پروفيسر غلام الله شيخ
سائين غلام الله شيخ ٻهڳڻي شخصيت جو مالڪ هو، اسڪول واري زماني ۾ پڙهائي ۽ زائد نصابي سرگرمين لاءِ شاگردن کي تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ اسڪول ۾ جيڪي معروف استاد هوندا هئا تن ۾ سائين جو شمار ٿيندو هو. اهڙين صلاحيتن جي بنياد تي اسڪول ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلا، نعت، ميلاد پڙهڻ توڙي ڊرامن ۾ حصو وٺڻ دوران شاگردن جي نه رڳو هو رهنمائي ڪندو ۽ ڊائڪريشن ڏيندو هو پر گھڻن ڊرامن جو موسيقي جي مرحلن ۾ ڊرامي جي انچارج استاد عبدالله مڪاني جو منچ تي اچي ڀرپور ساٿ ڏيندي نظر ايندو هو. استاد محترم پنهنجي پر ۾ هڪ بهترين ۽ سريلو ڳائڻو پڻ هو. اسان هن جي اهڙي گڻ کي اسڪول جي منچ ۽ لاڙڪاڻي جي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي افتتاح جي تقريب واري ڏينهن اسٽيج تي ڳائيندي ٻڌوسين. سائين غلام الله ۽ اسان جي سٿ جو ساٿ عمر ڀر قائم رهندو آيو اهي. اسان سندس مٺڙي ۽ سريلي جھونگار سڄي عمر ٻڌندا رهيا آهيون.
سائين غلام الله اسڪول جي لائبريري جو انچارج هوندو هو، سڄي لائبريري اڪيلي سر سنڀاليندو هو. اسان شاگردن ۾ نصاب جي ڪتاب کي پڙهڻ کان سواءِ ٻين ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جو شوق جاڳايو هئائين. مان جڏهن چوٿين درجي ۾ آيس ته فري پيرڊ ۾ لائبريري ۾ وڃي دنيا جي عالمي تاريخ جو ڪتاب سائين جن کان اشو ڪرايو. ڪتاب منهنجي هٿ ۾ ڏئي چوڻ لڳو پڙهي سگھندين؟ مون کيس وراڻيو سائين ڪوشش ڪندس.
اسڪول واري زماني جون سائين جن جون گھڻئي ڳالهيون ذهن تي تري اچن ٿيون. سائين غلام الله رومي، شاهه ولي الله، امام غزالي، ابن خلدون، شيخ سعدي، علامه اقبال، حافظ شيرازي، عطار، عمر خيام ۽ ٻين ڪيترن ئي اوڀر ۽ وچ اوڀر جي مذهبي ۽ مستشرقين شاعرن، فلسفين ۽ ڏانهن جي ادب ۽ علم جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو. سائين انهن جا اثر به قبول ڪندو هو، جيڪي هن جي لب ۽ لهجي ۽ سندس عملي زندگيءَ مان ظاهر ٿيندا هئا. هڪ ڀيري سائين اسلامي حيات زندگي تي ڪنهن ڪتاب جو مطالبو ڪيو، جنهن جو مٿس گھرو اثر ٿيو. هڪ ڏينهن سائين ٽيون پيرڊ وٺڻ لاءِ ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته سائين جن جو نئون روپ ڏسي اسان شاگرد دنگ رهجي وياسين. ڇا ڏسون ته استاد محترم کي هڪ اڇي رنگ جو ڊگهو جامو زيب تن آهي، مٿي تي اڇو پٽڪو اٿس، هڪ هٿ ۾ ڊگھي عصا ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪو ديني ڪتاب. سائين سلام ڪري ڪرسي تي براجمان ٿيو. عصا کي ڀت سان ٽيڪي رکيائين ۽ ڪتاب کي ميز تي رکيائين. ڪلاس جا مڙئي شاگرد سائين جن جي نئين گيٽ اپ تي محو حيرت هئا. اهري صورتحال تي ٻن شاگردن ڏند شيڪ ڪئي پر سائين جن وڏي بي نيازيءَ سان پنهنجو ڪلاس وٺڻ شروع ڪري ڏنو. ڏينهن ٻن گذرڻ کان پوءِ اسٽاف روم جي ٻاهران سائين غلام الله پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي ڪاريڊور مان گذريو ۽ اهو پئي چوندو ويو ته مون سان چرچو ڪرڻ وارو خوش رهي نه سگھندو. هن منهنجي هڪ عصا لڪائي آهي، مان سڀاڻي ٻي کڻي ايندس، جي منهنجي ٻي عصا به چورائيندا ته مان ٽين کڻي ايندس. مون کي پنهنجي ارادي کان ڪوئي موڙي نٿو سگھي. قصو ڪوتاهه ٿورڙي عرصي بعد هڪ ڏينهن ڏٺوسين ته استاد محترم ڪلين شيو لڳو پيو هو ۽ پينٽ شرٽ پايو هٿ ۾ ڪتاب کنيو اچي ڪلاس روم ۾ ويٺو ۽ پنهنجو ڪلاس وٺڻ شروع ڪيائين.
