شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

فضل الله تنيو

63-1962ع ۾ اسان جي سنگت ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري واندي ٿي. ان وقت اسان کي ڪا ٻي سرگرمي ڪا نه هئي، تنهن ڪري اسان ميل ملاقات لاءِ وقت ڪڍي روزانو شام جو جناح باغ جي هڪ ڪشادي ٻاري ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن اسان پنهنجي اهڙي ڪچهري ۾ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالھيون ۽ ٺڙا ٺشا پئي هنياسين ته هڪ اجنبي نوجوان بنا ڪنهن تڪلف جي اچي اسان جي محفل ۾ شريڪ ٿيو، ان دوست پڻ تازو ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هو. تعارف ڪرائيندي هن پنهنجو نالو فضل اللہ تنيو ٻڌايو. پاڻ ۾ ڳالهين ۽ سوالن جوابن جي ڏي وٺ ٿي. جنهن مان خبر پئي ته همراهه ڪو ٽاپ جو ذھين شاگرد آھي. چند ڏينهن جي ميل ملاقات کان پوءِ هن دلچسپ طبيعت جي مالڪ دوست سان اسان جي گهرائپ وئي وڌندي. چند مهينن کان پوءِ ته باقاعدي هو اسان جي سنگت ۽ سٿ جو ميمبر ٿي ويو.
مسٽر فضل اللہ تنيي جو تعلق ميروخان جي پڙھيل ڳڙهيل تنين جي گهراڻي سان هو. سندس والد گرامي ورهاڱي کان اڳ بمبئي ۾ سرڪاري نوڪري ۾ رهي چڪو هو. بمبئي ۾ رهائش دوران سندس والد مسٽر شاهه محمد تنيي اتان هڪ گجراتي گهراڻي مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ هئا. هڪ مسٽر فضل اللہ ۽ ٻئي جو نالو هن وقت ذھن تي نٿو اچي. هي ٻئي ڀائر ڪو وقت ڪراچي ۾ رهيا ۽ پڙھيا. سندس وڏو ڀاءُ برطانيا پڙھڻ ويو هو. ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ان برطانيا ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي فيملي سان اتي ئي رهي پيو. جڏھن هو پاڪستان آيو هو ته اسان جون ساڻس ڪچهريون رهيون. فضل اللہ جو والد صاحب رٽائرمينٽ کان اڳ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿي رهيو هو.
مسٽر فضل اللہ جو تعليمي سفر اسان جي حلقي جي دوستن سان گڏ اڳتي وڌيو. هو ڪراچي ۾ رهڻ دوران ڪرڪيٽ راند ۾ ڀڙ هو، تنهن ڪري اسپورٽس جي بنياد تي کيس ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي. ذاتي طور مان هن جي طبيعت جي لاڙن هن جي سڀاءُ، مخلصي ۽ ذھانت جي ڪري هن جي گهڻو ويجھو اچي ويو هئس. جڏهن به منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو ته مان ڪهي وڃي ساڻس ٽنڊي ڄام ۾ ملاقات ڪندو هئس. قربدار وري ايڏو هوندو هو جو مون سان ٽنڊي ڄام کان حيدرآباد گڏجي ايندو هو ۽ شام جو سڄو پهر حيدرآباد گهمائي ڪنهن سٺي هوٽل تان ماني کارائي پوءِ موڪلائي واپس ويندو هو. 60ع واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي ۾ فضل اللہ جي رهائش باقراڻي روڊ مسجد واري گهٽيءَ دڙي محلي ۾ هوندي هئي. جتي هو پنهنجي والده سان رهندو هو. هڪ ڏينهن ادا بشير احمد شاد ۽ مون کي ماني تي صلاحي گهر وٺي ويو ۽ پنهنجي والده سان گجراتي زبان ۾ ڳالهائيندي اسان جو تعارف ڪرايائين. سندس والده محترمه ساڙي ۾ زيب تن هئي. هوءَ ڀاڳوند، صوم صلوات جي پابند، نيڪ بخت، نيڪ سيرت ۽ نيڪ طبع خاتون پئي لڳي.
گريجوئيشن کان پوءِ فضل اللہ ايم ايس ڪرڻ لاءِ آمريڪن يونيورسٽي آف بيروت هليو ويو. فرسٽ سيمسٽر ۾ هو ته بيروت ۾ شيعا مليشا ۽ حڪومت جي وچ ۾ اڻبڻت ڪري ملڪ جنگي حالتن جي نظر ٿي ويو، اهڙي فڪرمندي واري حالتن ۾ اسان جا هڪ ٻئي جي خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ خطن پٺيان خط ويندا هئا. فضل اللہ وڏو باخبر ۽ زيرڪ دماغ ماڻھو هو، اتي وڃي اسان کي بيروت ۽ دنيا ڀر جون خبرون ۽ احوال ڪندو هو.
