شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

پروفيسر حسن اڪبر ڪمال

1980-1979ع وارن ڏينهن ۾ مان مين انچولي روڊ فيڊرل بي ايريا تي رهندو هئس، گھر جي سامهون روڊ پار واري گھٽيءَ ۾ انگريزيءَ جي پروفيسر حسن اڪبر ڪمال جو گھر هو، جنهن ۾ هو پنهنجي والدين ۽ ٻارن ٻچن سان گڏ رهندو هو، مان کيس استاد ۽ هڪ معروف شاعر جي حيثيت سان ڄاڻندو سڃاڻندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن مان هن کي مين روڊ تي دوائن جي دڪان تي، ڪڏهن ڪواليٽي بيڪري تي ته ڪڏهن پان ٻيڙي واري مانڊلي تي پان ٺهرائيندي ڏسندو هئس.
هو پان وات ۾ وجھي جڏهن آهستي آهستي گھر ڏانهن روانو ٿيندو هو ته ويجھي کان ڏسڻ لاءِ هرو ڀرو به مان هن جي ويجھو ويندو هئس، جڏهن هو ڀرمان لانگھائو ٿيندو هو ته پنهنجي پويان خوشبوءِ جون لهرون ڇڏيندو ويندو هو. هن جو سهڻو ڏانءُ، سهڻي چال ۽ خوشبو هن جي هڪ سڃاڻپ هئي. 1980ع جي بهار وارن ڏينهن ۾ منهنجي بدلي لياري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کان گورنمينٽ دهلي ڪاليج ۾ ٿي، پهرين ڏينهن صبح جو سوير جڏهن مان اسٽاف روم ۾ وڃي ڪرسي تي ويٺس ته منهنجي نظر آخري ڪرسي تي ويٺل هن نوجوان تي پئي، هو ان وقت ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪري رهيو هو، منهنجي ويهڻ جو جڏهن هن کڙڪو محسوس ڪيو تڏهن چهري تي لڳل چشمو ٿورڙو هيٺ ڪندي مون تي طائرانه نظر وجھندي وري پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. ٻن ڏينهن اندر جڏهن اسان جو هڪ ٻئي سان کلي تعارف ٿيو ۽ هن کي جڏهن اها خبر پئي ته مان سکر ڄائو آهيان ته هي خوشبو ۾ ويڙهيل خوبرو جوان حسن اڪبر ڪمال پاٻوهه واري جذي سان منهنجي اڃا ويجھو ٿيو.
پروفيسر حسن اڪبر ورهاڱي کان اڳ فيبروريءَ جي مهيني جي 14 تاريخ 1947ع تي پيدا ٿيو هو، سندس والد متحرم ميان اڪبر ان وقت ريلوائي کاتي ۾ ملازم هو. پاڪستان اچڻ وقت پنجاب ۾ سندس ساڳي کاتي ۾ تقرري ٿيس. ملتان ڊويزن ۾ جڏهن هن جي پوسٽنگ ٿي تڏهن هن پنهنجي پٽ حسن کي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. حسن اڪبر ميٽرڪ جو امتحان ملتان شريف مان ڏنو. جڏهن ميان اڪبر جي سکر ريلوي ڊويزن ۾ بدلي ٿي ته حسن اڪبر اتان اسلاميه ڪاليج سکر مان گريجوايشن ۽ انگريزي ۾ ماسٽرس تائين تعليم حاصل ڪئي. هي اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني کان ئي شاعري ڏانهن نه رڳو رغبت رکندو هو پر پنهنجي اندر جو اظهار به خوش اصلوبيءَ سان ۽ سهڻي نموني ڪندو هو. 1964 ۽ 1987ع واري ڏهاڪي ۾ سکر ۾ اردو مشاعرا ۽ شعري نشتون منعقد ٿينديون هيون، ان زماني ۾ نام ڪٺيا سنڌي ۽ اردو زبان جا عالم، اديب، شاعر ۽ مفڪر سکر جي ادبي ميدان ۾ پنهنجي ڏات ۽ صلاحيتن جو اظهار پيا ڪندا هئا. حسن اڪبر به سکر جي ان علمي ادبي فضائن ۾ ”ڪمال“ جي تخلص سان پنهنجو پرواز اونچو رکيو، جنهن جو ساکي هن جو پهريون شعري مجموعو ”سخن“ آهي، جيڪو 1969ع ۾ شايع ٿيو هو. اٽڪل اهو ئي زمانو هو جڏهن هو ڪراچي آيو هو ۽ انگريزي جي استاد جي حيثيت سان هن ڪريم آباد ڪراچي ۾ دهلي ڪاليج کي جوائن ڪيو، جڏهن سنڌ حڪومت پرائيويٽ ڪاليجن کي نيشنلائيز ڪري گورنمينٽ جي انتظام هيٺ آندو، تڏهن انهن ڪاليجن جي استادن کي هڪ نئون ڪيڊر ڏيندي باقاعدي گورنمينٽ جي ملازمن ۾ شمار ڪيو ويو.
