استاد فيض محمد سيال
ميدان کان جيڪا سڙڪ اسڪول ڏانهن ويندي هئي، تنهن تي سائين فيض محمد اسان جو هڪ اوپن ايئر ڪلاس وٺندو هو. شاگردن کي لائن ۾ بيهاري سائين بلند آواز سان چوندو هو ٻارو ميدان مان وڃي ککڙيون کڻي اچو. شاگردن کي پنهنجا پنهنجا پاسنگ شو سگريٽ وارا يا ڪي اهڙا ٻيا دٻا هوندا هئا، جن ۾ ککڙيون چونڊي کڻي ايندا هئا. جڏهن اکرن سکڻ ۽ انهن کي سهڻو ڪري لکڻ وارو ڪلاس شروع ٿيندو هو ته سائين پنهنجي ڊگهي لڪڻ سان حاضر ٿي بلند آواز سان چوندو هو لکو الف، لکو ب، لکو ت، لکو ث، ا، ب، ت ۽ ث لکي جڏهن اسان واندا ٿيندا هئاسين ته استاد محترم شاگردن جي ٻڌل صف جي اڳياڙي کان اکرن کي چيڪ ڪندو پنهنجي لڪڻ سان انهن جا ڏنگ ڦڏ درست ڪندو وڃي لائين جي آخري شاگرد وٽ بيهندو هو، جڏهن اکرن جي درستي ٿي ويندي هئي تڏهن بلند آواز سان پاڻ اکرن جا درست آواز ۽ مخرج ڪڍي شاگردن کي ڀڙ ڪندو هو.
پرائمري ايجوڪيشن واري زماني ۾ اسان شاگرد سائين فيض محمد سيال کان شام جو مسجد ۾ قرآن شريف ناظران پڙھندا هئاسين، جنهن مسجد ۾ قرآن شريف جي تعليم ڏيندو هو. اها سامٽيا روڊ تي اسان جي گهرن جي ڀرسان جوکين واري گهٽي ۾ هوندي هئي. پاڻ ان مسجد جو پيش امام هوندو هو. اسان منجهان ڪو غريب جو ٻار قرآن پڙھي پڄائيندو هو ته سائين ان کان ڳڙ واري مٺائي جي ڀريل بسي گهرائي ٻارن ۾ ورهائيندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو سرندي وارن جو ٻار ناظران پڙھي پورو ڪندو هو ته ان کان ولائتي کنڊ جي بسي گهرائيندو هو.
ان زماني جا استاد پنهنجي شاگردن جو هر طرح خيال رکندي انهن جي سکيا، تربيت، ڪردار سازي ۽ شخصيت سازي تي گهڻو ڌيان ڏيندا هئا. سائين فيض محمد پنهنجي جواني واري وقت ۾ مذھبي ۽ تحريڪي ماڻھو رهيو هو، تنهن ڪري اسان جي اخلاقن کي درست ڪرڻ، روزي رکڻ ۽ نماز پڙھڻ تي گهڻو زور ڏيندو هو.
اسان جي پاڙي سامٽيا روڊ تي مجلس ميلاد جو انعقاد سندس ڪوششن سان ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ سراج احمد سامٽيو، عبدالقيوم صديقي، ان جو ننڍو ڀاءُ عبدالحي صديقي، خوش محمد کهڙو، غلام عباس سومرو، عبدالغني سومرو، عبدالغفور سومرو، سراج احمد مان ۽ ٻيا پاڙي جا شاگرد ميلاد ۽ نعت جي ڪمن يا اسٽيج ٺاھڻ ۽ سوارڻ ۾ استاد محترم جو ساٿ ڏيندا هئاسين. سندس حڪم تي مان مسجد ۾ آذان به ڏيندو هئس. جواني واري زماني ۾ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ به استاد فيض محمد جي وسيع ديني. سماجي ۽ تحريڪي مطالعي مان فيضياب ٿيڻ لاءِ مسجد جي آڳر ۾ ويهي کائئس گهڻو ڪجھ سکندا هئاسين.
