جمعي فقير جي مختصر جيون ڪٿا
زندگيءَ جي سفر ۾ ڪو وقت اهڙو به آيو جو ساڳئي دڪان تي محمد جمن سومري حجامڪو ڪم شروع ڪيو. جمن فقير جي ذاتي زندگي ۽ گهرو حالتن جي سنگينيءَ هن ۾ سنجيدگي پيدا ڪئي. جنهن سبب هن جي مزاج مان شوق ۽ حسن پرستي وارا انگ اکر ۽ اير ڀير ڪافور ٿي ويا.
جمن فقير جي جيون ڪٿا جي سلسلي ۾ هن ڳالھ جي اسان کي تشنگي رهجي وڃي ٿي ته ڪنهن به طرف کان هن جي زندگي جون سربستيون ڳالھين سامهون اچي نه سگهيون آھن. جهڙوڪ هن جي اسڪولي تعليم ۽ ٻيو هن جي وڏن ۽ سندس خاندان جي باري ۾ اسان کي ڪا گھڻي ڄاڻ نٿي ملي. قمبر شھر ۾ هن ڪيترا سال حجامڪو پورهيو ڪيو. جڏهن هن قمبر مان بر ٿي لاڙڪاڻي شھر جو منهن ڪيو تنهن جي متعلق به اسان کي پوري معلومات ڪانهي. منهنجي نظر ۾ اهي سوال تحقيق طلب آھن. پر ٿي سگهي ٿو ته ڪيترن اهل علم دوستن پنهنجي لکڻين ۾ اهڙين ڳالھن کي سامهون آندو هجي پر منهنجي ڪم علمي ۽ ڪيناڊا ۾ گھڻو ڏور رهڻ ڪري گهٽ پهچ سبب مان انهن کان لاعلم آھيان.
منهنجي ذاتي مشاهدي جي روشني ۾ ۽ منهنجي اکين ڏٺي احوال مطابق محمد جمن سومرو1960ع واري زماني ۾ لاڙڪاڻي ۾ وارد ٿيو. ان وقت مان انگريزي اسڪول ۾ پڙھندو هئس. گهاڙ واھ اسان جي پاڙي ۾ هوندو هو. گرمين جي مند ۾ اسان پاڙي جا ڇوڪرا پاڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ اڪثر گهاڙ واھ ۾ تڙڳڻ لاءِ ويندا رهنداهئاسين. مون جڏهن جمن فقير کي ڏٺو ته سندس حال نهايت غريبي هو.
منهنجي خيال موجب هن جي کيسي ۾ چانھ پيئڻ جيترا پئسا به ڪونه هئا. اهڙي صورتحال ۾ هو ڪٿان رلندو ڀٽڪندو گهاڙ واهه جي ڪپ تي کٽين جي گهاٽ تي ويڳاڻن وانگر اچي ويهي رهيو. لڳي ٿو ته هو غيرت ۽ حيا وارو ماڻھو هو. جي چاهي ها ته بهارپور ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي عيش گهرن وٽ هوٽل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي هٿ ڊگهيڙي ويهي ها ته اتان لانگاهو ۽ ايندڙ ويندڙ کيس ايترو ڏين ها جو هو پنهنجي پيٽ پوڄا سهنجهائي سان ڪري ٿي سگهيو پر هن گهاڙ واهه واري تڙ تي پنهنجي ذات وارن ڏانهن منهن ڪيو. ان وقت گهاڙ واهه ڀريو تريو رهندو هو ۽ ان جو پاڻي سدائين ڪنارن کان ٻاهر پيو نڪرندو هو. گهاڙ واهه جي ڪڙ تي هڪ ننڍي مسجد ٺھيل هئي جنهن جي ڀر ۾ نم جو وڻ هوندو هو. جمن فقير سهنج ڏسي نم جي وڻ جي ڇانو ۽ مسجد جي ديوار جي لڳ پنهنجي ميراث کي رکي گهاڙ جي پاڻي تي هڪ نظر وجهي پوءِ ڌوٻي گهاٽ جي ٽاپ تي گهمي ڦري جائزو وٺڻ لڳو. شام لڙي ڌوٻي گهاٽ خالي ٿي ويو. گهاٽ تي خاموشي ڇائنجي وئي تڏهن هن به وڃي مسجد جو پاسو ورتو. صبح جو تڙڪي نڪرڻ وقت مسجد مان نڪري گهاڙ واھ مان ٻه لپون پاڻي جون منهن تي هڻي ڌوٻين جي ڪپڙن ڌوئڻ جو جائزو وٺي رهيو هو ته کيس نيرن ڪرڻ جي ڪيترن پاسن کان فقير صاحب کي صلاح ٿي. هي