ڪاليج ۾ ٿيندڙ سرگرمين خاص ڪري علمي ادبي محفلن ۽ مشاعرن جي انعقاد ۽ انتظام جي موقعي تي گڏ هجڻ ڪري اسان هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجھا اچي وياسين، هتي اچي مون کي اها به ڄاڻ ملي ته اردو ادب جي حوالي سان حسن اڪبر ڪمال جو شمار پاڪستان جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. اڳتي هلي جيئن جيئن حسن اڪبر ڪمال جي شخصي خوبين ۽ خصلتن جو مون کي مشاهدو ٿيندو ويو ته مان هن جو اڳ کان وڌيڪ عزت ۽ احترام ڪرڻ لڳس، هو حسن سلوڪ، اعليٰ اقدار ۽ سهڻين روايتن جو امين هو. انهن خوبين جي ڪري حسن اڪبر ڪمال هر ڪنهن سان ادب محبت ۽ خلوص سان پيش ايندو هو، ڪاليج جي ننڍي وڏي سان به سهڻو سلوڪ رکندو هو، آفيس اسٽاف ۽ ان کان به هيٺئين اسٽاف سان سندس رويو اڃا وڌيڪ نرم ۽ همدرداڻو هوندو هو. منهنجي نظر ۾ ڪاليج ۾ حسن اڪبر واحد شخص هو جيڪو انهن جو هر طرح سان خيال رکندو هو ۽ انهن جي شادين، وهانئن ۽ خوشين ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ انهن جون مالي ضرورتون به پوريون ڪندو هو، هن جي اهڙين سهڻين خاصين جي مون کي ڄاڻ ان ڪري آهي جو آئون ساڻس اهڙن موقعن ۽ مهل تي گڏ هوندو هئس، هن مڙس مٿير جون ڪيتريون خوبيون بيان ڪجن، منهنجي ڄاڻ موجب هو وڏو سخي دل ماڻهو هو. 26 سال ساڻس منهنجو ساٿ رهيو، مون ڪٿي به ڪنهن به مهل هن کي ڪنهن فقير يا گھرجائوءَ کي موٽائيندي نه ڏٺو. گاڏي جي هڪ ٽري ۾ هميشه کليل پئسا رکندو هو ته جيئن فقيرن ۽ سگنل تي بيٺل پينن کي جلد ڪجھه ڏئي سگھي.