اسان جو چوٿين درجي جو ڪلاس ڊرائنگ هال جي پويان لائبريري جي ڀرسا هو. رسيس مليل هئي، شاگرد شيون وٺڻ لاءِ جيئن ڪلاس روم کان ٻاهر نڪتاسين ته سائين غلام الله هنڊا ففٽي تي چڙهيو وڏي واڪ چوندو پي آيو”پري ٿيو ڇورا پري ٿيو، موٽر سائيڪل کي بريڪ نٿي لڳي.“ سائين جي اهڙي پريشان ڪن حالت ڏسي اسان رستو ڇڏي ڀڄي پري ٿياسين. جھٽ پلڪ ۾ ڏٺوسين ته سائين جي موٽر سائيڪل وڃي ڊرائنگ هال جي آخري پلر ۾ لڳي، سائين ڪپڙا ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو پر موٽر سائيڪل اڃا به اسٽارٽ لڳي پئي هئي. ڏينهن ٻن کان پوءِ خبر پئي ته سائين پنهنجي وڏي ڀاءُ حسن الله شيخ جي موٽر سائيڪل کڻي آيو هو ۽ کيس ان کي هلائڻ جي اڃا ڪا خاص پريڪٽس ڪانه هئي.
1967ع جي گرمين جا ڏينهن هئا، اسان سڀئي دوست گريجوايشن ڪري چڪا هئاسين. سائين غلام الله جي مرضي ۽ سهڪار سان قائم ڪيل سنڌي سڄڻن سٿ جي ساٿين سائين جي صلاح تي لاهوري محلي ۾ ريگيوليٽر وٽ پڪنڪ جو پروگرام رکيو. اسان رائيس ڪئنال کان پرينءَ ڀر پنج پل جي اوڀارين ڀڪ وٽ ڦٽل گھاڙ واهه جي ڀرسان گيدوڙي جي وڻ لڳ وڃي پڙاءُ وڌوسين. پاڻ سان آندل ڦراسيون وڇائي ان جي وٽ تي پاڻيءَ جو دلو ڀري رکيوسين. زمين ۾ چڱي ڀلي کڏ کوٽي ان ۾ انب ۽ ڏنگ ڏوڪا ۽ آلو بخارا رکي مٿان برف وجھي ڳوڻ سان ڍڪي ڇڏيوسين. پاڻي ۾ تڙڳي جڏهن ٿڪياسين، تڏهن ماني ۽ فروٽ کائڻ لاءِ وقفو ڪيوسين. مون کي هن وقت تائين سائين جي اها ڳالهه ياد رهي آهي ته ان موقعي تي هن مون کي دلي مان پاڻي ڀرڻ لاءِ چيو، مون کيس پاڻي ڀري ڏنو، ان کان پوءِ مون پنهنجي لاءِ ڀاڻي ڀرڻ وقت پنهنجا ٻئي گوڏا زمين تي جھڪائي دلي مان ڀريل پاڻي جو وٽو ساڳيءَ جھڪيل پوزيشن ۾ ويٺي پيتو ته سائين کي اهو منهنجو پاڻي پيئڻ وارو انداز اهڙو وڻيو جو سڀني دوستن جي سامهون چيائين ته جڏهن آئون پنهنجو ناول لکندس ته توکي ان جو هيرو بڻائيندس.
