽ احترام ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏيندو هو. ازانسواءِ هو دوستن جو دوست، هڏ ڏوکي ۽ درياهه دل ماڻھو هو. سو اسان مڙني کي پنهنجي تڏي تي نه رڳو دل سان ڀليڪار ڪندو هو پر تحقيق ۽ مواد کي جمع ڪري وري ان کي ضبط تحرير ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ پڻ ڪارآمد صلاحون ڏيندو هو. وڏي ڳالھ ته هن وٽ جيڪا ذاتي لائبريري هئي تنهن ۾ جديد ۽ قديم سنڌي علم ادب جو هڪ قيمتي ۽ بيش بها خزانو جمع ٿيل هو. ازنسواءِ ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي عالمن ۽ اديبن جي ڪتابن جو به وٽس ناياب ۽ اڻ لڀ ذخيرو موجود هئو. آئون ذاتي طور هن صاحب دل جا ٿورا ڪڏهن لاھي نه سگهندس، ڇاڪاڻ جو هو مونسان خاص وڙ ڪري ڇڏيندو هو. جيئن پنهنجي گهر جا دروازا هميشه اسان لاءِ کولي رکندو هو تيئن پنهنجي لائبريري جا دروازا اسان جي لاءِ کولي رکندو هو. مون کي ويڪ اينڊ تي گهر وڃڻو پوندو هو ته دل کولي چوندو هو. سومرا جيترا ڪتاب گهرجني پاڻ سان کڻي ويندو ڪر. ويڪيشن دوران اسين جيڪي دوست ڊاڪٽر درمحمد جي دولت خاني تي ايندا هئاسين تن جي ٽئي ويلا ماني ٽڪي جو جوڳو بندوبست ڪندو هو. نه رڳو اسان دوستن جو خيال رکندو هو بلڪه هر شاگرد ۽ اسڪالر کي به پنهنجي گهران کارائيندو هو. اسان جي گذارش تي هن صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ اسان جي گروپ جي رهائش ٽيچرس هاسٽل ۾ ڪرائي ڏني هئي پوءِ به هن جي آڇ تي شام جي چانهن سندس بنگلي تي پيئندا هئاسين. سڄو ڏينهن جيڪا ادبي ميڙا چونڊي ڪندا هئاسين تنهن جي باري ۾ شام جو اسان کان معلوم ڪندو هو ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۽ سهيڙپ جي هنر جي باري ۾ بريف ڪندو هو. ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
علمي ادبي ميڙا چونڊي جي سلسلي ۾ ٻئي سال جي موڪلن ۾ سنگت جو خيال اچي بيٺو ته جيڪي عالم اديب لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقن ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا تن جا هلي انٽرويوز ڪجن. ان کان سواءِ ڳوٺن ۾ عالمن اديبن ۽ بزگن جون جيڪي قائم ڪيل لائبريريون آھن تن کي چڪاسي ڏسجي. مون وٽ پاڪيٽ سائز ٽيپ رڪارڊر هئو، دوست به پنهنجا ٽيپ رڪارڊرز کڻي هليا. تقريبن لاڙڪاڻي جا سمورا تعلقا ڇنڊي ڇاڻي ڏٺاسين ۽ ٻھراڙين ۾ جتي به اسان کي ٻاٻور پوندي هئي ته ڦلاڻي جوءِ ۾ ڦلاڻو عالم يا اديب رهائش پذير آھي ته اتي پهچي ويندا هئاسين. ان گشتي سهيڙپ (mobile collection ) ۾ اسان کي سنڌ جي علمي شعور جو پڻ وڏو اڀياس ٿيو ته سنڌي جهونا يا نئين ٽهي جا ماڻھو علم ۽ علمي سخاوت جي باري ۾ ڪيڏا حساس ۽ مخلص آھن. ٻھراڙين جي عالمن اديبن اسان جي اڳيان ڪتابن جا خزانا کولي ڇڏيا. ۽ انهن اسان جيون خدمتون، مانيون ٽڪيون، عزتون، رهائشون مطلب ته هر طرح جو خيال ۽ سهڪار ڪيو. ٻھراڙين ۾ رهندڙ علم دوست حضرات جي سلوڪ، روين ۽ علمي ادبي سخاوت کي ڏسي اسان کي صاف اندازو ٿيو ته اسان جي ٻھراڙين ۾ علمي شعور اڃا زندهه آھي. رتيديري جي قاضين، بنگل ديري جي ڀٽن، ميرو خان جي سومرن، نصير آباد جي سولنگين، لاڙڪاڻي جي قادرين، لاهوري محلي جي تنين، ڏوڪري عاريجن جي پٺاڻن مطلب ڪنهن جو نالو ڳنهي ڪنهنجو ڳنهجي؟ سڀني اسان تي وڏا وڙ ڪيا، اسان جي ڪاميابين پٺيان جيڪڏهن اهڙي قسم جو سهڪار نه هجي ها ته اسان ڪنهن طرح به اهڙيون ڪاميابيون ماڻي نه سگهون ها.
