شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

سماجي شخصيت، لياقت علي راڄپر

لياقت علي راڄپر جو لاڙڪاڻي جي باشعور، ادبي ۽ سماجي شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. هو هڪ متحرڪ ۽ باخبر ايڪٽيوسٽ هو. خاص طور تي سنڌي صحافت جي دنيا ۾ هن جون ٿيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن.
لياقت علي راڄپر جو ڄم پهرين اپريل 1952ع ۾ ٿيو. پرائمري تعليم جي شروعات لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ باڊهه کان ڪيائين. سندس والد محترم عبدالقادر راڄپر آبپاشي کاتي ۾ ملازم هو، جنهن جي رهائش لاڙڪاڻي شھر جي معروف ڳاڙھي بنگلي جي ڀرسان گهٽي ۾ هئي. نون تڪن جي هن پاڙي ۾ رهائش دوران لياقت علي راڄپر کي انگريزي پڙھائڻ لاءِ ڊي سي اسڪول موڪليو ويو. ان وقت هن اسڪول جو هيڊ ماستر استاد غلام رسول هوندو هو، جيڪو اسڪول جي مڙني شاگردن جي انگريزي سڌارڻ تي گهڻو زور ڏيندو هو. پاڻ به انگريزي زبان جو ماهر استاد هو. پنهنجي ڪلاس ۾ لياقت علي جو ڳاڻيٽو هوشيار شاگردن ۾ ٿيندو هو. سندس دوستي ۽ اٿڻ ويهڻ به پاڙي جي ذھين شاگردن ۾ ٿيندو هو. منهنجي مامي جي پٽ محمد صالح سومري سان لياقت علي راڄپر جي گهڻي لڳندي هئي. ٻئي ساڳي اسڪول ۾ پڙھيا هئا. انهن جي سنگت ۽ اسڪول واري گروپ جا ٻيا به شاگرد هئا. ان جٿي جي شاگردن جي ڏينهن رات اها ڪوشش هوندي هئي ته نصاب جي مقرر مضمونن کان سواءِ جنرل ناليج ۾ اضافو ڪري پنهنجيون صلاحيتون وڌايون وڃن.
لاڙڪاڻي ۾ اهو وقت اهڙو هو جو جن شاگردن کي ڪنهن صورت ۾ ترقي ڪرڻ ڏانهن ڌيان هوندو هو سي ٽائپنگ ۽ اسٽينوگرافي جي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا هئا. لياقت علي کي به اعليٰ سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو شوق هو، سو هن پنهنجي تعليمي استعداد کي وڌائڻ خاطر اسٽينوگرافي به سکي. جيتري قدر مون کي ڄاڻ آھي ته هن سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ پهريون اسٽينوگرافر جي حيثيت سان نوڪري ڪئي. کيس اڳتي وڌڻ جو خيال هو تنهن ڪري سخت محنت سان ڪميشن پاس ڪري ساڳئي کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو.
لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽري واري خوبصورت عمارت جي احاطي اندر گورنمينٽ هاءِ اسڪول کان ايندڙ روڊ لڳ ڪجھ سرڪاري ڪوارٽر ٺھيل هوندا هئا. انهن مان هڪ ڪواٽر ۾ ڊي سي اسڪول ۽ گروپ جي ٻين ذهين شاگردن جي شام جي پهر ۾ گڏجاڻي ٿيندي هئي. هڪ ڀيري منهنجو به اتي وڃڻ ٿيو، جتي مون محمد صالح سومري سان گڏ لياقت علي راڄپر کي ڏٺو هو. ان ڳالھ کي گهڻا سال گذري ويا. 1973ع ۾ نوڪري سانگي آئون ڪراچي شفٽ ٿي ويو هئس. تن ڏينهن ۾ مان فيڊرل بي ايريا مين روڊ تي يوڪي اسڪوائر ۾ رهندو هئس، جتي شام ٺري اسان جي ڪچهري لڳندي هئي. مون وٽ هڪ ڀيري محمد يوسف شيخ آيل هو، اسان گهران نڪري يوسف پلازا ۾ راجا صاحب جي هوٽل تي ويهي چانهن نوش ڪري رهيا هئاسين ته هڪ نوجوان اسان جي ٽيبل جي اڳيان اچي خاموش ٿي بيهي رهيو. جنهن ڏانهن ڏسندي محمد يوسف مون کان پڇيو. ”ڪير آ؟“ مون چيومانس ”توکي ڏسي آيو آ، شايد توسان ملڻ ٿو چاهي.“ هن وراڻيو. ”مان ته ڪونه سڄاڻانس.“ تنهن تي مون چيو ”لڳي ته لاڙڪاڻي جو ٿو، سو پڇئونس ٿا.