شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“

بشير احمد ”شاد“ دوستن جو دوست پر منهنجو پيارو ڀاءُ آهي، منهنجو هي مٺڙو ڀاءُ محبت جو مجسمو آھي. منهنجي زندگيءَ جو اهو ڏينهن منهنجي لاء خوشنصيبيءَ جا خزانا کڻي آيو هو، جڏهن هن منهنجي طرفان ڏنل دوستيءَ جي دعوت کي قبول ڪيو هو.
لاڙڪاڻي جي علي گوهرآباد محلي ۾ سنڌي مسلم پرائمري اسڪول جيڪو سائين وڏي عبدالرشيد جي نالي سان مشھور هو تنهن جي اوڀر پاسي مهيسر گهٽي ۾ هن دوست جو گهر هو. اسان جي ٻاروتڻ جو دوست محمد نواز مهيسر عرف قينچي باڪسر هن جو پاڙيسري هو. جيڪو باڪسنگ سان گڏ لکڻ پڙھڻ ۾ وڏو هوشيار هوندو هو. اسان جي پاڙي ۾ بشير احمد نئون آيل هو. سنڀران ٿو ته هو شڪارپور مان 1956ع ڌاري پنهنجي والدين سان لڏي اسان جي پاڙي جي هردلعزيز ڊاڪٽر عبدالڪريم تنيي جي گھر ۾ اچي رهيو هو، جيڪو سندس ماسڙ هيو. بعد ۾ انهيءَ جي ڀرواريءَ جاءِ ۾ اچي رهيو.
بشير احمد شاد شڪارپور ۾ جيڪو زندگيءَ جو عرصو گذاريو ان ۾ قابلِ ذڪر هن جي تعليم جو مرحلو آھي. هونئن زندگيءَ جي گذر سفر جي ڪهاڻي ۾ پنهنجي پيءُ سان قدم قدم تي ساٿ ڏيڻ به اسان جھڙي مسڪينن کي ورثي ۾ ملندو آھي. بشير احمد شاد به پنهنجي ننڍي وهيءَ واري زماني ۾ پنهنجي والد محترم درمحمد پٺاڻ سان ٻانهن ٻيلي ٿي هن جي ڪرت ۽ ڪم ۾ هٿ ونڊايو. پاڻ پٺاڻ قبيلي جا هئا. سندن پٺاڻ قبيلي سان ڳانڍاپو هجڻ جي تصديقي معاملن جي سلسلي ۾ مون کي کوجنا جو شوق اڌ صدي کن اڳ جاڳيو هو. آئون پنهنجي دوست عبدالعزيز سومري وٽ شڪارپور ايندو ويندو رهندو هئس جنهن سان منهنجي دوستي به بشير احمد جي معرفت ٿي هئي. هو 1965ع جي زماني ۾ علي ٽيڪسٽائل مل سنڌ سمال انڊسٽري ۾ منهنجي صلاح ۽ ڪوٺ تي وارپ نٽنگ جو ڪم سکڻ آيو هو تنهن کان پوءِ ھن سان منهنجا فيملي ٽرمس شروع ٿيا، جيڪي اڄ تائين قائم آھن. بشير احمد جي ابتدائي زندگي جي ڄاڻ لاءِ شڪارپور ۾ عبدالعزيز سومري کان سواءِ ٽي ٻيا به دوست هئا، جن بشير احمد جي شڪارپور واري زندگيءَ تي روشني وڌي. عبدالعزيز سومري جي پاڙي نبي شاهه محلي جو دوست عبدالستار سومرو هو جنهن سان پڻ 1965ع واري زماني ۾ منهنجيون ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. اهو دوست به هڪ بهترين ۽ نهٺي سڀاءَ جو انتهائي پيارو ماڻھو هو، جنهن سان زندگي وفا نه ڪئي ۽ جواني ۾ ئي وفات ڪري ويو. تنهن سان به بشر احمد جا ٻالڪپڻي کان قرب ۽ محبت جا ڳانڍاپا هئا. اهو دوست ته بشير احمد جي سهڻي سڀاءَ ۽ پيار ڀري ورتاءَ تي ٻلھار ٻلهار پيو ويندو هو ۽ بشير احمد ’شاد‘ جي ٻالڪپڻي، تعليمي سلسلي توڙي هن جي ابتدائي زندگي جي دوستي جي باري ۾ گهڻو ڪجھ بيان ڪندو هو.
شڪارپور جو منهنجو هڪ ٻيو دوست هو مير محمد پٺاڻ. شڪارپور ۾ جوانيءَ واري زماني ۾ جن سان دوستيون ٿيون، سي انتهائي درجي جا پيارا ماڻهو هئا. مير محمد پڻ انهن مان هڪ هو، اهو به سومرن جي پاڙي نبي شاهه کان ڪجھ پرڀرو صدر پاڙي ۾ رهندو هو. پيشي جي لحاظ کان ڪپڙي جو واپاري هو، سندس دڪان شڪارپور جي مشھور ڍڪ بازار ۾ هوندو هو. ان زماني ۾ جڏهن به اسان جو شڪارپور جو ڀيرو ٿيندو هو ته هو اسان کي پاڻ وٽ رهائيندو هو ۽ هو جڏهن به پنھنجي سڪ لاهڻ لاءِ بشيراحمد وٽ لاڙڪاڻي ايندو هو ته منھنجي آشياني تي پڻ قربَ جا پير پائيندو هو. بشير احمد جي شڪارپور واري زندگيءَ واري زماني بابت هو ٻڌائيندو هو ته بشير احمد طبعاً نهٺو، پيارو، پڙھڻ جو تکو ۽ محنتي هو. منهنجو اهو تجربو رهيو آهي ته شڪارپوري پنهنجي دوستن سان محبت ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏيندا آھن. مير محمد، بشير احمد کي عشق جي حد تائين چاهيندو هو، ڪو وقت اهڙو به هو جو هو بشير احمد کي ملڻ لاءِ لاڙڪاڻي جا مهيني ۾ ٻٽي ڀيرا ڪندو هو. اصل ۾ اها محبت ۽ اها ڪشش ننڍي هوندي جي سهڻن تعلقات جي مرهون منت هئي. جن کي هن وقت به اسان پنهنجي حال احوال جي اور ۾ دهرائيندا رهندا آھيون. بشير احمد جو هڪ ٻيو هم ڪلاسي نهايت گهڻ گهرو دوست قاضي محمد حيات آھي. جنهنجو تعلق شڪارپور جي قاضي محلي سان آھي. ذڪر ڪندو هلان ته انھن سمورن دوستن جو جن جو مون مٿي ذڪر خير ڪيو تن جو اڪثر قاضي محلي سان واسطو رهيو آھي، ڇاڪاڻ ته قاضي محلو پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جو اعليٰ مرڪز هوندو هو، جتان بشير احمد سميت منهنجن مذڪوره دوستن گڏجي ابتدائي تعليم پرائي.
اسڪول ۾ گڏ پڙهندڙ دوست اسان جي زندگيءَ جي ابتدائي زماني جي حقيقتن کان جيترو واقف ۽ روشناس هوندا آھن اوترو ٻيو ڪو به نه ھوندو آھي. ڀائپي، دوستي ۽ تعلقات جي اڌ صديءَ جا اذڪار ۽ احوال قاضي محمد حيات ۽ اسان جي آڏو آھن. پنهنجي لڏي جي دوستن جي حياتيءَ جي باري ۾ اصل حقيقت ڄاڻڻ، سمجهڻ لاءِ اهو هڪ وڏو معتبر عرصو آھي. ان عرصي ۾ بشير احمد ۽ قاضي محمد حيات جي دوستيءَ کي مون پنهنجي اکين آڏو وڌنڌي ڏٺو آھي، سندن ننڍي هوندي جي سهڻن اخلاقن ۽ اخلاص جي بنيادن تي ڳنڍيل دوستي اڄ به اخلاص ۽ محبت جي مضبوط بنيادن ڪري قائم دائم آھي.
ڪجهه سال اڳ بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ ۽ مان قاضي محمد حيات جي پٽ جي شاديءَ جي موقعي تي شڪارپور ويا سين، اتفاق سان شادي جي وليمي جي تقريب ان اسڪول جي ڪشادي ڪمپائونڊ ۾ رکيل هئي، جنهن ۾ منهنجي شڪاپوري دوستن سان گڏ بشير احمد پنهنجي ابتدائي تعليم جا مرحلا طئي ڪيا هئا. اسڪول جي ڪلاس رومن کي دوستن بند درين جي سيخن مان وڏي اتساهه سان نهاريو. دل جي آسيس لاٿي ۽ پنهنجون يادگيريون تازيون ڪيون. شڪارپور جي هن ڀيري واري سفر ۾ بشير احمد جي ٻالڪپڻي جي ڪهاڻي ۽ سٺن درسگاهن ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون کي پيرائتي معلومات ملي جنهن تي مون کي دلي خوشي ٿي هئي. منهنجي خيال ۾ پنهنجن عالمن، اديبن ۽ تخليقڪارن کي معتبر ترين مڃتا پيش ڪرڻ جو بهترين وقت ان جي حياتي ۾ ئي کين پيش ڪرڻ هوندو آھي، مگر اسان جي اها روايت رهي آھي ته پنهنجي تخليقڪارن، عالمن ۽ اديبن جي سنسار سڌارڻ کان پوءِ ڊرائنگ رومن ۾ ويهي مقالا ۽ مضمون تيار ڪري اُهي انهن جي ورهيارن ۽ ورسين تي پيش ڪندا آھيون. اصل ۾ ادبي لحاظ کان معتبر ڪم اهو آهي ته پنهنجي اهڙن قومي هيرن، موتين جھڙن املهه ماڻهن تي سندن حياتي ۾ ٽربيوٽ پيش ڪيون. اسان جي محققن لاءِ بهتر ايئن آھي ته هو تحقيق جو ڪم مڃتا ماڻيندڙ عالمن ۽ اديبن جي حياتيءَ ۾ انهن جا روبرو انٽرويو ڪري نج ۽ سچ پچ احوال قرطاس تي آڻي ان کي تاريخ جو حصو بڻائين. پنهنجي دوست لاڙڪاڻي جي ڏاهي عالم، اديب ۽ شاعر تي لکڻ وقت مان فخر محسوس ڪري رهيو آهيان ته مون هن کي سيڪنڊري اسڪول جي ڪچي عمر واري زماني کان ويجهو وڃي مطالعو ڪيو آھي. جيتوڻيڪ لکڻ جي حد تائين هن جي حياتي جي ڪجھ پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهو ڪجھ ڪافي هو. تنهن هوندي به بشير احمد جي زندگي تي پنهنجا ٻه ٽي اکر لکڻ لاءِ مون شڪارپور جون گهٽيون، گهر، ماڳ مڪان، باغ بازاريون، سنڌ واهه جا ڪنارا ۽ اتان جون موج مستيون، اسڪول ۽ مدرسا وڃي ووڙيا ۽ بشير احمد ’شاد‘ جي باري ۾ بنيادي معلومات حاصل ڪئي.
بشير احمد شاد جو ڏاڏو جنهن جو نالو آغا جان پٺاڻ هو، تنهن جا وڏا شڪارپور ۾ اچي ويٺا. هو انگريزن جي زماني ۾ شڪارپور ۾ ئي گهوڙي سوار جي نوڪري ڪندو هو. ان پيرمرد جي باري ۾ مون کي عبدالعزيز سومري ٻڌايو هو ته بشير احمد شاد جي وڏن سان اسان جي وڏن جا گهرو لاڳاپا هئا. عبدالعزيز، بشير احمد شاد کان ٻه سال وڏو آھي ۽ 1940ع جي پيدائش آهي. هن وڏي مان ۽ تصديق سان هن ڳالھ جو اظھار ڪيو ته بشير احمد شاد جو ڏاڏو ۽ ان جي گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ ان وقت به سنڌي زبان ۾ ئي ڳالهائيندا هئا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سندس خاندان ۾ ڪيئي پيڙهين کان سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. منهنجِي پنهنجي پياري دوست بشير احمد شاد سان جڏهن به ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته هو صدين کان وٺي پنهنجي گھر ۾ سنڌي رائج هجڻ ۽ سنڌي ادب جو پروفيسر هجڻ تي خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪندو رهيو آهي.
بشير احمد هميشه پنهنجي خاندان بابت کناکيڙ ڪندو رهندو هو. کيس هڪ ڀيري شڪارپور جي ڪنهن ڪهني ماڻھوءَ هن جي مهانڊن کي ڏسي سڃاتو ۽ کانئس پڇي پڪ ڪئي ته هو درمحمد جو پٽ آھي. تنهن تي کيس بشير احمد وراڻيو ته جي ها، مان در محمد جو پٽ آھيان. تنهن تي هن جھوني ٻڌايس ته تنهنجي ڏاڏي جي تصوير مون پَرينءَ ڀَر مهرن جي پاڙي ۾ مهرن وٽ ڏٺي آهي. اها خبر ٻڌي بشير احمد جي دل ۾ هڪ طوفان کڙو ٿيو. همراهه وڏي جستجو وڏي هڻ ھڻان ڪري پنهنجي ان عزيز کي ڳولي لڌو ۽ وٽائنس اها تصوير حاصل ڪئي. ان وقت بشير احمد کي پنهنجن وڏن بابت تصديقي حال احوال مليو ته سندس وڏا نج شڪارپوري سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻ هئا. هڪ ڀيري بشير احمد جي اوطاق تي پنهنجي گذريل زماني جون يادگيريون تازيون ڪندي پنهنجا ڪڍيل فوٽا ۽ تصويرون ڏسي رهيا هئا سين ته بشير احمد مون کي پنهنجي ڏاڏي جي اها تصوير ڏيکاري، جيڪا کيس شڪارپور مان هٿ آئي هئي. تصوير ڏسڻ سان مون کيس چيو ته واقعي هي پريو مڙس ته شڪل شبيھ ۾ هوبهو تنهنجي والد در محمد جهڙو آھي ۽ پڪو پٺاڻ ٿو لڳي.
