هڪ دلبر ماڻهو، خوشي محمد
شير شاهه جي اردو بازار واري علاقي ۾ ماسٽر ولي محمد جو ڀاءُ خوشي محمد رهندو هو. تنهن سان اچي مون ملاقات ڪري پنهنجي روزگار جي سلسلي جي روداد بيان ڪئي. مسٽر خوشي محمد هڪ لکيل پڙھيل نوجوان هو ۽ ان وقت ڪامرس ۾ گريجيوايشن ڪري ڪنهن پرائيويٽ اداري ۾ اڪائونٽس سيڪشن ۾ فرض انجام ڏئي رهيو هو، تنهن وڏي خوش دليءَ سان مون کي پاڻ وٽ رهايو. ٻن ڏينهن جي ڪوشش سان منهنجي ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ ايچ ايم سلڪ ملز جي وارپ نٽنگ سيڪشن ۾ مشين آپريٽر جي پوسٽ تي تعيناتي ٿي ۽ ماهوار هڪ سو پنجاهه رپيا پگهار مقرر ٿي. شير شاهه واري ڪواٽر ۾ مسٽر خوشي محمد سان سندس ڳوٺ جو هڪ نوجوان بشير احمد رهندو هو، جيڪو ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ جي غرض سان آيو هو پر جيستائين کيس ڪا نوڪري ملي تيستائين گهر جو ڪم ڪار ۽ ماني ٽڪي ڪندو هو. هڪ ڏينهن بشير احمد مون کي ٻڌايو ته ڀائي خوشي محمد کي لاڙڪاڻي مان وڏي ڀاءُ ولي محمد جا خط اچن ٿا ته غلام رسول کي توهان پاڻ وٽ ڇاڪاڻ رهايو آھي؟ مون وجھ وٺي خوشي محمد کي معذرت ڪئي ته منھنجي ڪري توهان کي پنهنجي ڀاءُ کان ڪجھ ٻڌڻو پيو آھي. هن وراڻيو ته اهو منهنجو ۽ منهنجي ڀاءُ جو مسئلو آھي. تون سٺو نوجوان آھين ۽ پنهنجي سٺي زندگي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آھين ۽ ان سان گڏ تعليم به حاصل ڪري رهيو آهين مون کي تو جهڙن ماڻھن جو قدر ۽ عزت آهي، تنهن ڪري تون ڪنهن قسم جي ڳڻتي نه ڪر ۽ مون وٽ رهيو پيو هج، اهو منهنجي لاءِ ڪو مسئلو ناهي. زندگي ۾ جن بهترين انسانن سان منهنجي ملاقات ٿي آھي، انهن ۾ خوشي محمد پنجابي هڪ آھي، جنهن جي اجري ڪردار کي مان ڪڏهن وساري نه سگهيو آھيان.
گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن آئون تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو هئس ۽ ڪراچي کان لاڙڪاڻي ريل تي سفر ڪري رهيو هئس ته قسمت سانگي ريل جي مرداڻي گاڏي ۾ خوشي محمد سان ملاقات ٿي. جيڪو پنهنجي گهرواري سان ۽ پنهنجي ننڍي ٻار سان سيوهڻ شريف واري اسٽيشن تان چڙھيو هو. انهن ڏينهن هو سعودي عرب جي دمام شهر ۾ ڪنهن ڪارخاني ۾ اڪائونٽنٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو ۽ گرمين جي سيزن ۾ ملندڙ موڪلون گذارڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ ولي محمد وٽ لاڙڪاني ۾ آيل هو. مون تي هن دلبر انسان جا وڏا احسان هئا. مون کيس ان وقت ئي لاڙڪاڻي ۾ ملڻ جي ۽ ٻه ٽي گرهه گڏجي کائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. مقرر ڏينهن تي مون پنهنجي دوست بشير احمد شاد سان ملائڻ ۽ گڏجي ماني کائڻ لاءِ کيس سمبارا ۾ وٺي آيس ۽ هن جي مهمان داري ڪري دلي خوشي حاصل ڪئي. وري اچجي ٿو پنهنجي ڪهاڻي تي ته شير شاهه ڪراچي ۾ خوشي محمد بي شڪ مونسان وڏا وڙ ڪري رهيو هو پر مٿانئس وڏي ڀاءُ جو زور ڏسي مون پنهنجو ارادو ڪيم ته سڄڻ ڏي سڄي ٻانهن ته ان جي سڄي ٻانهن نه ڇڪجي، تنهن ڪري خوشي محمد وٽان موڪلائي مان ڪراچي جي سائيٽ ايريا حبيب بينڪ چورنگي ڀرسان ايس آٰءِ ٽي وارن فليٽن ۾ پنهنجي عزيزن جي عزيز محمد بخش آريجي وٽ اچي رهيس. سندس فليٽ ايڇ ايم سلڪ ملز کان بلڪل سڏ پنڌ تي هو. ڪراچي ۾ اٺ مهينا کن ڪم ڪري مان وارپ نٽنگ جي ڪم جو سٺو تجربو حاصل ڪري لاڙڪاڻي موٽي آيس. لاڙڪاڻي اچي مون نوڪري لاءِ خوجي شيخ محمد يوسف جي نور ٽيڪسٽائل ملز ۾ ماسٽر شفيع محمد کي انٽرويو ڏئي ڪراچي واري پگهار کان به پنجهتر رپيا وڌيڪ پنهنجي شھر ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. زندگي جي هن موڙ تي مون کي ڪجھ نوان تجربا حاصل ٿيا.
**