“ جيسيتائين اسان هن کان ڪجھ معلوم ڪيون هن پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي پاڻ ئي چيو. ”مان ويهان؟" مان چيومانس ”ڀلي“، ڪرسي تي ويهندي هن نوجوان پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو. ”مان لياقت راڄپر آھيان. توهان کي سڄاڻان ٿو، توهان لاڙڪاڻي جا آھيو.“ محمد يوسف چيس، ”ڀلي آئين، پر اهو رومال قميض جي ڪاج ۾ ڪهڙي خيال کان هنيو اٿوَ؟“ ان وقت ئي همراهه رومال ڪاج مان آزاد ڪري هٿ ۾ ڪيو. مون کيس چانهن جي آڇ ڪئي. ”چيائين گرمي آھي“ مون چيومانس ”پوءِ ڪوڪو ڪولا ٿا گهرايون.“ جنهن تي چيائين ”مهرباني.“ بوتل پيئڻ دوران لياقت علي راڄپر پنهنجا تفصيل ٻڌائيندي چيو ”مان اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر آھيان ۽ هتي يوسف پلازا ۾ دوستن سان گڏ رهندو آهيان، سو توهان کي ڏٺم ته ڳوٺاڻا ويٺا آھن، دل سٽ ڏني ته توهان سان ٻه گهڙيون ويهي ڳالھايان.“
ڳالھ آئي وئي، اسان جي ملاقات کي ڪي سال گذري ويا. اسان فيڊرل بي ايريا مان لڏي گلشن اقبال ۾ اچي ويٺاسين، ٿوري فاصلي تي منهنجي ڀيڻ جو گهر ڀياني هائيٽس ۾ هو. هڪ ڏينهن منهنجي سوٽ محمد عمر مون کي نياپو ڪيو ته لاڙڪاڻي مان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري عبدالقادر راڄپر جي گهران وڏي ڌيءُ لاءِ رشتي جي ڳالھ ڪرڻ لاءِ ڪي ماڻھو ٿا اچن، سو تون جلدي منهنجي گهر هليو آ. مان ڀياني هائيٽس پهتس ته اوطاق ۾ مون کي رڳو هڪ ماڻھو نظر آيو. جنهن سان ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر جي حيثيت سان تعارف ٿيو. سلام ڪلام ٿيو، ڊاڪٽر ڪريم جي مرضي هئي ته هو مون سان ڪنهن هوٽل ۾ ويهي پنهنجي اچڻ جو احوال ڪري. مون پنهنجي سوٽ سان صلاح ڪري ان کي اعتماد ۾ وٺي ڊاڪٽر ڪريم کي ڊسڪو بيڪريءَ لڳ آغا جوس سينٽر تي وٺي ويس. ٿڌڪار ۾ ويهي هن پنهنجي ڀاءُ لياقت علي راڄپر جي رشتي جي سلسلي ۾ ڳالھيون ڪيون. اهي ڳالھيون نيٺ وڏن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتيون ۽ لياقت راڄپر جي شادي منهنجي ڀاڻيجيءَ سان ٿي. جنهن مان کيس ٽي نياڻيون آھن، جن کي هن اعليٰ ۽ سٺي تعليم ڏياري آھي.
ڪراچي ۾ رهندي لياقت علي راڄپر پنهنجي دفتري فرض پورا ڪرڻ کان سواءِ صحافت جي ميدان ۾ فري لانسر جي حيثيت ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ رپورٽون، مضمون ۽ مشھور شخصيتن کان ورتل انٽرويوز شايع ڪرائيندو رهندو هو. ان ميدان جا ڪيترا ڪم هن جي فرض کان جيتوڻيڪ ٻاهر هوندا هئا پر لکڻ پڙھڻ جي سلسلي جي ڪيترن ئي اهڙن ڪمن کي هو پنهنجي هابي طور سرانجام ڏيندو هو. ايماندار، نيڪ دل انسان هو. معاوضي طور پئسي پنجڙ جي ڪنهن کان گهر نه ڪندو هو، بس اهو سڀ ڪجھ هو سنگت ۽ دوستيون نڀائڻ لاءِ ڪندو هو. گهڻو وقت ڪراچي ۾ اسان جي ويجهو رهڻ ۽ مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ هو منهنجو ۽ منهنجي ٻارن کان گهڻو متاثر هوندو هو. منهنجا به ٻه انٽرويو ڪيا هئائين، جيڪي انگريزي ۽ سنڌي رسالن ۾ شايع ڪرايا هئائين. آئون به هن سادي طبيعت جي ڀلي انسان جي مزاج ۽ ڪيترين خوبين جي ڪري کانئس گهڻو متاثر هئس ۽ هنجي عزت ڪندو هئس. 2004ع ۾ منهنجي نياڻين ۽ منهنجي سالي جي شادي جي موقعي تي ڪيناڊا جي مشھور اخبار ٽورنٽو اسٽار