هڪ استاد جي حيثيت سان هن جو شمار ڪراچيءَ جي ڀلوڙ ۽ نام ڪٺين استادن ۾ ٿيندو هو، شروع ۾ ڪاليج کان ٻاهر ٽيوشن پڙهائڻ جو قائل نه هو، پنهنجي ڪلاس جي شاگردن کي چوندو هو ته ڌيان ڏئي ڪلاس ۾ سبق ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو، جي توهان ڪلاس ۾ مڪمل ڌيان سان حاضر هوندا ۽ پنهنجي استادن کي به ڌيان سان ٻڌندا ته پوءِ توهان کي ٽيوشن پڙهڻ جي ضرورت ڪانه پوندي. چيپٽر پوري ٿيڻ کان پوءِ شاگردن ۾ چيپٽر متعلق محنت سان تيار ڪيل نوٽس ورهائيندو هو. گورنمينٽ دهلي ڪاليج ۾ ٻين مضمونن کي پڙهائڻ وارا استاد به ساڳي سطح جا هئا، اهوئي سبب هو جو ڪراچي بورڊ ۾ دهلي ڪاليج جا شاگرد اول پوزيشن کڻندا هئا. ڪجھه عرصي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ دهلي ڪاليج، ڊي جي ڪاليج ۽ آدم جي، ڪاليج جي وچ ۾ سائنس جي مضمونن ۾ پوزيشن آڻن جي چٽاڀيٽي وارو ماحول پيدا ٿيو ۽ اهي ڪاليج به پنهنجي پوزيشن بهتر ڪري ڪراچي بورڊ ۾ پوزيشنون آڻڻ لڳا. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ جاڏي ڪاڏي ڪاليج کان ٻاهر ٽيوشن سينٽر قائم ٿي ويا هئا پر ڪراچي ۾ انگريزي پڙهائڻ ۾ حسن اڪبر ڪمال جو ڌاڪو ويٺل هو، سو آدم جي ڪاليج ۽ ڊي جي ڪاليج جا شاگرد حسن اڪبر کان انگريزي مضمون جي ٽيوشن اچي پڙهندا هئا.
مان به تعليم جي شعبي ۾ دهلي اسڪول ۽ دهلي ڪاليج جون هاڪون ٻڌي پنهنجي پٽن کي پهريون دهلي اسڪول ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت پڙهڻ لاءِ ويهاريو پر اسڪول ۽ ڪلاس ۾ گھڻي پيهه هجڻ ڪري منهنجي ٻارن جا نتيجا منهنجي مطلب سارو نه نڪتا. تنهن ڪري انهن کي اتان ڪڍي مون کين پاڙي جي وائيٽ هائوس گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي هنن پنهنجي پوزيشنون مستحڪم ڪيون ۽ ميٽرڪ جي امتحانن ۾ ايترا نمبر کنيائون جو تعليم کاتي جي ڪيپ پاليسي هيٺ انهن جي داخلا ڪراچي جي اي ون ڪاليج دهلي ۾ ٿي وئي، تمام مضمونن جي ڀلوڙ استادن جي نگرانيءَ سان گڏ حسن اڪبر جي خصوصي ڌيان سان هنن ايتريون ڪاميابيون ماڻيون جو ٻارن جي سرخرو ٿيڻ سان گڏ اسان والدين به سرخرو رهياسين. انهن ڏينهن ۾ ڳري في جي عيوض هڪ هڪ مضمون پڙهايو ويندو هو. حسن اڪبر ۽ ڪجھه ٻين استادن ٻارن کي ٽيوش ڏني پر مون کان ڪا فيس نه ورتن.
ڪاليج ۾ رهندي حسن اڪبر ڪمال ۽ مان نظرياتي طور به هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو اچي ويا هئاسين، تنهن ڪري ڪاليج کان ٻاهر هو جن علمي، ادبي ادارن، انجمنن ۽ رائيٽرس گلڊ جي سرگرمين ۾ مصروف ۽ شامل رهندو هو، ڪوشش ڪري تن ۾ مون کي به شامل ٿيڻ جي آڇ ڪندو هو، حسن اڪبر ڪمال مون ۾ جيڪي اميدون رکندو هو مان به انهن جي پورائي ۾ پوئتي نه هٽندو هئس. خدا ڄاڻي هو ڇو ايئن سمجھندو هو ته آئون ڪجھه خاص صلاحيتن جو مالڪ آهيان، تنهن ڪري هن سان گڏجي ڪِن اردو ادب ۽ ٻولي جي ادارن ۾ شامل ٿي ڪو ڪم ڪريان. منهنجي تربيت، سکيا ۽ اعتماد وڌائڻ لاءِ هو ڪوششن ۾ رهندو هو، تنهن ڪري مون کي پاڻ سان پي ٽي وي جي پنهنجي نغمن جي ڌنڌن جي ڪمپوزنگ وارن پروگرامن، مشاعرن ۽ ٻين ادبي محفلن ۾ شامل ڪندو رهندو هو.