بشير احمد شاد سان دوستي کان اڳ مان کيس پنهنجي پاڙي ۾ ايندي ويندي ته ڏسندو رهندو هئس پر هن سان پهرين ملاقات ميونسپل هاءِ اسڪول جي ڊرائنگ هال ۾ ٿي. جتي هو اليمينٽري ڊرائنگ سبجيڪٽ جا ڪلاس اچي پڙھندو هو ۽ اسان ريگيولر ڊرائنگ جو ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اچي ڪلاس جي بئنچن تي ويهندا هئا سين. اسان جو اسڪول پراڻي ڪلاسيڪل دور جو هو. پروفيسر ڊاڪٽر سانگي جي تحقيق موجب اهو اسڪول اڳ ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هوندو هو، جڏهن 1926ع ۾ لاڙڪاڻي جي مخير سياسي اڳواڻ امير علي لاهوري جي ڏنل زمين تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي نئين بلڊنگ ٺھي تيار ٿي، تڏهن اسڪول جي اها پراڻي عمارت ميونسپل جي حوالي ٿي ۽ ان تي ميونسپل جنهن جي اڳواڻي پڻ امير علي لاهوري، غلام عباس قادري جوش ۽ ٻيا سياسي اڳواڻ ڪندا هئا، تن جي فيصلي سان اتي ميونسپل هاءِ اسڪول قائم ڪيو ويو. ميونسپل هاءِ اسڪول جو ڊرائنگ هال وڏو ڪشادو هوندو هو، ان جي مرڪزي حصي جي ڀتين تي اهڙيون ته بهترين تصويرون لڳل هونديون هيون جو اسان پارا ته پنهنجو سمورو پيرڊ انهن کي ڏسي ڄڻ خوابن ۾ گذاري ڇڏيندا هئا. اسان جو ڊرائنگ ٽيچر ناصر صاحب اردو اسپيڪنگ هو پر هڪ وڏو آرٽسٽ هجڻ سان گڏ انيڪ خوبين جو مالڪ هو. ديندار، پڪو نمازي، وڏي صبر سانت وارو پر نهايت سادو ۽ شاگردن سان اولاد جهڙو وهنوار رکندو هو. ان کان سواءِ کيس پهلواني جو شوق جدا هوندو هو. اليمينٽري ڊرائنگ جا ڪلاس منجهند جي نماز تائين هلندا رهندا هئا. پاڻ سان گڏ هو سڀني شاگردن کي نماز پڙھائيندو هو. محمد يوسف مان ۽ بشير احمد هن جي پٺيان نماز پڙھندا هئا سين. بشير احمد اليمينٽري ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪيو. ڊرائنگ هال جي ملاقات جون به ڪي ڳالهيون ياد نه ٿيون پون البته اهو ياد اٿم ته هو سياري جي مند ۾ اسڪول ۾ هڪ ڪيمل ڪلر جو ڪوٽ پائي ايندو هو. بشير احمد بچپن کان رنگ جو گورو هوندو هو، مٿان جو اهو ڪيمل ڪلر جو ڪوٽ پائيندو هو ته سونهن ۾ سرس ۽ ٻھڳڻو ٿي پوندو هو، منهنجي دل ته چوندي هئي ته پنهنجي پاڙي مان آيل هن پاڙيسري سان سنگت ڳنڍيان پر ڊاڪٽر عبدالڪريم صاحب جي گهر ۾ رهائش ڪري مان کيس وڏي گهر جو سمجهندو هئس.
1962ع ۾ بشير احمد ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري اسڪول ڇڏي ويو، ان وقت مان نائين جماعت ۾ هئس. پڙھڻ ڪرڻ ۾ منهنجا حال پورا هئا. نائين جماعت جي امتحان ۾ ڪن پيپرن جي سپلي آئي هئي، جن کي ڏهين جماعت سان ملائي امتحان پاس ڪرڻو هو. ان وقت شهر ۾ ٽيوشن سينٽر ڪو نه هوندا هئا. تنهن ڪري اوڙي پاڙي جي هوشيار شاگردن کان مدد وٺڻي پوندي هئي. بشير احمد فرسٽ ڪلاس جو شاگرد هو، اڳ ۾ ئي سنڌي ۽ اردو فائينل جا امتحان پاس ڪيل هئس، انگريزي ۽ ميٿ ميٽڪس جي مضمونن ۾ ڀڙ هو، تنهن ڪري منهنجي نظر انتخاب وڃي ان تي بيٺي. سندس گهر جي ڀرسان وارين گهٽين ۽ وراڪن ۾ پيو واجهائيندو هئس ته ھو ڪٿي اڪيلو ملي ته کانئس انگريزي ۽ حساب سکڻ لاءِ مدد طلب ڪريان، هڪ ڀيري گهر جي گهٽيءَ وٽ کيس صدا ڏئي بيهاريم، سلام دعا کان پوءِ کيس عرض ڪندي دل جي مدعا بيان ڪيم. هن خوش دليءَ سان مدد ڪرڻ جي حامي ڀري. ڀلي انسان کان جيڪا مون اميد رکي تنهن سلسلي ۾ هو منهنجو پورو پورو مددگار ثابت ٿيو.
ان ملاقات کان پوءِ بشير احمد ۽ منهنجي دوستي ٿي وئي. ان زماني کان وٺي هو دوست نه پر منهنجي لاءِ هڪ وڏي ڀاءُ ۽ ڀرجهلي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آھي. لاڙڪاڻي جي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ مون کي فرسٽ ايئر جي داخلا ڪرائڻي هئي، ان موقعي تي هن پنهنجي گهري دوست محمد يوسف جي صلاح سان منهنجو اهو مسئلو حل ڪيو. ڪتابن جي مدد ۽ ٻين جن ڪمن ۾ آئون منجهندو هئس تن ۾ هر طرح سان هو منهنجو خيال رکندو هو.
ڪاليج جي نصابي ڪتابن جي مطالعي ۽ امتحان ڏيڻ ۾ بشير احمد ڏاڍو ھوشيار ھو پر غير نصابي سرگرمين ۾ به اڳتي وڌي حصو وٺندو هو. مون کي به ڪاليج جي سڀني سرگرمين ۾ حصي وٺڻ لاءِ ھمٿائيندو رهندو هو. محمد يوسف ۽ بشير احمد جي گروپ، ڪاليج جي ساليانن فنڪشنز جي هر ايوينٽ تي ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ڪمن ۾ مون کي به ساڻ کڻي هليا پر هنن ٻنھي ۾ قدرتي طور اڻ ڳڻيون خوبيون موجود هيون ۽ هو گهڻو ڪجھ ڪري ويندا هئا. مان ڪنهن به منزل تي هنن جي همسري ڪري نه سگھندو هئس. بشير احمد کي شاعري جو شوق به ان دور ۾ جاڳيو، ڪاليج جي زماني ۾ هن ڪاليج جي اسٽيج تي پنهنجي غزل گائيڪي جو پڻ چڱو مظاهرو ڪيو. ان زماني ۾ سندس سريلي آواز تي گهڻائي ماڻهو موهت ٿيا. بشيراحمد ڪاليج ۾ سالياني تقريري مقابلن ۾ پڻ حصو وٺندو هو. اسٽيج ڊراما، فينسي شو، ڪاليج ميگزين ۾ مضمون ۽ مقالا پڻ لکندو هو. آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج مان انٽر پاس ڪري هو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙھڻ ويو، جتان بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. آئون هن جي ڇڏيل گسن تي زندگي ڀر ايئن پيرا کڻي هلندو رهيس، جيئن ڪنهن مرشد جي نقشِ قدم تي هلبو آھي. بشير احمد شاد زندگيءَ ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون ۽ پي ايڇ. ڊي تائين تعليم حاصل ڪئي. مون به سندس نقش قدم تي هلي اهي ڪاميابيون ماڻيون جن کي منهنجي گهر جا ڀاتي ۽ مان تصور ۾ به نه پئي آڻي سگهيا سين. منهنجي زندگيءَ ۾ هو پارس هو مان لوهه هيس پر هن دوست جي لاري لڳڻ سان آئون به زماني ۾ ٽَڪي پئسي جي قيمت لهڻ جي قابل ٿي پيس.
اسڪول وارن ڏينهن ۾ سائين غلام اللہ شيخ اسان جو استاد هوندو هو. کيس اسڪول جي لائبريري جي چارج به ھوندي هئي. سائين پنهنجي سڀاءَ موجب پنهنجي هوشيار شاگردن کي نصابي ڪتابن کان سواءِ شعر، ادب ۽ تاريخ جو مطالعو ڪرڻ ڏانهن متوجه ڪندو رهندو هو.
بشير احمد ۽ محمد يوسف شيخ مون کان هڪ ڪلاس مٿي هوندا هئا. تعليمي مسئلن کي سمجهڻ ۽ پِڪ اَپ ڪرڻ ۾ ٻئي هوشيار شاگرد هئا. لکڻ، پڙهڻ ۽ مطالعي ڪرڻ جو ٻج منجهن منڍ کان وٺي موجود هو. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ بشير احمد ۽ محمد يوسف جي دوستيءَ جي لڏي جا مڙئي شاگرد پاڻ ۾ روزانو ملندا رهندا هئا. پنهنجي آئيندي جي زندگي، ڪاليج ايجوڪيشن ۽ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جي باري ۾ پڻ هنن جي سوچ ۽ ويچار به هلندو رهندو هو.
پنهنجي پاڙي ۾ بشير احمد جي تعليمي سرگرمين ۽ اٿڻ ويهڻ تي منهنجي خاص نظر هوندي هئي، ان خيال سان ته مان هن سان دوستي ڪري هن کان پنهنجي تعليمي معاملن ۾ مدد حاصل ڪريان. هو شام جو ٽن پهرن جي نماز پڙھي گهران نڪرندو هو. اهو هن جو روز جو معمول هو پر مون کي اها ڄاڻ ڪا نه هئي ته هو ٺھي سنڀري تيل ڦليل ڪري ٽالڪم پائوڊر مٿان پيٽرا پرفيوم هڻي آخر ڪيڏاهن ٿو وڃي؟ بشير احمد جون اهڙيون سرگرميون جاچڻ لاءِ هڪ ڏينهن مون لڪي ڇپي هن جو پيرو کنيو. ڏٺم ته ھو انصارين واري گهٽي جيڪا اڳتي هلي چوڙي گرن واري گهٽي سڏبي هئي، تنهن مان لنگهي ٽڪنڊي وٽان لڙي ايمپائر روڊ پار ڪري محمد ايوب کهڙي جي بنگلي پٺيان جعفري گهٽي ۾ وڃي نڪتو، هن محمد يوسف شيخ جي گهر جو دروازو کڙڪايو. ٻن ٽن منٽن ۾ محمد يوسف پنهنجي گهران ٺھي سنڀري نڪري آيو ۽ ٻئي گڏجي مڇي مارڪيٽ کان ٿيندا پاڻ ۾ ٺڙا ٺاشا هڻندا پاڪستان چوڪ کان ٿيندا وڃي جناح باغ جي هڪ ٻاري ۾ گوشائتا ٿي ويٺا، اهو سمورو لقاءُ ڏسي مون نوٽ ڪيو هو ته جناح باغ ۾ هو پنهنجن هم ڪلاسي دوستن سان کل ڀوڳ ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. جڏهن منهنجي ساڻن دوستي ٿي ته گهڻن رازن تان پردا کڄا ويا. دراصل بشير احمد ۽ محمد يوسف پنهنجو هڪ گروپ تيار ڪيو هو جنهن جو شغل هو پنهنجي تعليمي، علمي ۽ مطالعاتي معاملن تي غور و فڪر ڪرڻ. منهنجي ساڻن دوستي کان پوءِ جناح باغ جي هنن ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيڻ منهنجي معمول جو ڪم ٿي ويو هو. اسان جي رهنمائي لاءِ سائين غلام اللہ شيخ به اڪثر ڪچهريءَ ۾ ايندو رهندو هو. سائين اسان جو رهبر هوندو هو ۽ سنگت ۽ ڪچهري جا روح روان محمد يوسف ۽ بشير احمد هوندا هئا. هنن ٻنهي دوستن کان سواءِ جيڪي دوست ڪچهري ۾ روزانو يا ڪڏهن ڪڏهن اچي شريڪ ٿيندا هئا انهن ۾ مولابخش ڀٽو، محمد ايوب سولنگي، غلام سرور شيخ، عبدالخالق شيخ، عبدالسميع سومرو، فضل اللہ تنيو، اللہ بخش جوکيو، محمد يوسف بن واحد بخش شيخ، نصر اللہ شيخ، اللہ بخش شيخ، محمد يوسف لغاري ۽ رسول بخش شيخ شامل هوندا هئا. ذڪر ڪيل دوستن مان بشير احمد کي ان وقت ادب، شاعري ۽ مضمون نگاري سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي، جڏهن ته هر ڪم ۾ متحرڪ رهڻ ۽ اداري سازي جو ڏانءُ محمد يوسف شيخ وٽ گهڻو هو پر صلاح مصلحت ۽ اتفاق ۾ اسان جا سڀ دوست پاڻ ۾ هم خيال هوندا هئا. جناح باغ وارين نشستن ۾ اسان سائين غلام اللہ شيخ جي رهنمائي ۾ هڪ اسٽڊي سرڪل جو بنياد وڌو. سرڪل جي پريذيڊنٽ ۽ جنرل سيڪريٽري جا عهدا اسان جي لائق فائق دوستن بشير احمد شاد ۽ محمد يوسف وٽ رهيا.
لاڙڪاڻي ۾ اسان جي گروپ جي اڀرندڙ نئين ٽَهي جي 1964ع-1963ع جي زماني ۾ اها پهرين ڪوشش هئي، جنهن ۾ هڪ ننڍي پئماني تي ادبي ۽ مطالعاتي اداري سنڌ اسٽڊي سرڪل جي پيڙهه وڌي. اسان جي لڏي جا نوجوان اٽڪل غريب لڏي جا هئا. تنهنڪري وسيلن جي اڻاٺ جي ڪري جناح باغ جا ٻارا ئي اسان جي آفيس ۽ لائبريري هوندا هئا. هڪ لحاظ کان ايئن سنڌ اسٽڊي سرڪل جو سمورو ڪم گشتي هوندو هو. دوستن مان بشير احمد ۽ محمد يوسف ڪڏهن جنگ ڊيلي ۽ ڪي هفتيوار لاڙڪاڻي مان ڇپجندڙ اخبارون جن ۾ جمال الدين بخاري جي اخبار انصاف ۽ محمد خان شيخ جي اخبار پاڪستان پڙھڻ لاءِ مهيا ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ ڪاليج جون موڪلون هونديون هيون انهن ڏينهن ۾ اسان جي اسٽڊي سرڪل جي سرگرمين ۾ وڌارو ايندو هو. شام جو ريلوي اسٽيشن جو چڪر ضرور لڳائيندا هئاسين، ان جو وڏو سبب به ريلوي بوڪ اسٽال تي اخبارن ۽ رسالن کي ڏسڻ هوندو هو. بشير احمد ۽ محمد يوسف ماهوار علمي ۽ ادبي رسالا خريد ڪندا هئا. جن جو ونڊي ورهائي ۽ واري وٽيءَ سان مطالعو ڪندا هئاسين. اسان کي اسٽالن تي وڃي اخبارن جون سرخيون پڙھڻ جي چوس اتان پئي. محمد يوسف ان زماني ۾ اردو سيڪالاجسٽ ۽ چٽان رسالو خريد ڪندو هو، جيڪي سرڪل جي دوستن جي مطالعي هيٺ رهندو هو.
انٽرميڊئيٽ امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ محمد يوسف سنڌ يونيورسٽي مان بي اي امتيازي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد هليو ويو ته سرڪل جا سمورا فرض بشير احمد انجام ڏيندو هو. ستت ئي سائين غلام اللہ جي صلاح سان سنڌ اسٽڊي سرڪل جا نالو مٽائي نئون نالو سنڌي سڄڻن سٿ رکيوسين.
