محمد حسن سولنگي (رونڊو)
ڳوٺ بهارپور ۾ به ساڳين ڌنڌن ۽ ذاتين جا ماڻھو رهندا هئا. جيڪي قافلي سراءِ کان بندرگاهه واري علاقي ۾ لاڙڪاڻي جي اڏجڻ وقت رهندا هئا. يعني ميربحر، ميراڻي، ملاح ۽ قلعي جي سامهون ڳوٺ دريش واهڻ ۾ لاڙڪ قوم جا ماڻھو، بهارپور جي چوڌاري جي ننڍن ننڍن ڳوٺن کي پڻ بهارپور جا پاڙا ۽ واهڻ سمجڻ گهرجي. جڏهن ته گهاڙواهه جي بندرگاهه واري علاقي وڌي ويجهي اوج، ترقي ۽ ڪمال حاصل ڪيو. تڏهن اردگرد جي واهڻن، ننڍين وستين ۽ خود بهارپور جي ڪيترن ماڻھن بندرگاهه واري پاسي نقل مڪاني ڪئي هوندي.
قافلي سراءِ تاريخي اهڃاڻن موجب لاڙڪاڻي جو هڪ قديم پاڙو هو پر علي گوهرآباد جنهن جي آبادڪاري ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ ٿي هئي، تنهن جي سرحدي گهٽي ۾ سولنگي ذات جي برادري جا ڳچ کن گهر هئا. ڪيترائي سولنگي به پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ماڇي سڏبا هئا، انهن سولنگين مان جنهن سان منهنجو قرب جو ڳانڍاپو ٿيو، سو هو هڪ غريب ماڻھو، محمد حسن سولنگي (رونڊو) هو. آئون وڏي ڏک ۽ درد وچان اهو عيبائتو لفظ سندس نالي پٺيان جوڙيان ٿو، نه ته اهڙن باوقار ماڻھن جو نالو وڏي عزت سان کڻڻ گهرجي.
پاڙي جي زميندار ۽ امير ماڻھن جي مقابلي ۾ حسن سولنگي جي ڪا حيثيت ڪا نه هئي، ڏسجي ته پنهنجي پر ۽ گهر ۾ هو مسڪين مڇي ماني لائق مس هو. قافلي سراءَ ۽ علي گوهر آباد جي سامهون مقاطعي تي کڄندڙ زمينون هيون، تن مان ڪو پنجن اٺن جريبن جو ٽڪرو حسن به ٺيڪي تي کڻي ڪمند يا واڙي ڪندو هو. پٽ جو اولاد اڃا ٻني ٻاري جي ڪم جي لائق ڪونه هئس. تنهن هوندي به هو ان کي هر ڏياري پوءِ پاڻ اڪيلو هڪ هٿ سان ڪاٺ جي وڏاڻ سان کڙا ڀڃي زمين کي سڌو ڪري واڙي جي لائق بڻائيندو هو. مدي جي بخار جو کريل هو، هڪ ٻانهن ته ڪم کان ويٺل هئس پر هڪ پير ۾ به ٿورو لنگ هئس، جنهن ڪري پنڌ کي چڱي طرح اڪلائي نه سگهندو هو. ٻني جي ڪمڪار مان هٿ ڪڍي گهر وڃي مانجهاندو ڪري شام جو تڙ پاڻي ڪري اڪثر زمين تان ڦيرو ڏئي ايمپائر سنيما واري علاقي، گادن ۽ سراين جي هوٽلن تي متل رونق کي وڃي ڏسندو هو. انسان هو ڪڏهن روح سٽ ڏيندو هئس ته هوٽل جي ٻاهران بئنچ تي ويهي چانهن چُڪو پيئندو هو.
همراهه طبيعت جو تکو هو، ٿوري گهڻي تي بد شد ڳالهائيندڙ ۽ بي ريا ماڻهو هو، تنهن ڪري نه ٻئي ڪنهن جي هن سان لڳندي هئي ۽ نه وري هو ڪنهن سان ڪا ڊيگھ ڪندو هو. اهو زمانو 1969ع جو هو ۽ مان پرائيويٽ طور ايم اي پهرين سال جو امتحان ڏئي رهيو هئس. جنهن هفتي ڪارخاني ۾ رات جي ڊيوٽي هوندي هئي، ان جي ٻئي ڏينهن صبح جو نائين وڳي ٿڌڪار واري وقت ڪتاب کڻي حسن جي ٻني جي وچ ۾ ٺھيل ڪکائين جهوپڙي ۾ وڃي اسٽڊي ڪندو هئس. هي همراهه به نيرن پاڻي ڪري ڏهين وڳي ڌاران ٻني جو چڪر لڳائيندو هو. بس مون سان به ٻه ٽي لفظ ڳالهائيندو هو. ”غلام رسول آيو آھين؟“ مان کيس وراڻيندو هئس ”جي ها“، ”پڙهه، پڙهه.“ بس ايترو چئي هو پاڻي جي واهين جي پاسي پاڻي جي وهڪري کي ڏسڻ لاءِ هليو ويندو هو.
جڏهن سندس واڙي تيار ٿيندي هئي ته پنهنجي هڪ هٿ سان واڱڻ، ڀينڊيون ۽ ساوا بصر وغيره پٽي ويندو هو ۽ ٽوڪرن ۾ وجهندو هو. جيلس بازار مال پڄائڻ لاءِ ماڻھو مزدوريءَ تي رکندو هو. کيتي واڙي جو ايئن ڌنڌو ڪري هو پنهنجا ٻچا محنت ۽ رزق حلال سان پاليندو هو. آئون سندس جھوپڙي ۾ جيستائين ويٺو پڙھندو هئس تيستائين هو اس جي تائيءَ کان بچڻ لاءِ واهي جي ڪڙتي ليسوڙي جي ڇانو ۾ ويٺو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڀر پاڙي جي کجين مان جيڪي وڻ پڪل کارڪون هٿ اينديون هئس ته اچي منهنجي اڳيان رکي چوندو هو. ”غلام رسول کاءُ“ وري چوندو هو ”ڪيسيتائين پڙھندين؟“ وراڻيندو هومانس ”بس ڪلاڪ کن ٻيو ويهندس.“ ڪڏهن ڪڏهن دل جي ڳالھ ڪندي چوندو هو. ”مون وارو پٽ وڏو ٿئي ته توکان پڙھائيندس.“ مان کيس چوندو هئس. ”مون کي ڇاٿو اچي ادا حسن تو وارو مائٽ رضا محمد سولنگي مون کان گهڻو هوشيار اٿئي. صلاح ٿو ڏيانءِ ته هاڻي ئي ان کان پڙھائڻ شروع ڪرينس.“
حسن رونڊو اسان جي پاڙي جو هڪ اهڙو ڪارائتو سماجي ڪردار هو، صحيح ۽ باڪردار ماڻھو کي هو نه رڳو پسند ڪندو هو، پر دل سان ان جي عزت ڪندو هو. جيتوڻيڪ پاڻ هڪ ڄنگھ ۽ هڪ هٿ کان معذور هو پوءِ به پٽي يا ٺيڪي تي زمين جو ٽڪرو کڻي عزت جي روٽي پاڻ به کائيندو هو ۽ پنهنجن ٻچڙن کي به کارائيندو هو. بيشڪ هو جسماني طور عيبدار هو پر سماجي طور هو هڪ ڪارائتو، ڪمائو، باعزت ۽ بلند ڪردار ماڻھو هو.