همراهه به پيٽ بکيو هو سو باسم اللہ ڪري هڪ ڀاءُ سان ماني کائڻ ۾ ڳنڍجي پيو. گهاٽ جي ڌوٻين جمن فقير کان حال احوال وٺي ۽ پنهنجو ذات ڀائي سمجهي پاڻ سان گڏجي ڪم ڪار ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پر ان وقت هي پنهنجن کان ڇڳل ۽ زماني جو لهسيل شخص پنهنجي ذات ۾ گهڻو دل شڪستو هو. سندس من ڪنهن ڪم ۾ هٿ ڳنڍڻ جي نه پيو ڪريس. ڪنهن کي ڪا ورندي ڏيڻ بدران هو هيڏي هوڏي پيو واجهائي. ڌوٻين به کيس درويش سمجهي گهاٽ تي ٻه وقت ماني پئي کارائي. جمن فقير جو هردو گهاڙ واهه جي سهڻي ۽ فطري ماحول تي ريجهي پيو. ڪجھ پنهنجي همت ڪيائين ڪجھ ذات ڀائين جي مدد سان مسجد جي اولاهين پاسي واري ڀت جي ڀرسان نم جي وڻ هيٺان هڪ ڪکائين ننڍي جهوپڙي جوڙي پنهنجو آستانو اڏي ويهي رهيو.
جڏهن جمن فقير ٿانيڪو ٿي مسجد جي اوٽ وٺي ويهي رهيو تڏهن هو قرار ۾ پيو نظر ايندو هو. ڪم ڪار ڪندي ڪجھ بيت هلڪي هلڪي آواز ۽ سر ۾ پيو جهونگاريندو هو. مون جمن فقير کي پنهنجا ذاتي ڪم ڪار ڪندي به ڏٺو، تڙ پاڻي گهاڙ واهه ۾ لهي ڪندو هو. ايترو به يادگيري ۾ آھي ته شروع وارن ڏينهن ۾ هو باهه ٻاري پنهنجي چانهن پاڻ تيار ڪندو هو. البته ماني ٻوڙ ڪندي مون کيس ڪونه ڏٺو. باقي دوٻين جي ڦرهي تي ويهي پنهنجا ڪپڙا به پاڻ ڌوئيندو هو. وهنجڻ کان پوءِ تيل ڦڻي ڪندو هو. هڪ گوچاني ۾ وٽس تيل جي شيشي، ڦڻي سرمو سرائي، آئنو، نچڪڻو ۽ قينچي هوندي هئي، جنهن سان هو پنهنجو وار بج پاڻ ٺاهيندو هو. پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ منهن کي ڪجھ تيل سرس مکيندو هو ۽ اکين ۾ سرمو به ججهو پائيندو هو. اهي تيل ڦليل هو پنهنجي زندگي جي پوين ڏينهن تائين ڪندو آيو.
اها خبر ناهي ته ھن کي گڏهه ڪٿان هٿ آيو، منهنجو خيال آھي هن اهو گڏهه قمبر مان ڪو نه آندو هو. ٿي سگهي ٿو ته اهو گڏهه به هن وانگر رولو هجي ۽ کيس ڪٿان هٿ آيو هجي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن هو جواني لڙي ۽ غذائي قلت جي ڪري گهڻو ڪمزور ٿي پيو ۽ ڊگهي سواري ۽ پنڌ ڪرڻ جي قابل نه رهيو هجي ته مٿس ڪهل کائي ڪنهن سواري طور کيس گڏهه بخش ڪيو هجي. گڏهه کي هن پنهنجي زندگي جي پڇاڙي تائين سواري طور ڪتب آندو. هي عجيب و غريب قدرتي واقعو منهنجي اکين ڏٺو آھي ته جنهن نم جي وڻ جي ڇانوري هيٺ جمن فقير پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيو هو سا قدرتي طور پنهنجي هڪ ٻه ڇانگي ڏار جي سوراخ مان اچي وهي نڪتي. ڪي ڏينهن ان نم جو بدبودار ڳوڙھو گج وارو پاڻي ريلا ڏئي گهاڙ واھ جي ٽاپ تائين پئي آيو. نم جو اهو قدرتي ڳاڙ جمن فقير لاءِ نه رڳو هڪ وڏو آزارهو پر ان پاڻي تي ماکي جي مکين. ڪولين ۽ ماڪوڙن جي يلغار ان هنڌ تي جمن فقير جو رهڻ محال ڪري ڇڏيو. پوءِ ستت ئي هو اها جوءِ ڇڏي لاڙڪاڻي شھر جي پاسي هليو آيو.