حسن اڪبر جيترو مصروف پنهنجي پروفيشن ۽ پنهنجن ٻچڙن کي بهتر کان بهتر تعليم ڏيارڻ ۾ رهندو هو اوترو پنهنجي ادبي تخليقن جيڪي نظم، نثر ۽ ترجمي سان تعلق رکنديون هيون تن ۾ مصروف رهندو هو. شاعري ۾ حسن اڪبر ڪمال جو جيڪو ٻيو مجموعو ادب جي آسمانن تي آيو اهو هو ”خزاں میرا موسم“ جنهن پوري پاڪستان ۾ نه رڳو هن جي شهرت کي چمڪايو پر ان شعري مجموعي هن جي ادبي قد ڪاٺ کي پڻ وڌايو. سندس هن ڪلام جي مجموعي کي ادب لاءِ رکيل آدم جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ ڏاهو، مردم شناس ۽ مزاج شناس ماڻهو هو. وڏي ڳالهه اها ته هو الله سائين جي تخليق انسان، پکين، پکڻن، پوپٽن، ٽانڊاڻن ۽ قدرت جي حسين نظارن سان تمام گھڻو پيار ڪندو هو، تنهن ڪري سندس فڪري ۽ نظري تخليق واري ڏات مان سهڻا شعر ٺهي ميدان ادب تي ايندا هئا، جنهن سبب هن جي هر پاسي واهه واهه ٿي ويندي هئي. ڳالهه نڪتي آهي حسن اڪبر ڪمال جي تخليقي هنر ۽ شاعري جي ته مون کي لڳي ٿو ته ڪاليج جي هن مصروف ترين استاد جي جيڪو عملي ۽ تخليقي طور جهد مسلسل ۾ رهندو هو، سو منهنجي عملي مشاهدي موجب پنهنجي گھرو ۽ سماجي زندگيءَ ۾ به گھڻو مستعد رهندو هو. هڪ ڪليگ ۽ پاڙيسري هجڻ ڪري اسان جا تعلقات ضرور وڌيا هئا پر اهي تعلقات احترام، محبت ۽ اعتماد جي سرحدن ۾ رهي آهستي آهستي پروان چڙهيا هئا. هتي آئون سندس هڪ خوبي جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان ته هن کي پنهنجي ٻارن سان گڏ ٻين جي ٻارن سان به انس ۽ محبت هوندي هئي، هو جڏهن به منهنجي گھر ايندو هو تڏهن هڪ شاپر هٿ ۾ ضرور کنيو ايندو هو، جنهن ۾ منهنجي پنجن ئي ٻارن لاءِ الڳ الڳ پيڪ ٿيل شيون هونديون هيون، هو اهو محبت ڀريو عمل پنهنجي رٽائرمينٽ کان پوءِ به جاري رکيو آيو.
سماجي زندگيءَ جي لحاظ کان حسن اڪبر ڪمال ۾ هڪ وڏي خوبي اها هئي ته هو شاعر هو پر تنهائي پسند ڪو نه هو، آئون سندس والد ميان اڪبر صاحب ۽ سندس والده جي دعائن کان فيضياب رهيو هئس. علم، ادب، فن ۽ تهذيب و ثقافت واري شهر شاهجهان پور سان هنن جو تعلق هو تنهن ڪري عملي طور تي هو مون کي پنهنجي شهر جي شرافت ۽ رويي جا امين لڳندا هئا. مان ٻنهي ڀلي انسانن جي وفات بعد دعائن واري مجلس ۾ شريڪ رهيس، منهنجي نظر ۾ بزرگن کي هنن جي زندگيءَ جي آخري سفر ۾ ڪلهو ڏئي منزل تي پهچائڻ به هڪ وڏي سعادت آهي.