محترم سائين غلام الله شيخ وڏين صلاحيت جو مالڪ هو. حققتن هو وڏو مضمون نگار هو، بي اي جي امتحان ۾ سنڌي ۾ هڪ مضمون لکيو هئائين. ان مضمون ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي، سڃي سنڌ ۾ مڃتا طور کيس خصوصي انعام سان نوازيو هو. خطابت ۽ تقرير جي معاملي ۾ پڻ ڀڙ هو. اسٽيج تي ڪمپيئرنگ ڪرڻ به سندس ڏائي هٿ جو کيل هو. سندس لکيل ڪجھه مضمون اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبا هئا پر لکڻ پڙهڻ ۾ سائين جا ويرا هوندا هئا ۽ لکڻ جي معاملي ۾ سست واقعي هو. منهنجي خيال موجب ان جو سبب سندس بدلجندڙ خيال ۽ نظريا هئا. بي شمار موضوعن تي هڪ ئي وقت مطالعي جي ڪري سندس خيالن ۾ مونجھارو جنم وٺندو هو. اولانهين ملڪن جي فڪر ۽ فلسفي جي اونهي مطالعي سبب سندس فڪر ۽ نظر ۾ ڦيرڦار ايندي هئي. سائين جي اهڙي ڪيفيت وقت جڏهن اسان پنج گانه پڙهندا هئاسين ته سائين چوندو هو، توهان نمازون ته پڙهو ٿا پر اهي عادتن پيا ٿا پڙهو، جنهن ۾ ايمان، عقيدي ۽ روحانيت واري شڪتي ڪانهي. چوندو هو نماز پڙهڻ جو حقيقي فائدو تڏهن ملندو جڏهن ان ۾ محض عادت جو دخل نه هجي. سائين غلام الله کي مطالعي جي عادت ايتري هقدر هوندي هئي جو هڪ نه هڪ ڪتاب هميشه هن جي هٿ ۾ هوندو هو. پاڪستان چوڪ تي ڪيفي المدينه (پراڻو) تي شام جي پهر اچي ويهندو هو. محمد يوسف شيخ، بشير احمد شاد، محمد يوسف لغاري، غلام سرور شيخ، محمد ايوب سولنگي ۽ مان ساڻس اچي ملندا هئاسين ته اسان سائين کي ڪتاب جي مطالعي ۾ محو ڏسندا هئاسين. جڏهن سنگت جي ڪچهري ٿيندي هئي تڏهن محترم وڃي ڪتاب کي ٺپيندو هو. ان زماني ۾ سائين جن کي ويسورو به گھڻو هوندو هو. پاڻ سان آندل ڪيترائي ڪتاب ڪٿي نه ڪٿي وساري ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجيون قيمتي قراقلي ٽوپيون به ان ويسوري جي ور چڙهي وينديون هيون.
6019ع واري ڏهاڪي جي وچ واري عرصي ۾ ملڪ جون واڳو زبردستي کسي چيف آف آرمي اسٽاف محمد ايوب پنهنجي قبضي ۾ ڪيون. هن پنهنجي اقتدارکي ڊيگھه ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ بنيادي جمهوريت جو ڊرامون رچائيندي ملڪ ۾ نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي اعلان کان پوءِ ملڪ ۾ اليڪشن جون تياريون شروع ٿي ويون. اليڪشن ڪرائڻ واري عملي کي تربيت ڏيڻ جي سلسلي ۾ ملڪ ۾ مختلف جاين تي تربيتي مرڪز قائم ڪيا ويا. انهن مرڪزن ۾ بنيادي جمهوريت تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ لائق ۽ قابل استادن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. ڪراچي واري مرڪز تي سائين غلام الله شيخ جي مقرري ٿي. سائين سٿ جي مڙني دوستن اڳيان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ۽ اها به صلاح ڪئي ته آهي ڪو توهان مان جيڪو ٽن ڏينهن لاءِ ڪراچي گڏجي مون سان هلي. سنگت مان ڪنهن به حامي ڪانه ڀري. تنهن هوندي به سائين مون کي پاڻ سان هلڻ لاءِ چيو، مون سندس حڪم جي تعميل ڪئي. تڪڙ ۾ سنبرندي مون پنهنجي گھروارن کان ۽ ڪارخاني مان موڪل ورتي.