جي رپورٽر ڪيٿرين پوٽر ۽ ان ساڻ هڪ ڪيمرامين سان هو جيڪي خاص طور منهنجي سالي جي شادي جي خوشي جي موقعن، جش ۽ ثقافتي پاسن جي (اخبار جي پاليسي موجب) ڪوريج ڪرڻ آيا هئا. اها ٽيم اسان وٽ هڪ مهيني کان مٿي رهي هئي. ان موقعي تي مان ڪيٿرين پورٽر کي پنهنجي دوستن سان به ملاقاتون ڪرايون هيون. کيس جڏهن لياقت علي راڄپر جي گهر ملائڻ وٺي وياسين ته ھن به صحافت جي ميدان ۾ ڪيل پنهنجي پورهئي جون سموريون جهلڪيون هن کي ڏيکايون. موٽ تي مون ڪيٿرين کان معلوم ڪيم ته مسٽر لياقت ڪيئن لڳو؟ وراڻيائين، ”ڏاڍو سمارٽ ماڻھو آھي.“
هتي رهندي مون کي لياقت علي راڄپر جي هڪ ٻي خوبيءَ مان واقفيت ٿي، اها هي ته ڪراچي ۾ رهي هو پهريان کان وڌيڪ سوشل ٿي چڪو هو ۽ پنهنجي سهڻي سلوڪ ۽ سهڻي ورتاءَ ذريعي نون دوست جي فهرست ۾ ڪافي اضافو ڪري چڪو هو. انهن سان اڳواٽ پروگرام جوڙي پاڻ وڃي انهن وٽ ڪچهريون ڪندو هو. هن جي اهڙن دوستن ۾ هر قسم جي شعبي ۽ اداري سان تعلق رکندڙ ماڻھو شامل هوندا هئا. ان ڏس ۾ بئنڪر، صحافي، وڪيل، تعليدان، شاعر، پينٽر، فنڪار اديب ۽ ٻين صلاحيتن جا حامل ماڻھو هئا. اهڙن دوستن مان هن جو هڪ دوست يو بي ايل بئنڪ جو مينيجر مسٽر عبدالعليم هو، جيڪو صحافي ڪالوني گلشن اقبال ۾ اسان جي گهر جي بلڪل ويجهو رهندو هو. ان وٽ هن جو ديرو هوندو هو. ٻنهي جي هڪ ٻئي کان سواءِ ڪانه سرندي هئي. ان ڏانهن ويندي يا موٽندي اسان جي گهر جو به ڦيرو ڪندو هو. جن سان هن جي بي تڪلفي هوندي هئي، تن وٽ وڃڻ کان پهريون کاڌي ۾ پنهنجي پسند ۽ فرمائش ٻڌائيندو هو. اهڙي بي تڪلفي سندس عليم صاحب ۽ اسان جي گهر سان هئي، جنهن جو آئون ساکي آھيان. ڇاڪاڻ ته دل ۽ زبان جو ايترو صاف هو جو جڏهن حوالن ۾ ايندو هو ته اهي رمزون هو پاڻ کوليندو هو.
لياقت علي راڄپر ۾ هڪڙي وڏي خوبي اها هئي ته زندگي جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن تائين هو علمي ادبي گڏجاڻين، مجلسن، ڪانفرنسن ۽ ڪتابن جي مهورتن جي محفلن ۾ جي سڏ هوندو هئس ته گهر ۽ آفيس جا ڪم ڇڏي اتي وڃي وقت سارو پڄندو هو. صحافت ۽ ميڊيا جي دنيا جو ماڻھو هو ”سنڌ“ پرائيويٽ چينل تي اهم عهدن تي فرض پئي انجام ڏنائين. جيجيل اخبار ۽ ڪارونجهر ادبي رسالو به سندس ڀاءُ جو هو تن جي هر قسم جي سرگرمين ۾ هي همراهه رڌل رهندو هو. اهوئي سبب هو جو هن کي هر سوشل. علمي ادبي ۽ ثقافتي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ جون جام دعوتون ملنديون هيون. مان سمجهان ٿو ته اهڙي قسم جي سرگرمين ۾ رهندي. سماجي، ثقافتي، صحافتي ۽ ادبي طور تي هن جو ڪيليبر وڌيو هو، منهنجو خيال آھي ته سماج جي طرفان اهو سڀ ڪجھ هن جي اورچائي ۽ سچيتائپ جو قدر ۽ قيمت هو.
گذريل سال گرمين وارن ڏهاڙن ۾ لياقت علي راڄپر پنهنجي والد ميان عبالقادر راڄپر جي طبيعت ناساز هجڻ جو ٻڌي لاڙڪاڻي ويل هو. پر سندس والد ساڳي ڏينهن وفات ڪري ويو، والد جي وفات جي اندوهناڪ واقعي جي اثر، دفن ڪفن جي ڪمن جي نگراني، جنازي ۾ شرڪت ڪندڙن جو خيال رکڻ ۽ ٻين مشقتن سبب لياقت علي راڄپر جي پاڻ طبيعت بگڙي وئي. کيس جلد اسپتال پهچايو ويو، جتي جلد ئي ڊاڪٽرن کيس وينٽيليٽر تي رکيو پر هو جانبر ٿي نه سگهيو ۽ ھن 19 جون 2020ع تي پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو. **