هن جي والدين جي وفات کان پوءِ اسان ٻنهي جي دوستن جا گھرو طور لاڳاپا گھڻو مضبوط ٿيا. علم، ادب ۽ شعر و شاعري هڪ پاسي اسان سماجي طور پاڻ ۾ وياسي اڳتي وڌندا. جيتوڻيڪ هن جو ڪيليبر مون کان گھڻو مٿانهون هو پر هن ان پاسي ڪڏهن نه سوچيو ۽ نه ڪڏهن مون کي اهڙو ڪو احساس ڏياريو، هو انهن ڳالهين کان مٿانهون هو، مان مٿي لکي آيو آهيان ته هو اڪيلائي پسند نه هوندو هو. انچولي سوسائٽي ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ شام جو ڇهين وڳي گھران نڪري مون وٽ ايندو هو. کيس ويهڻ ۽ چانهن جو پڇندو هئس ته چوندو هو ٻاهر ٿا هلي پيون، اسان اڪثر يوسف پلازا ۾ راجا صاحب واري ريسٽورينٽ تي وڃي سيپريٽ چانهن، ڪڏهن چڪن تڪا ته ڪڏهن ڪيڪ بسڪيٽ نوش ڪندا هئاسين. اهڙي طرح ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري گھر روانا ٿيندا هئاسين.
اردوءَ جي ماهوار رسالي ”سيپ“ جي ايڊيٽر نسيم احمد دراني جي آفيس ۽ ان جو گھر واٽر پمپ کان ٿورو پنڌ بلاڪ سورهين ۾ هئا، هو حسن اڪبر ڪمال جو گھاٽو دوست به هو ۽ سندس شعري مجموعي ”خزاں میرا موسم“ ” خوشبو جیسی بات کرو“ مضمونن ۽ ادب تنقيد تي مشتمل ڪتاب ”کمال کے مضامین“ جو ناشر به هو، تنهن وٽ ڪڏهن ڪڏهن وڃي چانهن چُڪو پيئندا ۽ محفلون ڪندا هئاسين. حسن اڪبر ڪمال جي ادبي حلقي جي دوستن يا سينيئر عالمن ۽ شاعرن جو جن جو هو نيازمند هو تن جو تعداد اڻ ڳڻيو هو، محترم جميل الدين عالي، پروفيسر فرمان علي فتحپوري، پروفيسر سحر انصاري، محترم سرشار صديقي، محترم اميد فاضلي، محترم امرائو طارق، مسٽر جليل هاشمي، پروفيسر سعيد نقوي، محترم تاجدار عادل، محترمه ادا جعفري، پروفيسر نسيم نيشو فوز، پروفيسر قيصر امام گيلاني، پروفيسر نعيم علي گوهر، جناب رضي حيدر، پروفيسر مختارالدين، پروفيسر رئيس فاطمه، پروفيسر حسن فاطمه ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل موسيقارن ۽ اهڙيءَ طرح پي ٽي وي جي ڊراما پروڊيوسرن ۽ تعليمي ميدان جي دوستن جو ذڪر ڪرڻ سان هڪ وڏي فهرست جڙي پوندي، جنهن کي درج ڪرڻ مضمون جي تقاضا کان ٻاهر ليکبو.
پنهنجي هن عزيز دوست سان پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۾ به منهنجو ساڻس گڏ وڃڻ ٿيندو هو.