گرمين جون موڪلون هيون مان لاڙڪاڻي بشير احمد شاد وٽ ترسيل هئس. شام جو حسب معمول سچل ادبي مرڪز تي اديبن شاعرن دوستن سان ڪچهريون ڪرڻ لاءِ نڪتاسين. ميان جي ڳڙھي کان الحقيقت پرنٽنگ پريس وٽان گذري رهيا هئاسين ته ڊاڪٽر اياز حسين صاحب تي نظر پئي، مون بشير احمد کي چيو ته قادري صاحب جن آيل آھن، هل ته هلي ملاقات ڪريونس. قادري صاحب سان ملاقات ۾ مون کيس واعدو ياد ڏياريو ته اوهان چيو هو ته لاڙڪاڻي اچ ته مان توکي پنهجي لائبريري ڏيکاريندس. فورن چيائين سڀاڻي شام هليا اچو ته مان اوهان کي پنھنجي لائبريري ڏيکاريندس. ٻئي ڏينهن مقرر ٽائيم تي بشير احمد شاد ۽ مان قادري صاحب جي اوطاق تي پهچي وياسين. سائين پنهجي وڏڙن جو علمي خزانو ۽ پنهنجي ڪتابن جي جمع پونجي ڏيکاري. مون کيس عرض ڪيو ته ميان غلام سرور فقير جي قلمي پورهيي مان ڪجھ استفادو ڪرڻ چاهيان ٿو. وراڻيائين ته تون ميان صاحب جو ڪلام پڙھي ڏس جيڪو توکي گهرجي ته مان توکي ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي ڏيندس. هن ڀيري به قادري صاحب مون کي خالي هٿين نه موٽايو. هن صاحب پنهنجي پاڙيسري دوست شاعرن پرڀو وفا ڇڳاڻي، رام پنجواڻي ۽ ديو سڀاڻي جا ڀارت ۾ ڇپيل شاعري جا مجموعا منهنجي حوالي ڪيا ۽ چيائين انهن ڪتابن جو ٻيون ڪاپيون مون وٽ ڪونهن تنهن ڪري مطالعو ڪري پنهنجي ڪم جي مواد جا فوٽو اسٽيٽ ڪري باقي ڪتاب ڪراچي پهچائي وڃجانءِ.
هڪ ڀيري اسان جي رائٽرس گلڊ جي هوٽل جيبيس ۾ هڪ وڏي گڏجاڻي ٿي، هن اجلاس ۾ هندستان مان لبرل خيالن جا ڪي عالم اديب ۽ شاعر حضرات اچي ڪٺا ٿيا هئا. جن ۾ ندا فاضلي، جگن ناٿ آزاد ۽ بيا ناليوارا اديب ۽ شاعر شامل هئا، سنڌي عالمن ۾ ڊاڪٽر اياز حسين قادري تقرير ڪرڻ وارن ۾ شامل هئا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي ريفريشمينٽ کان پوءِ اياز حسين قادري، محمد يوسف شيخ ۽ مان گڏجي هيٺ لٿاسين. اسان ٽئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا ايمپريس مارڪيٽ وٽ پهتاسين ته قادري صاحب جي نظر هڪ چيڪو وڪڻڻ واري گھورڙئي تي پئي، قادري صاحب جي دل سٽ ڏني ته هو چيڪو خريد ڪري. اسين گاڏي واري جي چوڌاري اچي بيٺاسين، جڏهن ٺيلهي واري چيڪو توري شاپر ۾ وڌا ته مون استاد محترم کي تحفي طور ڏيڻ جي غرض سان پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍي گاڏي واري ڏي پئسا وڌايا. قادري صاحب کي اهڙي حميت ۽ غيرت هوندي هئي جو ڪن معاملن ۾ هو صفا بي ريا ٿي بيهندو هو. سائين جون ماشاءُالله اکيون اڳ ئي وڏيون ۽ خوبصورت هونديون هيون پر جڏهن ناگوار ڪيفيت ۾ ڪنهن ڏانهن ڏسندو هو ته انهن جا شٽرس ٿورو وڌيڪ کلي ويندا هئا، سو جڏهن مون پئسا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن مون کي جن نگاهن سان ڏٺو جو اهو ڏيک ڏسي مون کي سائين جن کان معافي وٺڻي پئي.