جڏهن بشير احمد شاد بي اي جو امتحان پاس ڪري چڪو هو، تڏهن به سنڌي سڄڻ سٿ جون گڏجاڻيون ساڳين هنڌن ۽ ماڳن تي ٿينديون هيون ۽ سنڌي سڄڻن سٿ جي پليٽ فارم تي عام فهم معلومات، تقرير جي فن جي سکيا ۽ مطالعي وارين سرگرمين ۾ پڻ واڌ آئي. سائين غلام اللہ جي موجودگي ۾ پنهنجي مرضيءَ جي موضوع تي پنج منٽ ڳالهائڻ جي پريڪٽس ڪندا هئاسين. وڌيڪ رهنمائي ڪندي سائين غلام اللہ محفل ۾ شريڪ دوستن کي پنهنجي پسند جي شعبن تي ٻن صفحن جا مضمون لکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ جي صلاح ڏيندو هو، جن تي سڀ کان وڌيڪ ڪم بشير احمد شاد ڪندو هو. سواءِ ان جي هو پنهنجا تازا تخليق ڪيل شعر پڻ اسان کي ٻڌائيندو رهندو هو. اسان جي هن فورم تي هڪ وقت اهڙو به آيو جو سردين جي موسم ۾ باغ جي لان ۾ ويهي ڪچهريون ۽ گڏجاڻيون ڪرڻ مشڪل ٿيندو هو پر انهن ڏينهن ۾ اسان جي لاءِ سهولتن جو هڪ دروازو کلي پيو. بشير احمد اڪثر پنهنجا مضمون مسٽر محمد خان شيخ جي اخبار پاڪستان ۾ شايع ڪرائيندو هو. پاڪستان اخبار جي لاءِ بنا ڪنهن معاوضي سندس خدمتن رنگ لاتو. هڪ ڏينهن محمد خان شيخ اخبار جي ايڊيٽر اسان کي لان ۾ گڏجاڻي ڪندي ڏٺو هو. هن اسان جي لاءِ آساني پيدا ڪندي چيو ته جناح باغ ۾ آفيسرز ڪلب جي اڳيان ٽائون هال ۾ منهنجي آفيس آھي، توهان دوست ان کي استعمال ڪري سگهو ٿا. اها سهولت ملندي اسان پنهنجي سنڌي سڄڻن سٿ جي سمورين سرگرمين جو مرڪز ان جي آفيس کي بڻايو. ان نئين جاءِ تي اسان جون گڏجاڻيون دير تائين جاري رهنديون هيون. ماسٽرس جي امتحانن جون تياريون، ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي مطالعي جي معاملي ۾ به اسان کي ڪيتريون نيون سهولتون ميسر ٿيون، بلڪه مسٽر محمد خان جي خواهش تي ان ڪشادي ڪمري ۾ اسان پنهنجي چانهن ڪلب به قائم ڪئي. انهن ڏينهن ۾ جناح باغ جي تجر باغ واري عمارت ۾ ميونسپل آفيس وارن پبلڪ جي تفريح لاءِ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن قائم ڪئي هئي جنهن جو سربراه مرزا اخلاق احمد بيگ هوندو هو، جڏهن براڊ ڪاسٽنگ جي ڊائريڪٽر گانن ۽ راڳ رنگ کان سواءِ ادبي نوعيت جا پروگرام ڪاسٽ ڪرڻ شروع ڪيا تڏهن بشير احمد شاد ان براڊ ڪاسٽنگ جي پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. ساڳئي زماني ۾ شاد صاحب گورنمينٽ پي. وي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ استاد جي حيثيت سان فرض انجام ڏيندو هو.
لاڙڪاڻي جي شاعر، اديب ۽ پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ جي علمي ادبي ۽ اداره سازي جي خوبين جي سلسلي ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته جناح باغ ۾ اسان هم ڪلاس ۽ هم اسڪول دوستن جي گڏيل سهڪار سان ننڍي پيماني تي علمي ادبي سرگرمين جي شروعات ننڍي ٽهي واري زماني ۾ ٿي چڪي هئي. جنهن ۾ بشير احمد شاد هڪ مرڪزي رول ادا ڪري رهيو هو. اسان جي اهڙين سرگرمين ۾ ان وقت وڌيڪ اضافو ٿيو جڏهن پنهنجي حلقي جي دوستن مان محترم مير محمد شيخ ۽ محترم محمد يوسف شيخ جي ڪوشش سان لاڙڪاڻي جي تعلمي مرڪز لاڙڪاڻي عيدگاهه جي ٻاهرين پاسي وارن ڪمرن مان هڪ ڪمرو ماهوار مسواڙ تي مليو. وقف کاتو انهن ڪمرن جي مسواڙ اوڳاڙيندو هو. هن نئين ڪمري ۾ اسان پنهنجي اداري سنڌي سڄڻن سٿ جي آفيس کولي. اداري جي هن آفيس ۾ مستقل بنيادن تي اسان باقاعدي علمي ادبي سرگرمين جو آغاز ڪيو. روزانو شام جو وڏي شوق ۽ ذوق سان اسان پنهنجي نئين آفيس ۾ ڪٺا ٿيندا هئاسين، جتي اسان شعر ۽ ادب سان گڏ سماجي طور تفريحي سرگرمين جي پڻ شروعات ڪئي. وچ شھر جي پُر رونق علاقي ۾اسان جي صحتمند سرگرمين کي ڏسي ڪيترا هم ڪلاسي دوست اچي هن فورم تي ڪٺا ٿيا ۽ پنهنجو پنهنجو پارٽ ادا ڪندا رهيا. اهڙن دوستن ۾ عبدالمالڪ آرائين، محمود الحسن شرف صديقي، منظور احمد کرل، مير محمد شيخ، غلام سرور شيخ، مسٽر فضل اللہ تنيو ۽ مسٽر جيئل راءِ اوڏ شامل رهندا هئا. ان کان سواءِ نامياري اديب دوست مسٽر اختر علي جانوري جو گهر سنڌي سڄڻن سٿ جي آفيس جي قريب هو، تنهن ڪري هو به وقت بوقت شام جو اچي اسان جي محفل ۾ شريڪ ٿيندو هو. مسٽر محمد ايوب سولنگي جو گهر پڻ آفيس جي بلڪل ويجھو هو تنهن ڪري هو گهڻي ڀاڱي شام جو آفيس کولڻ ٽيبل، ڪرسيون ۽ موڙا ٺاهي رکڻ ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪندو هو. سنڌي سڄڻن سٿ جي هن آفيس ۾ اچي جن نئين سرگرمين جو آغاز ڪيوسين، تن ۾ عيدن جي مبارڪ موقعن ۽ خاص ڏهاڙن جهڙوڪه لطيف جي ڏهاڙي، سچل جي ڏهاڙي کي ملهائڻ پڻ اسان جي سرگرمين جو هڪ حصو رهيو.
اسان جي محفل ۾ سنڌ جي عظيم شخصيتن جي جنم ڏينهن يا ورسين جي موقعن تي خاص نشستون ٿينديون هيون، جنهن ۾ سرواڻن، شاعرن ۽ اديبن جي شان ۾ مڃتا طور مضمون پڙھيا ويندا هئا. شعر ۽ شاعري سان گڏ انهن جي ڪم ۽ خدمتن تي روشني پڻ وڌي ويندي هئي. اهم ۽ قابلِ ذڪر ڳالھ اها هوندي هئي ته جنهن جاءِ تي اسان سچل، لطيف ۽ قليچ جي شعر ۽ ادب ۽ علمي خدمات تي محفلون ۽ گڏجاڻيون ڪندا هئاسين تنهن جاءِ تي اسان علامه اقبال جي شاعري، فڪر ۽ فن سان گڏ فيض احمد فيض ۽ ٻين شاعرن کي پڻ ڀيٽا پيش ڪندا رهندا هئاسين. ڪربلا ۽ عاشورن جي ڏهاڙن جي مناسبت سان لطيف سائين جي سُر ڪيڏاري جو دور هلندو هو. ساڳئي مهل جنگ اخبار ۾ عاشورن جي حوالي سان امام حسين عليه سلام تي مضمون، مقالا ۽ جيڪا شاعري ڇاپي ويندي هئي تنهن کي گڏجياڻين ۾ پڙھي غم حسينعه جي ياد تازي ڪندا هئاسين. ان سلسلي ۾ هر مهل موقعي تي بشير احمد شاد گهڻو متحرڪ ۽ سرگرم رهندو هو. سائين غلام اللہ شيخ سڄڻن سٿ جو سرواڻ ۽ سرموڙ هوندو هو ۽ اسان جي جملي ادبي ۽ فڪري نشستن ۾ ان جو هٿ ۽ رهنمائي شامل هوندي هئي. محمد يوسف شيخ پڻ سڄڻن سٿ جو متحرڪ رڪن ۽ روح روان هوندو هو پر هن جي پاڪستان آرمي جوائن ڪرڻ کان پوءِ سٿ جي علمي ادبي سرگرمين جو سمورو وزن بشير احمد شاد کي سنڀالڻو پيو جيڪو هن ذوق شوق ۽ وڏي خوش اسلوبي سان نڀايو.
گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ بشير احمد شاعري جي کيتر ۾ ڀڙ شاعر ٿي چڪو هو. هن جا تعلقات لاڙڪاڻي جي ڪهنه مشق شاعرن، اديبن ۽ عالمن سان قائم ٿي چڪا هئا، جن ۾ عبدالفتاح عبد عاقلي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، ”جهڙا گل گلاب جا“ جو تخليقڪار علي بخش جمالي، عبدالله اثر، قلندر بخش بدوي، گل حسن گوپانگ شاد، احقر جمالي، ميمڻ عبد المجيد سنڌي، لقمان حڪيم، سرڪش سنڌي ۽ ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق شامل هئا. ذڪر ڪيل شاعرن ۽ اديبن ۾ لاهوري محلي جي اديبن جي سنگت ۽ ساٿ ۾ رهڻ ڪري بشير احمد شاد جي علمي ۽ ادبي شخصيت جو گهڻو ناما چار ٿيڻ لڳو ۽ لاڙڪاڻي شھر ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ بشير احمد شاد جي وڏي پذيرائي ٿي ۽ جلد ئي سندس ڳاڻيٽو لاڙڪاڻي جي معروف شاعرن ۾ ٿيڻ لڳو.
لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ٿيل هڪ مشاعرو ان ڪري به وڏي اهميت جو حامل آهي جو منهنجي نظر ۾ اهو مشاعرو بشير احمد شاد جي شاعري ۽ هن جي فن ۽ فڪر توڙي آئيندي جي ادبي منزل جي حوالي سان هڪ سنگ ميل هو. مون کي ياد آھي ته سنڌ جي ڪهنه مشق شاعرن جي موجودگي ۾ پيش ڪيل هن جي شعر تي جيڪا واهه واهه ٿي هئي ۽ کيس جيڪا پذيرائي ملي هئي تنهن بشير احمد شاد جي لاءِ آئيندي جو هڪ پختو شاعر ٿيڻ لاءِ نوان گس کوليا. جڏهن هو شعر پيش ڪري مشاعري جي منچ تان هيٺ پنڊال ۾ آيو تڏهن منهنجي ڀرسان ويٺل سنڌ جي استادالشعرا عبدالفتاح عبد عاقلي نه رڳو دل کولي شاد جي شعر، خيال، فن ۽ فڪر جي تعريف ڪئي پر سندس پٺي ٺپيندي چيو ته ”شاد تون ضرور لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ پنهنجو هڪ مقام حاصل ڪندين.“ عبدالفتاح عبد عاقلي لاڙڪاڻي جي وڏي شاعر ڪشنچند بيوس جو هم عصر هو بلڪه منهنجي نظر ۾ ان جي ڪئليبر جو شاعر پڻ هو.
68-1970ع واري زماني ۾ بشير احمد شاد هڪ پڪي پختي شاعر، مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ گهڻو متحرڪ هو. هو سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ پنهنجا مقالا، مضمون ۽ شاعري شايع ڪرائيندو رهندو هو. بشير احمد شاد کي سنڌي علم ادب جي خدمت ڪرڻ جي سلسلي ۾ جنون جي حد تائين عشق هوندو هو. علي گوهر آباد ۾ بشير احمد جي گهر جي ڇت تي سندس اسٽڊي روم هوندو هو، جيڪا منهنجي گهر جي ڪوٺي کان ڪا سئو ميٽر کن پري پر آمهون سامهون هئي. جتان آئون هن جي مصروفيتن تي نظر رکندو هئس. منهنجو مشاهدو هو ته بشير شاد پنهنجي مطالعي واري ڪمري ۾ هڪ ئي وقت پاڻ کي انيڪ سرگرمين ۾ ريجهائي رکندو هو. جن ۾ سرفهرست مضمون نگاري هوندي هئي. ان سان گڏ شعر گوئي، فوٽوگرافي ۽ سندس ڊرائنگ ڪرڻ جا ڪم به هلندا رهندا هئا. جوانيءَ واري انهيءَ زماني ۾ هو مضمون نگاري جي معاملي ۾ انتهائي درجي جو منظم ليکڪ پڻ هو. اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيشنز جي شايع ٿيڻ جي سڄي ساري سال جو حساب ڪتاب ۽ شيڊول وٽس تيار هوندو هو. جن ۾ خاص ڏينهن، جهڙوڪه عالمن، اديبن ۽ مفڪرن جي ڄمڻ ۽ وفات جا ڏينهن، منعقد ٿيندڙ خاص ڪانفرنسن جا موقعا، شاهه ۽ سچل جي عرس جون تاريخون موجود هونديون هيون. اشاعت جي سلسلي ۾ هو پنهنجا مضمون اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيشن لاءِ اڳواٽ لکي رکندو هو ته جيئن اهي وقت تي ڇپجي سگهن. 70ع واري زماني ۾ جڏهن هو ايم اي پاس ڪري چڪو هو ته مون کي ٻڌائيندو هو ته اردو ۽ سنڌي ۾ منهنجا پنج سو کن مضمون شايع ٿي چڪا آھن. سندس شعر ۽ شاعري جو حساب ڪتاب اڃا الڳ هو.
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي سفر ۾ منهنجو ساٿ بشير احمد ”شاد“ سان پراڻو رهيو آھي. شعر جي دنيا ۾ قدم رکڻ سان گڏ ان زماني ۾ بشير احمد افسانه نگاري تي به ڌيان ڏنو ھو پر هن جي اينٽ تي ڪهاڻي ڪاري کان شاعري واري سخن جو رنگ وڌيڪ چڙھيو. جنهن زماني ۾ هن افساني نگاري ۾ ھٿ ڳنڍيا هئا ان زماني ۾ فلم بيني جو ۽ ابن صفي جي جاسوسي ناولن کي پڙھڻ جو شغف گهر گهر جاري هو. سماج ۾ فلم ڏسڻ، ناول پڙھڻ ۽ اردو رسالي شمع ۾ شايع ٿيندڙ افسانن ۾ هر نوجوان عشق جي حد تائين غرق رهندو هو. اهڙي سخن جي دور ۾ ساهه کڻڻ وارن مان آئون به هڪ هئس. بشير احمد جي ريس تي مون به افسانا لکڻ تي ڪانڀو ٻڌو. ڳالھ وڃي اتي پهچايم جو هڪڙو ناولڙو ”هائي حياتي ٿوهر جو وڻ“ جي عنوان سان تحرير ڪري وڃي پار پيس، پر اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ڪونه.