1960ع واري زماني ۾ بواءِ فرينڊ ۽ گرل وارا اڃا چڪر ڪونه هئا پر هن پنهنجي خط و ڪتابت ذريعي هڪ جاپاني گڏي سان دوستي رکي هئي. جيڪا کيس خط جي جواب ۾ پنهنجي گهر جي سموري اسٽوري، سٽيوايشن، نقشا، پنهنجون ۽ پنهنجي اسٽڊي روم جون تصويرون موڪليندي رهندي هئي. جيڪي هو ادا بشيراحمد شاد، عبدالسميع سومري ۽ مون کي ڏيکاريندو هو. کلڻو رلڻو ملڻو ۽ خوش طبع هو، تنهن ڪري بيروت وڃي به ڪيترن عربي ۽ ٻين ڏيساورن مان تعليم پرائڻ لاءِ آيل شاگردن سان دوستيون ڳنڍيائين. وڏن وڳوڙن واري ماحول وارين حالتن ۾ يونيورسٽي جي هاسٽل کي ڇڏي شهر جي مسلم ايريا ۾ وڃي رهيو، تنهن هوندي به هڪ خط ۾ لکيائين ته ڪالھ هڪ راڪيٽ اسان جي فليٽ تي اچي ڪريو هو، جنهن سان عمارت جو هڪ حصو مسمار ٿي ويو. خدا جو ڪو ڏنو ٻنو هو جو مان ۽ منهنجي پارٽر وارو ڪمرو بچي ويو. اورچ ۽ دلير ماڻھو هو، اهڙن نامسائد حالتن ۾ به آمريڪن يونيورسٽي آف بيروت مان زراعت ۾ ماسٽرس ڪري آيو.
پاڪستان موٽي آيو ته کيس سنڌ سرڪار ڏوڪري واري ريسرچ فارم تي ريسرچ آفيسر مقرر ڪيو. ان ڪري هاڻي هو اسان جي گهڻو ويجهو اچي ويو هو. دل چوندي هئي ته ادا بشير احمد شاد ۽ مان ريل ۾ ڏوڪري وڃي وٽانئس ڀيرو ڪري ايندا هئاسين، يا پنهنجي ساٿ سان ڪڏهن موهن جو دڙو گهمڻ ويندا هئاسين ته به وٽس وڃي رات ترسندا هئاسين.
گهرائپ جي ڪري مون کي پنهنجي زندگي جي سفر ۽ رازن کان آشنا ڪندو رهندو هو. ڪراچي ۾ زندگي گذارڻ دوران جڏهن سندس والد صاحب جي نوڪري ڪنهن ٻين علاقن ۾ هوندي هئي ته هو پنهنجي والده سان گڏ هوندو هو. جيڪا کيس پاڻ کان جدا ٿيڻ نه ڏيندي هئي. ڪو ڏکيو وقت هنن مٿان اهڙو به آيو جو کيس ڦوڪڻن ٺاگڻ جي فيڪٽري ۾ مشينن تي ۽ پيڪنگ سيڪشن ۾ ڪم ڪرڻو پيو. جيڪو هن وڏي خوش اصلوبي سان ڪيو. هن پنهنجي زندگي ۾ ڏک ڏولاوا، زماني ۽ پنهنجن جون قلفتون ۽ بي رخيون گهڻيون ڏٺيون ۽ سٺيون پر هڪ دلير باوقار ۽ باگفتار شخص هو، تنهن ڪري زماني جي مڙني رنڊڪن کي منهن ڏئي وڃي پار پيو. شادي ڪيائين، ڀاڳوند هو ٻار ٿيس، لڙندي عمر ۾ لاڙڪاڻي شهر واري زرعي کاتي واري آفس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. بحيثيت آفيسر جي سندس شمار ايماندار آفيسرن ۾ ٿئي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ اسان جي سنڌي سڄڻ سٿ جون ڪچهريون ۽ بيٺڪون لاڙڪاڻي عيد گاهه واري مسجد واري اوطاق تي ٿينديون هيون، تڏھن به هو ميروخان مان ڪهي اچي سنگت سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هو. اتان اٿي جڏهن ادا بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ، محمد يوسف لغاري، محمود گل عباسي مان ۽ سٿ جا مڙئي دوست سچل ادبي مرڪز جي قيام جي ڪم پٺيان سرگرم ٿي وياسين ته اسان جو هي سڄڻ دوست ڀاءُ فضل اللہ به هر حال ۾ دامي درهمي ۽ سخني ڀاءُ بشير احمد شاد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو ۽ مرڪز جي تعمير ۽ توسيع جي ڪم ۾ پنهنجي هڙان وڙان هڪ خطير رقم فراهم ڪيائين. زندگي جي پڇاڙيءَ واري حصي ۾ مان ميروخان وڃي مليومانس. ان وقت به ماشاءُاللہ صحت ۽ صحبت جي معاملي ۾ ڀڙ هو. سندس رهائش اسان سومرن جي ويڙهي جي لڳ پنهنجي اباڻي گهر ۾ هئي، فضل الله منهنجي ڀيڻوئي حاڪم علي سومري جو پڪو يار هو. سندس عمر ڪا ايڏي وڏي ڪانه هئي، مٿس ڪي پيري ۽ ڪمزوري جا آثار به ڪونه هئا پر پوءِ به جڏهن موت جا مارو اچي مٿان بيهي ٿو ته ڪو پوئتي پير ڪري نٿو سگھي ۽ انهن سان پنهنجي ابدي زندگي واري سفر تي نه چاهيندي به ھليو وڃي ٿو. سو هي اسان جو پيارو دوست ايئن راهه رباني وٺي هليو ويو. جو مون کي خبر ئي نه پئي.

اِنا اللہِ وَ اِنا عِليہِ راجِعُونِ.