ڊاڪٽر اياز حسين قادري يونيورسٽي آف ڪراچي جي سنڌي شعبي تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي شاهه عبداللطيف چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مون کي ڦڦڙي جاڳي ته هاڻي منهنجي ريسرچ جو ڇا ٿيندو؟ ملڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ ۽ واءُ سواءُ وٺڻ جي غرض سان ساڻس لطيف چيئر تي ملڻ ويس. مبارڪون ڪچهريون، محفلون ختم ٿيون ته مان سائين جن کي چيو ته هاڻي محترمه فهميده ميمڻ ۽ منهنجي ريسرچ جو ڇا ٿيندو؟ اسان جي رجسٽريشن ته سنڌي شعبي ۾ ٿيل آهي ۽ توهان هاڻي هتي لطيف چيئر تي براجمان آهيو. چيائين تون ويهه تڪڙ نه ڪر گڏجي ٿا گھر نڪرئون. ان ڏينهن مون اکين تي ويجھي نظر وارو نئون چشمون لڳايو هو، جڏهن ڊپارٽمينٽ ۾ اڪيلا ٿياسين ته قادري صاحب چيو چشمون ته ڏاڍو سهڻو پاتو اٿئي. مون کان ڏسڻ لاءِ گھريائين. چشمون لاهي هٿ ۾ ڏنومانس، ڏسي چوڻ لڳو هن جھڙو بلڪل هن جھڙو فريم ٻئي دفعي اچين ته منهنجي لاءِ وٺي اچجان، مون چيومانس حاضر سائين. ٻئي ڏينهن ڪاليج کان واپسي تي ڪريم آباد جي مارڪيٽ مان فريم خريد ڪري گھر ۾ رکي ڇڏيم. جڏهن هفتو ٻه رکي يونيورسٽي ويس، قادري صاحب سان ملاقات ٿي، ان وقت هو اڪيلو ويٺو هو ۽ ڪينو ڇلهي ويٺي کاڌائين. دراصل قادري صاحب جي اها عادت هوندي هئي ته يونيورسٽي ايندو هو ته پاڻ سان ڪو نه ڪو فروٽ شاپر ۾ کنيو ايندو هو ۽ پنهجي ڊپارٽمينٽ ۾ ويهي نوش فرمائيندو هو. ڪو ملڻ وارو يا مهمان تائي ايندو هو ته ڇولن جون پليٽون يا سموسه ۽ چانهن گھرائيندو هو. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي به اها عادت هوندي هئي، آئي وئي جو آڌرڀاءُ ڪندو هو پر مهمانداري محبت ۽ خلوص جي ماکي جيڪا اياز حسين صاحب جي انهن ڇولن واري ڊش ۾ هوندي هئي تنهن کي مان هن وقت به محسوس پيو ڪريان. پنهنجو هٿ ڊگھيڙيندي منهنجي اڳيان ڪينو رکندي چيائين هي تنهنجو نصيب. ڳالهه ٿي ڪيم عينڪ جي فريم جي، مون پاسي واري کيسي مان ڪيس سوڌو عينڪ ڪڍي سندس اڳيان رکي. کولي ڏٺائين، ساڳي شيءِ ڏسي دل خوش ٿيس پر ڪيس سوڌو فريم کي منهنجي اڳيان رکيائين. چوڻ لڳو سومرا گھڻي مليو؟ مون هن ڀيري اهو پڪو پهه ڪيو هو ته ڪهڙي به طرح اهو فريم کيس تحفي ۾ کڻڻ تي مجبور ڪندس. مون قيمت ٻڌائڻ جي بدران کيس ٻئي هٿ ٻڌا ۽ عرض ڪيو سائين خدارا هي منهنجي طرفان تحفو سمجھو. هونئن قادري صاحب، فريم کي اڌ سوري رکيو هو، هاڻي پورو سوري منهنجي اڳيان رکيائين. وري عرض دهرايم، پر چوڻ لڳو بابا مان توکان تحفو ڪيئن وٺان؟ شاگردن کان استاد جي تحفا وٺندا ته اصلاح ۽ تنقيد جو حق وڃائي ويهندا. تنهن ڪري تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي ته ان جي قيمت جيڪا تو ڀري آ سا مون کان وٺ ته پوءِ مان ان کي هٿ لائيندس.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ خيرپورميرس مان هڪڙو اسڪالر جيڪو ايم فل ۾ داخلا وٺي چڪو هو ۽ پنهنجو ٿيل ڪم قادري صاحب کي ڏيکارڻ آيو هو. اچي سائين جي پيرين پيو ۽ کارڪن جو ٽوڪرو جيڪو ساڻ آندو هئائين سو سائين جي پاسي ۾ رکي چوڻ لڳو ”سائين فصل لٿو آهي، هي توهان لاءِ تحفو“ منهنجي سامهون قادري صاحب چيس ”ڇا آهي؟“ وراڻيو ته ”قبلا کارڪون آهن.“ ٺپ چيائينس ته تون سمجھين ٿو ته توکي کارڪن تي مارڪون ملنديون؟ ان وقت قادري صاحب جي بي ريائي ڏسڻ وٽان هئي. کيس وري چوڻ لڳو ته مهرباني ڪري پهريان کارڪن جي ٽوڪري کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍ. هن همراهه کي پگھر سڪائڻ ڏنائين ۽ نه وري ڪرسي تي ويهڻ جي صلاح ڪيائينس.
**