شروع ۾ جيڪو هڪ اڌ افسانو ٺاهي جوڙي پنهنجي استاد بشير احمد شاد کي جڏھن تصحيح ۽ پسنديدگي لاءِ ڏيکاريندو هئس، تڏهن ان لاءِ مون کي قدرتي ۽ رومانٽڪ ماحول جي ضرورت پوندي هئي. قاضي هدايت اللہ جي باغ جي وڻن جي ٿڌي ڇانوَ واري قدرتي ماحول جو سهارو وٺندي مان بشير احمد شاد کي اهڙي جاءِ تي وٺي وڃي پنهنجو لکيل افسانو پڙھي ٻڌائيندو هئس. هو وري بي ريا اهڙو هوندو هو جو تنقيد ڪندي ان جا سمورا ٽوپا اڊيڙي ڇڏيندو هو. اهڙي سفر ۾ اڳتي هلي هو گهڻو تڻو شاعري جي سخن وارن گسن تي هلي اڳتي نڪري ويو ۽ مون به افسانا نگاري جي پچر ڇڏي، حقيقت پسندي جي راهه اختيار ڪندي تحقيقي ادب ڏانهن ڌيان ڏنو، ان جو ڪارڻ ۽ محرڪ ادي خديجا دائودپوٽو به هئي. 1965ع واري زماني ۾ خديجا خانم ادبي علمي رسالو ”اديون“ ڪراچي مان پنهنجي ادارت ۾ شايع ڪرائيندي هئي. ان رسالي ۾ مون ڀاءُ ذوالفقارعلي قادري جي ادبي گهراڻي جي ڪنهن ليکڪا (نياڻي) جي ڪهاڻي جي ڪردار راحيل جي نالي تي تنقيد جا تير وسايا ها. مون لکيو هو ته ڪنهن مونث جنس ڪردار جو نالو راحيل نه پر راحيلا ٿيندو آھي، منهنجو موقف پنهنجي جاءِ تي درست هو، منهنجي نظر ۾ ان وقت مان مينيجر نور ٽيڪسٽائل مل لاڙڪاڻي ۾ سليم احمد خوجي وٽ ڪنهن ٽيڪنيڪل ڪم تي مامور هئس. سليم احمد ڪهاڻيڪار هو ۽ ڪنهن زماني ۾ روح رهاڻ رسالي جي اشاعت ۾ حميد سنڌيءَ جو ٻانھ ٻيلي رهيو هو. ان کي ان کيتر جو سپاهي سمجهي ساڻس دليل بازي ڪئي. هن چيو ڇوڪر صحيح آھي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اديون رسالي جي ايڊيٽر محترما خديجا خانم جو مون کي هڪ پرسنل خط مليو. خط ۾ لکيل هو توهان مون کي سلجهيل ۽ سمجهدار ٿا لڳو، توهان کي منهنجي صلاح آھي ته توهان ڪو تحقيقي ڪم ڪري اسان ڏي موڪليو. بس اهي ڏينهن اهي شينهن، مون سنجيدگيءَ سان مضمون نگاري ڏي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. جن ڏينهن ۾ بشير احمد شاد سنڌي علم ادب ۽ ٻولي جي خدمت جي سحر ۾ محو ٿي پنهنجي آئيڊيل اداري سچل ادبي مرڪز جي عمارت جي تعمير ۽ توسيع جي ڪم ۾ رات ڏينهن رڌل رهندو هو، تن ڏينهن ۾ مان هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪونه بيٺو هئس، اها منهنجي هڪ ڪوتاهي ڳڻجي سگهي ٿي پر اسان جا روح جا رشتا ايترا مضبوط هئا جو اسان ڪڏهن هڪ ٻئي کان پاڻ کي جدا نه سمجهندا هئاسين. علمي، ادبي، شعر ۽ ادب شناسي جون ڳالهيون اسان جا موضوع هوندا هئا. جڏهن ڪمَ خط و ڪتابت تي هلندا هئا تڏهن وارا حوالن سان ڀريل خط سڀ سنڀالي رکيل آھن. جن ۾ ادب، تعليم، نوڪرين، مشاعرن، ڪانفرنس جا احوال ۽ دلين جي راز ۽ نياز جي ڳالهين تي ٻڌل کوڙ ساريون ساروڻيون محفوظ آھن.
79-1978ع واري زماني ۾ اسان علي گوهر آباد ڇڏي اچي لاڙڪاڻي جي ڪهاڻيڪار عالم ۽ اديب سائين الله بخش انيس انصاري جي پاڙي لاهوري محلي ۾ ويٺاسين. ان وقت بشير احمد شاد ۽ مان هڪ ٻئي کان سواءِ رهي ڪونه سگهندا هئاسين، هو اڪثر شام جي پهر ڏينهن ٺري لاهورين ۾ منهنجي نئين آشياني تي ايندو هو. اسان شربت پاڻي پي رائيس ڪئنال جي ريگيوليٽر کان ڪجھه هيٺ ڀرو وڃي نائچن واري پاسي رائيس ڪئنال جي لٿل پاڻيءَ جي وٽن تي ٿڌڙي واري تي پير پير کڻي گهمندا، ڪانگن ۽ ٻگهن جا نظارا ڪندا هئاسين. هڪ ٻئي سان دل جا احوال به ونڊيندا هئاسين. منهنجو دوست ان وقت پنهنجا سهڻا خيال، افسانن، مضمونن ۽ تاثرن جي صورت ۾ ٻڌائيندو هو. اللہ اللہ 60، 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڇا ته امن ھو، ڇا ته سڪون هو. سانتيڪي ماحول ۾ راز نياز سان گڏ ادب علم جون ڳالهيون ۽ شعر گوئي پئي جاري رهندي هئي. ادا سائين ان وقت پاڻ سان اڪثر ڊائري کڻندو هو. جنهن ۾ عالمن اديبن ۽ صوفين جا گفتا، اقوال زرين ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ ۽ فڪر فلسفي جون ڳالهيون، ساروڻيون گيت، خيال، هائيڪا، ترائيل، چار سٽا، غزل ۽ طويل نظم درج هوندا هئا. هلندي هلندي ڪڏهن ڪڏهن مان عرض ڪندو هئس ته ھو پنهنجي علم و ادب جي خزاني مان ڪجھ ٻڌائيندو هو. پاڻ ڪجھ نه پر گهڻو ڪجھ ٻڌائڻ لاءِ ڊائري جا ورق اٿلائيندي پنهنجي فڪر ۽ شعور جي پالوٽ ڪري ڇڏيندو هو. ان زماني ۾ شام جي هڪ پهر ۾ جڏهن سج پنهنجا ڪرڻا جهڪا ڪري پنهنجون شاخون زمين کان واپس ورائي رهيو هو، پيرن هيٺان واري به پنهنجي ٿڌاڻ جو احساس ڏياري رهي هئي. هوا به ڏکڻ کان گهلي اسان جوانن جي وحيد مراد ڪٽ ڪڪوريل وارن سان حرڪت بازيون ڪري رهي هئي، اهڙي سمي بشير احمد شاد آلي واري جي مٿاڇري مان هڪ سپي کنئين هئي ۽ ان جا پڙ کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مون عرض ڪيو ته، توهان ان ۾ موتي ٿا تلاش ڪيو؟ موتي ان ۾ نه پر توهان جي ڊائري ۾ آھن، هاڻي ان کي کولي پنهنجي خيالن جا موتي پيش ڪيو. دوست کي ڳالھ دل سان لڳي هئي ۽ مسڪرائيندي ڊائريءَ جا ورق ورائيندي هن پنهنجو لکيل طويل نظم ”وقت جي وير“ ٻڌايو هو، جنهن ۾ وقت جي قلابازين، وقت جي ڏاڍاين، عنايتن، ستم ظريفين سان گڏ وقت جو هر شيءِ تي راڄ ۽ وقت جو هر بندو غلام هجڻ وارا خيال سمايل هئا. هاڻي اهي احوال اهي خيال ۽ اهي ڳالهيون سڀ ساروڻين جو روپ ڌاري وراڪا ڪري ور ور ڏئي وري وري ذھن تي تري اينديون آھن. اهي ساروڻيون لبن تي ٻن مرڪن جي مالها ۽ ڪجھه لڙڪن جون لڙيون ڇڏي وينديون آھن.
جنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي طرفان لاڙڪاڻي جي تاريخ، ادب، ثقافت ۽ قداور سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب مرتب ڪرڻ جون تياريون شروع ٿيون تڏهن ان جي لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ جي ذميوارين جو ڪم ۽ رهبري ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب تي رکي وئي ھئي. مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي صاحب پڻ ان ڪاميٽيءِ جي سربراهن مان ھو. ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ کي مرتب ڪري شايع ڪرائڻ جي سمورن ڪمن ۽ مرحلن جون ذمياريون ميونسپل آفيس جي ڪارندي مسٽر گل محمد گاد کي سونپيون ويون. جڏهن مونسپل جي ڪائونسل هال ۾ لاڙڪاڻي جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي پهرين گڏجاڻي ٿي هئي، تڏهن سنڌي سڄڻن سٿ جي پليٽ فارم تان بشير احمد شاد جي اڳواڻي ۾ مون به شرڪت ڪئي هئي. ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ ڪتاب جي مواد جي تياري ۽ ترتيب وارين گڏجاڻين بشير احمد شاد کي ميمڻ عبدالمجيد صاحب ۽ لاھوري محلي جي شاعرن ۽ اديبن جي گھڻو ويجهو ڪري ڇڏيو. ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جي ڪم مڪمل ٿيڻ سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ هڪ علمي ۽ ادبي تنظيم جي وجود ۾ اچڻ لاءِ هڪ نئون گس نڪري آيو. بشيراحمد شاد جي ڪاوش ۽ ميمڻ عبدالمجيد، لقمان حڪيم ۽ علي بخش جمالي، انيس گل عباسي ۽ ٻين علم دوست سڄڻن جي صلاح سان نئين سر هڪ نئين ادبي تنظيم جو نالو ”سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو“ تجويز ڪيو ويو، جنهن بنياد تي مذڪوره دوستن جي سهڪار سان بشير احمد شاد جي سرواڻي ۾ 81-1980ع واري زماني ۾ هن اداري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
سچل ادبي مرڪز جي عمارت سازيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀرجهلا دوست جيڪي بشير احمد شاد جي ويجهو هئا سي هئا مرڪز جا بنيادي ميمبر جن جو گهڻو تڻو تعلق بشير احمد شاد جي ذاتي دوستن، احبابن ۽ سنڌي سڄڻن سٿ سان هو. جيتوڻيڪ اخلاقي، علمي ادبي طور مٿي ذڪر ڪيل اديبن ۽ سندن جٿي جي ساٿين ۽ همدردن جو ساٿ هميشه بشير احمد شاد سان رهيو هو ۽ اهو ساٿ بشير احمد لاءِ هڪ وڏو اعزاز ليکجي ٿو پر سچل ادبي مرڪز کي بطور هڪ اداري ۽ شعر و ادب جي سکيا گهر جي تعمير ڪرڻ ۾ جيڪو وڏو عرصو لڳو تنهن ۾ سندس ذاتي دوستن ۽ سٿ جي ساٿين دامي، درمي ۽ سخني ڀرپور ساٿ ڏنو، جن کي تاريخي طور علم ۽ ادب جي ميدان ۾ مان قدر ۽ منزلت جي نگاهه سان ڏسان ٿو. منهنجي به اداري ۾ بنيادي رڪنيت رهي آھي پر منڍ کان لاڙڪاڻي ۾ موجود نه ھجڻ ڪري منهنجي رڪنيت جي حيثيت رڳو امتيازي رهي آھي. جن منهنجي ويجھن دوستن هن ڪار قومي ۾ بشير احمد جو هٿ ونڊايو آھي، انهن ۾ اهڙا دوست به هئا جن پنهنجون اڳواٽ ماهوار پگهارون وٺي انهن پگهارن مان اداري جي تعمير لاءِ ڳرا فنڊ مهيا ڪيا. محمد يوسف لغاري مرحوم ان ڪم ۾ سرفهرست رهيو. هن صاحب موصوف اداري کي پنهجي قلم، ڊرائنگ واري برش، ايڊوانس پگهارن، پنهنجي انتظامي صلاحيتن سان گڏ پنهنجي رت ۽ ست سان آبياري ڪئي. مسٽر فضل اللہ تنيي پڻ دامي درمي اداري جي تعمير ۽ توسيع ۾ اهم ڪردار نڀايو. اهو دوست مرحوم به سٿ جي اوائلي ساٿين مان هو. محمد يوسف شيخ جو سچل ادبي مرڪز جي قيام ۾ وڏو ڪردار رهيو. هن جي هر قسم جي نظر داري، مرڪز جي نقشي جي ڊزائن جي تياري، صلاح مصلحت، مالي ۽ اخلاقي مدد هر گهڙي هر وقت شامل حال رهي. ڪنهن جي ڳالھ ڪري ڪنهن جو بيان ڪجي. سرڪاري اعانت ۽ سهولت ڪاري کان سواءِ ليز پراپرٽي تي قائم هن اداري کي هن وقت تائين نجي بنيادن تي هليو وڃي ٿو. لاڙڪاڻي جا قابل احترام سنڌ سرڪار جا وزير پنهنجي علائقن جي ادبي ۽ علمي ادارن کي اٿڻ ۾ ڪيتري مدد ڪن ٿا ان جو ذڪر ڪندي ڪنهن پر اسان جو ڪنڌ جهڪي پوي ٿو پر انهن جا ڳاٽ پوءِ به هر دور ۾ اونچا رهن ٿا. بشير احمد شاد کي ان جا دوست ۽ ان جو نوجوان اولاد اداري سازي جي ڪم ۾ جيڪڏهن هٿ نه ونڊائي ها ۽ هو پنهنجي سر ان ڪم پٺيان وڏو جهد نه ڪري ها ته هن وقت سچل ادبي هڪ خواب کان وڌ ڪجهه به نه هجي ها.