1980ع واري ڏهاڪي ۾ هن دوست جي مرضي هئي ته هو مون کي رائيٽرز گلڊ ۾ آڻي. ان ڏس ۾ هن پنهنجي گلڊ وارن دوستن ۽ انتظاميه سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪرائي، جن مون کي رائيٽرز گلڊ جي ميمبر شپ لاءِ مناسب سمجھندي ڪم کي پروسيس ۾ آندو. ساڳئي سال گلڊ جي ميمبرن ۽ ان ۾ شامل سنڌي ٻوليءَ جي اديبن پروفيسر اياز حسين قادري، پروفيسر نواز علي شوق ۽ پروفيسر فهميده ميمڻ جي صلاح سان مون کي پاڪستان رائيٽرز گلڊ جي انتظاميه ۾ بحيثيت فئنانس سيڪريٽري جي چونڊرايو. هن عهدي تي آئون 1990ع واري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ پنهنجي پي ايچ ڊي جي موضوع تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي غرض خاطر الوداع چيو. حسن اڪبر ڪمال جي صحبت ۽ محبت ۾ رهندي منهنجا لاڳاپا ۽ دوستيون ۽ نيازمنديون پاڪستان جي مڃيل شاعرن ۽ اديبن سان ٿيون.
حسن اڪبر ڪمال ۽ مٿي ذڪر ڪيل دوستن جي هڪ وڏي حلقي ۾ سرگرمين جي لحاظ کان اسان جا ٻه ٽي حلقا هئا جيڪي پنهنجي جداگانه حيثيت سان پنهنجا تعلقات نڀائيندا هئا. ڪاليج واري حلقي جي دوستن ۾ اردو جو پروفيسر قيصر امام گيلاني، انگريزي جو پروفيسر نسيم نيشو فوز ۽ مان سنڌيءَ جو استاد شامل هئاسين. اسان جو هي حلقو پنهنجي پڙهائڻ جي ڪمن ۾ ته يگانو هو پر کاڌي پيتي جي شوق ۾ پنهنجي صحت کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪاليج جي ٻين دوستن کان گھڻو اڳتي نڪتل هو. مهيني جي پهرين هفتي ۾ ڪراچي جي صدر، طارق روڊ، ڊي ايچ اي يا ڪلفٽن جي ڪنهن مشهور هوٽل يا ريسٽورانٽ تي وڃي ماني کائيندا هئاسين.
مانيءَ سان گڏ کيرڻين، ڪسٽرڊ ۽ آئيس ڪريم جو مزو الڳ وٺي گھر موٽندا هئاسين. جن ڏينهن ۾ محترم نسيم دراني ايڊيٽر، رسالو سيپ ۽ رسالو الفاظ ڪراچي ۾ پاڪستان گلڊ جو سيڪريٽري هو تن ڏينهن ۾ گلڊ جو دفتر منهنجي گھر لڳ گھٽيءَ ۾ بلاڪ سترهين فيڊرل بي ايريا ۾ هو. روڊ پار حسن اڪبر به رهندو هو تنهن ڪري اسان گلڊ جي دفتري ۽ شام جو لڳندڙ چوياري جي ادبي سرگرمين ۾ سهنجائيءَ سان شريڪ ٿي سگھندا هئاسين. مان گلڊ جي خزانچي هجڻ جي ناطي پاڻ وٽ پيٽي ڪيش رکڻ جو حامل هئس. شام واري بيٺڪ ۾ جيڪي اديب، دوست يا مهمان ايندا هئا تن جي بسڪيٽ، سموسي ۽ چانهن جو بندوبست به ازراهه ڪرٽسي مان ڪندو هئس. آفيس جي صفائي ۽ هيٺين ڪمن لاءِ هڪ پٽيوالو رکيل هو، جيڪو چانهن تيار ڪندو هو ۽ شرڪاءَ مجلس کي سروس به ڏيندو هو. وري جڏهن متحرم امرائو طارق سيڪريٽري ٿيو ته به منهنجو اهو ڪم جاري رهيو، تنهن بعد محترم سرشار صديقيءَ اختيار سنڀاليا تڏهن به آئون پنهنجا ساڳوڻا فرض ادا ڪندو رهيس.
