شخصيتون ۽ خاڪا

جيءُ جياريو جن

ڊاڪٽر غلام رسول سومري زندگيءَ جي سفر ۾ جن بہ ماڻھن کان ڪجهہ سِکيو آهي، متاثر ٿيو آهي يا جيڪي سندس مددگار رهيا آهن، انھن ماڻھن جي ڪٿا، تاريخ، ڳالھيون، سوانح، يادون، خاڪا، مضمون ۽ لکڻيون هن ڪتاب ۾ سمايل آهن. ھن ڪتاب ۾ سندس عزيز، سندس دوست، سندس پرائمري کان يونيورسٽيءَ جا استاد، سندس رهنما، ادبي استاد ۽ ساٿي، ۽ مختلف سياسي يا سماجي شخصيتون تي لکيل مضمون شامل آهن. ڪتاب ۾ شامل شخصيتن سان گڏ انھن جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي پسمنظر ۽ ڳالھيون بہ شامل آهن تہ جدوجھد جا داستان بہ.

Title Cover of book جيءُ جياريو جن

دلبر دوست محمد يوسف لغاري

محمد يوسف لغاري هڪ انمول سماجي ڪردار هو. مرحوم لاڙڪاڻي جي دڙي محلي جو رهاڪو هو. 63-1962ع ڌاري جڏهن اسان هڪ ادبي ۽ سماجي تنظيم ”سنڌي سڄڻن سٿ“ جو بنياد لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ رکيو، تڏهن محمد يوسف لغاري پڻ سٿ جي بنياد وجهندڙن ۾ شامل هو. هو اسڪول وارن ڏينهن کان ئي مک ۾ مشڪندڙ، طبع ۾ نهٺو، سڀاءُ ۾ سلڇڻو، مزاج ۾ مٺو ۽ هڪ محبوب شخصيت جو مالڪ هوندو هو. دريا دل ايترو هو جو زندگي جي ڏکيائي واري وقت ۾ هر ڪنهن سان ساٿ ڏيڻ ۾ سڀ کان اول تيار هوندو هو. ايتري قدر جو ڪنهن کي رت جي ضرورت پوندي هئي ته هي همراهه ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو هوندو هو. محمد يوسف لغاريءَ ۾ اهي گڻ مرندي گهڙي تائين رهيا.
لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ چوٿين اسٽينڊرڊ دوران اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ هي دوست ٽيم جو سٺو بيٽسمين هو. ميونسپل هاءِ اسڪول جي گرائونڊ ۾ جڏهن مون هن کي ڏٺو تڏهن کيس پيرن ۾ اڇا ڪرمچ وارا شوز هئا. ڄنگهن تي اڇا پيڊ ۽ جسم تي اڇي رنگ جي پينٽ ۽ اڇي رنگ جي قميض پاتل هئي. مشڪندو مسڪرائيندو هٿ ۾ بيٽ کنيو همراهه ڪريز ڏانهن اچي رهيو هو. ڪرڪيٽ گرائونڊ کان سواءِ هن کي اسڪول جي ڊرائنگ هال ۾ ڏسڻ جو موقعو ملندو هو. آئون به آرٽ ۽ ڊرائنگ جو شوقين هئس پر دوستن جو هي گروپ جنهن ۾ بشير احمد پٺاڻ، محمد يوسف شيخ، غلام مصطفيٰ بولاڻي ۽ محمد يوسف لغاري هوندا هئا سي باقاعدي اليمينٽري ڊرائنگ جا شاگرد هئا. مون وٽ رڳو ڊرائنگ جو پيريڊ هوندو هو، ڊرائنگ هال ۾ اسان جي سينيئر استادن ۾ جناب ناصر حسين صاحب هوندو هو. جيڪو ورهاڱي کان اڳ هندستان جي ڪنهن معروف اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر ٿي رهيو هو. آرٽ جي فن جي لحاظ کان هو هڪ مڃيل آرٽسٽ هجڻ سان گڏ ماهر پينٽر به هو. جنهن جي شاهدي اسان جي ڊرائنگ هال ۾ لڳل هن جي هٿ جون ٺهيل پينٽنگز هونديون هيون، جن کي ڏسندي ڏسندي اسان فطرت جي حسين