لاڙڪاڻي ۾ جنهن به پليٽ فارم، فورم ۽ اداري جي طرفان ڪو پروگرام ٿيندو هو ته پنهنجي مياناروي طبع جي ڪري هر جاءِ تان کيس ڪوٺ ۽ شرڪت جي دعوت ملندي هئي. ان وقت مان ساڻس مشاعرن توڙي ٻين محفلن ۾ گڏ هوندو هئس. آئون به ڪڏهن ڪنهن محفلن ۾ پنهنجو لکيل مضمون پڙھندو هئس. ديني مدرسي لاڙڪاڻي ۾ شام جي پهر ۾ هڪ ادبي تقريب ھئي جنهن ۾ افسانن جي پڻ نشست رکيل هئي، هن نشست ۾ نوجوان مسٽر روشن علي کهاوڙ پنهنجي نڪور ڪهاڻي پڙھي هئي. محفل جو مور ۽ تنقيد نگار مسٽر واحد بخش شيخ صاحب جهڙي رعبدار شخصيت هئي، جنهن روشن علي کهاوڙ جي ڪهاڻي تي نهايت برجستي انداز ۾ تنقيد ڪئي ۽ وري مسٽر روشن علي کي پنهنجي ڪهاڻي جي ڪن پاسن تي وضاحت ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن تي هن پنهنجو موقف پيش ڪيو. تقرير واري پنڊال جي منچ تي مون ۽ بشير احمد پنهنجا پنهنجا مضمون پڙھيا. هن محفل ۾ بشير احمد شاد شعري نشست ۾ به شعر پڙھيو هو ۽ سندس واهه واهه ٿي هئي. مشاعري جي صدارت سيد خادم حسين شاھ ڪئي هئي ۽ پنهنجو نظم پيش ڪيو هو. لاڙڪاڻي جي ٿورن ماڻھن کي خبر هوندي ته سيد خادم حسين شاهه هڪ برجستو شاعر هو ۽ به بانگ دهل کلي آواز ۾ وڏي اعتماد سان پنهنجو شعر پڙھندو هو.
عبداللہ اثر چانڊيي جو شمار لاڙڪاڻي جي برجستن ۽ ڪهنه مشق شاعرن ۾ ٿئي ٿو. جنهن سنڌيءَ ۾ قصيدي بردهه شريف جو نظم ۾ الٿو پڻ ڪيو هو. عبداللہ اثر جي وفات بعد ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي ۾ ورهياري تي سندس لائق فائق فرزند ارجمند ۽ بهترين شاعر ناظم چانڊيي هڪ مشاعرو ڪوٺايو هو. جنهن ۾ اسان جي سٿ مان بشير احمد شاد ۽ مان ڪوٺ تي شريڪ ٿيا هئاسين. مشاعري جي صدارت پروفيسر اياز حسين قادري ڪئي هئي. بشير احمد شاد جي پيشي ۽ شاعري جي نسبت سان عبداللہ اثر سان محبت جا ناتا هئا. ان محفل مشاعري ۾ بشير احمد شاد مرحوم عبداللہ اثر سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظھار ڪندي پنهنجو شعر به پڙھيو هو.
1965ع کان ستر واري ڏهاڪي جي مھڙين سال تائين بشير احمد پنهنجي حيثيت سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٿيندڙ مشاعرن مذاڪرن ۽ ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اهڙي هڪ ادبي محفل رحمت پور ۾ شاهه نواز ڀٽو لائبريري جي پٺيان ڪرماڻين جي گهرن لڳ هڪ اسڪول ۾ پاڙي جي علم پرور نوجوانن منعقد ڪئي هئي، هن محفل ۾ بشير احمد شاد پنهجو شعر پڙھيو هو ۽ چار اکر تقرير به ڪئي هئائين. محفل جا مور گهڻئي هئا پر مون کي مسٽر اختر جانوري جو نالو ذھن تي تري اچي ٿو. محفل ۾ جڏهن مون پنهنجو مضمون پڙھي تعارف ۾ مزدور غلام رسول پنهنجو نالو ٻڌايو ته اختر جانوري وڏي آواز سان بي ڌڙڪ ٿي چيو اهو وري مزدور ڪڏهن ٿيو؟
وڏي پيماني تي ادبي ڪانفرسون، محفل مشاعره ۽ راڳ رنگ جون محفلون لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ منعقد ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾ مون محمد علي جوهر کي اسٽيج جا فرائض انجام ڏيندي ۽ برجستي نموني شعر پڙھندي ڏٺو. طالب موليٰ جهڙيون شخصيتون جناح باغ جي منچ تي پنهنجا شعر پيش ڪري چڪيون آھن. هتي منعقد مشاعرن ۾ محترم لقمان حڪيم ۽ محترم علي بخش جهڙا سادا پر بلند پايي جا شاعر پنهنجو شاعراڻو جادو جاڳائيندا هئا. بشير احمد شاد به ڪئين ڀيرا هن اسٽيج جي ادبي محفلن ۾ پنهنجو شعر پڙھي داد حاصل ڪيو. مون کي علي بخش جمالي جي شعر پڙھڻ جي ادا ڏاڍي سهڻي لڳندي هئي. جڏهن هو اسٽيج تي ايندو هو ته بوڇڻ ڪلهي تي رکي لبن تي مسڪراهٽ آڻي شعر پڙھڻ کان پهريون ٻٽي سهڻا مڪالما ٻڌائيندو هو. همراهه پڳ کي ٿورڙو سڌو ڪندي بنا ڪنهن تڪلف جي فرمائيندو هو. سامعين ڪنهن قسم جي شڪايت ڪانهيم، مون کي مشاعري جي ڪوٺ ڪالھ ملي آھي. اڄ ئي مان ڳوٺان هتي پهتو آھيان. بس ۾ تڪڙ تڪڙ ۾ جيڪو لکي سگهيو آھيان اجهو اوهان جي خدمت ۾ پيش آ پر پنهنجو تازو ڪلام پيش ڪرڻ کان اڳ هي قطعو اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪريان ٿو. جمالي صاحب جا شعر، شاعري ۽ قطعا وزن جي اعتبار کان نهايت پختا هوندا هئا. شاعر به عوامي هوندو هو ۽ هر ڀيري اهوئي محفل لٽي ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ ڪو وقت اهڙو به آيو جو محفلون ۽ مشاعرا جناح باغ جي لان جي قدرتي ماحول مان نڪري جناح باغ جي ٽائون هال لائبريري جي اسٽيج تي ٿيڻ لڳا. پر هن هال ۾ علمي ادبي تقريبات سرڪاري شيڊول ۽ پروگرام موجب لائبريري جي ڊائريڪٽر سيد خادم حسين شاهه جي سربراهي ۾ ٿينديون هيون. جن ۾ بشير احمد شاد پنهنجا مضمون، مقالا ۽ شعر پڙھي سامعين کان داد حاصل ڪندو رهندو هو.
پنهجي ادبي حلقي جي احباب مان شاعر لقمان حڪيم، محترم علي بخش جمالي، پروفيسر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبداللہ اثر ۽ ٻين جي سهڪار سان بشير احمد شاد سچل ادبي مرڪز جي مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ ڪئي. شاعر لقمان حڪيم سان بشير احمد شاد جا پراڻا ادبي ناتا ۽ نيازمندي وارا لاڳاپا هئا. ڪو زمانو هو جو اسان ٻئي گڏجي استاد لقمان حڪيم سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پير قائم شاهه بخاري لڳ جلد بندي واري دڪان تي ويندا هئاسين. منهنجي نظر ۾ لقمان حڪيم وڏين خوبين وارو انسان هو. آئي وَئي سان پيار محبت سان پيش اچڻ هن جي ڌندي ۽ دڪانداري جي تقاضا موجب ضرور هو پر ادبي لڏي جي ماڻھن سان اهڙا رويا روان رکڻ هن جي شخصي خوبي هئي. جڏهن صبح جو يارهين ٻارهين ڌاري دڪان تي وڃبو ته ڪم ڪار ۾ کڻي هو ڪيترو به مصروف هوندو هو پر دوستن جي کيڪار ڪرڻ بعد هڪ دم چانهن جو آرڊر ڏيندو هو. سندس دڪان ڇا هوندو هو ڄڻ علم ادب جو هڪڙو ننڍو ادارو هوندو هو. اتي ويٺا چانهن جون چسڪيون وٺندا هئاسين ته ڏس ته ميان علي بخش جمالي هٿ ۾ ڀاڄي جي ڇلي کنيو سلام ڪري اچي بينچ تي ويهندو هو. ٿوري ئي دير گذرڻ بعد عبداللہ اثر استادن واري ڪاري رنگ جي جناح ڪيپ پائي سلام ڪري اچي ڪرسي تي ويهندو هو. لاهورن کان شھر ڏي ايندي قلندر بخش بدوي ڪنهن ڪم سانگي اتان لانگهائو ٿيو ته لقمان وٽان ضرور سلام دعا ڪري پوءِ اڳتي روانو ٿيندو هو. نئين ٽَهي جي شاعرن مان غلام مصطفيٰ ميمڻ، سرڪش سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي شعر ۽ ادب سان شغف رکندڙ سڄو ڏينهن پيا لقمان حڪيم جي ادبي مرڪز تي ڪجھ نه ڪجھ پرائڻ لاءِ شام تائين پيا ايندا ويندا هئا. پنهنجي سر مان ڪو شاعر يا اديب ڪونه هئس پر بشير احمد شاد جي دوست هجڻ ڪري لقمان حڪيم منهنجي وڏي عزت ڪندو هو. سچل ادبي مرڪز جھڙي علمي ادبي اداري کي ترقي وٺائڻ لاءِ مسٽر لقمان حڪيم پنهنجي ادبي لڏي سان گڏ قابل ذڪر خدمتون انجام ڏنيون پر اڳتي هلي اداري جي توسيع ۽ ترقي لاءِ جيڪي انقلابي قدم کڻڻا پيا ان سلسلي ۾ بشير احمد شاد کي پنهجي سر وڏي جفاڪشي ڪرڻي پئي ۽ پاڻ پتوڙڻو پيو.
بشير احمد شاد اداري سازي جي ميدان ۾ ڪو نئون ڪونه هو. هو سائين غلام اللہ شيخ جي رهنمائي ۾ سنڌ اسٽڊي سرڪل تنهن کان پوءِ سنڌي سڄڻن سٿ کي ننڍي پئماني تي ئي صحيح پر وڏي جفاڪشيءَ سان ادبي کيتر واري مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪرائي چڪو هو. دراصل سچل ادبي مرڪز کي پنهنجي آئيڊياز موجب ڪامياب ڪرڻ لاءِ بشير احمد شاد کي هن ڪارخير ۾ محمد يوسف شيخ جهڙي ڪامياب اداره ساز منتظم جو ساٿ مليو. ٽيم ورڪ ۽ صلاح مصلحت ۾ محمد يوسف لغاري، استاد محمود الحسن شرف، انيس گل عباسي ۽ سٿ جي مڙني دوستن جي محنت، جدوجهد ۽ سهڪار سان بشير احمد شاد راهه ۾ ايندڙ مڙني ڏکيائين کي ڪاميابي سان پئي منهن ڏنو. ايندڙ وقت تي هڪڙي مرحلي تي سچل ادبي مرڪز کي لاڙڪاڻي ۾ اداري جي پنهنجي دفتر جي اشد ضرورت محسوس ٿي. ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي معروف وڪيل قاضي فضل اللہ جي بنگلي اڳيان ميونسپل جو هڪ ٽڪنڊو خالي پلاٽ پيو هوندو هو بشير احمد شاد جي ان پلاٽ تي وڃي نظر کُتي ۽ ان جي حصول لاءِ هن پنهنجي ساٿ سنگت سان گڏجي جدوجهد شروع ڪري ڏني. مسلسل هٿ پير هڻڻ سان شاد صاحب کي اهو پلاٽ عوامي مقصدن ۾ علمي، ادبي ۽ اداراتي ڪمن لاءِ ليز جي بنيادن تي الاٽ ڪيو ويو. منهنجي نظر ۾ اهوئي اهو نڪتو آغاز هو جڏهن بشير احمد شاد پڪن پختن بنيادن تي نئين سر لاڙڪاڻي ۾”سچل ادبي مرڪز“ جو پايو وڌو.
74-1973ع واري زماني ۾ بشير احمد شاد پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي ڪٺن مرحلا پار ڪندي ڪنهن سٺي نوڪري ۽ ڪنهن سٺي مرتبي لاءِ وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ کان پوءِ هو پنهنجي شھر جي گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج ۾ سنڌي مضمون جي استاد جي حيثيت سان اچي ٿانيڪو ٿيو. زندگي جي ايڏي ڊگهي ڊوڙ ڊڪ واري زماني ۾ شاد جي تخليقي صلاحيتن، فهم و فڪر ۽ باليدگي ۾ وڏي پختگي اچي چڪي هئي. تحرير، تقرير ۽ شعر گوئي جي ميدان ۾ هن پهنجو هڪ مرتبو ۽ مقام پيدا ڪيو هو، تنهن ڪري هاڻي هن لاءِ اهو ڪم سنهنجو ٿي پيو هو ته زندگي جي اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو نئين سر وري علمي ادبي ڪم جي واڌاري لاءِ سچل ادبي مرڪز کي ڪنهن طور فعال بڻائي.
نوي واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ محمد يوسف شيخ لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پروفيسر ۽ پرنسيپال جي حيثيت ۾ پئي فرض انجام ڏنا. هاڻي سچل ادبي مرڪز کي ترقيءَ جي شاھراهه تي آڻڻ لاءِ بشير احمد شاد کي هڪ ڀرجهلو ساٿي ملي ويو، مان ۽ پروفيسر مولا بخش ڀٽو هر سال پنهنجي معمول موجب گرمين جي موڪلن ۾ لاڙڪاڻي ايندا هئاسين. ان موقعي تي اسان جا سنگت سان ميل ملاقات ۽ ميلا ٿيندا هئا. گهمڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ رلڻ سان گڏ اسان جون جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون هيون تن ۾ شعر و ادب سان گڏ سچل ادبي مرڪز جي آئيندي تي صلاح مصلحت ٿيندي هئي.
بشير احمد شاد کي پنهنجي سٿ جي پراڻن ساٿين جو سهڪار ته هر لمحي ھر وقت حاصل هو پر کيس اهڙن ذريعن ۽ ادارن جو سهڪار پڻ کپندو هو جيڪي سچل ادبي مرڪز جي عمارت کي کڙو ڪرڻ ۾ مالي سهڪار ڪن. ان سلسلي ۾ بشير احمد جي پنهنجي ڪوشش، محمد يوسف شيخ جو ساٿ ۽ سٿ جي مڙني دوستن جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ ڪري بشير احمد شاد جا نه رڳو هٿ مضبوط ٿيندا رهيا پر هن جو حوصلو به بلند رھيو. دراصل بشير احمد هڪ مستقل مزاج، جاکوڙي ۽ متحرڪ شخص هو. هو مسلسل مختلف ادبي تنظيمن ۽ علمي ادبي شخصيتن سان رابطي ۾ رهندو هو ۽ سرڪاري ثقافتي ادارن ۽ ميونسپل آفيس لاڙڪاڻي جي ايڊمنسٽرس ۽ چيئرمينن سان سچل ادبي مرڪز جي عمارت جي تعمير جي سلسلي ۾ پڻ ملاقاتون ڪندو رهندو هو. ان ڏس ۾ شاد صاحب کي ايتري ڪاميابي ضرور حاصل ٿي جو هن سچل ادبي مرڪز جي عمارت جا نقشا تيار ڪرائي پاس ڪرايا ۽ عمارت جو بنيادي پٿر رکيو.