حسن اڪبر ڪمال جڏهن پنهنجي سروس جا پنجويهه سال پورا ڪيا تڏهن انهن ڏينهن ۾ هن ڪاليج جي ڪجھه دوستن جي حلقي اثر هيٺ اچي حمد، نعت ۽ مدح ۽ منقبت لکڻ شروع ڪيا. سندس ان حلقي ۾ پروفيسر مختارالدين، پروفيسر سعيد نقوي، پروفيسر نعيم علي گوهر ۽ ٻيا شعر سان شغف رکندڙ احباب شامل هئا جيڪي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري حمد و نعت جون محفلون سجائيندا هئا ۽ ڪاليج جي پليٽ فارم تان پڻ اهڙيون محفلون ۽ مجلسون سنواريندا هئا. ان حلقي جي سرگرمين حسن اڪبر ڪمال کي جيڪا سعادت بخشي تنهن جي نتيجي ۾ هن ٻيا شاعراڻا شوق ڇڏي حمد، نعت، مدح ۽ منقبت ڏانهن لاڙو رکيو. ان سلسلي ۾ هن جيڪي حمد ۽ نعت چيا تن تي مشتمل هڪ مجموعو ”التجا“ نالي ڪتاب محترم نسيم دراني جي ترتيب ۽ ان جي اشاعتي اداري طرفان سن 2002ع ۾ ڇپيو. اسان جو هي پيارو ڀاءُ جڏهن حمد و نعت جي مٺڙي دنيا ۾ آيو ته هن ٻي قسم جي شاعري ۽ ٽيليويزن لاءِ نغما ۽ غزل لکڻ گھٽ ڪري ڇڏيا ۽ آهستي آهستي جيئن هن عمر عزيز جي 60ع واري ڏهاڪي ۾ پير پاتو ته پوءِ هو گھڻو تَڻو رب سائين جو قرب حاصل ڪرڻ ۽ عشق نبيﷺ ۾ پنهنجو وقت کپائيندو رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ جولاءِ 2011ع ۾ايڊيٽر حافظ محمد نعمان جي ادارت هيٺ حسن اڪبر ڪمال جي هڪ خاص اشاعت جي روپ ۾ حمد ۽ نعمت جو ڪتاب نالي ”ارمغان حمد“ منظر عام تي آيو. هتي اهو چوندي ڪا هٻڪ نٿي ٿئي ته شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ رهندي ۽ ملي نغمن ۽ ٽيليويزن تي حسن اڪبر ڪمال پنهنجي جيڪا حسن ڪارڪردگي ڏيکاري تنهن کي پاڪستان جي صف اول جي اديبن ۽ شاعرن ۾ آڻي بيهاريو.

ڪراچيءَ ۾ رهندي حسن اڪبر ۽ اردو ادب جي ٻين عالمن، اديبن ۽ تخليقڪارن جو مون تي ڪجھه نه ڪجھه اثر پوڻو هو. لياري ڪاليج ۾ پروفيسر عبدالله جاويد، پرنسيپال ڪلب حيدر ۽ ڪن ٻين ڪاليج جي ڪليگس جي اثر هيٺ مون پنهنجي ڪيل پهرين ترجمي کي ڇپائڻ جي ڪوشش ۾ حسن اڪبر ڪمال جي دوست رضي حيدر سان قائداعظم اڪيڊمي ۾ وڃي مليس. کيس پنهنجو ڪم ڏيکاريم. جنهن مون کي اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر پروفيسر مجاهد صاحب سان ملايو. خاطر مدارت کان پوءِ مجاهد صاحب ڏاڍي سهڻي انداز ۾ سمجھايو ته اڪيڊمي کي تنهنجي هن ڪتاب جي ڇاپڻ جي سلسلي ۾ رنڊڪ اها آهي ته ان ڪتاب جي ليکڪ هيڪٽر بوليٿو تي سرڪار پاران اعتراض واري پاليسي لاڳو ٿيل آهي.