ٻئي ڏينهن رات جي ماني کائي آئون سائين سان وڃي جناح باغ ۾ مليس جتي اسان جي سٿ جي روزانو ڪچهري ٿيندي هئي. بولان ميل تي ڪراچي وڃڻ لاءِ مسافرن کي سوير بولان ميل سان لاڙڪاڻي مان لڳندڙ گاڏن ۾ ويهڻ لاءِ سيٽون هٿ ڪرڻ لاءِ اڳواڻ وڃي ويهڻو پوندو هو.
رات جو اڍائي وڳي ڌاران اسان جو ڪراچي ڏانهن سفر شروع ٿيو. ريل جڏهن مانجھند ٽپي اڳتي هلي ته سائين پاڻ سان آندل ٿامس هارڊي جي ناول ٽيس آف دي ڊي اربير وليز جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. ريل جي بوگي جي درين مان ٿڌڙي هوا جا تيز جھونڪا اچي رهيا هئا، منهنجي به ان وقت اک کلي هئي. بوگي ۾ گھڻا مسافر گھور ننڍ ۾ پيا هئا، ڪنهن سمي دري مان هڪ اهڙو زبردست هوا جو جھوٽو آيو جنهن سان سائين غلام الله جي مٿي تي رکيل نماز واري ٽوپي دري کان ٻاهر نڪري وئي.
سائين مون ڏانهن ڏسندي چيو ڏٺئي هي ڇا ٿيو؟ مون وراڻيو، سائين اهو هوا جو ڪمال آ. هيڏي هوڏي ڏسي سائين ماٺ ڪري پنهنجي مطالعي واري ڪرت کي لڳي ويو. بولان ميل تکي رفتار جي ريل هئي. سا صبح جو يارهين وڳي ڪينٽ اسٽيشن تي پهتي. سائين کي بريف ڪيس هو ۽ مون کي هٿ ۾ ڳٺڙي هئي. جنهن ۾ ڪپڙن جو هڪ وڳو ۽ ڏندن کي صاف ڪرڻ لاءِ نم جا ٻه ٽي ڏندڻ ۽ پڙهڻ لاءِ هڪ ٻه نصابي ڪتاب رکيل هئا. ٽيڪسي ۾ صدر پهچي سلاطين هوٽل جي سامهون واري روڊ تي انٽرنيشنل هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرايوسين. ٻه ٽي ڪلاڪ آرامي ٿي شام واري پهر ۾ بوهري بازار ۽ ويجھڙ وارين صدر جي بازارين ۾ چڪر ڏناسين، سائين غلام الله جو شوق گھڻو تڻو ڪتابن سان هوندو هو، سو ريگل سينيما وٽ ٿامس اينڊ ٿامس ڪتاب گھر تي ڪلاڪ کن ڪتاب چڪاس ڪيائين. جيڪي وڻيس انهن مان ٻه ڪتاب خريد ڪيائين، اتان وري ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ رستي تي لڳل ڪتابن جي شيلفن ۾ پئي ڪتابن کي ڦولهيائين. اتان مشهور انگريزي ليکڪ چارلس ڊڪن جو ناول ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ هٿ آيس، جيڪو سٺي ڊسڪائونٽ تي خريد ڪيائين. رات جي ماني کائي سائين اچي ڪتابن جي ورق گرداني شروع ڪئي، مون کي ننڍ پئي آئي سو مان سمهي پيس.
ٻئي ڏينهن سائين سوير اٿي ٺهي سنڀري ويٺو ۽ بيري کي ناشتي جو آرڊر ڪندي مون کي اٿاريائين. ناشتو پاڻي ڪري سائين پاڻ سان آندل جمهوريت تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ڪتاب کڻي ڪمشنر آفيس روانو ٿي ويو. ٻاهر ويندي چيائين ڪاڏي پري نڪري نه وڃجان، شيڊيول موجب سائين جا ٽي ڏينهن ليڪچر رکيل هئا جيڪي ڪنهن سبب ڪٽ ڪري ٻن ڏينهن ۾ پورا ڪرايا ويا. اسان موقعي جو فائدو وٺندي هڪ ڏينهن چڙيا گھر گھمياسين ۽ گھر جي لاءِ شي شڪل ورتيسين، ايئن گھمي ڦري ساڳئي بولان ميل تي لاڙڪاڻي موٽي آياسين.