منظرن ۽ خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندا هئاسين. محمد يوسف لغاري گروپ وارا ٻن پهرن جي نماز جي وقت به ڊرائنگ هال ڏانهن استاد ناصر حسين جي امامت ۾ نماز پڙھڻ لاءِ ڪٺا ٿيندا هئا. بس اهي ٻه ٽي جايون هونديون هيون جتي هلندي هلندي محمد يوسف لغاري سان منهنجي ڏيٺ ويٺ دوستيءِ ۾ تبديل ٿي وئي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد اسان هڪ ئي اسڪول جا فارغ ٿيل شاگرد جناح باغ ۾ شام جو ميڙ ڪري ڪچهريون ڪندا هئاسين، ان وقت اسان جي وچ ۾ تقريبن سينيئر ۽ جونيئر جو ليکو ختم ٿي ويو هو. پوءِ اسين يڪ ڪالب يڪ جان ٿي نه رڳو هڪ ٻئي سان ميٺ محبت ۾ رهندا هئاسين بلڪه پنهنجي سٿ جي پليٽ فارم تان ادبي، علمي ۽ سوشل سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۾ پڻ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا هئاسين. اسان دوستن جي سٿ ۽ اسان جي حلقي ۾ محمد يوسف لغاري هڪ محبوب شخصيت جي حيثيت رکندو هو. صاف دل ۽ فراغ دل جيئڙي هجڻ ڪري هن سان هر ڪو پيار ۽ محبت سان پيش ايندو هو.
ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري جڏهن هن آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج مان انٽر آرٽس ڪئي، تڏهن ستت ئي کيس گورنمينٽ اسڪول پرائمري سيڪشن ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي. هو لاڙڪاڻي جي مختلف تعلقن ۽ لاڙڪاڻي جي آسپاس، ٻھراڙين ۾ قائم اسڪولن ۾ پنهنجا فرض ايمانداري ۽ خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندو رهيو. هو جتي به ويو ۽ جتي به رهيو وڏي عزت ڪمائي اتان رخصت ٿيو. اسڪولن جي نصاب ۾ جيڪي مضمون رکيل هوندا هئا تن کي پڙھائڻ جي سلسلي ۾ هو هڪ آل رائونڊر استاد هو. ڪاليج ۽ يونورسٽي توڙي ايجوڪيشن مضمون جي هن تعليم پرائي. ڊبل ايم اي جا امتحان ڏنائين، جيڪي سمورا هن سٺن گريڊن ۾ پاس ڪيا پر پرائيويٽ طور امتحانن ڏيڻ دوران هن کي مون ڪتاب پڙھندي تمام گهٽ ڏٺو. انٽرميڊي ايٽ، بي اي، بي ايڊ ۽ ڊبل ايم اي ڪيائين، انهن امتحانن جي اسٽڊي اسان گڏجي گروپ جي شڪل ۾ جناح باغ جي ٻارن ۾ رات جي پهر ۾ دير تائين ويهي ڪندا هئاسين. محمد يوسف لغاري گروپ اسٽڊي ۾ اسان سان برابر گڏ هوندو هو پر جڏهن اسان پاڻ ۾ ويهي وڏي آواز سان ڪتاب پڙھي انهن جا چيپٽر ياد ڪندا هئاسين ته هي همراهه ڇٻر تي ليٽي پوندو هو. ننڍ جو وري اهڙو انسٽنٽ هو جو هيڏانهن مٿي هيٺان ٻانهن ڏنائين ته هوڏانهن جوان جو کونگهرو شروع ٿي ويندو هو. چانهن پيئڻ جي وقت تي جاڳندو هو. جي رائل سنيما لڳ هوٽل رحمان جو بيرو چانهن آڻڻ ۾ دير ڪندو هو ته محمد يوسف وڏي شوق سان وڃي چانهن کڻي ايندو هو ۽ هر هڪ دوست کي ڪيٽلي مان ڪوپ ۾ چانهن اوتي پنهنجي هٿن سان سرو ڪندو هو.