هن مسڪرائيندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان ترجمي جو ڪم ڪرڻ گھرو ٿا ته اسان وٽ ڪم آهي. مسٽر رضي حيدر سان توهان وڃو، هو توهان کي ڪم ڏيندو. هن اڪيڊميءَ ۾ رهندي مون جن ڪتابن جا ترجمان ڪيا تن ۾ تحريڪ پاڪستان، قرار داد پاڪستان ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال جو ڪتاب اقبال نالي سان قائداعظم اڪيڊمي شايع ڪيا. ٽيوشن ڪرڻ بدران مون ان پاسي ڌيان ڏنو. اڪيڊميءَ پاران مون کي محترمه فاطمه جناح جي لکيل ڪتاب ”ماءِ برادر“ جو اردو ترجمو سنڌي ۾ الٿو ڪرڻ جي آڇ ٿي ۽ ان جو معاوضو به چڱو ڀلو پي ڏنو پر اهو ڪم ڇڏي مون پنهنجي ٿيسز لکڻ تي ڌيان ڏنو.
حسن اڪبر ڪمال کي سندس تخليقات جي مڃتا جي سلسلي ۾ ايوارد مليا تن جو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ ته محنت پٺيان ان تي انعام ۽ اڪرام ملڻ تخليقڪار لاءِ هڪ اعزاز آهي. ڪتابن جي تصنيف جي سلسلي ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ هن جو ٻيون به تصنيفون آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. ڪاليج جي شاعري کي ڏسي ان مان ٻارن لاءِ ترجمو ڪري لکيل ناول ”ملاح کا بھوت“ 1969ع ۾ شايع ٿيو. ٻارن لاءِ لکيل هڪ ناول ”چچا خیرو“ 1968ع ۾ ڇپيو. ٻارن لاءِ تحري ٿيل ٽيون ناول ”رستم خان“ هو. مذڪوره مٿيان ٽئي ناول فيروز سنز وارن هن کان لکرايا هئا. 1969ع ۾ شيخ غلام علي اينڊ سنز وارن لاهور مان هن جو هڪ ناول ڇپايو ”آدمخوروں کا جزیرہ“ جيڪو انگريزي جي ڪورل آءِ ليڊ ناول جو ترجمو هو. حسن اڪبر ڪمال کي مڃتا طور جيڪي اعزاز مليا سي هن ريت آهن.
آدم جي ايوارڊ، بهترين نغما نگاري تي پاڪستان ٽيليويزن ايوارڊ، اينگلو عربڪ دهلي ڪاليج ايسوسي ايشن طرفان 1995ع ۾ کيس هڪ شيلڊ علم ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ جي عيوض اعزاز طور ڏني وئي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن پاران حسن اڪبر کي 1997ع ۾ هڪ شيلڊ اڪرام طور پيش ڪئي وئي، جيڪا هن کي نغما لکڻ تي ڏني وئي. هڪ ٻيو پي ٽي وي پاران کيس 1998ع ۾ بهترين نغما نگار جي حيثيت سان ايوارڊ ڏنو ويو. حلقا نياز و نگار واران ساڳئي سال کيس ادب جي خدمتن تي شيلڊ پيش ڪئي. فانوس ادب حلقي وارن به 1995ع ۾ ادب ۽ شاعري ۾ حسن ڪارڪردگي تي کيس شيلڊ ڏني. دهلي ڪاليج انتظاميا به کيس 1999ع تي هڪ شيلڊ اعزاز طور کيس حسن ڪارڪردگي تي پيش ڪئي. 1999ع ۾ اين ٽي ايم ايوارڊ کيس مليو، جيڪو ايس پي ايل اي طرفان بهترين نغمن لکڻ تي پيش ڪيو ويو. اهي سڀ ايوارڊ جيڪي هن کي تخليقي صلاحيتن عيوض مليا تن ملڪ ۽ ماڻهن ۾ هن جو قدر، عزت ۽ احترام وڌايو.
**