شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

مولوي عبدالرشيد پيرزادو

1953ع ڌاري اسان جي علي گوهر آباد واري مسلم پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر مولوي عبدالرشيد پيرزادو هوندو هئو. نهايت خوش اخلاق، سنجيده ۽ فهم و فراست وارو انسان هو. مسلڪ جي لحاظ کان علماءِ ھند ديوبند وارو نظريو رکندو هو. ذھني طور تي هند ۽ سنڌ جي سياست ۽ مذھبي تحريڪن سان دلچسپي رهي هئس. ڏسجي ٿو ته جواني واري زماني ۾ هو عبيد اللہ سنڌي جي خيالن تي هلندو هو ۽ ريشمي رومال تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ جو حامي رهيو هو. سائين عبدارشيد پيرزادي جو شمار بهترين استادن ۾ ٿيندو هو. عملن ۽ طبعن سخت محنتي انسان هو پر ديني و مذھبي معاملات ۾ نرم دل و نرمخو هوندو هئو. پاڙي جي اڇي مسجد عرف عام ۾ سائين وڏي واري مسجد سڏبي هئي. پاڻ هن مسجد جو پيش امام ۽ مدرس اعليٰ هوندو هو. ان زماني ۾ آئون اسڪول ۾ به سندس شاگرد هوندو هئس. مسجد ۾ منهنجي قرآن شريف ناظران جي شروعات سائين جن جي هٿان ٿي. استاد فيض محمد سيال به ان وقت اڇي مسجد ۾ سائين عبدالرشيد جو معاون هوندو هو. بعد ۾ جڏهن هو پنهنجي گهر جي ڀرسان گادن جي املاڪ مٿان تعمير ڪيل مسجد ۾ پيش امام و مدرس مقرر ٿيو تڏهن ڪي شاگرد گهر جي ويجهي هجڻ ڪري سائين فيض محمد واري مسجد ڏانهن پڙھڻ هليا ويا.
مولوي عبدالرشيد صاحب ٻھراڙي جو ماڻھو هو، سندس ڳوٺ دودو سنهڙي هو، جيڪو سنڌو نديءَ جي ويجهو مشھور ڳوٺ عاقل خالد جي ڀرسان هو. سندس وڏا مالوند ۽ ديني خدمتگار هوندا هئا. جڏهن شھر ۾ آيو ته ڍور ڍڳي پالڻ جو شوق جاري رکندو آيو. خاص ڪري ڳئون پاليندو هو. سندس گهر اسڪول جي بلڪل آمهون سامهون هوندو هو پر گهر جي گهٽي سوڙھي هجڻ ڪري ڳئن کي اسڪول جي پڌر تي ڪلاس پهرين جي دري جي لوهين شيخن سان ٻڌندو هو. ڳئن کي چارو ۽ گاهه پٺو پنهنجي هٿ سان تيار ڪري کارائيندو هو. جيتوڻيڪ سندس پٽ مشتاق احمد ۽ بشير احمد جوان هئا پر هو پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو هو. سندس عمر عزيز سٺ جي قريب پهچي چڪي هئي پر تڏهن به ڦڙت لڳندو هو.
استاد محترم عبدالرشيد هڪ با شعور ديني ۽ علمي گهراڻي جو چشم و چراغ ھو. سندس وڏو ڀاءُ به عالم فاضل ھو ۽ علي گوهر آباد جي هڪ مسجد ۾ نماز پڙھائيدو هو. سندس هڪ ڀاءُ جو شمار لاڙڪاڻي جي معروف ماڻھن ۾ ٿيندو هو. جنهن جو ذڪر علي محمد راشدي ۽ حسام الدين راشدي صاحبان پنهنجن تذڪرن ۾ ڪيو آھي. آئون سيؤ بازار ۾ سٽي ريلوي بڪنگ آفيس جي سامهون قاضي عبدالمنان وڪيل جي بنگلي تي پنهنجي سوٽ محمد عمر سان ملڻ ويندو هئس جيڪو ان وقت قاضي عبدالمنان وڪيل جو منشي هوندو هو. مان شھر جي مشھور درزي حاجي درزي پيرزادي سان جهڪي سلام ڪرڻ جو موقعو هٿان نه وڃائندو هئس.