اسان سمورا دوست سڄو سال ڪتاب پڙھي مٿو کپائيندا هئاسين، جڏهن امتحانن جي ڏينهن ۾ اسان وڌيڪ ڌيان ڏئي اسٽڊي ڪندا هئاسين تڏهن اسان جي وڏي آواز سان پڙھڻ دوران هي همراهه جاڳي وڏي سڌيرائپ سان ڀرسان ويهندو هو ۽ چيپٽر جا چيپٽر ياد ڪندو ويندو هو. رب سائين کيس حافظو ايڏو زبردست ڏنو هو جو ان ٻڌل اسٽڊي جي بنياد تي امتحان ۾ ويهندو هو ۽ هو ڪاميابي سان ويندو هو ڊگريون وٺندو. حاصل ڊگرين جي بنياد تي تعليم کاتي ۾ هو ترقي ڪري اپ گريڊ ٿي سيڪنڊري اسڪول ايجوڪيشن سيڪشن ۾ آيو. محمد يوسف لغاري ضلعي جي ڪجھ تعلقن ۾ پڙھائڻ کان پوءِ ڪو وقت لاڙڪاڻي جي پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ هڪ مهربان ۽ ڪامياب استاد جي حيثت سان پڙھائيندي رٽائر ٿيو.
اسڪول، ڪاليج يا جوانيءَ واري دور ۾ اسان جون گهاڙواهه يا رائيس ڪئنال تي جيڪي تفريحي سرگرميون ٿينديون هيون يا اسان جي حلقي جي تنظيم سنڌ اسٽڊي سرڪل جون علمي ادبي سرگرميون ٿينديون هيون، انهن ۾ اسان جو هي پيارو دوست نه رڳو دل و جان سان حصو وٺندو هو پر وڏي اورچائي سان تنظيم جي هر قسم جي ڪمن جي پورائي ۽ تڪميل ۾ اول کان آخر تائين مطلب ته تڏا ويڙهه تائين سرگرم رهندو هو.
لاڙڪاڻي جي عيد گاهه واري مسجد ۾ اسان جي سنڌ اسٽڊي سرڪل جي آفيس ۽ سنگت جي ڪچهري جو اڏو هو جتي شام جو هر روز اسان جي گڏجاڻي ٿيندي هئي، اتي ٿيندڙ هر قسم جي گڏجاڻين ۾ محمد يوسف لغاري هميشه ٽائيم سارو موجود هوندو هو، جن دوستن پنهنجي عملي ۽ علمي فيضيابي ڏيکاريندي سچل ادبي مرڪز جي قيام جي باري ۾ پياري دوست بشير احمد شاد جي خيالن جي پٺڀرائي ڪئي ۽ هن نئين ادبي اداري جي قيام ۾ عملي حصو ورتو، انهن ۾ محمد يوسف لغاري جو نالو سرفهرست آھي.
سچل ادبي مرڪز جو قيام ڪو سنهنجو ڪم نه هو ان کان اڳ به لاڙڪاڻي شھر ۾ ڪيترن سنجيده اديبن ۽ شاعرن جي سربراهي ۾ سچل سائين جي نالي پٺيان ادارا ۽ تنظيمون ادبي لحاظ کان پنهنجو سٺو پسمنظر رکنديون هيون، جن مان ڪجھ پنهنجو وقت پورو ڪري پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتيون، ڪي سربراهي جي اڻاٺ ۽ ڪي وري پنهنجي تنظيمي اختلافن جي ور چڙهي پنهنجو تاب ۽ وِت وڃائي ويٺيون. اهڙي صورتحال ۾ بشير احمد شاد، محمد يوسف شيخ ۽ محمد يوسف لغاري ۽ ڪجھ حلقي جي ٻين احبابن جي جهد مسلسل جي ڪري سچل ادبي مرڪز هڪ نئين وجود ۽ نئين حيثيت سان ڪاميابي ڏانهن پنهنجو نئون سفر اختيار ڪيو. سچل ادبي مرڪز جي ڪاميابين ۾ محمد يوسف لغاري جو هٿ ۽ هڪ ڪردار رهيو آھي، ان بابت اداري جا باني ۽ ان کي ترقي جي راهن تي پهچائيندڙ عالم، اديب ۽ اداري جا سربراهه ان ڳالھ جون ساکون ڀري سگهن ٿا ته محمد يوسف لغاريءَ سچل ادبي مرڪز جي واڌ ويجھ لاءِ پنهنجو ڪيترو رت ست ڏنو آهي.