بشير احمد شاد سچل ادبي مرڪز جي قيام بعد سڄي سنڌ ۾ هڪ اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ مشھور ٿي چڪو هو ۽ کيس سڄي سنڌ ۾ منعقد ٿيندڙ ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ دعوت ڏئي مدعو ڪيو ويندو هو. هڪ ڀيري سنڌ مدرسة الاسلام اسڪول ۽ ايس ايم سائنس ڪاليج ڪراچي جي وچ واري گرائونڊ ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه ۽ پروفيسر اياز حسين قادري جي اهتمام هيٺ وڏي پئماني تي بين السنڌ مشاعرو ۽ ٻيون ادبي نشستون رکيل ھيون. بشير احمد شاد مون کي ٽيليفون تي اڳواٽ پنهنجو پروگرام ٻڌايو هو ته ان پروگرام ۾ شعر پيش ڪرڻ لاءِ کيس دعوت مليل آھي، سو شام جو سج لٿي تون ضرور پنڊال ۾ اسان سان اچي مل. مشاعري واري ڏينهن رٿيل وقت موجب مان پنهنجي دوست خاطر پنڊال ۾ پهچي ويس، سيد غلام مصطفيٰ شاهه معزز مهمانن سان پئي گفتگو ڪئي. مون ڏٺو ته اسان وارا همراهه به اڳين صوفن جي پويان واري قطار ۾ مهمان شعراءَ ۽ شرڪاءَ لاءِ لڳل صوفن تي ويٺا هئا. بشير احمد شاد جي لڳو لڳ انگريزي فل سوٽ ۾ ملبوس هڪ خوبرو جوان کي ڏسندي مون دوست کان پڇيو ته ھن نوجوان جو تعارف. شاد صاحب مون کي ڀاڪر پائيندي ٻڌايو ته هي جوان انيس گل عباسي آھي ۽ لاڙڪاڻي کان مون سان گڏجي آيو آھي. مون کي پنهنجي دوستن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي پر ان ڳالھ تي پڻ وڏي دلي راحت ملي ته سچل ادبي مرڪز جي اديبن ۽ شاعرن واري حلقي ۾ لاڙڪاڻي جي نوجوان شاعرن جو اضافو ٿي رهيو آھي.
پروفيسر بشير احمد شاد سج واري حيثيت سان پنهنجي ادبي آسمان پنھنجي ادبي وجود مان روشني پکيڙيندو رهيو آهي، سندس قرب وارين ڪچهرين، مهمان نوازين، علم و شعر جي حوالي سان ٻين کي بحرمند بڻائڻ وارين عادتن جي ڪري نه رڳو لاڙڪاڻي جا نوجوان کانئس فيض حاصل ڪندا رهيا آھن پر اسان جهڙا ڏڏُ شاگرد ۽ سندس دوست به کانئس وک وک تي رهنمائي حاصل ڪندا رهيا آھيون، جن ٻن ٽن اکرن کي صفحن تي آڻڻ جي مون کي صلاحيت ۽ ڏانءُ حاصل ٿيو، اهو به هن سان ڊگھي دوستي جي دائري ۾ گڏ رهڻ ڪري حاصل ٿيو.
73-1972ع ۾ مان لاڙڪاڻي کان ڪراچي اسهي ويس. ان سمي مان اسڪول ۽ ڪاليج جي نصابي معاملن ۾ مدد ڏيندڙ هڪ بهترين دوست کان جدا ٿي پيس. جنهن جي ڪمي قدم قدم تي محسوس ٿيندي هئي. ڪراچي ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج لياري ۾ پڙهائڻ دوران علمي، ادبي مدد ۽ مشورن لاءِ مان ڪراچي ۾ پنهنجي پاڙيسري، لاڙڪاڻي جي برک عالم، اديب ۽ افسانه نگار پروفيسر اياز حسين قادري جي نيازمندي حاصل ڪئي. محترم اياز حسين ان وقت ايس. ايم آرٽس ڪاليج جي سنڌي شعبي ۾ پڙھائيندو هو، جتان ستت ئي يونيورسٽي آف ڪراچيءَ ۾ ايسوسي ايٽ پروفيسر مقرر ٿيو. بشير احمد شاد 1973ع واري آگسٽ جي مهيني ۾ مون وٽ اين. اِي. ڊي ڪاليج جي هاسٽل ۾ ملڻ آيو هو. آئون ان وقت پنهنجي دوست پروفيسر عبدالغفار سومري جي مدد ۽ لاڙڪاڻي جي ڪاليج ميٽ دوست سعيد احمد وارثي وارڊن سيواڪنج هاسٽل جي سهڪار سان هاسٽل ۾ رهائش پذير هئس. ساڳي رام باغ روڊ گاڏي کاتي جي سامهون ميان اياز حسين قادري صاحب پنهنجي فليٽ جي چوٿين منزل تي رهندو هو. تنهن سان ملائڻ لاءِ مان بشير احمد شاد کي وٺي ويس، ان لالچ تي ته جيئن ايم فل يا پي ايچ ڊي ڪرڻ لاءِ کانئس ڪو دڳ گس يا رهنمائي حاصل ڪري سگهجي. دراصل مان دوست بشير احمد شاد جي موجودگي جو فائدو حاصل ڪرڻ چاهيان پيو، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته ميان اياز حسين قادري بحيثت ڀلي شاعر جي بشير احمد شاد جي عزت ڪندو آھي. سائين اياز حسين به حد درجي جو مربي ۽ مهمان نواز هوندو هو. اسان سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو. ساڻس بشير احمد جهڙي سٻاجهڙي دوست جي ميل ملاقات جو مون کي اهو فائدو رسيو ته ايندڙ وقت ۾ قادري صاحب جو مون تي راضپو وڌي ويو. ان کان پوءِ منهنجون قادري صاحب سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ ملاقاتون جاري رهيون ۽ هڪ ڏينهن هن منهنجي تعليمي استعداد کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي پي ايڇ ڊي لاءِ يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۾ رجسٽريشن ڏيارڻ ۾ دل سان وڪالت ڪئي ۽ مون کي لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ جي موضوع تي لکڻ لاءِ داخلا وٺي ڏيڻ جي سلسلي ۾ وڏي مدد ڪئي. ان کان اڳ بشير احمد شاد ۽ مون پنهنجي تعليمي لياقت کي ايم اي جي ليول کان مٿي کڻڻ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي ڪهنه اديبن ۽ عالمن سان ملاقاتون، عرض ۽ گذارشون ڪيون هيون پر اسان ٻنهي کي ڪو هن ميدان ۾ پير کوڙڻ ئي نه پيو ڏي. نيٺ بشير احمد شاد کي لاڙڪاڻي جي نوجوان اديب ۽ اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ پنهنجي قرب جي ڪڙي ۾ وٺي وڏي آساني سان ۽ تمام ٿوري وقت ۾ پي ايچ ڊي ڪرائي پار ڪيو.
بشير احمد شاد کان چار سال اڳ پي ايڇ ڊي لاءِ منهنجي رجسٽريشن ٿي هئي پر ڪراچي يونورسٽيءَ جا قاعدا ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائڻ جا اصول ۽ طريقيڪار جدا هو. هتي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگس ۾ معاملا طئي ٿيندا هئا، جڏهن ميٽنگس ۾ گڙٻڙ ٿيندي هئي ۽ ليٽ به ٿيندي هئي تڏهن داخلا جا معاملا ڏکيا ٿي پوندا هئا. ان کان سواءِ اسان سنڌي مضمون وارن شاگردن جي پٺ ڀرائي ڪرڻ وارن ميمبر پروفيسرن جي سينڊيڪيٽ ۾ نمائندگي به نه جي برابر هوندي هئي. بهرحال ايم فل جي موضوع کي پي ايڇ. ڊي ۾ ڪنورٽ ڪرائڻ ۾ به مون کي هڪ سال لڳي ويو. منهنجو صحيح ڪم تڏهن شروع ٿيو جڏهن علمي ادبي مواد ڪٺو ڪرڻ ۾ بشير احمد شاد جو ساٿ مليو. شاد صاحب پنهنجي قابليت، محنت، صلاحتن ۽ سهڪار سان مون سان وڏا ڀال ڪيا. سندس اصول هوندو هو ته ”چلو تو ساتھ کائنات لے کر چلو۔“ لاڙڪاڻي مان ان وقت ٻيا ٻه دوست پروفيسر عبدالرزاق سومرو ۽ پروفيسر محمد ادريس سومرو به پي ايڇ ڊي ڪرڻ ۾ لڳل هئا. اسان سڀني هڪ ئي وقت علمي ادبي مواد جمع ڪرڻ شروع ڪيو هو. موڪلن جي ڏهاڙن ۾ سنڌيالاجي ۽ سينٽرل لائبريري آف سنڌ يونيورسٽي ۾ مطالعو ڪندا هئاسين. ان وقت تمام مرحلن ۾ خاص طور جمع ٿيل مواد کي ڪيئن مقالي جي مقصد جي حصول تحت ڪم آڻجي. ان جي سيٽنگ ڪيئن ڪبي، ڪيترو مواد لائبريرين مان حاصل ٿيو، باقي ٿيسز لاءِ گهربل مواد ڪٿان ڳولبو، ان جي لاءِ ڪهڙو لائحه عمل اختيار ڪبو يا ڪتابن مان جيڪي حوالا وٺي مضمون مقالو ترتيب ڏبو ان جا ڪهڙا اصول ۽ قائدا هجڻ گھرجن ان ڏس ۾ اسان دوستن کي پنهنجي گائيڊس کان اڳ بشير احمد شاد کان رهنمائي ملندي هئي. سنڌيالاجي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪتب خانن کان سواءِ اسان سڀني کي پروفيسر ڊاڪٽر درمحمد پٺان جي ذاتي لائبريري مان به چڱو ڀلو فائدو حاصل ٿيندو هو، خاص ڪري بشير احمد ۽ مان ڊاڪٽر پٺاڻ جي سهڻي سلوڪ ۽ علمي فياضي ۽ سهڪار کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون.
منهنجي لاءِ هن پنهنجي ميڙي چونڊي واري خزاني ۽ ڪتب خاني جا دروازا کولي ڇڏيا هئا. منهنجي مطلب جو وڏو علمي خزانو ڊاڪٽر پٺاڻ وٽ موجود هو. مون کي جيترا ڪتاب کپندا هئا سي بنا حساب ڪتاب جي ڪراچي کڻي ويندو هئس. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب وٽان اسان کي ٿيسز لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو ڏانءُ ۽ سکيا پڻ ملندي هئي، هو اسان مان ٻن جو گائيڊ پڻ ھو. بشير احمد شاد جو گائيڊ ھجڻ ڪري ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ وٽان اسان کي ڪيتريون سهولتون ملنديون هيون. هو ايتري قدر مهربان هوندو هو جونه رڳو پنهنجي گهر ۾ رهائش مهيا ڪندو هو بلڪه ماني ٽڪي به پنھنجي گهران کارائيندو هو.
هڪ سال جون جولاءِ وارن مهينن ۾ مان لاڙڪاڻي جي جھونن اديبن ۽ شاعرن جا روبرو انٽرويوز ڪرڻ آيو هئس ته سموري سنگت پنهنجي ڪم جي سهيڙ لاءِ لاڙڪاڻي جي تعلقن، رتيديري، شهداد ڪوٽ، قمبر، نصير آباد، ڏوڪري، نئين ديري ۽ بنگل ديري وغيره ملاقاتن لاءِ نڪري پياسين، ان سفر ۾ شاعرن، عالمن ۽ اديبن وٽان جيڪا موٽ ملي ان ۾ بشير احمد شاد جي بحيثيت ڀلوڙ شاعر جي وڏي رَهائي ڏٺم، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي وڏيون عزتون ۽ مانُ مليو ھو.
منهنجي نقطئه نظر کان اسان جي جٿي جي اسڪالرز جو اڌ تي گائيڊ ڪندڙ بشير احمد شاد هوندو هو. مان پنهنجي لاءِ ايترو چئي سگهان ٿو ته لکڻ پڙھڻ جو شوق مون کي ان کان ئي ورثي ۾ مليو آھي. ڊرائنگ ڪرڻ، افسانو لکڻ ۽ مضمون لکڻ جو فن مون زندگي جو وڏو عرصو بشير احمد شاد سان گڏ رهي کانئس سکيو. مان رڳو هڪ نه ڪيترائي اديب ۽ شاعريءَ جي ميدان جا پانڌيئڙا هن جي پياري شخصيت جي علم پروري مان گهڻو ڪجهه پرائي پار چڙهيا آھن.
لاڙڪاڻي ۾ سچل ادبي مرڪز جي قيام کان پوءِ اٽڪل 40 سالن جي عرصي ۾ بشير احمد شاد لاڙڪاڻي کي هڪ شاندار ادبي ۽ علمي ماحول فراهم ڪيو آھي. لاڙڪاڻي ۾ سرجيل اهڙي ادبي ماحول جي ادبي گڏجاڻين، ادبي محفلن، ڪانفرنسن، مشاعرن جي ماحول ۾ ادبي ڪتابن جي تخليق ۽ تصنيف جو ڪم ۽ وري انهن تخليقن توڙي ڪتابن جي پذيرائيءَ جي سلسلي ۾ مهورتي تقريبن جو انعقاد هڪ وڏو سلسلو آھي، جنهن تي هڪ ٿيسز لکي سگهجي ٿي.
سچل ادبي مرڪز جي ادبي خدمتن جا هڪ کان گهڻا پاسا آھن. هن اداري جو نالو ته سچل سائين جي نسبت سان هو پر هن اداري جي اڪثر ميمبرن ۽ ادب سرجيندڙ دوستن جو لاڙو گهڻو تڻو لطيفي فڪر جي نمائندگي، واکاڻ، تشريح ۽ تاليف ڏانهن رهيو آھي پر پوءِ به لاڙڪاڻي جي نوجوان ٽَهيءَ لاءِ هن اداري ٻنهي عظيم شاعرن جي خيالن جي پچار پئي ڪئي آهي، منهنجي نظر ۾ اهو هڪ تحسين جوڳو ڪم آھي.
سچل ادبي مرڪز هر قسم جي فڪر ۽ خيال جي ادب ۽ شاعري جي ميدان لاءِ لاڙڪاڻي واسين کي هڪ موثر فورم ۽ ڪارائتو پليٽ فارم مهيا ڪيو آھي. بشير احمد شاد جي سٿ جي ساٿين نئين ٽهي جي ڪيترن شعر ۽ ادب جي تخليقڪارن گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ادبي لحاظ کان جيڪا اپت ڏني آھي، تنهن کي پڻ جديد سنڌي ادب ترقي پسند فڪر جي تاريخ جو هڪ باب ليکبو، اسان جو ايندڙ نسل اهڙي سرجيل ادبي اثاثي مان استفادو حاصل ڪندو رهندو.