جمن فقير گهاڙ واھ ڇڏڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي مختلف پاڙن ۾ خاص ڪري باغن جي وٽ پاسن تي پنهنجي گڏهه سوڌو پيو گذران ڪندو هو. جنهن زماني ۾ هن جي دل ۾ جانورن خاص ڪري ڪتن ۽ انهن جي گلرن مٿان ڪهل وارو جذبو جاڳيو تنهن زماني ۾ هو گهڻو تڻو لاڙڪاڻي جي مڇي مارڪيٽ جي ارد گرد رهڻ لڳو. صبح جو نائين ڏهين بجي مارڪيٽ مان ٻاڪري گوشت جي ڪاسائين وٽان اڇليل ڇيڇڙا ڪٺا ڪري مارڪيٽ جي اوسي پاسي. پراڻي گاهه پڙي وٽ ۽ ميان جي ڳڙهي وارين گهٽين ۾ وڃي ڪتن ۽ انهن جي ٻچن کي کارائيندو هو.
جمن فقير هاڻي پنهنجي پيٽ پوڄا لاءِ اڪثر مارڪيٽ جي دروازي جي اڳيان بيهي بي حجاب ٿي ايندي ويندي جي اڳيان هٿ ڊگهيڙيندو هو. وڏي ڏاهه وارو سياڻو ۽ حاضر دماغ ماڻھو هو. کيس ڳالھائڻ جو ڏانءُ ۽ ڪي سهڻا سخن ۽ گفتا ايندا هئا. تنهن ڪري پنهنجي سياڻپ ۽ عقل کي استعمال ڪندي اشارن جي مام ۽ وڏي اداڪاري سان گفتا چئي ماڻھن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جمن فقير جيڪي گفتا ماڻھن کي ٻڌائيندو هو انهن ۾ معنيٰ ۽ رمز رکيل هوندي هئي. تنهن ڪري شھر جا ماڻهو کيس ڏاهو جمن فقير سڏڻ لڳا.
جمن فقير بي شڪ وڏو سياڻو ۽ مردم شناس ماڻھو هو. پر فطري طور هن جي شخصت اندر هڪ ماهر اداڪار واريون مڙئي خوبيون موجود هيون. اهوئي سبب هو جو هو آئي وئي ماڻھو جو اک ڇنڀ ۾ اونهو مشاهدو ڪري ان جي طبع، سڀاءَ ۽ مزاج معلوم ڪري وٺندو هو. تنهن بعد ان شخص جي آڏو پنهنجي ڊگهين آڱرين وارو هٿ ڊگهيڙي پنهنجي حاضر خيالي سان جملن ۽ لفظن جي چونڊ ڪري صدا هڻندو هو.
جمن فقير پنهنجي مزاج ۾ هڪ حسن پرست جيئڙو هو. مون کي لڳي ٿو ته جواني ۾ هو ڪنهن جي مٿان پنهنجي دل هاري ڌڪجي چڪو هو. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن اهڙي سبب جي ڪري هو پنهنجي شھر قمبر، پنهنجي خاندان، سنگت ساٿ ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ کي تياڳي اچي ماڳن ماڳن ۽ رستن جو رولاڪ ٿيو. 1970-1965ع واري زماني ۾ جنهن وقت اسان جي جواني واري وستا هئي ان زماني ۾ مون جمن جي ٻيجل واري سريلي، سلوڻي انداز ۾ سهڻن ۽ خوبرو ۽ نئين ٽھي جي جوانن اڳيان جادوگري سان ڀريل گفتن ۾ کين چوندي ٻڌو هو. ”رب ڏسئي ٿو... مٿان بيٺو ٿي... بس خيال ڪري هل.“ ڳالھ کي اهڙي معنيٰ خيزانداز ۾ اڻپورو ڇڏي ڏيندو هو ۽ مام کي مام ئي رهڻ ڏيندو هو. پنهنجي دل جي اڌمن کي. عشق جي اشارن کي ۽ پسند جي مامرن کي اشارن ۽ ڪناين جي ورقن ۾ ويڙھي پنهنجي اندر جي ٻاڦ ڪڍي وٺندو هو.