سائين غلام الله شيخ سان گڏ سفر ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦڙڻ ۾ سائين جي مزاج، سڀاءَ ۽ روين جي اسٽڊي ٿي. لاڙڪاڻي ۾ رهندي ورهين جا ورهيه سائين جي صحبت ۾ رهي اسان دوستن زندگي جي اونچ نيچ ۽ ڏک سک وارن پاسن کان چڱيءَ طرح واقفيت حاصل ڪئي. سائين اسان مڙني دوستن جا اخلاق سنواري اسان جي ڪردارسازي ۽ شخصيت سازي ڪئي. تعليم جي حصول لاءِ نصابي ڪتابن جي مطالعي جو ڏانءُ ڏنو ۽ عادت وڌي. هن زندگيءَ ۾ سٺيون عادتون ۽ سهڻا رويا اختيار ڪرڻ ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو، مطلب ته زندگيءَ ۾ پنهنجي حقن جي ويڙهه وڙهڻ جي اسان ۾ صلاحيت پيدا ڪئي. اها هڪ حقيقت آهي ته هن جي علم، ادب، دين، فلسفي ۽ سماجي زندگي جي گھڻن پاسن تي ڏنل معلومات مان اسان گھڻي ڀاڱي پنهنجي زندگي کي سنوارڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.
سائين غلام الله شيخ اسڪول سيڪشن مان ترقي ماڻي ڪاليج سيڪشن ۾ آيو. سندس پوسٽنگ پنهنجي اباڻي ڳوٺ قمبر ۾ ٿي. قمبر ۾ ان وقت گورنمينٽ جو نئون ڪاليج کليو هو. ڪاليج وڃڻ لاءِ پهريون روزانو اچ وڃ ڪندو هو پر ستت ئي قمبر ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري اوڏانهن شفٽ ٿي ويو. اسان کي سڪ لڳندي هئي ته بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ ۽ مان قمبر وڃي وٽس مهمان ٿيندا هئاسين. رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ سندس لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ بدلي ٿي ۽ اتان ئي سائين جن رٽائر ٿيا. سندس پٽ جڏهن جوان ٿيا ۽ انهن کي ڪراچي ۾ نوڪرين سانگي وڃڻو پيو ته سائين غلام الله به ڪراچي لڏي آيو. قدرت جو ڪيو جو ڪراچيءَ ۾ اسان هڪ ئي بلڊنگ صائمه پرائيڊ ۾ رهنداهئاسين. جتي اسان جون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. ان عرصي ۾ به اسان جا تعلقات هميشه مٽن مائٽن ۽ ڀائرن جھڙا رهيا. سائين 1975ع ۾ منهنجي شادي ۾ سنگت سٿ سميت ڪراچي اچي شريڪ ٿيو هو.
حقيقت ۾ اها منهنجي وڏي خوش نصيبي هئي. هاڻي اسان هتي هڪ ٻئي جي ڌيئرن ۽ پٽن جي شادي مرادي جي موقعن تي ساٿ ڏيندا آهيون، ڪراچيءَ ۾ رهندي ڪجھه وقت اڳ سائين کي ڪمزوري جي شڪايت رهي هئي. رمضان شريف جي ميهيني ۾ مان سائين جي گھر افطاري کڻي ويندو هوس. هڪ ڏينهن زوريءَ ويهاري چيائين ته ويهه ته روزو گڏجي ٿا کوليون.
سائين جي حڪم جي تڪميل ڪندي ساڻس گڏجي روزو کوليو، سج لٿي جي نماز لاءِ لائونج ۾ جاءِ نمازون وڇايون ويون. وضو ساري جڏهن نماز لاءِ صف ٻڌي سين تڏهن مون کي سائين چيو ته غلام رسول نماز تون پڙهاءِ. مون سائين جي حڪم جي بجا آوري ڪندي نماز پڙهائي. سائين جو ڏنل امامت وارو اهو اعزا مون کي مرڻ گھڙيءَ تائين ياد رهندو.