سچل ادبي مرڪز جي سرگرمين جي ذمري ۾ آئون هتي ٻن ادبي سرگرمين جو ذڪر ڪندو هلان جن ۾ مون جهڙي اڌ اکريءَ پڻ شرڪت ڪئي هئي. هڪ گرمين جي شام بشيراحمد شاد جناح باغ جي ان خوبصورت ٻاري ۾ جنهن ۾ سنڌي سڄڻن سٿ جون ابتدائي گڏجاڻيون ۽ ميل ملاقاتون ٿينديون هيون، تنهن ۾ پنهنجي شعري مجموعي ”اوجاڳو اکڙين“ جي رونمائي جي تقريب رکي هئي. شاد صاحب منهنجو نالو به ڪتاب ۽ سرجيندڙ جي شخصيت تي ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ شيڊول تي رکيو هو. مان سندس دعوت تي ڪراچي کان ڪهي آيو هئس ۽ هن جي ادبي شخصيت ۽ ”اوجاڳو اکڙين“ تي پنهنجو لکيل مضمون پڙھيو هو. هيءَ تقريب 1986ع ۾ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ صاحب جي صدارت هيٺ ٿي هئي. مون کي ياد آھي ته ان ادبي تقريب جي تمام انتظامي معاملن کي بشير احمد شاد جي سٿ جي احبابن ۽ سندس نوجوان پٽن احسان الحق دانش، رضوان الحق گل سندس پٽن جهڙي شاگرد انيس گل عباسي ۽ ٻين سنڀالي هلايو هو. بشير احمد شاد شروع کان ئي پنهجي ايندڙ پيڙھي کي ادبي ڪمن ۾ پاڻ سان گڏ رکي علمي ۽ ادبي طور هڪ بهترين ماحول فراهم ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو پليٽ فارم هن جي مڙني ٻارن ۽ ٻين ڪيترن نون لکندڙن لاءِ زندگي ۾ عزتون ۽ ڪاميابيون ماڻڻ جي سلسلي ۾ محور ثابت ٿيو آھي.
بشير احمد شاد جي جاکوڙي ۽ محنتي سڀاءَ جي نتيجي ۾ هن کان ۽ هن جي سٿ جي ساٿارين ۽ اولاد کان ادب جي کيتر ۾ جيڪي قابل فخر ڪم ٿيا آھن، انهن مان لاڙڪاڻي ۾ سنه 1985ع ۾ گهنٽي ڦاٽڪ لڳ ريلوي ريسٽ هائوس جي ڪشادي لان ۾ ڪوٺايل ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس هئي. جنهن سنڌي ادب جي تاريخي حوالي سان سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل دور ۾ ڪوٺايل ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنسن ۽ جميعت الشعرا سنڌ جي لاڙڪاڻي جي مشاعرن ۽ ڪانفرنسن جون سڪون پئي لاٿيون. هن ڪانفرنس ۾ حيدر آباد، ڪراچي، سيوهڻ، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شھرن جي ڪهنه مشق عالمن ۽ اديبن شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس جا ادبي ۽ انتظامي معاملن ۾ بشير احمد شاد جي ويجهي ۽ گهڻ گهرئي ساٿي محمد يوسف شيخ، محمد يوسف لغاري، محمود الحسن شرف، انيس گل عباسي ۽ ٻين خوب ساٿ نڀايو هو.
هن ڪانفرنس لاءِ بشير احمد مون کي پڻ شرڪت لاءِ دعوت ڏني هئي. مون به ڪراچي کان ڪهي اچي ڪانفرنس ۾ پنهنجو پيپر پڙھيو هو. منهنجي لاءِ اباڻي شهر ۾ برپا ٿيندڙ هي ادبي سميلن هڪ ناقابل فراموش يادگار جي حيثيت رکي ٿو. هن ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي ادبي، سماجي ۽ شعوري حلقن ۾ وڏي خوشي ۽ اميد جي لهر پيدا ڪري ڇڏي هئي. خاص طور لاڙڪاڻي جي سنجيده ادب شناس طبقي جي اديبن ۽ اڀرندڙ شاعرن ۾، ڇاڪاڻ ته پنهنجي شھر ۾ هاڻي هنن کي هڪ قابل قدر ۽ معتبر پليٽ فارم مهيا ٿي رهيو هو. جنهن تان هو پنهنجون علمي ادبي سرگرميون جاري رکي سگهن پيا. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي جيڪي ڏوررس نتيجا نڪتا اهي هن وقت اسين ڏسي رهيا آھيون. اهي آھن لاڙڪاڻي جا اهي شاعر، قلمڪار، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس، ڊاڪٽر ۽ پروفيسر جيڪي لاڙڪاڻي جي ان ادبي ۽ علمي سرگرمين جي اپتڪاري جي نتيجي ۾ سرجيا، انهن مان ئي ڪن هن وقت لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ڪائونسل توڙي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪ هسٽاريڪل سوسائٽي جھڙن فعال ادارن کي جنم ڏنو. لاڙڪاڻي ضلعي جا هي علمي ادبي ادارا ”آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو“، ”سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو“، ”لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ ۽ ”سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو“ علم، ادب جي ميدان ۾ هن وقت اهڙو قابل قدر ۽ قابل فخر ڪم انجام ڏئي رهيا آھن، جو گذريل 60 سالن ۾ اهڙو علمي، ادبي ۽ فني ڪم نه ٿيو آھي. اها اسان جي خوش نصيبي آھي جو بشير احمد شاد هن جي ادبي حلقي جي ساٿين ۽ هن جي نوجوان لائق فائق اولاد جي اڻ ٿڪ ڪوششن سان قائم ٿيل اداري سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي واسين کي اهڙو علمي ۽ ادبي ماحول فراهم ڪرڻ ۾ معاون ۽ مددگار رهيو آھي.
بشير احمد شاد لوچ ۽ سوچ جي سلسلي ۾ هڪ مثبت انداز سان زندگي گذارڻ وارو جيئڙو رهيو آهي. هڪ ڏينهن، ٻن ڏينهن يا ٽن ڏينهن جي هي ڳالھ ناهي، منهنجي ذاتي تجربي، تجزيي ۽ نسل شناسي جي هي هڪ ٻاهٺ سالن جي ڪهاڻي آھي. اسان جي دوستي 1962ع کان به اڳ شروع ٿي آھي، هن وقت اهو ساٿ سٺ سالن جي پيٽي مان گذري رهيو آهي، اسان جي دوستي جيئن ٿڌ تيئن وڌ آھي، سنگت جي سنگ مان ڪڻو ڪاسو گهٽ ناهي ٿيو. بلڪه پيار وفا ۽ نڀاءُ جي جوت جي لاٽ ايئن ئي بکي پئي جيئن سٺ ٻاهٺ سال اڳ دکي هئي. دوستي ۾ اچڻ وڃڻ ۽ هڪ ٻئي ڏي ڀيرا ڪرڻ اسان جي شروع کان روايت رهي آھي. هاڻي ته اسان جا ٻار ۽ ٻچڙا به اسان جي ھن روايت کي قائم رکيو پيا اچن. هن وقت هيءَ منهنجي ۽ بشير احمد جي ڪهاڻي ناهي رهي. هاڻي هيءَ ٻن خاندانن جي ڪهاڻي جو پاسو اختيار ڪري چڪي آھي. محبت جي سفر ۾ ڀيرا نه ڀڄڻ ۽ اچ وڃ جو ذڪر نڪتو آھي ته 1990ع جو زمانو ٿو ياد اچي، هن زماني ۾ به بشير احمد شاد ۽ منهنجو ادبي سفر جاري هو. اسان ٽن دوستن جي ٽياڪڙ سلامت هئي. پيارو دوست محمد يوسف شيخ ان زماني ۾ فوجي سروس کان رٽائر ڪري منهنجي گهر جي ڀِڪَ ڀياني هائيٽس گلشن اقبال ڪراچي ۾ اچي رهيو هو. هو چنيوٽ اسلاميه پبلڪ اسڪول مان پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ پرنسيپال جي پوزيشن واري نوڪري کي الوداع ڪري هاڻي سنڌ جي تاريخي اسڪول سنڌ مدرسةالاسلام ڪراچي جي پرنسيپال واري پوزيشن جي چارج سنڀالي چڪو هو. سندس ۽ منهنجي گهر نعمان گارڊن جي وچ ۾ چند قدمن جي وٿي هئي، اسان سٿ جي پراڻن دوستن پروفيسر مولا بخش ڀٽو، بشير احمد شاد منهنجيون ۽ محمد يوسف جون ڪچهريون وقت بوقت محمد يوسف ۽ منهنجي فليٽ تي ٿينديون رهنديون هيون. ڀاءُ محمد يوسف جي اسڪول ۾ بورڊ جي امتحانن جا ڏينهن ايندا هئا ته شاد صاحب لاڙڪاڻي کان ڪهي اچي امتحاني ڪمن ڪارن ۾ شرڪت ڪندو هو. محمد يوسف شيخ جتي به جنهن به علمي اداري ۾ ويندو هو ته اتي علمي ادبي سرگرمين جي بهار آڻي ڇڏيندو هو. ان سان منهنجي زندگي جي سفر جي ابتدا ۽ سڃاڻپ بشير احمد جي دوستي کان به اڳ ان وقت شروع ٿي جڏهن پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ کي اڃا پنج سال مس گذريا هئا. محمد يوسف شيخ ۽ مان علي گوهر آباد جي ملان مسلم اسڪول ۾ پڙھندا هئاسين. هو پرائمري ٻئين درجي ۾ هو ۽ مان پرائمري پهرين ۾. پاڙي جي اڇي مسجد جنهن ۾ ان وقت سائين وڏو عبدالرشيد پيرزادو معلم ۽ مدرس ھو، تنهن وٽ شام جو سيپاري جو سبق به گڏ پڙهندا هئاسين. رب سائين ايئن اسان جي دوستين کي پنهنجي مِهر سان دوام بخشيو آھي الحمدالله. محمد يوسف کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته سنڌ مدرسةالاسلام اسڪول جون صد سالا تقريبات هن جي هٿن ۽ انتظام هيٺ ٿيون. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ معتبر تاريخ رقم ڪندڙ هن اداري ۾ اسان جي دوست محمد يوسف تعليمي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين، ميلن ۽ سميلن جي ڌم مچائي ڇڏي. جنهن دور جو مان ذڪر ڪري رهيو آھيان ان دوران مذڪوره صد سالا تقريبات جو انعقاد اسڪول جي ڪشادي جناح هال ۾ ٿيو هو. جنهن ۾ بشير احمد شاد ۽ مون شرڪت ڪئي هئي. ثقافتي شو ۾ اسٽيج اداڪاري جي مڃيل نامڪٺي فنڪار منظور قريشي جهڙي برک اداڪار ۽ صداڪار ڪمپيئرنگ جا فرض انجام ڏنا هئا. رحمان مغل عرف سرمد سنڌيءَ شيخ اياز جو ثقافتي گيت ”اڙي چنڊ اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهي. سندس روپ، سندس رنگ ايئن آھي جيئن تون، اڙي رات اڙي رات پرين تو ته ڏٺو ناهي، سندس وار سندس ونگ ايئن آھي جيئن تون، اڙي نانگ، اڙي نانگ، پرين تو ته ڏٺو ناهي، سندس ڏاهه سندس ڏنگ، ايئن آھي جيئن تون...“ ڳائي محفل کي وڏا رنگ لاتا هئا. تقريبات جي ادبي سيشن ۾ ادبي محفل جي منچ جو مور سنڌ جو ماياناز، ناميارو تعليمدان، سنڌي ادب کي نئون روح ۽ دوام بخشيندڙ صاحب علم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هو. اسٽيج تي جيڪي عالم اديب براجمان هئا، تن ۾ هي فقير ۽ بشير احمد شاد به شامل ھو. بشير احمد شاد سان بلوچ صاحب جي اڳ ۾ ڏيٺ ويٺ هئي ۽ هو بشير احمد کي هڪ ڀلي محقق، عالم، لطيف شناس ۽ شاعر جي حيثيت سان محفل جو سرموڙ ڄاڻندو سڃاڻندو ۽ سندس قدر ڪندو هو. هڪ سمي اسٽيج تي بلوچ صاحب جي سڄي پاسي پرنسيپال محمد يوسف ۽ کٻي پاسي کان بشير احمد شاد ويٺل هئا. اهڙي خوشنما ماحول واري منچ ۾ مون جهڙي اڌ اکري کي پنهنجو پيپر پڙھڻ جو موقعو مليو هو. ٻئي ڏينهن شاد کي سندس شاندار تقرير تي مون محمد يوسف جي فليٽ تي صبح جي ناشتي تي جڏهن مبارڪباد پيش ڪئي ته هو گد گد پي ٿيو. جڏهن مون کائنس پڇيو ته منھنجي پرفارمنس جي باري ۾ تنهنجو خيال ڇا آھي ته فرمائڻ لڳو. تنهنجي پرفارمنس تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ڀلو رمارڪ ڏنو. مون پڇيو ڇا؟ بشير احمد مذاق ۾ وراڻيو ”ڊاڪٽر صاحب چوي پيو ته سومري صاحب پنهنجو موقف بيان ڪندي پهريون الائي ڇا چيو، پوءِ الائي ته ڇا چيو، تنهن کان پوءِ ته الائي ڇا ڇا چيو.“ زندگيءَ ۾ اسان جون محفلون اسان جون ڪچهريون ٺڙا ٺشا جاري ۽ ساري آھن. بس رب سائين کي پارت آھي ته زندگي جو باقي سفر خير ۽ عافيت جو گذري، آمين.
هن وقت ٻاهٺ سالن جي اسان جي دوستي اهڙي ڌارا ۾ وڃي داخل ٿي آھي جو اسان سڀئي ٻارين ٻچين هڪ ٻئي جا گهر جا ڀاتي ٿي پيا آھيون. اسان جي پراڻي روايت رهي آھي ته بشير احمد جڏھن ڪراچي ايندو آھي ته منهنجي گهر ضرور ايندو آھي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻارين ٻچين اچي ٽڪندو آھي. ماشاءُاللہ هن وقت بشير احمد جا ٽي پُٽَ ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا، سندس ساڃاهه وند پٽ آغا عمران جيڪو پڻ ڪهاڻيڪار آهي سو هاڻي ڪراچي جي ملير ڪورٽ ۾ سول جج آهي ۽ ٻيو پٽ آغا اظھار آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي ۽ ٽيون پُٽ آغا ذيشان الحق پڻ نيسپاڪ ڪمپني ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ڪراچي ۾ رهندو آھي، هاڻي ادا بشير احمد ۽ سندس ڪٽنب کي رهڻ ٽڪڻ جون سهنجهايون ميسر آھن پر مان جڏهن به لاڙڪاڻي اڪيلو يا ٻارن سوڌو ويندو آھيان ته پنهنجن عزيزن هوندي به پنهنجي دوست جي گهر وڃي ديرو ڪندو آھيان.