محمد يوسف لغاري پنهنجي دور جي هڪ بهترين استاد سان گڏ هڪ سچو سوشل ورڪر پڻ هو. ادبي علمي ۽ سماجي ادارن، انهن جي سرگرمين ۾ سرگردان رهڻ کان سواءِ هو مذھبي طور تي لاڙڪاڻي ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي انعقاد جي سلسلي ۾ عملي طور سرگرم رهندڙ تنظيمن سان لاڳاپيل رهندو هو. ساليانو جشن ميلاد النبي ﷺ کي شايان شان نموني ملهائڻ لاءِ هڪ گروپ شيخ روشن علي ۽ غلام مصطفيٰ شيخ جي ڪاوشن سان دڙي محلي مان هڪ وڏو جلوس ڪڍندو هو. ان جلوس جي تيارين ۾ محمد يوسف لغاري هفتن جا هفتا مختلف ڪمن ۾ روشن علي شيخ وارن سان مصروف هوندو هو. ان زماني ۾ پينافليڪس جو رواج اڃا نه هو، جلوس لاءِ وڏا وڏا بينرس پينٽر کان لکرائي جلوسن کي سينگاريو ويندو هو. محمد يوسف لغاري ڊرائنگ ٽيچر ناصر حسين صاحب جي رهنمائي ۾ پينٽنگ جا گُر چڱي ريت سکيو هو ۽ هو هڪ ڀلوڙ پينٽر ٿي چڪو هو، سو جلوس جا بينر ۽ ٻيو اهڙو ڪم هو پنهنجي ذمي کڻي بخوبي پورو ڪندو هو، سچل ادبي مرڪز ۾ به جيڪي پينٽر جا ڪم نڪرندا هئا سي به لغاري صاحب ٺاهي تيار ڪري ڏيندو هو.
زندگي جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ هو ڪجھ ناچاڪ رهڻ لڳو، تڏهن به سچل ادبي مرڪز ۾ روزانو شام جو ٿيندڙ محفلن ۾ اچي ڪچهري ڪري پنهنجو روح ريجهائي ويندو هو. ايتري قدر جو شگر جي بيماري هن کي صفا ڳاري ڇڏيو، انهن ڏينهن ۾ اسان جو هي دوست پنهنجي سنگت ۽ ساٿ سان پاڻ کڻائي به مرڪز تي ايندو هو ۽ ڀيرو ڪري ويندو هو.
زندگي ۾ رب سائين ڪن اهڙن موتين جهڙن ماڻھن سان ميل ميلاپ نصيب ڪري ٿو، جن کي پنهنجي زندگي ۾ ماڻھو وساري نٿو سگهي. محمد يوسف لغاري جو تعلق اسان سان اهڙو رهيو. منهنجي اڳيان هن جي زندگي هڪ کليل ڪتاب جيان رکيل آھي. جنهن ۾ هن جا گڻ جهڙوڪ وفاداري، ايثار، جفا، قرباني، سهڻو سلوڪ، پيار، محبت ۽ سڀ کان وڌيڪ سچائي ۽ ديانتداري جهڙا اڻ ڳڻيا موضوع ورقن ۾ ڀريا پيا آھن. هن دوست جو وڇوڙو منهنجي جيءَ کي جهوري ٿو پر موت برحق آھي، ان جو ذائقو هو چکي ويو ۽ سڀاڻي اسان کي به چکڻو آھي.