هڪ اسڪول ٽيچر هئڻ کان سواءِ جيڪڏهن استاد محترم فيض محمد جي شخصيت جو مطالعي ڪبو ته اسان کي هن جي شخصيت گهڻ پاسائين نظر ايندي. استاد محترم جي ملڪي سياست ۾ وڏي دلچسپي هوندي هئي. باخبر ماڻھو هو. هٿ ۾ همشھ عبرت اخبار هوندي هئس. ان زماني ۾ سندس شخصيت جو جيترو مطالعو ۽ ادراڪ مون کي ٿيو، تنهن مان معلوم اهو ٿيو ته هو پنهنجي جواني واري زماني ۾ علما هند جي سياسي تحريڪن ۽ سرگرمين سان سلهاڙيل رهيو هوندو.
سلطنت عثمانيه جي خاتمي ۽ زوال پذير ٿيڻ کانپوءِ ان جي ملي همدردي جي نتيجي ۾ جيڪي هند سنڌ ۾ تحريڪون هليون تن جو استاد محترم وڏو حامي رهيو هو.
جنهن زماني ۾ اسان استاد فيض محمد جي ويجهو هئاسين تنهن زماني ۾ استاد محترم کي پاڙي جا ماڻھو هن جي سماجي. فلاحي ۽ چڱ ڀلائي جي ڪمن کي ڏسي کيس ابوالخير سڏيندا هئا. مون کي ياد آھي جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسي ته هو رمضان شريف جي روزن ۾ روزيدارن کي روزي جي ٽائم کان اڳواٽ جاڳائيندي گهٽي گهٽي ۾ اسڪول وارو گهنٽ وڄائي چوندو هو. ”اٿو مومنو روزو رکو“.
زماني جي بدلجڻ ڪري جڏهن نيون ايجادو ٿيون ۽ ماڻھن جي گهرن ۾ ٽيليويزن آئي ته روزيدارن کي جاڳائڻ وارا قديم طريقا ويا ختم ٿيندا. ان زماني ۾ استاد محترم فيض محمد سيال به پنهنجي نوڪري تان رٽائر ڪري پنهنجي گهر واري مسجد تائين محدود ٿي چڪو هو.
هڪ ڀيري گرمين جي مند ۾ لاڙڪاڻي ويس سندس گهر واري گهٽي مان منهنجو لنگھ ٿيو، استاد محترم پنهنجي گهر جي ڀرسان دڪان مان ڪجھ وٺي موٽيو پئي ته مٿس منهنجي نظر پئي. ان وقت سائين کي اڇي رنگ جي شلوار ۽ پهرياڻ زيب تن هو. پاڻ واڪنگ اسٽڪ جي سهاري آھستي آھستي پئي هليو. مان وڃي سائين جي پيرن تي هٿ رکيا.
حال احوال ورتائين. سندس طبيعت معلوم ڪري موٽيس ته منهنجو خيال استاد محترم جي پيري واري حالت ڏانهن کڄي ويو. مون پئي ويچاريو ته سائين جي ڪنهن زماني ۾ تکي چال ۽ ڪڙڪيدار آواز هوندو هو هاڻي اهو سڀ ڪجھ جهيڻي آواز ۽ جهڪي چال ۾ بدلجي چڪو آهي. في زماني سندس اولاد جوان ٿي نوڪرين سان لڳي چڪي هئي ۽ پاڻ زندگي جا باقي ڏينهن گهر ۾ ويٺي مطالعو ڪندي گذاريندو هو. ستر واري ڏهاڪي ۾ مان ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ملڻ ڪري هميشه لاءِ ڪراچي شفٽ ٿي ويس.
استاد محترم فيض محمد جي وفات جي خبر مون کي ڪراچي ۾ پئي ساڻس ادب، احترام ۽ محبت جو رشتو هو. هن جي وفات جو ٻڌي اکيون آليون ٿي ويون. اِنا لِلہ وَ اِنا عِليہِ رَاجِعُون. هاڻي هلندڙ زماني ۾ پٺتي نگاهه ڊوڙائجي ٿي ته اسان کي پوئين زماني وارن استادن جهڙا انسان ڳوليا نٿا لڀن.