آخري ڀيرو ٽي سال اڳ جڏهن مان سندس علي گوهر آباد واري گهر ويو هئس ته ٻه ٽي ڏينهن وٽس مهمان ٿيس. بشير احمد شاد جي گهر ۾ هميشه هڪ مطالعي جو ڪمرو رهيو آھي، جنهن ۾ هن جي رائيٽنگ ٽيبل ۽ سمهڻ لاءِ هنڌ موجود هوندو آھي. اهو ڪمرو سندس لائبريري به هوندي آھي. آرٽ ۽ ڊرائنگ ڪرڻ جو روم به اهوئي ڪمرو هوندو آهي. دوست دڙي ۽ مهمان تائي جي آرام ڪرڻ ۽ رهڻ ٽڪائڻ جو ٿاڪ به اهوئي هوندو آھي پر بشير احمد اسان جي رهڻ ڪرڻ لاءِ گهر ۾ هڪ ڪمرو مخصوص ڪندو آھي، جنهن ۾ موسم آھر سڀ سهولتون ميسر هونديون آھن. ڀاڳ ڀريو آھي، کيس رب سائين انيڪ نعمتن سان گڏ ججهو اولاد عطا ڪيو آھي. سندس سوئيٽ هوم ۾ رهندي جڏهن ڊاڪٽر احسان دانش جي ڪمري ۾ وڃڻ ٿيندو آھي ته ڳالھ سمجھ ۾ ايندي آھي ته هڪ عالم جي پوک ۽ فصل ڇا ٿيندو آھي. ڪمري ۾ چوڌاري نظر کڻي نهاريندو آھيان ته ڪٻٽن کان وٺي بيڊ جي سائيڊ ٽيبلن تائين ۽ ڪمري جي سينٽر ٽيبل کان ڪمري جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ ڪتاب ئي ڪتاب ڏسڻ ۾ ايندا آھن. وڏي مزي جي ڳالھ ته بيڊ جي مٿين پاسي تي به ڪتاب سٿيل هوندا آھن، بس ڪمري جو اهو حال ڏسي سوچيندو آھيان ته آرام ڪرڻ وقت ڊاڪٽر صاحب ڪنڌ ويهاڻي تي رکي آرام ڪندو آھي الائي ڪتابن تي سرڙو رکي سمهندو آھي. بشير احمد شاد جو به مون ڪتابن سان شغف ڏٺو پر احسان صاحب ته وڻ وڄائي ڇڏيا آھن. رضوان الحق جون پنهنجي ڪمري ۾ سرگرميون جدا هونديون آھن. ادبي علمي ڪتابن ۽ شعري مجموعن جو مطالعو ڪرڻ، ڪتابن جي ڪمپوزنگ ڪرڻ، پنهنجي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ تياري ڪرڻ، ان جي ڪمري ۾ به ماشاءُاللہ ڪتابن جي فصل بهار لڳي پئي هوندي آھي. گهر ۾ سندس اولاد جي اسٽڊي، سبجيڪٽس جي حساب سان تقسيم ڪاري هڪ سهڻي روپ ۾ رهي ٿي. آغا اظھار ڪمپيوٽر سائنس جو ماهر آھي، ان جي جمع پونجي ۽ سهيڙ، ادب، سائنس ۽ ڪمپيوٽر ناليج تي ٻڌل آھي، مسٽرآغا عمران پٺاڻ جو موضوع سخن ادب، شاعري، ڪهاڻي، ناول ۽ قانوني علوم تي ٻڌل آھي تنهن ڪري ان جي ڪليڪشن جو ڏيک ويک وڪيلن جي ڪتب خانن جهڙو پيو لڳندو آھي. احسان دانش ۽ رضوان گل جي ڪمرن وارن ڪتب خانن ۾ ڪتابن جي ورائٽي تمام گهڻي ۽ گهڻ موضوعاتي آهي. هو ٻئي پنهنجي والد محترم وانگيان ڪاليج پروفيسر آھن ۽ ان سان گڏ تحقيق جي ڪم سان به سلهاڙيل آھن ۽ انهن جي پروفيشن ۽ پروفيسنگ جا موضوعات ڪجھ هڪ جهڙا ۽ ڪجھ جداگانا پڻ آھن، تنهن ڪري ان مناسبت سان انهن جي ڪمرن جون ذاتي لائبريريون ورائٽي سان سينگاريل رهن ٿيون. وري ٻئي جوان پروفيسر به آهن، تدريس سان گڏ تصنيف، تاليف ۽ تحقيق جا ڪتاب هڪ لحاظ کان گهڻ موضوعاتي هجڻ جي ڪري هڪ قيمتي متاع پڻ آھن، جنهن مان گهر جا سڀ لکيل پڙھيل فرد فائدو وٺندا رهندا آهن. مطلب ته بشير احمد شاد جو گهر هن وقت علمي، ادبي، قانوني، جاگرافي جي علم، ڪمپيوٽر سائنس ۽ تحقيقي ڪتابن جو هڪ مرڪز آھي. دلي خوشي ٿيندي آھي ته هن جي اولاد سندس نقش قدم تي هلندي اهڙو وکر ويهايو آھي، جيڪو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. هن مضمون ۽ موضوع جي يارهين ڀاڱي ۾ علمي ادبي تاليفي ۽ تصنيفي ۽ گهر جي هڪ هڪ ڪمري ۾ ڪتب خاني جو جيڪو مون حقيقي نقشو چٽيو هو، تهڙو نقشو ۽ علمي ادبي ماحول مون کي پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ٻئي گھر ۾ ڏسڻ جو موقعو ناهي مليو. سنڌ ۾ اسان سنڌين جي خاندانن ۾ وڏا ناليوارا عالم، اديب ۽ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ وارا علامه ويچار ۾ ايندا. انهن جا ڪتب خانا به وڏي شھرت جي قابل هوندا. گهر ۾ خاندان ۾ عالم استاد ۽ شعرا به ملندا پر هڪ ئي وقت گهر جو وڏو پروفيسر، سندس پٽ پروفيسر، گهر جو سربراهه عالم اديب سندس اولاد مان پٽ به عالم، اديب ڪاليج پروفيسر، گهر جو وڏو ڪيترن ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جو رائيٽر، مصنف، مترجم ۽ مولف، ساڳي وقت ان جا پٽ به پي ايڇ ڊي ۽ مڃيل رائيٽر، ڪتابن ۽ شعري ڳٽڪن جا مصنف، مترجم ۽ مولف آھن. گهر جو وڏو ڪتابن پڙھڻ جو شيدائي ۽ ساڳئي وقت هن جا پٽ، نياڻيون ۽ گهر جو هڪ هڪ ڀاتي ڪتابن جي مطالعي ۾ شب و روز مصروف، اسان پنهنجي چوڌاري نظر کڻي نهاريندا سي ته اسان کي اهڙو علمي گهراڻو ۽ اھڙو علمي ادبي ماحول گهٽ ڏسڻ لاءِ ملندو.
مان بشير احمد شاد جو شاگرد جي حيثيت سان سونهان ٿو. ڊاڪٽريٽ تائين جيڪو ڪجھ مون حاصل ڪيو آھي ان ۾ بشير احمد شاد جي تربيت جا ٻاھٺ سال صرف ٿيل آھن. هن مون کي پڙھڻ لاءِ ڪتاب ڏنا. مون کي ميٽرڪ پاس ڪرائڻ ۾ ميٿ ۽ انگريزي ۾ ڀڙ ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران هو جيڪي نوٽس تيار ڪندو هو، اهي نوٽس پڙھي مطالعو ڪندي ڪندي مان هن جي پويان ڏاڪي به ڏاڪي ۽ درجي بدرجي اڳتي وڌندو رهيس. بي اي ۽ ايم اي جا امتحان مون سڀ پرائيويٽ ٻاهرين شاگرد جي حيثت سان پاس ڪيا، ڇاڪاڻ ته ان عرصي جي ڏهن سالن دوران مان ٽيڪسٽائل ملز ۾ مشين آپريٽر جي ڪم تي معمور هئس. ڪاليج ۾ به بس نالي ماتر داخلا ڪرائي ڇڏيندو هئس. گهر ويٺي پوسٽ ذريعي ايڊمٽ ڪارڊ ملندو هو. امتحان ڏيڻ جي سلسلي ۾ مان پنهنجا نوٽس ۽ ڪتاب رات جي ڊيوٽي تي پاڻ سان ڪارخاني کڻي ويندو هئس. جڏهن ڪپڙي اڻڻ جي مشين ڀلي هلندي هئي ۽ تندون نه ڇڄنديون هيون ته مان نوٽس ڪڍي اسٽول تي ويهي سبق ياد ڪندو رهندو هئس. جڏهن ڏينهن جي ڊيوٽي هوندي هئي ته ڪجھ نه ڪجھ وقت ڪڍي امتحان جي تياري گهر ۾ ڪندو هئس. اها پريڪٽس هڪ سال نه ٻه سال نه پر پورا 10 سال هلي.
منهنجي پياري دوست بشير احمد شاد، علم ادب جي ميدان ۾ پاڻ چڱو ملهايو آھي. ضلعي، صوبائي ۽ ملڪي پئماني تي منعقد ٿيندڙ ادبي علمي ڪانفرنسن ۾ پنهنجي جواني واري زماني کان شرڪت ڪندو رهيو آھي، پنهنجي سرپرستي هيٺ هلندڙ اداري سچل ادبي مرڪز جي پليٽ فارم تان به ميلا مچايو ويٺو آھي. سچل ادبي مرڪز جي فورم تان سندس جستجو ۽ ڪوشش سان ضلعي ۽ صوبائي سطح تي ادبي گڏجاڻيون، محفلون ۽ ڪانفرنسون منعقد ٿي چڪيون آھن، هاڻي اهڙن ميلن ۽ سميلن جو مچ سندس لائق فائق اولاد پروفيسر ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پروفيسر رضوان گل ٻاريو ويٺا آھن، جنهن جي لاٽ ۽ جوت ڌڻيءَ جي ڪرم سان پئي ٻرندي رهندي. منهنجي ڀاءُ بشير احمد شاد جون پنهنجي فڪر ۽ خيال جي اظھار جي سلسلي هيٺ جيڪي تصنيفات ادب جي کيتر ۾ اشاعت هيٺ آيون آھن يا اهي تصنيفات جيڪي اڃا اشاعتي مرحلن ۾ آھن ۽ منظر عام تي اچي نه سگھيون آھن تن جو تفصيل ڪجھ هيٺين ريت آھي.
”اوجاڳو اکڙين“ سندس شاعري جو مجموعو آھي، جنهن ۾ هن پنهنجي افڪار ۽ خيالن جي ڀرپور پالوٽ ڪئي آھي. ڀاءُ شاهه عبداللطيف جو شيدائي آھي. شاهه سائين جي محبت ۽ عقيدت ۾ هن جيڪي گل نڇاور ڪيا آھن، ان سلسلي جا اٽڪل ٽي ڪتاب ”عرفان لطيف“، ”فڪر لطيف“ ۽ ”شاهه لطيف هر دور جو شاعر“ منهنجي نظر مان گذريا آھن. ٻين شايع ٿيل ڪتابن ۾ سندس تصنيفات آھن. ”ڀٽ جو گهوٽ“ ۽ ”ڀلارو ڀٽ ڌڻي“ اهڙي طرح لطيفيات تي سندس هڪ ڪتاب ”پيهي منجھ پاتال“ جي عنوان سان پڻ ڇپيل آهي. ان طرح لطيفيات جي موضوع تي سندس ڇهه ڪتابَ پڌرا ٿي چُڪا آهن. ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي هونءَ ته سڄي سنڌ جي اهم ادبي ۽ ثقافتي ادارن طرفان ٻن ڊزن کن ايوارڊ ملي چُڪا آهن پر تازو ئي 2021 ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي شاهه لطيف تي ڪيل سندس تحقيقي ۽ تخليقي ڪم جو قدر ڪندي کيس صوبي جو سڀ کان وڏو ادبي ايوارڊ ”لطيف ايوارڊ“ پڻ ڏنو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻولي جون خوبيون بيان ڪندي سائين هڪ ڪتاب لکيو آھي جنهن جو عنوان آھي ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“. هي ٻه ڪتاب بعنوان ”فڪر سچل“ ۽ ”حيات اقبال“ پڻ سندس قلمي پورهيي ۾ قابل ذڪر ۽ قابل مطالعه آھن. ان کان علاوه سندس اهم ڪتابن ۾ ”لاڙڪاڻو صدين کان“ ۽ لاڙڪاڻي جي ڇٽيهه ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ جو ذڪر به اڻ ٽر آهي. تازو ئي سندس شاعريءَ جو ڪليات ”اندر جي موسم“ پڻ منظر عام تي آيو آهي، جنهن تي سندس خوب پزيرائي ٿي آهي.
بشير احمد شاد جي ڪاوش ۽ قلم جي پورهئي تحت تحرير ٿيل ڪجھ اڻ ڇپيل تصنصفات آهن جن جو تفصيل هن طرح آهي. 1989ع ڌاري بشير احمد شاد سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي هئي، سندس ڊاڪٽريٽ جي مقالي جو عنوان هو ”ثناءُاللہ ثنائي جي شاعري جو تنقيدي جائزو.“ اها ٿيسز ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. بشير احمد شاد خاڪا نگاريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي هئي ۽ هو ڪيترن خاڪن جو تخليقڪار آھي، ان سلسلي ۾ سندس هڪ ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار پيو آھي. جنهن جو عنوان آھي ”منجهان منهنجي روح.“ دوست بشير احمد شاد پنهنجي حياتي جو احوال سربستو لکي رکيو آھي. اميد آھي ته سندس اهو قلمي پورهيو جلدي منظر عام تي ايندو، سندس جيون ڪٿا جو عنوان آھي ”جيون ساگر.“ قومي پئماني تي بشير احمد شاد جون ٻه تصنيفات اهڙيون آھن جيڪي ڇپائي جون منتظر آھن انهن مان هڪ جو عنوان آھي. ”اقباليات جا سو سال“ ۽ ٻيو ڪتاب آھي ”اورنگزيب عالمگير جي حياتي جا نوان رخ.“ پويان ٻئي ڪتاب هن جي قلم جي نوڪ سان ترجمو ٿيل آھن.
منهنجو ڀاءُ، منهنجو محسن ۽ منهنجو استاد بشير احمد شاد شال جڳ جڳ جيئي ۽ پنهنجي تخليقي پورهيي سميت پنهنجن ٻچڙن سان خوش آباد هجي، منهنجون پنهنجي ڀاءُ لاءِ هر پل اِهي ئي دعائون آهن.