محترم ڪامريڊ ذوالفقار علي قادري قمبر جي تعلق ۽ قمبر شھر ۾ جمن فقيرجي هڪ پاڙيسري جي هجڻ جي ناطي سان جمن فقير جي زندگي متعلق چڱي ڄاڻ ڏني آهي. سوشل ميڊيا تي جيڪو مقالو هن شيئر ڪيو هو تنهن ۾ جمن فقير ۽ محترم جناب ذوالفقار ڀٽي جي دوستي جون گهڻيون ڳالهيون ڪيون آھن، هو لکي ٿو ”لاڙڪاڻي جي مڇي گوشت مارڪيٽ وٽ جمن فقير بيٺو هوندو هو. اتي اسان هن فقير جا سالڪن وارا گفتا ٻڌا جيڪي فقيري رنگ ۾ رنگيل هوندا هئا.“ ذوالفقار علي قادري صاحب وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو ته. ”محترم ذوالفقار علي ڀٽي سان هن جي دوستي وارو تعلق اتفاقي ۽ حادثاتي طور جڙيو، جمعو فقير ڪو پاڻ سيڙجي ڀٽي صاحب ڏي نه ويو هو پر ڀٽو صاحب اڃا وزيراعظم ڪونه بڻيو هو، ته ڀٽي صاحب کي ڪنهن ٻڌايو ته شھر ۾ گڏهه تي گهمندڙ هڪ فقير جا گفتا نه صرف ٻڌڻ جوڳا آھن پر سبق آموز به آھن. ڀٽي صاحب چيو ته ان کي المرتضيٰ هائوس وٺي اچو، جڏهن ماڻھن وڃي جمعي فقير کي چيو ته توکي ڀٽي صاحب گهرايو آھي. اهو ٻڌي فقير صفا چڙي پيو. جواب ۾ کين چيائين مان ڪو ڀٽي جو نوڪر آھيان ڇا؟ وڃي ٻڌايوس ته مان نه ايندس. ماڻھن وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ته سائين جمعي فقير اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. سو ڀٽو صاحب اها ڳالھ ٻڌي پاڻ گاڏي ۾ چڙهي جمعي فقير سان ملڻ لاء المرتضيٰ هائوس مان نڪتو. ان وقت جمعو فقير هاڻوڪي لاڙڪاڻي جي ڪينيڊي مارڪيٽ وٽ پپل جي هڪ وڻ هيٺان پنهنجي گڏهه کي گاهه کارائي رهيو هو. ڀٽي صاحب کي ڏسي جمعي فقير ڀٽي کي چيو. ”ڀٽا صاحب ڪيئن ڀلجي پيو آھين؟“ تنهن تي ڀٽي صاحب کيس ورندي ڏني ته ”فقير حاضري ڀرڻ آيو آھيان.“ تنهن تي جمعي فقير کيس چيو ته ”ابا مان ڪهڙو ماستر آھيان جو مون وٽ حاضري ڀرڻ آيو آھين؟“ ڀٽي صاحب چيس ته ”ڀلا دوستي رکون “ جمعي فقير کيس موٽ ۾ چيو. ”ڀٽا صاحب دوستي رکڻ سولي آ پر نڀائڻ ڏکي آ“ تنهن تي ڀٽي صاحب چيس ”ڀلا دوستي رکي ڏس پوءِ به مرضي جو مالڪ آھين!“ تنهن تي وڻ هيٺان گڏهه سميت ويٺل جمعي فقير ڀٽي کي ورندي ڏني ته ”ڀٽا صاحب، تڏي تي لنگهي آيو آھين توکي موٽايان نٿو.“ اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي رستن روڊن تي گداگري ڪندڙ جمعي فقير ۽ محترم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي پاڻ ۾ دوستي جڙي.“
ڪامريڊ ذوالفقار علي قادري جا جمعي فقير جي زندگي جي باري ۾ ٻيا به ڪيترا سياڻپ جا سخن ۽ احوال ملن ٿا. جمعي فقير بابت لکيل هن جا احوال هڪ معتبر حوالا سمجهڻ ۾ اسان کي ڪا هٻڪ محسوس نٿي ٿئي. ڇاڪاڻ ته قادري صاحب ٻنهي جي ويجهو رهيو آھي. جمعي فقير جي ابتدائي زندگي بابت خود ذوالفقار قادري جي والد محترم جا ڪوٽ ٿيل حوالا هن جي پنهنجي گهر جو هڪ وڏو معتبر ذريعو آھن. هڪ جاءِ تي ذوالفقار ڪامريڊ پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”جمعي فقير جي گفتن ۾ کل، ڀوڳ ۽ مزاح سان گڏ سبق آموز درس به هوندا هئا“ وڌيڪ هو لکي ٿو ته ”جمعي فقير هڪ ٻروچ کان خيرات گهري، جنهن کيس پنج رپيا ڏنا. خيرات وٺي جمعي فقير آسمان ڏي نهاري چيو. ”معنيٰ ته اللہ سائين ٻروچ به توکان ڊڄن ٿا.“