قاضي عبدالمنان جي بنگلي جي در جي لڳولڳ سندس دڪان هو. حاجي درزي پيرزادو حاجي هو الائي نه ان جي سڌ ڪانه هيم پر هو هڪ باڪمال شخصيت جو مالڪ هو. مون کيس درزڪي هنر ۽ ڪم جي باري ۾ ڳالهائندي گهٽ ڏٺو پر مون هن کي پهرين ۽ ٻئين مهاڀاري جنگ، علماءِ ھند جون تحريڪون. مارڪسي نظريا، هندوستان جو ورهاڱو ۽ ان جي اثرن تي گفتگو ڪندي ڏٺو. منهنجي نظر ۾ هو فهم ۽ فڪر سان گڏوگڏ سماجي آدرشن جو مالڪ پڻ ھو. هڪ لحاظ کان مون کي اهو شرف حاصل آھي ته مون پنهنجو پهريون زين جو سوٽ (پتلون) کانئس سبرايو هو. تنهن بعد سندس ڀائٽي سان عليڪ سليڪ ۽ ڪپڙن سبرائڻ جو سلسلو جاري رهيو. حاجي درزي پنهنجي دڪان تي رڳو ڪپڙن جي ڪٽائي ڪندوهو. ان وقت مون کي اها خبر ڪا نه هئي ته حاجي صاحب مولوي عبدالرشيد پرزادي جو سڳو ڀاءُ آھي.
حاجي درزي صاحب مون کان منهنجي پڙھائي جي باري ۾ پڇندو رهندو هو ۽ همٿائيندو رهندو هو ته مان پنهنجي تعليمي استعداد کي وڌايان پر سندس ٻين خيال جن جو هو پرچار ڪندو هو ۽ نوجوانن جي ذھنن ۾ انهن کي منتقل ڪرڻ چاهيندو هو تن جي معاملي ۾ مان کانئس ٿوري ٽھندو هئس. ڇاڪاڻ ته هو مارڪسي خيالن جو پرچارڪ هو. منهنجو سوٽ محمد عمر مون کي چوندو هو ته حاجي صاحب وٽ گهڻو نه ويندو ڪر ته هو توکي ڌهريو نه ڪري ڇڏيئي.
سائين مولوي عبدالرشيد جي مسجد ۾ سندس دعوت تي مسجد جي شاگردن جي ديني و مذھبي ڄاڻ ۽ اسلامي خيالن جو استعداد وڌائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مولوي عبدالرشيد صاحب محترم مولانا جان محمد عباسي کي گهرائيندو هو. مولانا جان محمد عباسي صاحب نهايت عمدگي ۽ احسن طريقي سان مسجد جي ٻارڙن ۽ نمازن جي آڏو پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندو هو ۽ نمازي ۽ طالب علم کانئس گهڻو متاثر ٿيندا هئا.
1965ع ڌاري پنهنجي معمول مطابق سائين غلام اللہ شيخ ۽ پنهجن ڪالج جي دوستن بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف شيخ ۽ غلام سرور شيخ سان پاڪستان چوڪ جي معروف ڪيفي المدينه تي شام جو چانهن پيئڻ ويندو هئس ته ان هوٽل تي سائين عبدالرشيد سان به ملاقات ٿيندي رهندي هئي. مولوي عبدالرشيد صاحب جو اهو معمول هو ته هو رڳو کير پتي واري پوڻيان چانهن جو ڪپ گهرائيندو هو ۽ نهايت مزي ۽ اطمينان سان چانهن جون چسڪيون ڀريندي پاڻ سان گڏ آندل اخبار جو مطالعو ڪندو رهندو هو.