رستي تي هر آيو ويو ۽ ڪي چرچائي ۽ ڀوڳائي مزاج رکندڙ ماڻھو جمن فقير سان کل مشڪريون ۽ ٽونڻي بازي ڪندا رهندا هئا، هو به هر هڪ سان منهن ڏيو بيٺو هوندو هو. چون ٿا ته هڪ ڀيري گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج جي شاگردن ڪاليج کان موٽ تي هڪ جاءِ تي جمن فقير کي ڏٺو ته کين رونشو جاڳيو. موقعو مهل ڏسي هنن فقير سان ٽونڻي بازي ڪندي چيو. ”جمعا فقير اڄ پنهنجي زال جو نالو ته ٻڌاءِ“ جمعو فقير به حاضر دماغ هو سو کين جواب ۾ چيائين. ”ابا وضو ٿيل ناهي.“ اهو ٻڌي شاگردن چيس ته ”فقير زال جي نالي سان وضوءَ جو ڪهڙو تعلق؟“ تنهن تي کين فقير ورندي ڏني ته ”ابا زالون آھن پاڪ، سو پاڪن جا نالا بنا وضوءَ جي ناهن وٺبا.“
محترم ذوالفقار علي قادريءَ چواڻي ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ جمعي فقير سان مليو، کيس چيائين ”جمعا فقير دعا ته ڪر“ تنهن تي جمعي فقير چيس ”ڀٽا صاحب لڳي ٿو وزيراعظم ٿيڻ تي خوش ناھين، ڀلا هاڻي هڪڙو ڪم ٿا ڪيون. تون مون وارو گڏهه سنڀال ۽ جمعون ٿي وڃ ۽ مان وري ڀٽو ٿو بڻجان.“ تنهن تي ڀٽي صاحب چيس منظور آھي، مون کي ڏي پنهنجو گڏهه.“ ان موقعي تي اتي ڪافي وزير، مشير ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. جمعي فقير هيڏي هوڏي نهاري چيس ”نه ابا مان پنهنجو گڏهه ڪونه ڏيندس، ڀٽا صاحب هن جهڙا ته تو وٽ اڳي ئي جام بيٺا آھن. تون پهريون انهن کي ته سنڀال.“ سندس اهڙي جواب تي ڀٽي صاحب کلي ڏنو، پر ان موقعي تي موجود ڪيترن ئي ڪامورن جا منهن لهي ويا.
محترم ذوالفقار قادري جمعي ڏاهي جا ڪيترا اهڙا سخن بيان ڪيا آھن، جيڪي اسان کي جمن فقير جي حاضر دماغي جي باري ۾ گهڻو متاثر ڪن ٿا ۽ اسان انهن نقطن مان گهڻو ڪجھ پرايون ٿا ۽ حض حاصل ڪيون ٿا. ان ۾ ٻي راءِ ڪانهي ته جمعي فقير جهڙين هستين کان حاصل ٿيندڙ اهڙي عقلي فيضيابي تي اسان ناز ڪيون ٿا ۽ فخر محسوس ڪيون ٿا. لڳي ٿو ته مسٽر ذوالفقار قادري کي جمن فقير سان ڳوٺائي هجڻ ڪري گهڻي همدردي ۽ انس آھي. هو جتي به لاڙڪاڻي جي ڪنهن هنڌ ماڳ تي کيس ڏسي ٿو ته ساڻس وڃي ملي ٿو، قادري صاحب هڪ ڀيري جو ذڪر ڪري ٿو ته اسان ڪجھ ڪامريڊ ٽائيپ دوست لاڙڪاڻي جي مڇي گوشت مارڪيٽ وٽ هڪ جاءِ تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن مون جمعي فقيرکي چانھ جو پيالو وڃي پيش ڪيو. چيائين ”ابا ڪهڙي خوشيءَ ۾ ٿو هي پيالو ڏين؟“ مان چيومانس ”فقير امام جي سبيل آ.“ تنهن تي فقير چانھن جو پيالو وٺندي چيو. ”ابا امامن سان وري ڪهڙا ليکا.“
چون ٿا ته جمن فقير پنهنجي حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ وڃي قبرستان جي ڀر ورتي. اتي هو هڪ ڪکائين جهوپڙي اڏي ويهي رهيو ۽ پنهنجي باقي زندگيءَ جا ڏھاڙا هن اتي پورا ڪيا.
**